مولوي حافظ عبداللطيف چانڊيو
علم جو ڀنڊار، ديني عالم سڳورو ۽ شاندار شخصيت
انور عزيز چانڊيو
قمبر ۽ ميروخان شهرن جي وچ واري
پٽي کي اوائلي دور کان “ڍليار“ يا “ڍيلار“ سڏيو ويندو آهي. هي خطو شروع کان زرعي
طور تمام زرخير ليکيو ويندو هيو. انگريز دور ۾ سکر بئراج ٺهڻ بعد سڄي سنڌ ۾ جتي
زرعي انقلاب آيو اتي هن علائقي ۾ رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ “وارھ ڪئنال“ ۽ “شاھ ھمير
واھ“ (ڪُور) هتان جي زمينن کي سون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.