; سنڌي شخصيتون: عبدالغفار عباسي، انصاف حيدري، ڪنڊيارو، زاھد راڄپر، ساھتي،
Showing posts with label عبدالغفار عباسي، انصاف حيدري، ڪنڊيارو، زاھد راڄپر، ساھتي،. Show all posts
Showing posts with label عبدالغفار عباسي، انصاف حيدري، ڪنڊيارو، زاھد راڄپر، ساھتي،. Show all posts

18 December, 2024

عبدالغفار عباسي

عبدالغفار عباسي

علم، ادب ۽ تدريس جيمھان شخصيت

انصاف حيدري



عبد الغفار عباسيءَ جو نالو سنڌي ادب ۽ علم جي دنيا ۾ هڪ نمايان ۽ معزز حيثيت رکي ٿو. هو نہ صرف هڪ بهترين ليکڪ ۽ شاعر آهي، پر هڪ سٺو استاد ۽ سماجي ڪارڪن طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. سندس علمي، ادبي ۽ تدريسي خدمتون سنڌي سماج ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. عبدالغفار عباسي جو تعلق ڪنڊيارو تعلقي جي ڳوٺ چنيھاڻي سان آهي. عبدالغفار عباسي ادب سان پنهنجي محبت ۽ جُڙاءَ کي هڪ مشن طور اختيار ڪيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت، شاخ ڪنڊيارو جو جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي، جتي هن ادب جي واڌ ويجهہ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي سيڪريٽري شپ دوران هن ڪيترائي ادبي سيمينار، مشاعرہ ۽ بحث مباحثا منعقد ڪرايا جن ۾ نوجوان اديبن ۽ شاعرن کي واڌاري جا موقعا فراهم ڪيا.