; سنڌي شخصيتون: احمد مجتبيٰ راشدي، خالد ڪريم بروھي، ساجد سومرو،
Showing posts with label احمد مجتبيٰ راشدي، خالد ڪريم بروھي، ساجد سومرو،. Show all posts
Showing posts with label احمد مجتبيٰ راشدي، خالد ڪريم بروھي، ساجد سومرو،. Show all posts

15 December, 2024

احمد مجتبيٰ راشدي

احمد مجتبيٰ راشدي

سندس ياد ۾ ... گُل ڇِنو گَرنارِ جو

خالد ڪريم بروھي



اڄ جڏھن سنڌ مان سنجيده سوچَ موڪلائيندي پئي وڃي ۽ باقاعدي مطالعي بدران ڇڙو لٻاڙبازيءَ تي زور آھي، تڏھن نج فلسفي، سماجي سائنس ۽ قوم پرست نظريي جي حمايت ۾ دليل ڏيندڙ احمد مجتبيٰ راشديءَ جي سوچ کي جھُڪي سلام نه ڪرڻ ڄڻ ناانصافي جي زمري ۾ اچي ٿو. ھُو لاشڪ وسيع دل ۽ دماغَ وارو انسان ھو، جيڪو ھيگل جيان ھر شئي ۾ موجود تضادَ کي نه صرف مڃيندو ھو پر ان کي پنھنجي لکڻين ۾ وائکي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو رھيو.

شعوري حوالي سان سڄي عمر سُورن ۽ سودائن جي گھاڻي ۾ پيڙھجندڙ ڪامريڊ احمد مجتبيٰ راشديءَ کي جڏھن به ۽ جتي به موقعو مليو، ھن پنھنجي فڪر کي نه صرف عام ڪيو پر نثر جي روپ ۾ پڌاريو. ھن وٽ ھر مسئلي جو حل سائنسي بنيادن تي موجود ھو (پوءِ ڀل اسان سندس خيالن سان سئو سيڪڙو سھمت نه به ھجون).