ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
نامور ليکڪ
غفار عباسي
ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگيءَ جو
جنم ضلعي شڪارپور شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “سهتا شريف” ۾ پهرين آگسٽ ۱۹۷۳ع تي غلام حيدر سولنگيءَ جي گهر ۾ ٿيو. پرائمري، ثانوي ۽ اعلا تعليم جا
مرحلا ترتيبوار پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور ۾ طئي ڪرڻ کان پوءِ هو اسلام آباد
ويو، جتان هن نمل مان انگريزي ادب ۽ لسانيات ۾ ايڊوانسڊ ڊپلومه ڪئي، ان کان پوءِ
قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان، بين الاقوامي تعلقات ۾ ايم ايس سي جي ڊگري
حاصل ڪيائين. بعد ۾ وري پاڻ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، سوشيالاجي ۽ سنڌي
ادب ۾ ايم اي ڪيائين. ۽ بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان “ٻارڙن جي رسالي گل ڦل جو
تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” عنوان تي مقالو لکي پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر
غلام مصطفيٰ سولنگيءَ لکڻ جي شروعات ڏهن سالن جي عمر ۾ ۱۹۸۳ع کان شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ٻارڙن جي رسالي “گلڙا” ۾ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي. ٻاراڻي
ادب تي هيل تائين، پندرهن ڪتاب لکي چڪو آهي. ۽ ان کان علاوه سندس انگريزي گرامر،
لغت نويسي، مضمون ۽ تعليم جهڙن موضوعن تي ٽيهارو کن ڪتاب سنڌ جي مختلف اشاعتي
ادارن طرفان شايع ٿي چڪا آهن.
