; سنڌي شخصيتون: شهيد محترمه بينظير ڀٽو- ۲

28 December, 2022

شهيد محترمه بينظير ڀٽو- ۲

شهيد محترمه بينظير ڀٽو

سندس يادگيريون

مير نادر علي ابڙو



اڄ هر اک آلي آهي، ماحول ۾ سوڳ جا بادل جتي ڳوڙها ٿا هارين ته اتي سڏڪا ۽ هوڪارا هر دل کي آب هارڻ تي مجبور ٿا ڪري ڇڏين. اڄ اهو ۲۷ ڊسمبر جو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن جي ڀيانڪ شام، راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ سنڌ راڻي شهيد بينظير ڀٽو کي اسان کان الڳ ڪيو  ۽ هڪ وقت لاءِ سموري سنڌ ماتم بڻجي ويئي، سمورا شهر ويران بڻجي ويا، هر طرف افراتفري اهڙي ڏسڻ ۾ آئي جو هتي ماڻهن جي ذهنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هر طرف روڄ راڙو ڪندي، قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي ماڻهو گهرن مان نڪري آيا. پنهنجي محبوب قائد شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري خبر ماڻهن جي ذهنن تي اهڙي نموني سان اڀري جو هر ڪنهن ايئن ٿي سمجهيو ته انهن جي دنيا ويران ٿي ويئي آهي، جهڙوڪ انهن جي پنهنجي گهر جو ڀاتي شهيد ٿي ويو هجي، هر ماڻهو پاڻ کان بي خبر هو، ذهن ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويٺا هئا ته اتي وري انتظاميه بيوس بڻيل نظر آئي. سمورو ملڪ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي غم ۾ بيحال بڻجي ويو. ان لمحي آئون سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ هيس، جتي هر اک آلي  هئي، هر ماڻهو قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندو  ٿي رهيو.


ان وقت مون کي پراڻي دؤر  جون يادگيريون ستائڻ لڳيون ۽ مون کي اهي ڏينهن ياد پيا، جڏهن آئون ۱۰ سالن جي ڄمار جو هيس ته شهدادڪوٽ مان عورتن جي وين ۾ سوار ٿي انهن ساڻ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان مليو هيس ته اتي موجود عورتن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اهو چيو هو ته هي اوهان جي بابي مرحوم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهاٽي دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو موڀي پٽ آهي. ان کان بعد ۱۹۹۳ع ۾ جڏهن آئون وڪيل هيس ته ان وقت لاڙڪاڻي بار جي اندر شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو آئي ته اتي ساڻن باقاعده ملاقات ۽ حال احوال اورڻ جو موقعو مليو. اهو موقعو اڳوڻي سفير عبدالرزاق سومرو جي مهربانين سان ميسر ٿيو، جنهن جو مان وڪالت ۾ شاگرد هئس، اتي عبدالغفور ڀرڳڙي اڳوڻي روينيو وزير ۽ اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ رٽائرڊ جسٽس اختر علي جي قاضي ۽ هاڻوڪو لا منسٽر اياز سومرو به موجود هئا. جڏهن مان اچانڪ ايجنسين جي دائري هوندي وڪالت جي ڪاري ڪوٽ ۾ سرڪي سرڪي شهيد راڻي محترمه بينظر ڀٽو صاحبه جي چيئر پويان وڃي بيٺس. ساڻس ڳالهائڻ لڳس ته ايس پي اسپيشل برانچ اچي منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏنو ته اوستائين مان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ٻڌائي چڪو هئس ته مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو پٽ آهيان، ان تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ايس پي اسپيشل برانچ کي حڪم ڏنو ته نادر صاحب ڪو ميري سامني لائو. انهي کان علاوه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فيملي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فيملي جا مثال ۽ چرچا اڄ به لاڙڪاڻي جي هر گهٽي واهڻ رستي ۾ مشهور آهن.

۱۹۵۴ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جن ٻاهرين ملڪ کان ڏيهه وريا ته کيس ملڪي سياست جي اڃا ڪا ڄاڻ نه هئي ته ان زماني ۾ سندس وڏو ڀاءُ سڪندر علي خان ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي اسان جي اوطاق تي وٺي آيو هو، جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آڱر بابي مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي هٿ ۾ ڏيندي چيو هو ته هاڻ آئون اوهان ڏي نه ايندس، پر ذوالفقار علي ڀٽو ايندو. ان وقت ۾ اسان جي اوطاق پاڪستان ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه مشهور ٿي چڪي هئي، جتي نواب اڪبر بگٽي، عطاءُالله مينگل، مير غوث بخش خان بزنجو، مرحوم خير بخش مري، ولي خان، سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، مير رسول بخش خان ٽالپر، مخدوم طالب الموليٰ، سوڀو گيانچنداڻي، مير علي احمد ٽالپر، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولانا جان محمد عباسي ۽ ٻيا ايندا رهندا هئا. هن کان بعد ۾ حالتن جي تبديلي سان گڏ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم پاڪستان ٿيو ته ان وقت ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ طفيل علي عبدالرحمان کي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي چيو ته منهنجي يار تاجل ابڙو کي سيشن جج ڪر، تنهن تي طفيل علي عبدالرحمان جواب ڏنو ته اسان ڊائريڪٽ سيشن جج عدليه ۾ مقرر ناهيون ڪندا، تنهن تي شهيد ڀٽو وراڻيو هو ته جڏهن اوهان ڊائريڪٽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿي سگهو ٿا ته پوءِ منهنجو مسڪين ڀاءُ تاجل به ڊائريڪٽ سيشن جج مقرر ٿي سگهي ٿو، اهڙي طرح عدليه جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وڪيل کي ڊائريڪٽ سيشن جج مقرر ڪيو ويو.

سياري جي سرد راتين ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو باهه جي مچ تي اسان جي اوطاق ۾  ويهي بي بي سي ريڊيو تي خبرون گڏجي ٻڌندا هئا ۽ گرمين ۾ وري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اوطاق ٻاهران موڙن تي ويهي خبرون ٻڌندو هو. چار ڀيڻن مٿان جڏهن آئون بابا سائين کي پيدا ٿيس ته ان وقت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم پاڪستان هو. هن کي خبر پئي ته تاجل کي پٽ ڄايو آهي ته بحيثيت وزيراعظم مبارڪ ڏيڻ لاءِ آيو. ان وقت مان تنجڻن ۾ ٻڌل ماءُ جي هنج ۾ ستل هئس، ان لمحي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسان جي خاص بورچي نوڪر ميوو کي حڪم ڏنو ته تاجل جي پٽ کي کڻي اچ نوڪر امان کان هنج مان تنجڻ ۾ مون کي کڻي آيو ۽ اچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي هٿن ۾ ڏنو، جنهن مون کي پيار مان چمي ڏيندي بابا کي چيو ته تاجل مبارڪ هجي تنهنجي پيڙهي هلي ويئي.

 پر اڄ وقت جي ستم ظريفي آهي جو شهيد ۽ هن جي لاڏلي ڌيءُ پنڪي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪو اسان جي قوم جو آواز ۽ سهارو هئي. سا به وقت جي بي رحم هوائن ۽ سازشن جي ور چڙهي، عوام جي حقن واري ويڙهاند ۾ شهادت جو جام اوتي چڪي آهي، جنهن جو غم اسان جي قوم صدين تائين به شايد وساري نه سگهي ۽ نه وري ڪو اهڙو ليڊر ورهين تائين پيدا ٿيڻ جي ڪا اميد نظر ٿي اچي.

اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ اسان جي قوم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ياد ڪري زاروزار روئي رهي آهي ۽ پاڻ کي اڄوڪي حالتن ۾ اڪيلو ٿي محسوس ڪري. هاڻ انهن کي اها پڪ ٿي چڪي آهي ته ڪوبه اهڙو ليڊر ناهي رهيو جيڪو انهن جي ڳالهه ڪري، انهن خاطر خطرن سان کيڏي، موت کي ڇاتي سان لاهي، اها هڪ ئي بينظير هئي، جيڪا بينظير ٿي ويئي ۽ ماڻهو هن جي غم ۾ بيحال بڻجي ڪلهه وانگي اڄ به اهو ٿا نعرو هڻن ته

آج ڀي ڀٽو زندهه هي، ڪل ڀي ڀٽو زندهه  ٿا.

 

(عبرت، هلال پاڪستان، سوڀ، خبرون، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سڪار، عوامي آواز، هلچل، تعمير سنڌ، عبرت مئگزين)شهيد بينظير ڀٽو جو مشن جاري رهندو!


 

شهيد بينظير ڀٽو

ڊاڪٽر فاطمہ شھناز انصاري

شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت سبب سندس وڇوڙو سان پارٽي، ملڪ ۽ قوم جو ڪيڏو نقصان ٿيو آهي، ان جو اندازو هر ماڻهوءَ کي ٿيندو آهي، بي بي جي شهادت سان جيترو صدمو هر پاڪستاني عوام ۽ سندس خاندان جي فردن کي ٿيو هو، اوترو ئي اسان ننڍن ڪارڪن جيالن کي به ٿيو هو، اسان جي امڙ شهيد ڊاڪٽر شهناز انصاري به بي بي بينظير ڀٽو جي ڪارڪن جيالي هئي، شهيد امان بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سندس مشن کي پورو ڪرڻ جو وچن ورجايو هو، نيٺ شهيد راڻي جي مشن تي هلندي عوام جي خدمت ڪندي انهيءَ مشن ۽ مقصد تان شهيد ٿي وئي، ڊاڪٽر شهناز انصاري جو قتل به بيگناهه ٿيو هيو ته بينظير ڀٽو جو قتل به بيگناهه ڪيو ويو، هڪ شهيد جو ڏک درد ڇا ٿيندو آهي ڪير اسان کان پڇي ڏسي، شهيد بينظير ڀٽو کان پوءِ شهيد ڊاڪٽر شهناز انصاري جي وڇوڙي ڄڻ ته اسان کي يتيم بڻائي ڇڏيو آهي، منهنجي هڪ امڙ نه پر ٻه ٻه امڙيون جدا ٿي ويون آهن هڪ امڙ ڊاڪٽر شهناز انصاري ۽ ٻي روحاني امڙ بينظير ڀٽو شهيد آهي.

سال ۲۰۰۷ ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي وڇوڙي کي ايترو عرصو گذرڻ باوجود اڄ به ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته بينظير ڀٽو اسان سان روحاني طور گڏ آهي ۽ اسان جي رهنمائي به ڪري رهي آهي، شهيد بينظير ڀٽو عام عورت نه هئي، محترمه بينظير ڀٽو وڏي همت ۽ عقل واري داناءُ عورت هئي، هوءَ رڳو پاڪستانين جي ئي نه پر دنيا جي وڏي ليڊر هئي، جيڪا هڪ عورت ۽ وري اها به مسلمان عورت هوندي دنيا جي مردن، عورتن ۽ اتان جي دانشورن ۽ سياسي سماجي توڙي مذهبي اڳواڻن کي ليڪچر ڏيندي هئي، دنيا ۾ پوئتي پيل ملڪ پاڪستان سان تعلق رکندڙ مسلمان عورت بينظير ڀٽو دنيا ۾ پاڻ کي انساني حقن ۽ جمهوريت جي دعويدار يورپي ملڪن ۾ وڃي اتان جي ماڻهن کي سيکاريندي هئي ته انساني حق ڇا آهن؟ ۽ جمهوريت ڇا آهي؟ اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي، اها محترمه بينظير ڀٽو جي دانائي، بهادري ۽ دانشمندي هئي جنهن ڪري هوءَ دنيا جي عظيم ليڊر هئي، اهڙي ليڊر شپ جي هڪ خوبي سندس بي خوف شخصيت هئي. شهيد بينظير ڀٽو آمر جنرل پرويز مشرف جي آمرانه حڪومت جي خاتمي لاءِ جمهوري طريقي سان رستا روڪ ڪئي، وطن ورڻ کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو پيپلز پارٽي جي قيادت جو لنڊن ۾ اجلاس گهرايو ۽ اتي پنهنجي وطن واپسي واري ايجنڊا رکي، تنهن تي اڪثريت ۾ اڳواڻن محترمه کي ڏيهه ورڻ کان روڪيو، پر ان وقت محترمه چيو ته، آئون گهڻو وطن ۽ قوم کان ڏور رهي آهيان، هاڻي وڌيڪ ڏور نٿي رهي سگهان، هاڻي موت به مون کي وطن ورڻ کان ڊيڄاري ۽ روڪي نٿو سگهي، توهان وڃي منهنجي ڏيهه ورڻ جي تياري ڪريو، محترمه جي اهڙي جواب کان پوءِ سڀني تي خاموشي ڇائنجي وئي، پوءِ سڄي دنيا ڏٺو ته دنيا جي بهادر ليڊر بينظير ڀٽو جڏهن پاڪستان ۾ قدم رکيا ته ملڪ ۽ جمهوريت جي دشمنن سندس بمن ۽ گولين سان آجيان ڪئي، تڏهن به اها بهادر عورت موت کان نه ڊني، ڪراچي پهچڻ وقت شاهراهه فيصل ڪار ساز وٽ بم ڌماڪا ٿيا، نتيجي ۾ ڪيترائي جيالا شهيد ٿي ويا ۽ زخمي ٿي پيا، بي بي معجزاتي طور محفوظ رهي، ٻيهر پاڻ کي رسڪ تي رکي هن ملڪ جا دورا شروع ڪيا، ساڳين دشمنن محترمه بينظير ڀٽو تي پشاور ۾ هڪ ٻئي حملي جي منصوبابندي ڪئي، پر محترمه جمهوريت جي بحالي ۽ ملڪ و قوم جي خوشحالي لاءِ هڪ قدم به پوئتي نه هٽي، آخرڪار سفاڪ درندن دهشتگردن جمهوريت ملڪ ۽ قوم جي ويرين هڪ عورت کان خوفزده ٿي، نيٺ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ تي راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ کان پوءِ رات جي رهزنن بي بي کي شهيد ڪري ڇڏيو، اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن اسان جي دل ۽ اسان جو دماغ تصور نٿو ڪري ته ڪو محترمه اسان کان وڇڙي وئي آهي، پر ملڪ ۾ جمهوريت جي ميدان ۾ ليڊر شپ جي ڪمي محسوس ڪري محترمه جي وڇوڙي تي يقين ڪري سگهجي ٿو. حقيقت ۾ محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت جي پنهنجي خون سان اهڙي آبياري ڪئي آهي جو پيپلز پارٽي وڏين رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن باوجود اڄ تائين منظم ۽ مضبوط ٿي رهي آهي، عمران خان جي حڪومت پاران نيب ذريعي ڪيس داخل ڪرڻ، پ پ پ جي رستا روڪ ڪرڻ ۽ پ پ پ کي ٽن صوبن ۾ ڌانڌلي ذريعي هارايو ويو پر پ پ پ جي جيالن اڃان همت ناهي هاري. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي نياڻي جي پاڻ تربيت ڪئي هئي، محترمه بينظير ڀٽو جي اهڙي بهادري ۽ دانشمندي پٺيان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جو وڏو هٿ هو، جنهن بهادر جوڙي جي پرورش جو نتيجو محترمه بينظير ڀٽو جي صورت ۾ عوام کي تحفي طور مليو، بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف سدرن ڪليفونيا مان تعليم حاصل ڪئي، جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پڻ تعليم حاصل ڪئي هئي، وڏي ڳالهه اها آهي ته ان ساڳي يونيورسٽي ۾ محترمه بينظير ڀٽو پڻ ليڪچر ڏنا، محترمه بينظير ڀٽو جي اهڙن ليڪچرن مان اتان جي فيڪلٽين جي ڊين، دانشورن ۽ آمريڪي ڪانگريس به سکيا حاصل ڪئي، جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ جمهوريت ۽ انساني حقن تي ليڪچر ڏئي انهن کي انساني حق ۽ جمهوريت جو سبق سيکاريندي هئي، بينظير ڀٽو مصروف ترين ليڊر هئڻ باوجود پنهنجي اولاد تي توجهه ڏني، جڏهن هو جلاوطن هئي رات جو ٻارڙن سان گڏ ماني کائيندي هئي، انهن کي درس ڏئي سمهاريندي هئي، هو رات جو انٽرنيٽ تي پوري دنيا سان گڏوگڏ ورڪرن سان به رابطي ۾ رهندي هئي، انهن جا مسئلا ٻڌي اهي حل ڪندي هئي، رڳو رات جو ۴ کان ۵ ڪلاڪ آرام ڪندي هئي، محترمه بينظير ڀٽو پاور گيم تي ڪڏهن به يقين نه رکيو، هن جو يقين عوام جي طاقت تي هيو، هن جي سياست جو مقصد غريب ماڻهن کي مڪمل آزادي ڏيڻ هو، اهڙي آزادي جنهن ۾ ڪو به ڪنهن جو غلام نه هجي، هر هڪ وٽ پنهنجو روزگار هجي، هر ڪوئي برابريءَ جي بنيادن تي هڪٻئي جي عزت ڪري ۽ هر ڪنهن کي هڪ جيترا حق حاصل هجن، هو چاهيندي هئي ته غريب ماڻهن جا ٻار به امير ماڻهن جي ٻارڙن سان يونيورسٽين ۾ پڙهن، محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي واحد ليڊر هئي، جنهن صرف پاڪستان لاءِ ئي نه پر پوري دنيا لاءِ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون، اصل ۾ محترمه بينظير ڀٽو اميرن جي نه پر غريبن جي ليڊر هئي جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ نج جدوجهد صرف غريب عوام لاءِ ڪئي. محترمه بينظير ڀٽو جي خواهش هئي ته سائوٿ ايسٽ ايشيا جو هڪڙو بلاڪ جوڙيو وڃي، جتي ڪا به سرحدن جي پا بندي نه هجي ۽ هڪ ئي ڪرنسي هجي جنهن سان ايشيا جا ملڪ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ سپر پاور هجن، پر محترمه جو اهو خواب سندس وڇوڙي کانپوءِ چڪناچور ٿي ويو، اڄ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ ع تي جڏهن محترمه جي شهادت واري ڏينهن تي لکين ڪارڪن، جيالا، پارٽي ورڪر توڙي پ پ سان پيار ڪندڙ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي کي سلام پيش ڪندا ۽ وچن ڪندا ته هو شهيد بي بيءَ جي مشن کي پورو ڪندا. يقينن ۲۷ ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو سان گڏ شهيد شهناز انصاري جو روح به خوش ٿيندو ۽ ٻنهي جي روح کي سڪون ملندو. نوٽ ليکڪا پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ نوشهروفيروز جي ضلع صدر پڻ آهي

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ڪيو جنهن رت ڏئي وطن کي گلزار سا بينظير ھئي!

فاروق ٻرڙو

اڄ وري ۲۷ ڊسمبر تي اتر جو واءُ اسان جي زخمن تي ھڪ ڀيرو ٻيهر لوڻ ٻرڪڻ آيو آهي، ھا اھو ئي آهي ڊسمبر جنهن اسان کي ھميشه ھانءُ ڏاريندڙ گھاءُ ڏنا آهن، اھي ئي ٿڌيون هوائون جيڪي دلبريون وکيرينديون آهن، انھيءَ ٿڌيءَ ھوا گھلندي گھلندي ناز ۽ ناچ ڪندي اسان کان ھڪ عظيم تر ماءُ، عظيم تر ڀيڻ کسي ورتي، ھا ھيءُ ظالم ڊسمبر آهي جنهن ھن ڏتڙيل بي سھارا قوم سان ھيڏو قھر ڪيو، شھيد راڻي بينظير ڀٽو ۲۱ جون ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ جي نالي واري ۽ مشهور سياسي خاندان جي گھر ۾ پيدا ٿي، شھيد راڻي ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ او ليول جو امتحان پاس ڪيو، اپريل ۱۹۶۹ع ۾ محترمه ھاورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊ ڪلف ڪاليج ۾ داخلا ورتي، شھيد بينظير ڀٽو ھاورڊ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۳ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيشن ڪئي، ان کان پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان ان فلسفو معاشيات ۽ سياست ۾ ايم، اي ڪئي، ان دوران بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگرد تنظيم جي صدر به رهي. بينظير ڀٽو شھيد راڻي برطانيه مان تعليم حاصل ڪري ان خيال سان وطن موٽي آئي ته پنهنجي ملڪ جي خارجه پاليسيءَ ۾ خدمتون ڏئي سگھي، جون ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن محترمه ملڪ پھتي ته ٻن ھفتن بعد ان جي والد محترم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪري جنرل ضياءُ الحق ان وقت حڪومت پنهنجي قبضي ھيٺ آندي ۽ محترمه بينظير ڀٽو ان وقت جي آمر خلاف جدوجھد ڪندي رهي،۱۹۸۱ع ۾ مارشل لا جي خاتمي ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي اتحاد ٺاهيو، ۱۹۸۳ع ۾ ۱۴ آگسٽ کان ڀرپور جدوجهد شروع ٿي، ۱۹۸۴ع ۾ بينظير ڀٽو کي جيل مان رھائي ملي ۽ محترمه کي ٻن سالن تائين برطانيه ۾ جلاوطن رھڻو پيو، جلا وطنيءَ دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي رھنمائن محترمه بينظير ڀٽو کي پارٽيءَ جو سربراھ بڻايو، ملڪ مان مارشل لا ختم ڪيو ويو ته ان کان پوءِ ۱۹۸۶ع ۾ بينظير ڀٽو وطن واپسي آئي ته لاھور ايئرپورٽ تي ان جو بيمثال استقبال ڪيو ويو، بينظير ڀٽو جو ۱۹۸۷ع ۾ نواب شاھ جي اھم شخصيت حاڪم علي زرداريءَ جي پٽ آصف علي زرداريءَ سان رشتو ٿيو، ان کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جدوجهد مسلسل جاري رکي.

تايخ ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع ۾ جڏهن ان وقت جي حڪومت ختم ٿي ملڪ اندر سياسي ماحول پيدا ٿيو، ان وقت جي سينيٽ جو چيئرمين غلام اسحاق ملڪ جو قائم مقام صدر ٿيو ۽ ان ۹۰ ڏينهن ۾ اليڪشن جو اعلان ڪيو، ۱۶نومبر۱۹۸۸ ع ۾ اليڪشن ٿي جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ جون سڀ کان وڌيڪ سيٽون پيپلزپارٽي حاصل ڪيون ۽ بينظير ڀٽو ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع ۾ ۳۵ سالن جي عمر ۾ ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي پھرين عورت وزيراعظم طور قسم کنيو، محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن ھوندي به ملڪ جي خدمت ڪئي، هوءَ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي پاڪستان واپس موٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ لکين ماڻهن ھن جو استقبال ڪيو، بينظير ڀٽو جو قافلو شاھراھ فيصل تي مزار قائد طرف وڌي رهيو هو ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ محترمه سلامت رهي، پر ان ۾ تقريبن ۱۷۹ ماڻھو شھيد ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، ۱۸ آڪٽوبر کان پوءِ به سڀني جا حوصلا بلند ھيا، محترمه ڪافي شھرن ۾ تاريخي جلسا پڻ ڪيا، جمھوريت جي علم کي اونچو ڪيو، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي محترمه جو راولپنڊيءَ ۾ تاريخي جلسو ھو، جنھن کي خطاب ڪري جيئن ئي لياقت باغ کان ٻاهر نڪتي ۽ ڪارڪنن کي نعرن جو جواب ڏيئي رھي ھئي ته نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي وئي، جمھوريت جي هن علمبردار ساھ ته ڏنو پر قوم کي اهو ويساھ ڏئي وئي ته، جمھوريت ئي بھترين پلاند آهي، اھو ھن قوم ثابت ڪري ڏيکاريو، آمر سان مھاڏو اٽڪائڻ، ذھنن کي دلجاءِ ڏيڻ، ھر با ضمير کي حوصلو ڏيڻ، ھر ڪنھن ۾ جرئت پيدا ڪرڻ، اها ته شھيد راڻيءَ جي خوبي ۽ ذھني قابليت ھئي، شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي مسلسل جدوجهد جنهن ۾ ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع جو ڏينهن تاريخي حيثيت رکي ٿو، پر ۱۸ آگسٽ ۲۰۰۸ع به پاڪستاني تاريخ ۾ ھڪ اھم ڏينھن ھو، آمريت جو وات بند ڪرڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھ نه آهي، پر شھيد راڻي آمرن کي للڪاريو ان جي مقصدن کي پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ ھن قوم کي ڳاٽ اوچو ڪري جيئڻ جو حق ڏياريو. شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سڄي زندگي جدوجهد جي حوالي رهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

شهيد بينظير ڀٽو جي سار ۽ سندس قاتل ڪڏهن پڪڙبا وارو سوال!

محمد خالد ميمڻ

۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جي شام، ٽي وي چينلن جي ذريعي هڪ افسوسناڪ خبر جي ڄاڻ پئي ته، راولپنڊيءَ ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪرڻ بعد واپسيءَ تي ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي هڪ بهترين عوامي سياستدان محترمه بينظير ڀٽو تي قاتلاڻه حملو ٿيو آهي جنهن ۾ هوءَ شديد زخمي ٿي پئي آهي ۽ وري ڪجھ ئي ٽائيم بعد ان کان به وڌيڪ ڏک واري خبر هڪ وڄ جيان سڄي پاڪستان جي عوام مٿان ڪري ته بينظير ڀٽو زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي وئي ۽ ان دردناڪ خبر بعد سڄو ملڪ ڄڻ ته سڪتي ۾ اچي ويو ۽ ان ڏينهن جنرل اليڪشن جي ورڪ هلي رهي هئي جيڪا ختم ڪئي وئي ۽ ٿيندڙ اليڪشن به ملتوي ٿي وئي ۽ سڄي ملڪ خاص طور سنڌ اندر عوام شديد غصي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي احتجاجي مظاهرا ڪيا، جڏهن ته انهن مظاهرن جي آڙ ۾ ڪجھ شرپسندن سرڪاري ۽ عوامي ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ ۽ لٽڻ شروع ڪيو، جيڪو عمل به هڪ غلط عمل هيو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا دنيا جي هڪ سياڻي سيبتي هوشيار سياسي اڳواڻ هئي جنهن پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد وڏين تڪليفن مشڪلاتن کي منهن ڏئي جلاوطنيون سهي ۱۹۸۸ ۾ جنرل اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان کٽي ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم جو اعزاز حاصل ڪيو.

محترمه بينظير ڀٽو هڪ قدآور ۽ تمام ڏاهي عورت هئي، جنهن جي شادي ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ جي هڪ سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري نوابشاھ جو سياستدان ۽ ڪاروباري شخصيت حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي، جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي آفنديءَ سان واسطو رکي ٿو. آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر به بڻيو. کيس ٽي ٻار، هڪ پٽ بلاول ۽ ٻه نياڻيون بختاور ۽ آصفه آهن.

بينظير ڀٽو کي ابتدائي تعليم لاءِ ڪراچيءَ جي مسز جيننگ جي نرسري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هن ۱۹۵۸ع ۾ ڪراچيءَ جي مشهور اسڪول ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري ۾ داخلا ورتي. ننڍپڻ ۾ هوءَ هڪ سلڇڻي ۽ سٻاجهي نينگر هئڻ سان گڏ تمام ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي. ستن سالن جي عمر ۾ جڏهن سندس والد جنرل ايوب خان جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير ٿيو ته سندن ڪٽنب راولپنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پهرين کيس ”پريزنٽيشن ڪانوينٽ“ ۾ داخل ڪيو ويو، پر پوءِ جلد ئي سندس ڀيڻ صنم ڀٽو سان گڏ ڪوھ مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. هن دور ۾ هن کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو. ڪتابن ۾ هن کي تاريخ، آتم ڪهاڻيون ۽ اگاٿاڪرسٽيءَ جون جاسوسي ڪهاڻيون پسند هيون. بينظير کي ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ جو به شوق هو ۽ هوءَ اسڪول جي راندين ۽ ٻين غيرنصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي، ان ڪري سندس استاد کيس گهڻو ڀائيندا هئا. ننڍي عمر کان ئي مختلف پرڏيهي ملڪ گهمڻ ۽ گهر ۾ ٿيندڙ سياسي گفتگوءَ جي ڪري هن ۾ سياسي شعور موجود هو.

جڏهن سندس والد وزير خارجه بڻيو، تڏهن سندس مقبوليت ۾ گهڻو اضافو ٿيو ۽ ان وقت جي ڪابينا ۾ عمر ۾ ننڍي ۾ ننڍو وزير هئڻ جي باوجود گهڻن تي ڀاري هو. ۱۹۶۵ع ۾ هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي، جنهن کان پوءِ ڀٽي صاحب جا ايوب خان سان اختلاف ٿي پيا، ان ڪري هو سندس حڪومت کان ڌار ٿي ويو. هيءَ اهو دور هو، جنهن ۾ بينظير کي تمام ويجهي کان ملڪ جي حالتن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو. ۱۹۶۶ع ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ڀٽو صاحب وڏو مقبول سياسي ليڊر بڻجي اڀريو ۽ هي خاندان ڪراچيءَ واپس موٽي آيو ۽ بينظير وري ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان هن صرف ۱۵ سالن جي عمر ۾ ’او‘ ليول جو امتحان ڏنو. ان کان اڳ ۱۹۶۷ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد پئجي چڪو هو، جنهن جو چيئرمين ڀٽو صاحب بڻيو ۽ بينظير صرف چوڏهن سالن جي عمر ۾ ان جي بنيادي پنجن ميمبرن ۾ شامل هئي.ڪجھ وقت گرامر اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ هوءَ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊڪلف ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ آمريڪا هلي وئي. اهو ۱۹۶۹ع جو سال هو. انهيءَ دور ۾ ويٽنام جنگ خلاف ٿيندڙ ڪيترن مظاهرن ۾ شرڪت ڪيائين، اوڀر پاڪستان ۾ آيل سامونڊي طوفان جي متاثرن لاءِ چندا گڏ ڪيائين ۽ ڪاليج جي ٻين ڪيترين سرگرمين ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتائين، جنهنڪري هوءَ ڪاليج ۾ گهڻي مشهور ٿي وئي.

۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ اولھ پاڪستان مان پيپلز پارٽيءَ جي اڪثريت سان ۽ اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ اڪثريت سان چونڊجڻ مهل هوءَ آمريڪا ۾ هئي. ان کان پوءِ اوڀر پاڪستان جون حالتون خراب ٿيون ۽ جنگ لڳي، اوڀر پاڪستان ڌار ٿي ويو، ڀُٽي صاحب کي باقي رهيل پاڪستان جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنايو ويو. ان دور ۾ بينظير ڀٽو جيئن ۱۹۷۲ع ۾ اونهاري جي موڪلن ۾ پاڪستان آئي ته ڀٽو صاحب کيس پاڻ سان هندستان وٺي ويو، جتي کيس شملي ۾ اندراگانڌيءَ سان ملڻو هو. ان ملاقات ۱۸ سالن جي نوجوان بينظير جي زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو. عملي سياست جو سندس اهو پهريون تجربو هو، جتي هوءَ اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن وارن جي توجھ جو مرڪز بڻجي وئي هئي. اتان موٽي هوءَ وري واپس آمريڪا پڙهڻ هلي ويئي. اتي پنهنجي چئن سالن واري ڪورس کي پورو ڪري سياست ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ پاڻ مختصر عرصي لاءِ پاڪستان اچي، وري پنهنجي والد جي خواهش مطابق آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ وڃي داخلا ورتائين، آڪسفورڊ ۾ بينظير کي يونين جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. ان کان ڪجھ وقت پوءِ هن انهيءَ يونين جي صدر لاءِ چونڊ وڙهي ۽ ۱۹۷۷ع ۾ هوءَ پهرين ايشيائي ڇوڪري هئي، جنهن اهو عهدو ماڻيو هو. ۱۹۸۶ع ۾ جڏهن هوءَ لاهور واپس پهتي ته لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. سندس اهڙي شايان شان واپسيءَ کان پوءِ ۱۹۸۷ع ۾ سندس شادي آصف علي زرداريءَ سان ٿي. ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۷ تي جنرل ضيا جو جهاز هوا ۾ ڦاٽي پيو ۽ هو ڌرتيءَ ۽ آڪاش جي وچ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو. غلام اسحاق خان ملڪ جو صدر مقرر ٿيو، جنهن بنا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جي خلاف محترمه بينظير ڀٽو پٽيشن داخل ڪئي، ان وقت جڏهن بنا پارٽي اليڪشن خلاف محترمه بينظير جي پٽيشن سپريم ڪورٽ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ملڪ ۾ اليڪشن جو چوٻول ٿيو.

سال ۱۹۸۸ع واريون اهي چونڊون پيپلز پارٽيءَ کٽيون ۽ ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي ايوان صدر ۾ محترمه بينظر ڀٽو وزارت عظميٰ جو قسم کنيو. سموري دنيا جي اسلامي ملڪن ۾ هوءَ پهرين مسلمان عورت ۽ پهرين سنڌياڻي هئي، جيڪا ڪنهن اسلامي ملڪ جي وزيراعظم بڻي هئي. وزير اعظم ٿيندي ئي هن پاڪستان کي دولت مشترڪه ۾ شامل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون. هن پنهنجي خارجه پاليسيءَ ۾ انقلابي تبديليون آنديون. ڀارت، آمريڪا، چين ۽ اسلامي ملڪن سان دوستيءَ جا ناتا وڌايا. ۱۹۹۳ع جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري چونڊون ٿيون ۽ بينظير کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم بنايو ويو. ۱۳ نومبر تي سندس نامزد اميدوار فاروق احمد لغاري صدر چونڊيو ويو. ڪجھ وقت ساھ ستيءَ سان حڪومت ڪرڻ کان پوءِ وري وڳوڙ شروع ٿي ويا. ڪراچي انساني قتل گاھ بنجي وئي هئي، ٽارچر سيل ۽ ٻورين ۾ بند لاش روز جو معمول بنجي چڪا هئا. نتيجي ۾ ڪراچيءَ مان صنعتون پنجاب منتقل ٿيڻ لڳيون. ڌرين سان ٺاھ ٿيندا ۽ ڊهندا رهيا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو هو. ۱۹۹۵ جي آخري ڏهاڙن ۾ صدر فاروق لغاري محترمه بينظير جو مخالف ٿي بيٺو.

تاريخ ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۵ع تي محترمه بينظير جي پنهنجي حڪومت ۾ سازش ڪري سندس موڀي ڀاءُ ميرمرتضيٰ ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو. هوءَ جهڙوڪر ٽُٽي پئي. اڃا صدمي ۾ هئي ته ۵ نومبر تي کانئس حڪومت به کسي وئي. قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙي سندس سرڪار کي برطرف ڪيو ويو. هڪ ڀيرو وري چونڊن جون تياريون ٿيون. سنڌ جو نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي کي ڪيو ويو. چونڊون ٿيون، بهرحال ۱۷ فيبروريءَ تي نواز شريف جي حڪومت قائم ٿي.

پر ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۹۹ع تي جنرل پرويز مشرف، نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. محترمه بينظير، دبئيءَ ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ کان پوءِ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. سندس استقبال لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. سندس قافلو جڏهن ڪارساز وٽ پهتو ته ٻه زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ ۱۷۹ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. محترمه بينظير ڀٽو کي مارڻ جي ان سازش ۾ سندس دشمن ڪامياب نه ٿيا. هن جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه آئي. ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪندي هن سمورن خطرن جي باوجود ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ۽ جلسا ڪيا. هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ بعد جڏهن جنرل مشرف ملڪ جي عدليه کي هٽايو ته هن نظربند چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي گهر جي ٻاهران وڃي جلسو ڪيو ۽ چيو ته سندس چيف جسٽس اهو ئي آهي.

۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي محترمه بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جلسي تان واپسيءَ مهل عوام جي زبردست محبتن ۽ نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هن جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ مان منهن ڪڍيو ته هڪ ڀيرو وري مٿس گوليون وسايون ويون ۽ بم ڦاڙيا ويا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿي وئي. سموري دنيا ۽ پاڪستان سندس ڏک محسوس ڪيو، پر سنڌ جي ماڻهن ان کي بنھ ذاتي ڏک سمجهي، لڙڪ لاڙيا ۽ سخت احتجاج ڪيو. سندس شهادت، سنڌ ۾ نئون ادب، شاعري ۽ نئون ولولو پيدا ڪيو. هو کيس ”مارئي ملير جي“، ”سنڌ راڻي“ ۽ ”شهيد راڻي“ جهڙن نالن سان ياد ڪن ٿا. کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ سندن اباڻي قبرستان ۾ پنهنجي شهيد والد ۽ ڀائرن جي ڀرسان دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس ابدي آرامگاھ آهي. جتي هر سال سندن ورسيءَ تي هزارين ماڻهو اچي کيس ڀيٽا ڏيندا آهن .پر وڏي ڏک جي ڳالھ اها آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پورا پندرهن سال جنهن ۾ پنج سال مرڪز ۾ ۱۵ سال سنڌ ۾ سندس پيپلزپارٽي جي حڪومت هلندي پئي اچي ۽ پنج سال سندس ور آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر پڻ رهيو پر هن مهل تائين شهيد راڻي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جيڪو تاريخ وٽ هڪ سواليہ نشان بڻيل آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

سي مري ٿين نه مات

منظور کوسو

جيترو به رهي پاڪستان جي سياسي افق تي ڇانيل رهي، بلڪ ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته پنهنجي شھيد پيءُ جيان سياسي معاملن ۾ پنهنجي قابليت عالمي سطح تي مڃائي چڪي هئي. محترمه بينظير ڀٽو کي نه فقط سياست ۽ قيادت پر شھادت به سندس والد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان ورثي ۾ ملي. ڀُٽي صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي محترمه جي پنهنجي سياسي جانشين طور تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو. شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي قابليت ۽ عوامي انداز جي ڀيٽ ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ سان ڪري نه ٿي سگهجي. ڪيترن ئي ڀٽو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه ٿي سگهيا. ڇو ته موت سان اکيون اکين ۾ ملائي للڪارڻ، سِر ڏئي سرهو ٿيڻ پر زندگيءَ جي لالچ ۾ مصلحتن جو شڪار نه ٿيڻ ۽ ڪنهن گيدي اڳيان گوڏا کوڙڻ بدران موت کي لبيڪ چوڻ، ھيءَ فقط ڀُٽي صاحب جي ئي جرئت هئي، جيڪا محترمه کي ورثي ۾ ملي. جڏهن هن پنهنجي دلير پيءُ کي جرئت سان ڦاسيءَ لاءِ تيار ڏٺو، ان ڏينهن کان وٺي موت جي دهشت ۽ هيبت ان جي دل مان ختم ٿي چڪي هئي ۽ هن مرڻ کي مهڻو نه سمجهيو ۽ نه ئي ڪڏهن صنف جي نازڪي هن جي جهد مسلسل جي راهه ۾ حائل ٿي. ان جو هڪ مثال اهو آھي ته سندس پٽ موجوده وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري ۲۱ سيپٽمبر ۱۹۸۸ تي پيدا ٿيو ۽ اليڪشن ۹ آڪٽوبر تي ٿي. محترمه جي همت ۽ حوصلي کي ڏسندي سندس ڪٽر مخالف به آئرن ليڊي ڪري سڏيو.

جيتوڻيڪ دنيا ۾ ڪيتريون ئي عورتون سربراههِ مملڪت ٿي گذريون آھن، جن ۾ گولڊاميئر، اندرا گانڌي، بندرا نائڪي، حسينه واجد ترڪيءَ جي تانسو چلر، نيوزيلينڊ جي هيلن ڪلرڪ، برطانيه جي مارگريٽ ٿيچر ۽ ٻيون ڪافي پر ذوالفقار علي ڀُٽي جي شھادت کانپوءِ سياست ۾ جهڙيءَ ريت شھيد بينظير ڀٽو پير پاتو ۽ جن قوتن سان جهيڙيائين ۽ جبر جو مقابلو ڪيائين، ان جو دنيا ۾ ڪو مثال ڪونه ٿو ملي. ۳۵ سالن جي عمر ۾ ھڪ اسلامي مملڪت جي پهرين عورت وزيراعظم چونڊجي دنيا ۾ ھڪ مثال قائم ڪري ڏيکاريائين. ڇو ته آمر ضياءَ جي پاليسين جا مڪروهه اثرات اڃان تائين ملڪ تي ڇانيل هئا؛ انهن حالتن کي فيس ڪرڻ ڪا معمولي ڳالھ ڪونه هئي. هڪ عظيم بي خوف هستي جيڪا زندگيءَ جهڙي محبوب شيءِ کي به خونخوار خطرن ۾ وجهندي ڪا پرواهه ئي ڪانه ڪندي هئي!! جيئن ڀٽائيءَ چواڻي:

لَا خَوفٌ عَلَيھمۡ وَلَا ھمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛

بلڪل ان سٽ جي عملي تصوير هئي.

ان ڀوائتي رات جڏهن کيس پنهنجي محبوب پيءُ سان آخري ملاقات لاءِ ۳۰ منٽ ڏنا ويا، ان چند منٽن جي احساس جو محترمه هنن لفظن ۾ اظھار ڪيو ”مون اهو قيمتي وقت هڪ سڪتي جي حالت ۾ گذاريو. مان هڪ خواب ۾ ھيس هن حقيقت کان بيخبر ته هيءَ پيءُ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾ آخري ملاقات آھي. ان پيءُ سان جنهن سان مون دنيا جي هر شخص کان وڌيڪ محبت ڪئي.“ اهڙي محبوب پيءُ جي بيگناهه دردناڪ موت جي صدمي برداشت ڪرڻ کانپوءِ شايد سندس دل ۾ موت جي وقعت نه رهي. ۲۰۰۷ع ۾ جڏهن جلاوطني ختم ڪري وطن واپس وري ته هر ڪنهن کيس محفوظ رهڻ جو مشورو پئي ڏنو پر ڪنهن خطري جي پرواهه نه ڪرڻ ۽ دليرانه فيصلا ڪرڻ جي همت سندس خون ۾ شامل هئي. اٺن سالن جي جلاوطني ختم ڪري جڏهن ڪراچي پهتي ته سندس تاريخي استقبال ڪيو ويو ۽ ان ئي ڏينهن سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم نياڻيءَ کي رستي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٻه خودڪش حملا ٿيا جنهن ۾ تقريباً ٻه سئو ماڻھو شھيد ٿيا. هماليه جيڏو عزم ۽ حوصلو رکندڙ شھيد جي ڌيءَ موت کي ايڏو ويجهو ڏسڻ کانپوءِ به همت نه هاري پر اڃان وڌيڪ بي خوف ٿي سياسي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لڳي ۽ بيبي جي ان حوصلي مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. ۲۶ ڊسمبر ۲۰۰۷ جي رات جڏهن محترمه وڏي سفر کانپوءِ زرداري هائوس اسلام آباد پهتي ته ISI جو سربراهه نديم تاج ھڪ ضروري ملاقات لاءِ ساڻس ملڻ آيو ۽ پيغام موڪليائين ته ضروري ڪم آھي، ان ڪري منهنجو هن وقت محترمه سان ملڻ ضروري آھي. جواب آيو ته محترمه ٿڪل آھي ٻه ڪلاڪ آرام ڪندي، ان کانپوءِ اوهين ملي سگهو ٿا. رات جو ڏيڍ وڳي رحمان ملڪ جي موجودگيءَ ۾ هيءَ ملاقات ٿي، هتي به محفوظ رهڻ واري ڳالھ تي زور ڏنو ويو، ته اوهان جي جان کي خطرو آھي، ڪو اوهان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. محترمه کيس جواب ڏنو ته توهان خودڪش بمبار جي باري ۾ ايتري ڄاڻ رکو ٿا ته پوءِ ان کي گرفتار ڇونه ٿا ڪريو؟ جنرل جواب ڏنو ته هيءُ ناممڪن آھي، ڇو ته ايئن ڪرڻ سان اسان جي ذريعن جا راز افشان ٿي پوندا. ان تي محترمه چيس ته توهان سيڪورٽيءَ ۾ اضافو ڪيو، نه فقط منهنجي پر منهنجي ماڻھن جي حفاظت کي به يقيني بڻايو. جنرل واعدو ڪيو ته هو ان لاءِ پنهنجا سڀ وسيلا ڪم آڻيندو. پوءِ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ جي اڀاڳي ڏينهن تي لياقت پارڪ راولپنڊيءَ ۾ اهو ڪجھ ٿيو، جنهن جو محترمه کي بار بار خوف ڏنو پئي ويو. هر طرح جي سازشن ۽ رستا روڪ جي باوجود ٻه ڀيرا وزيراعظم رهڻ کان پوءِ ھاڻي ٽيون ڀيرو محترمه واضح ڪاميابيءَ طرف وڃي رهي هئي ته کيس شھيد والد جيان هميشه لاءِ رستي تان هٽايو ويو۔ همت، جرئت ۽ غيرتمند عوامي ليڊر کي هتي ڪڏهن به برداشت ڪونه ڪيو ويو آھي.

سنڌ عالمي سطح جا ليڊر ڏنا، هڪ قائداعظم محمد علي جناح سڄي گڏيل هندستان مان علامه محمد اقبال مسلمانن جي قيادت لاءِ جناح جو انتخاب ڪيو، ٻيو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن اسلامي ملڪن جي سربراهن جو هڪ بيمثال اتحاد جوڙي استعماري قوتن کي للڪاريو ۽ پاڪستان کي هڪ ايٽمي طاقت بنائڻ پڻ ھن سنڌ جي سپوت جو ڪارنامو هيو ۽ ٽين شھيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٽنهي کي وقت کان اڳ ئي رستي جي رڪاوٽ سمجهي هٽايو ويو، جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ته اڄ پاڪستان ڪجھ ٻيو هجي ها. ڀُٽي جي عدالتي قتل کانپوءِ اهو سوچيو ويو ته شھيد ڀٽو ماضيءَ جو قصو ٿي ويو پر دنيا ڏٺو ته ڀٽو اڄ به ڳڙھي خدابخش جي مزار مان حڪومت ڪري پيو ۽ شھيد محترمه بينظير به پنهنجي پيءُ جيان ڳڙھي خدا بخش مان ڪي ورهيه ماڻھن جي دلين تي حڪومت ڪندي رهندي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ان محبت کي پ پ پ جي هاڻوڪي قيادت درست سمت ۾ وٺي هلي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ماروي ملير جي بينظير!

شرجيل انعام ميمڻ

محترمه بينظير ڀٽو ۸ سال جبري جلاوطنيءَ بعد ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي وطن واپس پهتي ته ڪراچيءَ ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو هو. ان ڏينهن ماڻهن ۾ هڪ نعرو سڀ کان وڌيڪ بلند ٿي رهيو هو. اهو نعرو هو ”ماروي ملير جي بينظير، بينظير“ هيءُ نعرو ماڻهن جو پنهنجو تخليق ڪيل هو. پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ماڻهن سان محبت جي ڪري عوام ئي شهيد بي بي کي ملير جي مارويءَ جو خطاب ڏنو هو.

ماروي سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ شاعريءَ جو اهو ڪردار آهي، جيڪو وطن ۽ وطن جي ماڻهن سان محبت جو استعارو آهي. هيءَ ڪردار ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نه آهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار مارويءَ جي زبان ۾ ڪندا آهن. ٿر جي غريب خاندان جي ماروي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ واپس وڃڻ لاءِ بادشاهه عمر سومرو جي محلات ۾ عيش ۽ آرام جي زندگي ٺڪرائي ڇڏي هئي. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ عمر ۽ مارويءَ جي داستان کي سر مارويءَ ۾ بيان ڪيو آهي. سنڌ جا ماڻهو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت مستي ۽ سرشاري ۾ دهرائيندا آهن، جنهن ۾ ماروي بادشاهه عمر سومرو سان مخاطب ٿيندي آهي ته،

واجهائي وطن کي، آءٌ جي ھتِ مُياسِ؛

گورَ مُنھنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَھارنِ پاسِ؛

ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھ جِي، مَنجهان وَلِڙِيُنِ واسِ؛

مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙھ مَلِيرَ ڏي.

(مان جيڪڏهن پنهنجي ديس ملير کان پري تنهنجي ديس ۾ مري وڃان ته اي عمر ڪوٽ جا بادشاهه منهنجو لاش ملير موڪلي ڇڏ، جيڪڏهن منهنجو لاش ملير پهچي ويو ته مان سمجهي وينديس ته مون کي نئون جنم ملي ويو.)

وطن سان محبت جو استعارو ماروي کانپوءِ هاڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو آهي. هوءَ صرف سنڌي ٻولي جي ئي نه بلڪه پاڪستان ۾ ڳالهائڻ واري هر ٻوليءَ جي شاعريءَ جو اهو ڪردار بڻجي وئي آهي، جنهن جي ذريعي وطن سان محبت جو اظهار ڪيو ويندو. شهيد بي بي پاڻ بادشاهن جي خاندان سان واسطو رکندي هئي. هوءَ سون جو چمچو منهن ۾ کڻي پيدا ٿي هئي. هن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ جان قربان ڪري ڇڏي. شهيد بي بي وطن جي حُب ۾ جڏهن واپس اچي رهي هئي ته کيس صرف اندازو ئي نه بلڪه يقين هو ته کيس قتل ڪيو ويندو. جڏهن ۱۸ ۽ ۱۹ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع جي رات جو سندس استقبال ڪندڙ ميڙ ۾ سندس ٽرڪ جي سامهون بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ ۲ سؤ کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ٿيا ته اهو يقين وڌيڪ پختو ٿي ويو ته پاڪستان ۽ عوام دشمن قوتون کيس هر حال ۾ قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آهن. ايتري وڏي سانحي کانپوءِ ۱۹ آڪٽوبر تي بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران جڏهن ان کان پڇيو ويو ته ”ڇا توهان هاڻي به پاڪستان ۾ رهي ڪري انتخابي مهم هلائيندؤ؟“ ته شهيد بي بيءَ گرجدار آواز ۾ چيو هو ته ”اهي ماڻهو به اهوئي چاهن ٿا ته مان انتخابي مهم نه هلايان ۽ واپس هلي وڃان. اهي ماڻهو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال نه ٿئي، پر هاڻي جيڪڏهن جمهوريت بحال نه ٿي ته پاڪستان لاءِ خطرا وڌي ويندا. مان پنهنجن ماڻهن سان گڏ رهنديس.“ اهڙي قدر بهادري ۽ دليريءَ جي تاريخ ۾ ڪوئي مثال نٿو ملي. ۱۸ آڪٽوبر سانحي کانپوءِ هر جلسي عام کي خطاب ڪندي شهيد بي بيءَ هي جملو ضرور چيو ته ”اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ ماڻهن سان گڏ آهي.“ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي هن ماڻهن جي وچ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو آخري ساهه کنيو ۽ شهيد ٿي وئي.

شعوري طور تي موت کي قبول ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. هي اُهي ئي ماڻهو ڪري سگهن ٿا، جيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ کي محسوس ڪري سگهندا آهن. پنهنجي ڪتاب ”مفاهمت“ ۾ هڪ هنڌ شهيد محترمه بينظير ڀٽو لکي ٿي ته ”مان پنهنجي والد جي گرفتاري، قيد ۽ قتل جو عذاب برداشت ڪيو هو ۽ خبر هئي ته روح جا اهڙا زخم ڪڏهن به ناهن ڀريا ويندا. پنهنجي والد جي موت تي جيڪا تڪليف مون برداشت ڪئي، ان کان پنهنجي ٻارن کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهان ٿي. مان پنهنجي ماڻهن کي نٿي ڇڏي سگهان.“ شهيد بي بي کي پنهنجي ٻارن سان محبت هئي. پنهنجي موت سان پنهنجن ٻارن کي ان تڪليف ۾ نه پئي وجهڻ چاهيو، جنهن تڪليف کان هوءَ پنهنجي والد شهيد ڀٽو جي موت کان تڪليف جو شڪار ٿي. پر شهيد بي بي پنهنجي اولاد کي به وڌيڪ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان محبت جو اهو ثبوت ڏنو ته تاريخ ۾ هر وطن پرست ۽ عوام دوست ان تي فخر ڪندو رهندو. تلگو ٻولي جي عظيم شاعر ششدر شرما وطن ۽ ماڻهن سان محبت جي فلسفي کي هڪ وڏي نظم ۾ بيان ڪيو آهي. ان نظم جو اردو ترجمو“ منهنجي ڌرتي منهنجا ماڻهو“ جي عنوان سان ڪيو ويو آهي. اهوئي نظم شهيد محترمه بي نظير ڀٽو جي سوچ ۽ فلسفي جو بهترين اظهار آهي. شهيد بي بي پاڻ به انگريزيءَ ۾ هڪ وڏو نظم لکيو، جنهن جو هڪ مصرعو هيءُ آهي، مان به هڪ ماروي آهيان پنهنجن ماڻهن جي .” شهيد بي بي جو ملڪ ملير پوري وادي سنڌ آهي. ان جو ملڪ ملير سنڌ به آهي، پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان به آهي. گلگت بلتستان ۽ ڪشمير به آهي. اهو ئي سبب آهي ته ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي پوري پاڪستان کان آيل هر ٻولي جي ماڻهن هڪ ئي نعرو لڳايو هو ته. ”ماروي ملير جي- بينظير بينظير.“ يعني ماروي ملير جي. بينظير بي نظير. اهو ماروي ئي ٻڌائي سگهي ٿي ته مٽيءَ جي محبت ۾ سڀ ڪجهه ڪيئن قربان ڪيو ويندو آهي. مٽيءَ سان هيءَ اها محبت نه آهي، جيڪا نام نهاد ”محب وطن تحريڪ“ هلائڻ وارن جي سوچ هوندي آهي. ماروي ۽ ملير جو پاڻ ۾ سگهارو تعلق آهي، اهڙي طرح بي نظير ۽ پاڪستان جو رشتو آهي. پورو پاڪستان ملير آهي ۽ بي نظير ان جي ماروي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي هر زبان ۾ ڌرتي ۽ ماڻهن سان محبت جو استعارو آهي. هو نه صرف ادب ۽ شاعريءَ جو عظيم ڪردار آهي بلڪه پاڪستان جي تاريخ جو فخر به آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شهيد بينظير ڀٽو جو خواب

ايڊيٽوريل

اڄ انهي شخصيت جي ورسي جو ڏهاڙو آهي جنهن دهشتگردن۽ دهشتگردي سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجي جان ته قربان ڪري ڇڏي پر پنهنجي ماڻهن، عوام ۽ ملڪ کي اڪيلو نه ڇڏيو،جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري واپس موٽي هئي ته ملڪ ۾ هر طرف دهشتگردي عروج تي هئي هر ڏينهن دهشتگردي جو ڪو نه ڪو واقعو ٿيندو هو ۽ طالبان سوات تائين اچي پهتا هئا پر عوام جي ليڊر عوام کي بچائڻ لاءِ انهن دهشتگردن کي للڪاريو ۽ چيو ته ڪنهن به صورت ۾ انهن دهشتگردن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين جيڪي نه رڳو عوام،ملڪ پر جمهوريت جا به دشمن آهن.بينظر ڀٽو کي ختم ڪرڻ لاءِ پهرين ڪراچي ۾ سندس استقبالي جلوس تي خودڪش حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هو پاڻ ته معجزاڻي نموني بچي وئي پر سندس ۲۰۰ کن ڪارڪن انهي حملي ۾ شهيد ٿي ويا.انهي کان پوءِ جڏهن بينظير ڀٽو چونڊ مهم دوران دهشتگردن کي کلي عام للڪاريندي رهي ته ۲۷ ڊسمبر جي ڏينهن راولپنڊي ۾ مٿس حملو ڪري شهيد ڪيو ويو .

شهيد محترمه بينظير ڀٽو اها عالمي اڳواڻ آهي جنهن سدائين جمهوريت لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ کي هڪ جمهوري ۽ انساني حقن جي محافظ ملڪ طور دنيا جي ٻين ملڪن جي قطار ۾ بيٺل ڏسڻ چاهيو ٿي.جنهن جي جدوجهد رڳو جمهوريت تائين محدود ناهي پر هن انساني حقن، اظهار جي آزادي،مذهبي رواداري ۽ هر شهري کي برابر جا حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي،جيڪا ڳالهه ئي انسانيت جي دشمن دهشتگردن ۽ مذهبي نفرت پکيڙيندڙن کي نه وڻي ۽ هن کي پنهنجي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ سمجهي هن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت رڳو ڪنهن هڪ پارٽي جو نقصان ناهي پر اهو نقصان هر انهي شخص جو آهي جيڪو اهڙا خواب کڻي جدوجهد ڪري رهيو آهي ته هن دنيا ۾ دهشتگردن لاءِ ڪا جاءِ نه هجي ۽ انسان ڪنهن به نفرت کان سواءِ پنهنجي پرامن ۽ پرسڪون زندگي گذاري سگهي.اهڙي سوچ رکندڙ اڳواڻ رڳو ڪنهن هڪ پارٽي جي ملڪيت نه رهندا آهن بلڪه اهي عالمي اڳواڻ بڻجي ويندا آهن ۽ دنيا انهن کي اهڙي مڃتا ڏيڻ شروع ڪندي آهي جيڪا شهيد محترمه جي حصي ۾ آئي .شهيد بينظير ڀٽو به اهڙن ئي اڳواڻن جي صف ۾ شامل هئي جنهن کي سڄي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسندي هئي.دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جيتري قرباني ڏني آهي اهڙي قرباني شايد ئي ڪنهن ملڪ يا علائقي ڏني هجي جتي دهشتگردن پاڪستان جي عالمي طور سڃاڻپ بڻيل ليڊر کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو. شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو دنيا ۽ پاڪستان کي دهشتگردي کان پاڪ بڻائڻ وارو خواب ۽ ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جو خواب اڃا اڌورو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف دهشتگرد پاڪستان ۾ ٻيهرسرگرم ٿي ويا آهن ۽ ڪي پي کان پوءِ بلوچستان ۾ به انهن پنهنجون ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن ته ٻئي طرف ملڪ ۾ سياسي ۽ آئيني بحران ڪر کنيو بيٺو آهي جنهن کي به نبيرڻ جي ضرورت آهي.

اسان سمجهون ٿا ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سڄي ڄمار جمهوريت لاءِ جاکوڙيندي گذري آهي ۽ هو جمهوريت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو دهشتگردي کي سمجهندي هئي جنهن ڪري هن پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ انهن دهشتگردن کي للڪاريو.اڄ ملڪ ۾شهيد راڻي جي پارٽي ۽ انهن ئي اتحادين جي حڪومت آهي جن سان شهيد راڻي ميثاق جمهوريت ڪيو هو ته جيئن ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿي سگهي ۽ ڪا به دهشتگرد تنظيم مذهب جي نالي تي عوام کي دهشتگردي جي باهه ۾ اڇلائي نه سگهي. تنهن ڪري شهيد راڻي کي خراج پيش ڪرڻ جو سڀ کان بهترين طريقو اهو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جون پاڙون مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام پيدا ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي روح مطابق عمل ڪيو وڃي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


بينظير ڀٽو جي شهادت

انجنيئر اوڀايو خشڪ

هوءَ ڏاڍي ٿڪل هئي ۽ هن آرام ڪرڻ پي چاهيو. هوءَ اڄ ئي خيبر پختوانخوا جي ٿڪائيندڙ دوري جي آخر ۾ پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪري اسلام آباد آئي هئي. ٻي ڏينهن ۲۷ ڊسمبر تي هن کي لياقت باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻو هو، انهي لاءِ تياري ڪرڻي هئي ۽ جلسي کان اڳ ۾ هن جي افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي سان اسلام آباد ۾ ملاقات رٿيل هئي. عين ان وقت محترمه بينظير ڀٽو کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي جاسوسي کاتي انٽر سروسز انٽيليجنس (ISI) جو سربراهه ليفٽينينٽ جنرل نديم تاج هن سان فوري ملڻ چاهي ٿو ڇاڪاڻ جو هن ڪنهن اهم مسئلي تي ڳالهائڻ چاهيو پئي. محترمه بينظير چيو ته في الحال ڪجهه دير آرام ڪرڻ چاهي ٿي ۽ جنرل نديم تاج کي ۳۰-۱ وڳي جو ملاقات جو وقت ڏنو وڃي. جنرل نديم تاج ۳۰-۱ وڳي ملاقات لاءِ آيو. ملاقات ۾ محترمه سان گڏ رحمان ملڪ موجود هو. جنرل نديم تاج هن کي ٻڌايو ته اداري کي اطلاع آهي ته اوهان تي سڀاڻي جلسي ۾ حملو ٿيندو، انهيءَ لاءِ حملي آور راولپندي پهچي چڪا آهن، اوهان مهرباني ڪري سڀاڻي جلسي ۾ نه وڃو، جو اوهانجي زندگي کي خطرو آهي. انهي تي محترمه ڪو جواب ڏئي گڏجاڻي ۾ موجود رحمان ملڪ چيو ته “بينظير عوامي رهنما آهي ۽ هو گهر جي چوديواري ۾ نٿي ويهي سگهي. جيئن ته سڀاڻي جو جلسو اسان لاءِ وڏي اهيمت رکي ٿو، انهي ڪري محترمه ضرور ويندي. جنرل نديم اهو ٻڌي خاموشي سان اٿي هليو ويو”. (شڪيل انجم). عامر مير پنهنجي ڪتاب ڀٽو جو قتل (The Bhutto Murder) ۾ ملاقات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته محترمه جنرل نديم تاج کي چيو ته جيڪڏهن اوهانکي ايڏو پڪو پختو اطلاع آهي ته پوءِ اوهان مهرباني ڪري حڪومت کي منهنجي تحفظ لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ جو چئو. انهيءَ گڏجاڻي متعلق اوون بينٽ جون پنهنجي ڪتاب ڀٽو گهراڻو (Bhutto Dynast) ۾ لکيو آهي ته محترمه جنرل نديم تاج کي چيو ته جيڪڏهن اوهان کي خودڪش بمبار جو پڪو اطلاع آهي ته پوءِ گرفتار ڇو نٿا ڪريو. انهي تي جنرل وراڻيو ته اهو ناممڪن آهي ڇاڪاڻ جو ان سان اتي موجود اسانجو رابطي ڪار ظاهر ٿي پوندو. ان تي محترمه چيو ته منهنجو ۽ منهنجي ماڻهن جو تحفظ سرڪار جو ذمو آهي. ان تي جنرل وراڻيو ته هو حڪومت سان ڳالهائيندو. هن کان اڳ ۾ محترمه جي ۸ آڪٽوبر تي وطن واپسي تي ڪارساز وٽ هن تي خودڪش حملو ٿيو ۽ هوءَ معجراڻي طور بچي وئي هئي. ۱۹ آڪٽوبر تي هن بلاول هائوس ۾ اخباري نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته هو اهڙن بزدل حملي آورن کان نٿي ڊڄي ۽ نه ئي هو ملڪ ڇڏي واپس ويندي. هن اهو چيو ته مٿس حملو جمهوريت دشمنن طرفان سڀني سياسي جماعتن لاءِ چتاوني آهي. انهيءَ جو مقصد ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڌرين کي ڌمڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ هو. اها چتاوني نه صرف منهنجي ۽ پيپلز پارٽي لاءِ آهي، پر اها ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني سياسي ۽ سماجي ڌرين لاءِ پڻ آهي. ان کانپوءِ هو ڪراچي ۾ شهيدن جي گهر ۽ اسپتال ۾ زخمين سان ملڻ وئي. ڪارساز واقعي کان پنج ڏينهن پوءِ آمريڪي سفير،محترمه سان ملڻ لاءِ بلاول هائوس آئي. ملاقات ۾ محترمه، آمريڪي سفير کي آمريڪا طرفان سندس تحفظ لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ تجويزن ڏيڻ جو چيو. انهي تي آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا ڪن مخصوص حالتن ۾ غيرملڪي سربراهن جيئن هيٽي جي اڳوڻي صدر جين برٽر انڊراسٽائڊ ۽ حامد ڪرزئي کي تحفظ فراهم ڪندي رهي آهي، پر ڪنهن مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ هو اهو نٿا ڪري سگهن. اوون جون بينيٽ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته اها گڏجاڻي صرف تحفظ لاءِ نه پر تعاون لاءِ پڻ هئي. انهي تي محترمه هن کي چيو ته اوهان مون کي ان سان تعاون ڪرڻ جو چئي رهيا آهيو، جيڪو مونکي مارڻ چاهي ٿو. انهي گڏجاڻي کانپوءِ آمريڪي سفير پنهنجي ملڪ کي خط لکي تحفظ جي ڪنهن به قسم جي آڇ ڪرڻ کان منع ڪئي هئي.

هڪ طرف محترمه چونڊ مهم ۾ رڌل هئي ته ٻئي طرف طالبان ان کي مارڻ لاءِ منصوبه بندي ڪري رهيا هئا. صدر مشرف محترمه جي ۱۸ آڪٽوبر واقعي کان پوءِ وڌندڙ مقبوليت جي ڪري سخت پريشان هو. آخرڪار صدر جنرل پرويز مشرف ۳ نومبر ۲۰۰۷ع تي ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنهن تحت ملڪ ۾ اخبارن ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پابندي هڻي ڇڏي. پيپلز پارٽي جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. هنگامي حالتن جو اعلان ٿيڻ وقت محترمه دبئي ۾ هئي ۽ جنرل مشرف سمجهيو ٿي ته بينظير واپس نه ايندي. محترمه هنگامي حالتن جي اعلان کان پوءِ جلدي ملڪ موٽي آئي ۽ هن اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ مارشل لا قبول نه ڪئي ويندي ۽ ۹ نومبر تي راولپنڊي ۾ جلسي جو اعلان ڪيو.

۹ نومبر تي پوليس اسلام آباد ۾ بينظير جي گهر جي ٻاهران خاردار تارون وڇائي ۽ گاڏيون بيهاري هن جي ٻاهر نڪرڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيو. جڏهن بينظير ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس هن کي زبردستي گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. ٻئي طرف راولپنڊي ۾ جلسي گاهه ڏانهن ويندڙ هر رستي تي پوليس بيهاري رستا بند ڪري ڇڏيا ۽ جلسي گاهه ۾ پاڻي ڇڏي جلسي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي ڪارروائي ۾ ڇهه هزار پوليس اهلڪارن حصو ورتو. آخر تنگ ٿي بينظير پنهنجي گهر جي ٻاهران اخباري نمائندن سان ڳالهائيندي جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کانپوءِ محترمه ۱۲ نومبر ۲۰۰۷ع تي لاهور هلي آئي ۽ ملڪ کي آمرن کان نجات ڏيارڻ لاءِ لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو. سرڪار هن کي جنهن گهر ۾ رهيل هئي، ان کي سب جيل قرار ڏئي کيس ستن ڏينهن لاءِ نظر بند ڪري ڇڏيو. آخر ڪار سرڪار تنگ ٿي ۱۵ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي هنگامي حالتن جي خاتمي جو اعلان ڪيو.

محترمه بلوچستان ۽ خيبرپختوانخوا جو دورو ڪري ۲۶ ڊسمبر تي اسلام آباد موٽي آئي. ۲۷ ڊسمبر تي لياقت باغ جلسي ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ محترمه، اسلام آباد آيل افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي سان ملڻ وئي.

محترمه جلسي ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد مان ۱۵-۲ بجي رواني ٿي ۽ ۱۵-۳ بجي جلسي گاهه ۾ پهچي وئي. جلسي ۾ هن تقرير ڪندي انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جي خلاف ڳالهائيندي چيو ته هو انتهاپسندن کي نه ڇڏيندي، ملڪ کي دهشتگردن کان آزاد ڪرائڻ ۾ اوهان مونسان گڏ آهيو. اسان پاڪستان لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪري سگهون ٿا. هن اهو به چيو ته بنياد پرستن ملڪ ۾ ٺڪاڻا ٺاهيا آهن ۽ دنيا چوي ٿي ته جيڪڏهن اوهان انهن بنياد پرستن تي قابو نٿا پائي سگهو ته پوءِ اسان اچي انهن تي قابو پائينداسين. آئون چوان ٿي ته ٻاهرين دنيا جا ملڪ ڇو اچن. اسين پاڻ انهن بنياد پرستن لاءِ ڪافي آهيون. پيپلز پارٽي جي تاريخ قربانين سان ڀري پئي آهي. منهنجي والد ۽ ڀائرن کي شهيد ڪيو ويو. پر اسان حق ۽ سچ جو رستو ڪڏهن به نه ڇڏينداسين. سياسي يتيمن هنگامي حالتن جو اعلان ڪري چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ ناڪام ٿيا. “هن تحريڪ طالبان جن سوات ۾ شريعت جي نفاذ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ پاڪستاني جهنڊي جي جاءِ تي سندن جهنڊو استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي اهو ڪرڻ نه ڏينداسين”.

جلسو ۱۰-۰۵ بجي ختم ٿيو ۽ محترمه ڪامياب جلسي تي ڏاڍي خوش هئي. محترمه واپسي جو سفر شروع ڪيو ته اوچتو ماڻهن جو ميڙ نعرا هڻندو سندس گاڏي ڏانهن وڌڻ لڳو. محترمه گاڏي جي ڇت واري دري کولي ٻاهر نڪري بيهي، ماڻهن کي نعرن جا جواب ڏيڻ لڳي ته مٿس حملو ٿيو ۽ زخمي بينظير گاڏي ۾ هيٺ ڪري پئي. انهي وقت هڪ خودڪش بم ڌماڪو پڻ ٿيو. اهو وقت ۱۴-۰۵ بجي چيو وڃي ٿو. ايئن بينظير جي زندگي جو ۵۴ سالن جو سفر پورو ٿيو ۽ هو اوڏانهن هلي وئي جتان ڪو به اڄ تائين موٽي نه آيو آهي. انهي حادثي ۾ ۲۴ ڄڻا ماريا ويا ۽ ۹۰ ڄڻا زخمي ٿيا.

محترمه بينظير جي شهادت کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ هنگامن ۾ هڪ اندازي مطابق سنڌ ۾ ۱۷۰ بينڪن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ ۱۵ بينڪن کي نقصان پهتو. ۱۵۴ سرڪاري آفيسن کي ساڙيو ويو ۽ ۱۵ ٻين آفيس کي نقصان پهتو. ۳۴ پيٽرول پمپن کي باهه ۽ هڪ کي نقصان ڏنو ويو. ۳۴۸ گاڏيون باهي ڏئي تباهه ڪيون ويون ۽ ۲۳ گاڏين کي نقصان پهتو. ريل جي ۷۱ گاڏن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ ۱۸ ريلوي اسٽيشن کي باهي ڏني وئي ۽ ۴ کي نقصان پهتو ۷۵۸ دڪانن کي باهه ڏني وئي ۽ ۵۸ دڪانن کي نقصان پهتو. پنجاب ۾ ڪو ايڏو وڏو احتجاج نه ٿيو، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختوانخوا ۾ ڪو به رد عمل سامهون نه آيو. محترمه جي شهادت کان پوءِ جلدي هن جي سوٽ ناهيد ڀٽو ۽ سندس خاص محافظ خالد شهنشاهه پڻ ماريا ويا. ناهيد ڀٽو لاءِ چيو وڃي ٿو ته محترمه جي شهادت ۽ تدفين کانپوءِ نئون ديرو ۾ ناهيد آسٽريليا ۾ پنهنجي ڀيڻ سان فون تي ڳالهائي رهي ته هن کي محسوس ٿيو ته ڪوئي فون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻڌڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ بنا اجازت گهڙي آيو آهي انهي تي هن اهو چئي فون بند ڪري ڇڏي ته وڌيڪ احوال هو صبح جو ڪراچي اچي ڪندي. هو ڪراچي لاءِ رواني ٿي پر حيدرآباد ويجهو سندس گاڏي کي حادثو پيش آيو، انهي ۾ هو گذاري وئي. اهو پڻ حل طلب آهي ته اهو روڊ حادثو هو يا قتل. خالد شهنشاهه جنهن کي ڪارسان واقعي کانپوءِ محترمه جو ذاتي محافظ (باڊي گارڊ) ڪري رکيو ويو هو، اهو پڻ محترمه جي شهادت کانپوءِ ڪراچي ۾ ماريو ويو.

محترمه کي اهو احساس هو ته هن کي ملڪ واپس اچڻ کان پوءِ ماريو ويندو. اهڙو اظهار پاڻ سندس ڪتاب يورب ڄائي (Daughter of East) ۾ هن طرح ڪيو آهي. “آئون جيئن ته ۲۰۰۷ع ۾ هڪ غيريقيني مستقبل جي حالت ۾ وطن ورڻ جي تياري ڪري رهي آهيان، اتي آئون انهن ڳالهين کي چڱي طرح سان سمجهان ٿي، جيڪي نه صرف منهنجي لاءِ پر منهنجي ملڪ ۽ دنيا لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون. مونکي احساس آهي ته مونکي گرفتار ڪري سگهن ٿا. مونکي احساس آهي ته ۱۹۸۳ ۾ منيلا جي بنگواڪينو (Benigno Aquino) جي قتل جيان ٿي ڪوئي مونکي هوائي اڏي تي بندوق هڻي ماري سگهي ٿو. ان هوندي به آئون ويندس ۽ مونکي وڃڻو پوندو ته جيئن آئون جمهوريت جي بحالي لاءِ پاڪستان جي عوام سان گڏ هجان. مون اهو خطرو پاڪستان جي ٻارن لاءِ کنيو آهي”. ڪتاب ۾ هن ڊاڪٽر مارٽن لوٿر ڪنگ جو قول“اسانجي زندگي ان ڏينهن ختم ٿي وڃي ٿي جنهن ڏينهن اسان حقيقتن کان منهن موڙيون ٿا”. دهرائيندي لکيو آهي ته آئون الله تي ڀروسو ڪري پنهنجي قسمت پاڪستان جي عوام جي هٿن ۾ ڏيان ٿي. ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۳ع تائين پيپلز پارٽي مرڪز ۾ اقتدار ۾ رهي ۽ ۱۵ سالن کان سنڌ ۾ سندن حڪومت آهي، پر محترمه جا قاتل نه گرفتار ٿيا ۽ نه ئي پڌرا ٿيا. هڪ مفروضو هي آهي ته محترمه جي شهادت ۾ طالبان جو هٿ آهي. محترمه جي شهادت کانپوءِ جنرل مشرف جنوري ۲۰۰۸ع ۾ اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس کي جاچ لاءِ گهرايو. ۲۰۰۹ع ۾ پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ اقوام متحده جي ڪميشن جاچ لاءِ آئي. ڪميشن صدر پاڪستان جي درخواست تي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون طرفان مقرر ڪئي وئي هئي. انهي ڪميش جو سربراهه چلي سان تعلق رکندڙ هيرا لڊو ميونوز کي مقرر ڪيو ويو هو. ان ٽيم جا ٻيا ميمبر انڊونيشيا جو سابق اٽارني جنرل مرزوعي ۽ آئرشن پوليس جو اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر پيٽر فٽر جيرالڊ هو. بقول ڪميشن سربراهه ڪميشن کي محترمه جي قتل جي واقعن ۽ حقيقتن کي ظاهر ڪرڻو هو. هي ڪو بين الااقوامي ٽربيونل نه هو جنهن کي ڏوهارين تائين پهچڻو هو. ڪميشن پهرين جولاءِ ۲۰۰۹ع تي ڪم شروع ڪيو ۽ ۳۰ مارچ ۲۰۱۰ع تي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. محترمه جي شهادت تي هندستان جي نامور صحافي ڪرن ٺاپر لکيو ته “هن جو موت هڪ هيرو جو موت هو ۽ هن جي شهادت سان ٻين کي اتساهه ملندو. هن وڌيڪ لکيو ته محترمه کيس نئين سال جو ڪارڊ موڪليو، جيڪو هن جي شهادت جي ٻي ڏينهن هن کي مليو ڪارڊ ۾ شهيد لکيو ته“دعاگو آهيان ته نئون سال دنيا لاءِ امن ۽ تنهنجي خاندان لاءِ خوشيون آڻي”.

هيرالڊ و ميونوز جاچ جي نتيجي ۾ (Getting away with murder) جي نالي سان ڪتاب لکيو جيڪو پوءِ “بينظير قاتل بچ نڪلا ” جي نالي هيٺ اردو ۾ ڇپيو. انهي ۾ هن ڪافي اهم ۽ مزيدار ڳالهيون لکيون آهن.هن جي چوڻ مطابق بينظير جي قاتلن جي سڀني کي خبر آهي، پر قاتل جو ڪير به نالو کڻڻ لاءِ تيار نه آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شهيد راڻي

جيڪا سڀ کي رُئاري وئي

اشرف لاريب

ڊسمبر جي انتهائي سرد موسم جڏهن ايندي آهي تڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو شدت سان ياد ايندي آهي هن جي شهادت جو منظر اکين آڏو تري ايندو آهي تڏهن دل ۾ ڏک جي لهر ۽ اکين ۾ آب وهي ايندو آهي .سموري عورتن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندڙ شخصيت جو سر عام قتل اڃا تائين هڪ سوال بڻيل آهي ..!! محترمه بينظير ڀٽو جو قتل سمورين باشعور با صلاحيت عورتن جو قتل ٿيڻ جي برابر آهي،هوءِ نه صرف سمورين عورتن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ حق حاصل ڪرڻ جو آواز ڏياريندڙ هئي پر هر گهر ۾ عورتن جي ذهني آزادي ۽ شعور جو زنده مثال به هئي، هن جو منشور هن جي جدوجهد پاڪستاني عوام سان پيار ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا آهن ته هو هڪ بهادر پيءُ جي بهادر نياڻي هئي جيڪا پنهنجي والد جي ڇڏيل مشن کي اڳتي کڻي هلي رهي هئي بي بي شهيد همت جو نشان ۽،پاڪستان ۾ سياسي شعور پيدا ڪندڙ شخصيت هئي،حقيقي معني ٰ ۾ قائداعظم محمدعلي جناح ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو کان پوءِ پوري دنيا ۾ پاڪستان کي روشناس ڪرائيندڙ ۽ سڄي اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم طور اڀري ايندڙ شخصيت هئي ،پاڪستاني سياست کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائيندڙ اقوام متحده جهڙي عالمي اداري ۾ پاڪستاني قيادت کي پهچان ڏياريندڙ واحد خاتون وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو هئي،هو جڏهن به ڪنهن عالمي سطح تي ٿيندڙ سيمينار ۾ ايندي هئي ته پوري دنيا جا بادشاهه وزير کيس حيرت سان تڪيندا هئا،هن جي پيشاني تي خوش اخلاقي جو تاج چمڪندو هو ۽ چپن تي مسڪراهٽ هوندي هئي اهو ئي سبب هو جو هر غريب توڙي امير بادشاهه توڙي فقير جي نظر ۾ هر دل عزيز هئي.جڏهن به هوءِ غريبن جي جهوپڙي ۾ هلي ويندي هئي ته پٽ تي ويهي انهن سان رلي ملي ويندي هئي،اهو سبب هو جو هوءِ دشمنن جي دل تي تير وانگر هوندي هئي.

شهيد راڻي جو منشور هن جي اعلي ٰ قيادت هر وقت دشمنن کي للڪاريندو رهندو هو، جيڪو هن جي دشمنن آهن برداشت نه ٿيندو هو،هر وقت هن جا دوست نما دشمن هن جي تعاقب ۾ رهندا هئا ۽ هميشه هن جي خلاف سازشون پيا ڪندا رهندا هئا پر پوءِ به هوءِ هنن سان کلي کيڪاريندي رهندي هئي،ڇاڪاڻ ته هوءِ پنهنجي اعليٰ مقصد ۾ هميشه مصروف رهندي هئي هوءِ چوندي هئي منافقت ۽ سازشن ۾ وقت ضايع ڪرڻ کان بهتر آهي ته قومي مقصد جي حصول لاءِ وقت کي بهتر استعمال ڪجي اهو ئي سبب هو جو هوءِ هر وقت جديد علم جي حصول لاءِ مطالعو ڪندي رهندي هئي، جڏهن هو ڪنهن ڊگهي سفر تي نڪرندي هئي ته ساڻ قرآن پاڪ تسبيح ۽ معلوماتي ڪتاب کڻندي هئي ۽ سفر دوران مڪمل ڪتاب پڙهي پورو ڪري ڇڏيندي هئي ان مان صاف ظاهر آهي ته هو قرآن پاڪ مان دنياوي مسئلن جا روحاني حل ۽ ٻين معلوماتي ڪتابن مان ملڪي ترقي جون نيون راهون تلاش ڪندي هئي. وسيع علمي ڄاڻ هئڻ جي ڪري هو پاڪستان جي ايرضي ۽ پاڪستاني عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي حڪمت عملي جوڙيندي هئي، محترمه بينظير ڀٽي جي دور حڪومت ۾ هن ڪافي عوام دوست پروگرام جوڙيا جنهن ۾ غريب ۽ نادار عورتن جي مالي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام،وومن پوليس اسٽيشن، عوامي مرڪز، يوٽيلٽي اسٽورز، سرڪاري اسپتالن ۾ مڊوائيف سروس،هيلٿ ورڪرز،پوليو ۽ ٻين وبائي بيمارين جي خلاف قومي مهم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اسڪيمون ٺاهيون، هن جي منشور ۾ عملي ڪم هوندو هو ۽ حقيقي عوامي خدمت ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي هئي، تعليم جي مد ۾ ڪيترائي تعليمي منصوبا جوڙيائين اها ٻي ڳالهه آهي جو هن سان ڪم ڪندڙ اعليءٰ عملدار هن جي جوڙيل منصوبن سان انصاف ڪري نه سگهيا جنهن ڪري هن جون ڪيئي اسڪيمون هن جي ڪوششن جي باوجود صحيح طرح هلي نه سگهيون.

ظاهري ڳالهه آهي هڪڙو سچو ۽ ايماندار ماڻهو اڪيلي سر ٻيو ڪري به ڇا سگهي ٿو پر پوءِ به شهيد راڻي پنهنجي مقصد کان پوئتي نه هٽي .پنهنجي والد جي مشن کي ساهه جي آخري تند تائين نڀائيندي رهي، بينظير ڀٽو هر وقت پاڪستان جي ترقي ۽ سر بلندي لاءِ سوچيندي رهندي هئي هو پنهنجو ذهني سک عوام سان گڏ رهڻ ۾ ڳولهندي هئي، ان ڪري هن جي عوامي جلسن ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو هو، هر طرف جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو جا نعرا گوجندا هئا، حقيقت ۾ اهي نعرا نه پر عوام جو بيحد پيار هن سان گڏ هوندو هو، پاڪستان جي تاريخ کي کڻي ڏسجي ته بينظير ڀٽو جهڙي عزت ۽ شهرت هن مهل تائين ڪنهن سياستدان کي نصيب ناهي ٿي جيتري بينظير ڀٽو کي نصيب ٿي، اپوزيشن ۾ رهي ڪري به هن ڪنهن جي عزت تي وار نه ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن ذاتي انتقام وٺڻ تي يقين رکندي هئي،بينظير ڀٽو جي دور ۾ هُن ڪڏهن به ڪنهن سياسي شخصيت کي نقصان پهچائڻ جو نه سوچيو بلڪه هو اپوزيشن ۾ رهي ڪري اهڙي اصلاحي تنقيد ڪندي هئي جنهن سان سياستدان سوچڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا. پر اهي پنهنجي پلاننگ تي نئين سري سان غور ڪرڻ تي مجبور ٿي عوامي خدمت ڪندا هئا سن ۱۹۸۸ کان وٺي ۲۰۰۷ تائين پاڪستان جي سياسي دور کي پاڪستان جو سنهري دور چئجي ته غلط نه ٿيندو. انهيءَ دور جي سياست ۾ عوامي خدمت، اپوزيشن ڏسڻ وٽان هوندي هئي .

اها مڃيل حقيقت آهي ته جيڪي حڪمران عوام سان گڏ هوندا آهن انهن جي جنت عوام جي وچ ۾ هوندي آهي ان ڪري شهيد ذوالفقار ڀٽو جي نياڻي اهو سچ چئي وئي آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي.ڇاڪاڻ ته هو ءِ پنهنجي منزل عوام ۾ تلاش ڪري وئي هئي ۽ ٻين کي اهو ڏس ڏئي وئي ته جمهوريت جو اصل رستو عوام ڏانهن آهي اهو ئي سبب هو جو شهادت واري ڏينهن شهادت کان ڪجهه دير پهرين پنهنجي دونهين دار تقرير ۾ هوءِ پوري جوش جزبي ۽ عزم سان پاڪستان جي ترقي لاءِ منصوبه بندي عوام جي سمنڊ سان ونڊي رهي هئي هن کي پنهنجي سچائي ۽ صلاحيتن تي پورو ڀروسو هو، اٺ سال جلاوطني کان پوءِ هن جي شعوري اک وڌيڪ پختي ٿي چڪي هئي هن وٽ پاڪستان جي حقيقي خوشحالي جو راز هو، اهو ئي سبب هو جو هوءَ پنهنجي آخري لال باغ واري تقرير ۾ عوام دشمنن کي للڪاري رهي هئي، هن کي پنهنجي ڪاميابي جو پڪو يقين هو جنهن کي دشمن عناصر برداشت نه ڪري سگهيا، سندس تقرير ٻڌڻ کان پوءِ هنن جا دوست نما دشمن جيڪي سندس جلسي ۾ هن جا نعرا هڻي رهيا هئا، هن جو عزم ۽ حوصلو ۽ پاڪستان جي خوشحالي متعلق پلاننگ جو ٻڌي هن تي پويان وار ڪيو ۽ اسان جي راڻي کي شهيد ڪري وڌو،نتيجي ۾ پوري پاڪستان جي عوام ۲۷ ڊسمبر تي پاڻ کي ننڌڪڻو سمجهي غم ۽ غصي مان هر شيءِ کي باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي مان سمجهان ٿي اهو عمل درست نه هو پر جڏهن اميدن جا ڏيئا هڪدم سان اجهامي وڃن ته پوءِ هر انسان جي ذهني ڪيفيت جنونيت واري ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ ڪير به ان جنون کي ايترو آساني سان روڪي نه سگهندو آهي عوام جو رد عمل ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ تي به اهو ساڳيو هو.هر دل اداس ٿي وئي اميد جو روشن ڪرڻو هڪدم اجهامي ويو .بينظير ڀٽو ڪڏهن به اسان کان وسري ڪين سگهندي هوءِ بخت هئي جيڪا بختاورجي صورت ۾ اسان سان آهي،هوءِ هوشو وانگر ڪنڌار هئي جيڪا بلاول جهڙي بهادر پٽ جي صورت ۾ موجود آهي،هوءِ معصوم هئي جيڪا آصفه جي چهري جي صورت ۾ اسان سان گڏ آهي.هن ۾ سمنڊ جهڙو جوش هو،جيڪا جيالن جي صورت ۾ اسان سان گڏ آهي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڇڏيل سياست وارو ڪردار پاڪستان جي موجوده سياسي اڳواڻن لاءِ هڪ رهنمائي آهي،بينظير ڀٽو جا لکيل ڪتاب،تقريرون سياست ۾ قدم رکندڙ ساٿين لاءِ هڪ رهنمائي آهن شهيد بينظير پنهنجي عظيم ڪردار سان هميشه زنده رهندي، هوءِ سڀني جي سوچ ۾آهي هن جو ڪردار هڪ وجود وانگر هميشه زندهه رهندو!!

آخر ۾ مان پنهنجي شهيد راڻي سان عقيدت جو اظهار پنهنجن هن نظم جي هنن لفظن سان ڪيان ٿي.

هوءَ سنڌ جي نياڻي هئي

هوءَ سنڌ جي سينڌ سجائي وئي

هوءَ شعور جا ڏيئا ٻاري وئي

هوءَ تعليم جا دروازا کولي وئي

نياڻين کي سمجهائي وئي

تعليم ئي ترقي جو رستو اٿئي

پيغام اهو گهر گهر تائين پهچائي وئي

پنهنجي خون سان منشور لکي وئي

مقتل گاهه تائين پهچائي وئي

ڪير ٿيندو هن جو مٽ

هوءَ ته هڪ سچ مثل هئي

سياري جي سرد راتين ۾ هوءَ پنهنجي ياد ڏياري وئي

هوءَ شهيد راڻي ٿي،سڀني کي روئاري وئي !!!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


بينظير ڀٽو

جنھن ساھ ڏئي ويساھ ڏنو

يوسف سيف

محترمه بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو ۱۹۷۷ع ۾ وطن موٽي هئي. هو ۱۹۷۳ع ۾ پرڏيهه پڙهڻ لاءِ وئي هئي، ولايت مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هو جيئن ئي ڏيهه پهتي ته ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي ڊاهي فوجي سربراهه جنرل ضياءُالحق اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ذوالفقار علي ڀٽو تڏهن چونڊيل وزيراعظم هو.

پ پ پ جي ٻئين ۽ ٽئين صف جا اڳواڻ عوام جي جذبات کي ماٺو ڪرڻ، امڪاني عوامي ردعمل کي روڪڻ ۾ رڌل هئا. ڪيترائي افسانوي قصا گهڙي ماڻهن کي ٻڌايا ويا، جنهن مطابق اجهو ڪنهن ڪمانڊو ڪارروائي سان ذوالفقار علي ڀٽي کي جيل مان ڇڏايو ويندو. تنهن ڪري اوهان (عوام) ڪنهن احتجاج لاءِ پاڻ کي تڪليف ۾ نه وجهو.

افغانستان ۽ ايران ۾ آيل سياسي تبديلين صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو هو. پاڪستان جي اشرافيه ۽ اسٽيبلشمينٽ سياسي چرپر کان ڇرڪيل هئي، جنهن ڪري ملڪي سياسي ماحول ماٺار جو شڪار هو. بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي قيد ڪيو ويو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جا ٻئي پٽ ملڪ کان ٻاهر هليا ويا هئا.حالتن ۽ وقت بينظير ڀٽو تي عوامي قيادت جي ذميواري جو تعين ڪري ورتو هو. هاڻي کيس عوام جي قيادت ڪرڻي هئي. پي پي پي جي قيادت واري سوال تي پارٽي منجهه موجود ساڄي ڌر وارن پارٽي قيادت بينظير ڀٽو حوالي ڪرڻ جي شديد مخالفت ڪئي. ان گروهه جي نمائندگي مولانا ڪوثر نيازي ڪري رهيو هو. جيڪو پي پي پي حڪومت ۾ وفاقي وزير پڻ رهيو هو. نيٺ بيگم نصرت ڀٽو پيپلز پارٽيءَ جي قيادت بينظير ڀٽو جي هٿ ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، تڏهن سندس عمر ۲۵ سال مس هئي.

ملڪ ۾ جيتوڻيڪ سياسي سرگرمين تي بندش هئي پر سماج اندر حڪمرانن، اسٽيبلشمينٽ ۽ مارشل لا خلاف دونهين دکي رهي هئي. شاگردن، وڪيلن، صحافين ۽ عوام وقت بوقت احتجاج جو سلسلو جاري رکيو. ان دوران ئي بينظير ڀٽو کي ڪراچي ۾ هڪ ريلي جي قيادت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٽي سال قيد جي سزا ڏني وئي. ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ سرگرميون هلنديون رهيون. ايم آر ڊي عوام کي منظم ڪري جدوجهد جي ميدان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. حالتون ڪافي خراب هيون پر عوام جو سياسي اڀار به وڌي رهيو هو. ۱۴ آگسٽ ۱۹۸۳ع کان جمهوريت جي بحالي لاءِ سول نافرماني تحريڪ شروع ٿي، جنهن ۾ ساڄي ڌر جي ڪجهه پارٽين کانسواءِ باقي سمورين سياسي ڌرين شرڪت ڪئي. ان تحريڪ فوري نتيجا نه ڏنا پر حڪمران ڌريون گهڻو ڊڄي ويون. جنوري ۱۹۸۴ع ۾ بينظير ڀٽو کي علاج جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. ايئن کيس پرڏيهه وڃڻ جو موقعو مليو.

پاڪستان ۾ ايم آر ڊي واري تحريڪ کان ڊڄي جنرل ضياءُالحق غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرايون. محمد خان جوڻيجي کي وزيراعظم بڻايو ويو. فوجي حڪمران جي پاڇي هيٺ قائم ٿيل پارليامينٽ آئين ۾ ترميم ڪندي صدر کي ڪن خاص حالتن ۾ حڪومت ختم ڪرڻ جو اختيار ڏنو. ان آئيني ترميم جو پهريون شڪار خود اها حڪومت ٿي، جنهن اها ترميم ڪئي هئي. محمد خان جوڻيجي جي حڪومت جو وڏو ڪارنامو ملڪ مان رسمي طور مارشل لا ختم ڪرڻ هو.بينظير ڀٽو پرڏيهه ۾ ئي هئي جو کيس سندس ڀاءُ شاهنواز ڀٽو جي موت جو اطلاع مليو، جنهن جو مڙهه کڻائي هو پاڪستان آئي پر تدفين جون رسمون پوريون ڪرڻ کان پوءِ هو وري پرڏيهه هلي وئي. بينظير ڀٽو پرڏيهه ۾ هئي، هڪ وڏي سياسي جماعت جي سربراهه هئي. ملڪ ۾ مارشل لا لڳل هئي. پيءُ جي شهادت کان پوءِ ڇهن سالن اندر کيس ننڍي ڀاءُ جو مڙهه به کڻڻو پيو هو. انهن سمورين حالتن باوجود هوءَ مسلسل سياست جو حصو رهي. هو ورچي نه ويٺي، مقصد تان نه ٿڙي. هن پارٽي ڪارڪنن، رهنمائن ۽ عالمي فورمن ۽ ادارن سان رابطو وڌايو. هو سياست جو محور بڻجندي وئي.

بينظير ڀٽو ٻيو ڀيرو اپريل ۱۹۸۶ع ۾ وطن موٽي هئي. هن ڀيري هو علائقائي، عالمي ۽ ملڪي سياست کي پرکي پروڙي آئي هئي. ملڪ ۾ هڪ جنرل جي ڇانوَ هيٺ سول حڪومت قائم ٿيل هئي. سندس شاندار استقبال مان ثابت ٿي ويو هو ته عوام ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، سندس پارٽي ۽ بينظير ڀٽو لاءِ محبت ۽ مقبوليت ۾ ڪا ڪمي نه آئي هئي. بينظير ڀٽو ملڪ ۾ موجود نظام کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ عام چونڊن جو مطالبو ڪيو. هوءَ ملڪ جي سياسي پارٽين توڙي عوام جي لاءِ اتساهه جو مرڪز هئي. هوءَ غريب عوام جو ڀرجهلو هئي. وقت پنهنجي رفتار سان هلي رهيو هو، ملڪ جون سياسي حالتون بدلجي رهيون هيون، عوام جي اندر ٻرندڙ باهه ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪرڻ واري هئي. بينظير ڀٽو جو سمورو ڌيان سياست تي هو، هوءَ پنهنجي پارٽي جي سرگرمين ۾ تمام گهڻي مشغول ٿي وئي هئي. شايد هن پنهنجي والد جي سياسي مشن کي ئي زندگي جو مقصد بڻائي ورتو هو.

۱۹۸۸ع ۾ قدرت بينظير ڀٽو جي حق ۾ فيصلو ڏنو، ۱۷ آگسٽ تي سي ۱۳۰ اڏام حادثي جو شڪار ٿي، جنهن ۾ جنرل ضياءُ الحق پڻ شامل هو. فوت ٿيلن ۾ آمريڪي سفير آرنلڊ ليوئس رافيل پڻ موت جو بک بڻيو. ملڪ جي ٻين وڏن واقعن وانگر اهو حادثو به اڄ ڏينهن تائين پراسرار رهيو آهي ۽ ان جو ڪوبه سبب سامهون نه آيو آهي. سينيٽ چيئرمين غلام اسحاق خان اڳ ئي اعلانيل چونڊن واري شيڊيول کي برقرار رکيو. ۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع وارين چونڊن ۾ بينظير ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿي. ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي بينظير ڀٽو پاڪستان جي پهرين خاتون وزيراعظم طور قسم کنيو. پ پ پ جي ڪارڪنن ۽ ڀٽو خاندان جي حامين لاءِ وقت خوشين جو خزانو کڻي آيو هو.

بينظير ڀٽو هاڻي هڪ ميچوئر سياستدان هئي. هوءَ آسپاس جي حالتن کان به آگاهه هئي. هن احتياط سان قدم کنيا. هن ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي سڌارن جي شروعات ڪئي. اسٽيبلشمينٽ سڌي اڻ سڌي طرح بينظير ڀٽو حڪومت کي گهيرو ڪري ويٺل هئي. آمريڪا ۽ روس جا تڪرار افغانستان مسئلو، ڪشمير جا معاملا اهڙا بنيادي اشوز هئا، جن جي لاءِ عام راءِ جوڙڻ ۽ مخالفن کي مڃرائڻ لاءِ لابنگ ۽ ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي. اڃا ڏيڍ سال مس گذريو ته صدر غلام اسحاق خان روايتي الزامن هيٺ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ڊاهي ڇڏيو. بينظير ڀٽو کي صورتحال جي نزاڪت جو اندازو هو. هن اسٽيبلشمينٽ تي شديد تنقيد ڪئي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ان دوران ۱۹۹۰، ۱۹۹۳ع، ۱۹۹۶ع ۾ وري حڪومتن کي ڊاهيندي، ٺاهيندي ۽ سول قوتن سان ٽڪرائيندي رهي. نيٺ ۱۹۹۹ع ۾ پرويز مشرف عسڪري قوت جي سهاري ملڪ تي هڪ ڊگهو مارشل لا نافذ ڪيو. ان دوران مسلم ليگ ن کي ٻه ڀيرا اقتدار مليو، چوڻ لاءِ ته نواز شريف واپارين ۽ انڊسٽريل سيڪٽر جو نمائندو هو پر فڪري لحاظ سان هو ساڄي ڌر جي مدي خارج فڪر سان سلهاڙيل شخص آهي. اسٽيبلشمينٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ قوتن کي ۱۹۹۹ع ۾ اندازو ٿيو ته سياست، ڪهڙي ماجرا آهي.ان دوران هر ڀيري بينظير ڀٽو جي سرڪار ڊاهڻ کان پوءِ وڌيڪ دٻاءُ سندس ور آصف علي زرداري تي پوندو رهيو. ڪنهن نه ڪنهن الزام هيٺ بينظير ڀٽو کي سزا ڏيڻ لاءِ سندس ور آصف علي زرداري کي قيد ڪيو ويندو هو. ان وچ ۾ ويرين پاران هڪ سازش تحت بينظير ڀٽو ۽ سندس ڀاءُ مرتضيٰ وچ ۾ وڇوٽين کي هوا ڏئي پ پ حڪومت ۾ ئي مرتضيٰ ڀٽو کي هڪ پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرايو ويو. ان جو الزام بينظير ڀٽو جي سرڪار تي مڙهي هن جي حڪومت ئي ختم ڪئي وئي.

۱۹۹۸ع کان پوءِ بينظير ڀٽو پنهنجي مصروف زندگي مان ڪجهه وقت پنهنجي ٻارن لاءِ ڪڍيو ۽ هن دبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي. ان دوران هن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏنو.ٽيون ڀيرو بينظير ڀٽو ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي واپس وطن آئي. ملڪ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ ۽ عالمي قوتن جي ايجنٽ مشرف پنهنجي غرور ۽ گهمنڊ ۾ اهو به چئي ڏنو هو ته هاڻي پاڪستان جي سياست ۾ بينظير ڀٽو جو ڪوبه ڪردار نه رهيو آهي. بهرحال پرويز مشرف کي نيٺ جهڪڻو پئجي ويو. ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ تي جڏهن بينظير ڀٽو وطن واپسي جو اعلان ڪيو هو ته فوجي حڪومت ان خيال جي هئي ته في الحال پ پ پ سربراهه وطن نه موٽي. هن سڌي توڙي اڻ سڌي طرح سان ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته حالتون سندس حق ۾ نه آهن ۽ بينظير جي زندگي کي خطرو آهي.

بينظير ڀٽو وطن ورڻ کان ٿورو اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته مون عوام سان واپسيءَ جو واعدو ڪيو آهي. ماڻهو منهنجي ڳالهه کي مڃين ٿا. مون تي اعتبار ڪن ٿا، تنهن ڪري آئون هر صورت ۾ وطن پهچنديس.بينظير جي ٽئين ڀيري وطن واپسيءَ جي موقعي تي عوامي شرڪت ۽ جوش جذبي واري آجيان عالمي ميڊيا جي ڪوريج صورتحال کي غيرمعمولي بڻائي ڇڏيو. هو وطن وري، هر ماڻهو جي مک تي خوشي ٻهڪي پئي. عوام جي اميد، عوام جو آسرو، بينظير ڀٽو عوام سان گڏ هئي. سڄي ملڪ کان لکين ماڻهو سندس آجيان ڪرڻ لاءِ آيا هئا. دنيا ڏٺو ۽ دنيا اهو تسليم ڪيو ته پ پ پ جي سربراهه بينظير ڀٽو عوام جي مقبول ليڊر آهي.

بينظير ڀٽو جو پرامن عوامي آڌرڀاءُ حڪمرانن کان هضم نه ٿيو. ڪارساز واري هنڌ تي مٿس خوني حملو ڪرايو ويو. هوءَ سلامت رهي. سوين ڪارڪنن زندگي جي قرباني ڏني. باهمت ڪردار جي مالڪ بينظير ڀٽو نه ڊني. هوءَ عوامي ليڊر هئي. هن ليڊ ڪيو. ڪارڪنن کي آٿت ڏني. هڪ رهنما جو فرض نڀائي ڏيکاريو. ملڪ ۾ اليڪشن جي گهماگهمي دوران هوءَ پنجاب جي دوري تي نڪتي. هن هميشه وانگر آمرن کي للڪاريو. سندس آواز ۾ اثر هو. لکين ماڻهو هن کي ڏسڻ ۾ ٻڌڻ لاءِ ايندا رهيا. هن پرامن پاڪستان لاءِ پنهنجا ويچار دليلن سان پيش ڪيا.

زماني کان ظالم جو پاسو کڻندڙ يزيدي قوتن بي مثل بينظير جو گهيرو تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ منظم سازش هيٺ محترمه کي ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ جي لڙندڙ شام جو گهيرو ڪري شهيد ڪيو ويو. سندس اعليٰ تعليم، جدوجهد، ڏاهپ ۽ سياسي عمل هن کي امر بڻائي ڇڏيو. هن به پنهنجي پيءُ وانگر عوام سان ڪيل وچن پاڙي ڏيکاريو ته هو عوام سان ويساهه گهاتي نه ڪندي.هن پنهنجي والد کان ورتل مشعل امانت طور اڳيان وڌائي، پنهنجو فرض نڀايو. هاڻي اها اهو مشعل سندس نوجوان پٽ بلاول ڀٽو زرداري جي هٿن ۾ آهي. ان لحاظ سان تاريخ مٿس وڏي ذميواري به عائد ڪئي آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شهيد محترمه بينظير ڀٽو

عالمي ليڊر

يوسف مرتضيٰ بلوچ ايم پي اي

آمريت ۽ سامراج سان سلهاڙيل سمورين قوتن معاشري جي مختلف طبقن کي ويڙهائي ۽ ورهائي انهن جي ايڪي، اتحاد، عزم ۽ حوصلي کي چور چور ڪندي پاڪستان ۾ محبت بدران نفرتن جا ڪيترائي اوڙاهه ٻاريا ويو آهن. فرقيواريت جو ڀوت ڪٿي قوميتن جا ڏار، ڪٿي نسل پرستي جي تلوار، ڪٿي زبان ۽ لسانيت جا وڇوڙا ڪٿي چچريل لاشن جا ڍير، ڪٿي ڏينهن ڏٺي دهشتگردن جا راڄ ڪٿي مافيائن ۽ سليڪٽيڊ جي غير متوازي حڪومت، ڪٿي هٿياربند ٽولن جو وائکو ۽ انهن جي وجود نظر ايندو انهن سمورن مسئلن ۽ مصيبتن جي پٺيان عالمي قوتون ۽ انهن جا مقامي ضمير فروش ايجنٽ ئي نظر ايندا، فاسد معاشري ۾ ڄاڻايل ڏچن کان گهڻو وڌيڪ خوفناڪ ۽ خطرناڪ معاشي، سياسي، اقتصادي سفارتي، داخلي ۽ خارجي صورتحال منهن پوندي.

اصل ۾ قيادت جي اڻاٺ، باصلاحيت ليڊرشپ جي اڻهوند، باشعور ٽرينڊ ميڪرز جو ڏڪار، راهنمائن جي عدم موجودگي ۽ رهبر جي مرڪزيت جي عدم دستيابي سبب انهن ڏچن ۽ ڏوجهرن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي. سياسي ۽ ملي منظر نامي تي قائداعظم محمد علي جناحرح جي عظيم الشان اڳواڻي کان ويندي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي با عظمت شهادت، محترمه بينظير ڀٽو جي لازوال فداڪاري کان وٺي پُر عزم ۽ باهمت ڪردار جي مالڪ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ وفاقي وزير خارجه نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري مثالي موجودگي واري احساس تائين ڪجهه مبهم سوالن جا معقول جواب ملي وڃن ٿا پر وقت جي تيز رفتاري ۽ تحريڪ انصاف جي نام نهاد عمران نيازي جي خونخوار پاليسين ۾ شامل هلڪن پردن ۽ کليل محلاتي سازشن جي ڊگهي سفر ۾ اهي ئي نظارا نظر ايندا ته ڦورن، فاسقن ۽ فاجرن پنهنجي لڪل يا ظاهري طاقت جي ڏڍ تي ڪڏهن به ڪو عوامي راڄ ملڪ اندر قائم ٿيڻ نه ڏنو آهي. ملڪ جو ڏتڙيل عوام به حقيقي جمهوريت کان فيضياب ٿي نه سگهيو آهي. جمهوريت کي پختو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ جي انچ انچ جي حفاظت سان گڏ عوام مهانگائي، بدامني جي طوفان ۽ بيروزگاري کان محفوظ بڻائي سگهجي. ٻئي پاسي وري ملڪي سياست جي لاهن چاڙهن تي ڊگهي نگاهه ڪجي ته معلوم ٿي ويندو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي، استحڪام عوام جي نيڪي ۽ ڀلائي سميت انهيءِ عظيم مشن جي پورائي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏ ڪري اڳتي وڌائڻ واري مرحلي ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار هڪ ٽڙيل گل جيان هر طرف سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڏيندي نظر ايندو.

شهيد راڻي اعليٰ تعليم جي مالڪياڻي، مثالي سکيا ورتل، عالمي صورتحال کان هر گهڙي باخبر رهندڙ ملڪ جي اندرين توڙي ٻاهرين حالتن کان شناسا ۽ نظرياتي سرحدن جي محافظ ليڊر هئي، هو ڄمندي ئي ڄام به هئي ته باصلاحيت به، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۾ اها خاصيت هئي ته ڪهڙي ماڻهو کي ڪهڙي هنڌ ويهاري سندس صلاحيتن مان فائدو وٺي سگهجي ٿو، هوءَ عالمي سياست جي لاهن چاڙهن کان آگاهه، عالمي نظرين، نظامن ۽ انتظامن تي گهري نظر رکندڙ ليڊر هئي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه رڳو پنهنجي والد گرامي سميت ڪٽنب جي ٻين عظيم ڀاتين جي ميتن کي پنهنجن ڪلهن تي کنيو پر ڪارڪنن جي مڇريل سمنڊ کي به سنڀالڻ جي صلاحيت رکندي هئي. هن معاملي تي سڄي ملڪ جي عام سياسي ڪارڪنن، پورهيتن، هارين، قلمڪارن، صحافين، شاعرن، وڪيلن ۽ ٻين دانشورن طبقن جي رهنمائي ڪئي. انهن کي هر هنڌ نئون حوصلو به ڏنو. عوام کي اهو به ٻڌايو ته آمرن ۽ شاطرن جو ڳاڻيٽو فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي. اهي بيوس، بدحال ۽ وائڙا به آهن. جڏهن ته هي ملڪ ماروئڙن جي امانت آهي، پيٺل طبقو مڙي مٺ ٿي اڳتي وڌي سگهاري هاٿي کي به شڪست ڏئي سگهي ٿو. سندس دل ۽ دماغ ۾ جديد تر، ترقي پسند، روشن خيال، خوشحال ۽ پُروقار پاڪستان جو نقشو موجود هو، جنهن ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو ڪو تصور به نه هجي! جنهن ۾ هر فرد کي بنيادي آزادي حاصل هجي. ڪيترن سانحن ۽ المين سان ٽمٽار اسان جي تاريخ جي اونداهن بابن ۾ ڪجهه هي سٽون به شامل آهن ته جنهن عظيم انسان هن ملڪ کي ايٽمي طاقت عطا ڪئي، عالمي طاقتن جي اشاري تي ان کي ڦاسيءَ چاڙهيو ويو، جنهن قابل ڏاهي ملڪ کي جوهري طاقت سان مالا مال ڪيو تنهن جي ان حد تائين تذليل ڪئي وئي جو هڪ ڀيري سڏڪا ڀريندي ان کي چوڻو پيو ته قدرت جيڪڏهن کيس ٻيو جنم ڏنو ته هو پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ پسند نه ڪندڙ! اهڙن ٻاجهارن ماڻهن جي ان روح رنجائيندڙ آواز تي اڄ سموري قوم شرمنده آهي. اهڙي ماحول کي قابل فخر ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو، بيشڪ هي ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، هي وطن اسان جو آکيرو آهي پر هن آکيري کي باهه لڳي آهي گهر جي ڏيئي منجهان!

شهيد راڻي جي وڇوڙي کي عددي اعتبار کان ۱۵ ورهيه ٿيا آهن پر ان جي شخصيت جا رنگ اسان جي وجود سان سلهاڙيل آهن. هو بيباڪ ۽ بي مثال هئي. هوءَ کليل لفظن ۾ دوست کي دوست ۽ دشمن کي دشمن چوڻ جو ڏانءُ رکندي هئي، وطن جي ويڙهيچن، اقليتي آبادي، مظلوم عورت، پيارن پورهيتن، اهم ادارن سميت سڀني مسئلن جي ڄاڻ ان کي ازلئون هئي، غلامي، غريبن جو مقدر نه پر آزادي انهن جي منزل آهي، ان حوالي سان هوءَ آفاقي سوچ جي مالڪ هئي.

۱۹۷۷ع کان ۲۰۰۷ع تائين هن آمريت جي ٻن خطرناڪ دورن ۾ ٻن وڏن آمرن سان مهاڏو اٽڪايو، ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۶ع ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، تاريخي تحريڪون هلايون، ڊڪٽيٽرضيا شاهي جي دور ۾ سندس ابي کي تخت دار تي لٽڪايو ويو ۽ اقتدار تي قابض ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي دور ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پاڻ عوام کان الڳ ڪيو ويو، شهيد راڻي جان جو نذرانو ته ڏنو پر ڪنهن به آمر اڳيان نه جهڪي. هن هر ڀيري سمورين فسطائي قوتن، دهشتگردن، سامراجي ڇاڙتن ۽ آمرن کي بهادري سان للڪاريو. هوءَ عوامي بغاوت کان سياسي پاسو موڙي وٺندي هئي، هن اقتدار خاطر دين کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندڙ آمرن جي چهرن تي چماٽون هنيون ۽ کين بي نقاب ڪيو.

اسان اڃا وساري نه سگهيا آهيون ته ملڪي تاريخ جي ڪارن دورن ۾ عوامي مزاحمت کي چٿڻ لاءِ ڪارڪنن ۽ قلم ڪارن مٿان ڪهڙي نموني ڪوڙا وسايا ويا جبري طور پورهيت طبقي کي سزائون مليون، آمريت جو ٻيو دور به ذلتن ۽ وحشتن سان هر هنڌ ٽمٽار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هاڻي ته تاريخ ۾ انهن آمرن جو ڪوبه ماڻهو نالو به نه ٿو وٺي ڇاڪاڻ ته ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ واري ان مقتل گاهه ۾ ڪا گهڙي اهڙي به آئي جو رت تلوار مٿان سوڀارو ٿي ويو! ۽ آمراڻيون سازشون مٽيءَ ۾ ملي ويون، هڪ زمانو، اسان کان فخر ايشيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کسيو ويو ۽ ٻئي دور ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان کسي وئي، ان جي جدائي جو غم به اسان مٿان قرض آهي! طاغوتي قوتن چاهيو هو ته اهي عوامي اڳواڻن کي مارائي پاڻ سدائين لاءِ اقتدار تي قابض ٿي ويهي رهنديون. پر وقت جي رفتار انهن مسخ ٿيل ڪردارن کي وقت جي يزيدن جيان ننگو ڪري ڇڏيو ۽ اهي هميشه لاءِ فنا ٿي ويا، گهوٽالو اڃا به قيادت جو آهي. عالمي قوتن ۽ سگهارن ادارن سدائين عوامي اڳواڻي کان ڊڄي گدڙن کي شينهن جو لباس پارائي هميشه شهرن طرف ڌڪيو آهي، انهن گدڙن ته ناچ گاني جون محفلون سجائي فقط پنهنجا ڪرتب ئي ڏيکاريا آهن ۽ وري ڪنهن نه ڪنهن منطقي انجام تي پهچي ماٺ ٿي ويا آهن. انهن جي خاڪ وڃي اتي ئي رسندي آهي جتان جو خمير هوندا آهن. عام طور تي نظريئه ضرورت تحت جمهوريت جا دشمن متبرڪ لباس اوڍي پنهنجا شومنتر ڏيکاري وري منظر تان غائب ٿي ويندا آهن. انهن وٽ ڌرڻن، پرڻن ۽ مرڻن کانسواءِ ڀلا ٻي ڪهڙي ايجنڊا آهي؟ اهي ته جمهوريت جي گاڏي کي ڊي ريل ڪرڻ گهرن ٿا. وقت ثابت ڪيو آهي ته انهن جون پاڙون عوام ۾ کتل ئي ناهن نه انهن وٽ عدل آهي، نه ئي انصاف، نه اهي اسلام سان سچا آهن ۽ نه ئي وطن سان وفادار! هتي ته ڪامياب اهي ئي ٿيندا آهن جيڪي سرمحفل دار کي چُمي وٺندا آهن. هو پنهنجي ريٽي رت سان پنهنجي گواهي ڏيندا آهن. اهي عشق کان ڪم وٺندا آهن.

آتش نمرود ۾ ڪود پڙا عشق

عقل هي محو تماشا لب بام اڀي!

شهيد راڻي جو تذڪرو هميشه تازو لڳندو آهي، هوءَ ڪالهه به زنده هئي ۽ اڄ به زنده آهي. هن ٻاروتڻ کان وٺي جوڀن تائين هڪ ئي نعرو هنيو هو ته.

ميري هاٿ ۾ حق ڪا جهنڊا هي

ميري سر پر ظلم ڪا ڦندا هي

مين مرني سي ڪب ڊرتي هون

مين موت ڪي خاطر زنده هون!

هڪ اهم پهلو حڪومتي جنجال پوره جي تنگ نظر سياست جو به آهي ڇا سرمائيدار گروپ سمورا ملڪي ادارا، صنعتون، قومي معيشت جا مرڪز، دفاعي نوعيت جا ڪارخانا ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪندي هزارين پورهيتن، محنت ڪشن، مزدورن کي بيروزگار ڪري انهن جي گهرن جا ڏيئا اجهايا ۽ سندن خيال هو ته انهي ريت هو ملڪي مسئلن کي حل ڪري وٺندا. خبردار! ڀٽو ڪالهه به زنده هو ۽ اڄ به زنده آهي، بي ڪفن لاشن مان اڃا به آواز اچن پيا، اسان اڃا زنده آهيون ڪنهن به ستم گر ڦورو، رت پياڪ ٻهروپ ۽ مڪار کي هن قوم سان سنگين مزاق ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. مقدس رت وري سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي اچي ويندو. شهيد راڻي اڃا به زير ڪفن انهن ظالمن خلاف سراپا احتجاج آهي. ان جا نقش قدم اڃا موجود آهن ۽ آذان بلاول جو هر هنڌ انتظار آهي، تڏهن ئي ته صبح صادق ٿيندو. هي سحر گاهي وري هن دور جي فرعونن کي ٻوڙائي ڇڏيندي.

ضرور اڪ روز بدلي گا نظام قسمت آدم

سجي گي اڪ نئي دنيا بسي گا اڪ نيا عالم

شبستان ۾ نئي شمعين گلستان ۾ نيا موسم

ملڪ پاڪستان ۾ عوام مٿان ٿاڦيل اڳوڻي سليڪٽيڊ نيازي سرڪار مهانگائي جي دلدل ۾ غريب عوام کي غرق ڪرڻ جي رٿابندي سوچي هئي، تبديلي جي نالي تي بيروزگاري جو هڪ نئي طوفان ۾ ادارن مان هزارين پورهيت، مزدور بيروزگار ڪيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ شهيد جهموريت محترمه بينظير ڀٽو جو لخت جگر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي بهتر معاشي، خارجي ۽ اندرين بهتر پاليسين ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام جي معاشي ۽ ترقي جي خوشحالي جي اميد، هڪ نئون سج اميد ٿي اڀريو آهي ۽ ملڪ کي هڪ وڏي دلدل کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوجوان قيادت هڪ واحد رستو آهي، سندس خارجه پاليسن جي بدولت ماضي جي حڪمرانن پاران ڪيل غلطين کي پنهنجي صلاحيتن آهر درست هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي، سندس شهيد والده محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس ناني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ راهه مشعل آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پوئلڳن جو انگ ۽ عقيدت مندن جي هڪ ڊگهي فهرست ۾ واڌارو ۲۷ ڊسمبر شهيدن جي مزارن ڳڙهي خدا بخش جي عوامي مجموعن مان لڳائي سگهجي ٿو، شهيد راڻيءَ جو ڇڏيل مشن ئي ملڪ ۽ عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جو ضامن آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي جدوجهد

ايڊيٽوريل

بينظير ڀٽو جي سموري زندگي عوامي حقن جي لاءِ جدوجهد سان ڀري پئي آهي. هن به پنهنجي والد وانگر حياتي قربان ڪري حقيقي عوامي ليڊر هئڻ جو ثبوت ڏنو. سنڌ توڙي پاڪستان ۽ دنيا کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندي.

بينظير ڀٽو جي زندگي جدوجهد ۽ فڪر و فهم توڙي سياست جي حڪمت عملين جي اڀياس ڪرڻ سان هوءَ هن خطي جي هڪ غير معمولي شخصيت ثابت ٿئي ٿي. ھن پاڻ کي عالمي سطح تي هڪ مثالي ليڊر، بهادر قائد ۽ مدبر سياستدان طور مڃرايو. جيتوڻيڪ سندس زندگيءَ ۾ ڏک ۽ تڪليفون سرس هيون پر ڪنهن به موڙ تي ھن حياتي کان ڪا شڪايت نه ڪئي.

پاڻ ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي ڪراچي ۾ هڪ مشهور سياسي خاندان ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ ورتي. اعليٰ تعليم لاءِ هارورڊ يونيورسٽي جي اداري ريڊ ڪلف ڪاليج آمريڪا ۾ داخلا ورتي، جتان هن ۱۹۷۳ع ۾ گريجوئيشن کانسواءِ عالمي قانون، ڊپلوميسي، اڪنامڪس، فلسفي۽ سياست جي مضمونن ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ڊگريون حاصل ڪيون.اعليٰ تعليم کيس ماحول، دنيا، فلسفي، ڏاهپ ۽ سهپ جا سمورا سبق سيکاريا.محترمھ بينظير ڀٽو جڏھن ۱۹۷۷ع ۾ ملڪ وري تھ بيگم نصرت ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي خواھش ھئي تھ سندن نياڻي سفارتي ميدان ۾ قدم رکي،پر مائٽن جو اهو خواب اڌورو رهجي ويو.

۱۹۷۷ع وارو سال ئي ذوالفقار علي ڀٽي توڙي ملڪ ۾ جمهوريت جي ٻوٽي لاءِ ڳرو ثابت ٿيو.سامراج جي وڇايل بساط پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو.جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو.پاڪستان قومي اتحاد ۱۹۷۷ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام هڻي ملڪ گير تحريڪ ھلائي.ان کي بھانو بڻائي جنرل ضياءُالحق مارشل لا مڙهي ملڪ ۾ سياست کي شجر ممنوع قرار ڏئي ڇڏيو.

پاڪستان جي معاشري هڪ ڀيرو وري اوندهه طرف سفر شروع ڪيو. فوجي حاڪم سياسي پارٽين تي بندش وڌي، سياسي اڳواڻن کي جيل حوالي ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽي تي قتل جي بڇ جو ڪيس داخل ڪيو، ملڪ سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو. جنرل پاران روشن خيال ۽ جمهوري قوتن کي چٿڻ لاءِ ملڪ ۾ اسلامي جمهوري حڪومت جو تصور ڏنو ويو.

فوجي حڪومت ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏئي ڇڏي،اڪثر سياسي ڌريون تماشو ڏسنديون رهيون. خود پ پ جا ڪيترائي ناميارا ۽ ممتاز اڳواڻ سڌي اڻ سڌي طرح حڪمران ڌر جي مفادن لاءِ ڪم آيا. حالتن توڙي وقت بينظير مٿان ذميواري وڌي. هن اها ذميواري خوش اسلوبي سان نڀائي. حڪمرانن بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي قيد ڪري ڇڏيو. پارٽي جا ٻئي ۽ ٽئين درجي جا اڳواڻ قيد ٿيا ۽ پوءِ عظيم مقصد کان پاسيرا ٿي ويا.

۱۹۸۴ع ۾ علاج لاءِ بينظير ڀٽو کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي،پرڏيهه پهچي هن ملڪ جي سياست، عالمي سازشن جي اڻت، پارٽي بابت غور فڪر ڪيو. هاڻي هن ڪجهه طئي ڪري چڪي ھئي. بينظير ڀٽو عالمي فورمن تي پاڪستان ۾ انساني حقن جي لتاڙ، جمهوريت دشمن حڪمرانن ۽ عالمي سازشن خلاف آواز بلند ڪيو. دليلن سان ڳالھھ ڪرڻ تي دنيا کي هوءَ جي ڳالهه ٻڌڻي پئي. ۱۹۸۴ع ۾ پرڏيهه وڃڻ وقت بينظير ڀٽو اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ هڪ پيغام ڇڏي وئي هئي ته هوءَ تڪراري محاذ آرائي واري سياست نٿي چاهي. هوءَ ۱۹۸۶ع ۾ وري وطن موٽي آئي.عوام جي وڏي اڪثريت لاهور ۾ بينظير جي آجيان ڪئي.

۱۹۸۵ع ۾ غير جماعتي چونڊن کان پوءِ ٺهيل سينيٽ جو چيئرمين بدنام زمانه بيورو ڪريٽ غلام اسحاق خان هو. جيڪو اسٽيبلشمينٽ جو اھم مهرو هو. قائم مقام صدر ٿيڻ کان پوءِ غلام اسحاق خان اڳ ئي اعلانيل عام چونڊن ڪرايون..

۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع تي ٿيل چونڊن ۾ پ پ کي سادي اڪثريت ملي. گهڻي تڪرار کان محترمه بينظير ڀٽو ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي وزارت اعظميٰ جي عهدي تي فائز ٿي..هوءَ پاڪستان جي پهرين خاتون وزيراعظم ٿي. گڏوگڏ هوءَ اسلامي ملڪن جي به پهرين خاتون وزيراعظم ٿي.جيڪو بھ عوام جي ويرين کان ھضم نھ ٿيو، ۱۹۹۰ع ۾ مسلم ليگ ن کي اقتدارڏنو ويو پر طاقتور ڌرين ۽ سول حڪومتن وچ ۾ اختيارن جي ورڇ بابت تڪرارن ملڪ کي بحرانن جي ور چاڙهي ڇڏيو.

۱۹۹۳ ۾ پ پ پ کي حڪومت ملي پر ۱۹۹۷ع ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر مسلم ليگ ن کي اقتدر ۾ آندو ويو. ۱۹۹۹ع تي فوج ۽ چونڊيل حڪومت ۾ تڪرار تيز ٿي ويو ۽ عسڪري قوتن نواز شريف کي قيد ڪري ڇڏيو. آئين معطل ڪرڻ کان پوءِ عارضي آئيني حڪم تحت آمريڪا جي مهري جنرل پرويز مشرف ملڪي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. جنرل ضيا جي پوکيل فصل جي سنڀال ۽ رکوالي لاءِ چوٿين جنرل ملڪ جي کي وري پوئتي ڌڪي ڇڏيو.

۱۹۹۷ع واري مسلم ليگ ن ۽ ان بعد آمر مشرف جي انتقامي ڪارروائي محترمھ جي حوصلن کي پست نه ڪري سگهي.ھنن سندس ور آصف علي زرداري کي قيد ڪيو ان بعد پوءِ هن ڪجهه وقت پنهنجي ٻارن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ڪڍيو. هوءَ دبئي ۾ جلاوطن زندگي گهارڻ لڳي.

ھڪ وقفي بعد بينظير ڀٽو ميان نواز شريف ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي ميثاق جمهوريت تي متفق ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.بينظير ڀٽو ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي وطن پهتي ته عوام سندس مانائتو ۽ شانائتو آڌرڀاءُ ڪيو.لکين ماڻهن بينظير ڀٽو جي وطن آمد واري واقعي کي غيرمعمولي بڻائي ڇڏيو پر ويرين ڪارساز وٽ ھن جي قافلي تي خوني حملو ڪرايو جنهن ۾ اٽڪل ۶۰۰ ڪارڪن شهيد ٿيا.

بينظير ڀٽو سياسي تدبر، سهپ ۽ ادراڪ جو مظاهرو ڪندي فوجي حڪومت کي وائکو ڪرڻ شروع ڪيو.سندس سياسي بلوغت کان ڊنل سازشي ڌرين انتهاپسندن کي هٿياربند ڪري ميدان ۾ لاٿو. جمهوريت جي علامت بڻجي ويل محترمه بينظير ڀٽو سان سياسي طور مقابلو نه ڪري سگهڻ تي هنن ڀاڙي جي ماڻهن کان اهو ڪم ورتو. ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ تي انسانيت، عوامي حقن ۽ جمهوريت جي علمبردار عالمي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو کي قتل ڪري ڇڏيو.

محترمھ جي شھادت بعد سندس قتل جي جاچ بابت ھن وقت بھ سوين سوال آھن،جن جا جواب اڃان تائين نھ ملي سگھيا آھن، جنھن تي ڪيترائي ئي مبصر پ پ پ تي پڻ انھن سوالن جي جواب نھ ڏيڻ تي تنقيد ڪن ٿا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


بينظير جي شخصيت ۽ بينظير جي سياست

اعجاز منگي

بينظير ڀٽو جي شخصيت ائين ھئي، جيئن بھار جي مند!

لطيف لکيو آھي:

”ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھھ، اچي بوءِ بھار جي“

اھي الڳ ئي انسان ھوندا آھن، جن مان بسنت جي رت جي خوشبوءِ ايندي آھي. بينظير اھڙن خوبصورت انسانن مان ھڪ ھئي. پر ان ۾ ھن جو پنھنجو ڪو ذاتي ڪوشش ڀريو ڪردار نھ ھو.

سنڌ ۽ ايران جي سنگم مان جنم وٺندڙ بينظير ۾ سنڌ جو سڳنڌ بھ ھو ۽ اھو ڪجھھ بھ ھو، جيڪو ايران ۽ ايران جي عاليشان شھر اصفحان جي بھار ۾ ھوندو آھي. ھن جي مٽي موھن جي دڙي جي ھئي. جنھن جي باري ۾ ھن جو والد ھن کي ھر وقت پيو احساس ڏياريندو ھو. ھن کي جيل مان اماڻيل خطن ۾ بھ ھو لکي موڪليندو ھو تھ ”تون ھڪ عظيم ثقافت جي وارث آھين“ پر عظيم ثقافت صرف سنڌ تائين محدود نھ ھئي. عظيم ثقافت جي امين ايران جي اھا سرزمين بھ آھي، جيڪا ھن مھل ڀلي مذھبي جبر جي ھيٺ ھجي پر ڪڏھن ان ملڪ جا مئھ خانا ۽ مئھ پرست، انھن جا سھڻا ساقي ۽ انھن جا سج چنڊ جھڙ اجرا پيالا ۽ انھن جا حسين جسمن کي لرزائيندڙ رقص، انھن جون جنگيون، انھن جا جنون ۽ انھن جون تصويرون ۽ انھن جا تراشيل مجسما ۽ سڀ کان وڌيڪ ھن جي دلربا شاعري!! حافظ، عمر خيام ۽ قرت العين طاھره! ڇا ڇا نھ رھيو آھي، ايران وٽ!! ڪڏھن ڪڏھن تھ محسوس ٿيندو آھي تھ ڄڻ ايران جو قومي پس منظر ڪا حقيقي تاريخ نھ ھجي پر ھڪ تخليق ڪيل قصو ھجي. ڪا فينٽسي (Fantasy) ھجي.

ھڪ طرف ايران تمام گھڻو حسين ھو ۽ ٻي طرف ذوالفقار علي ڀٽو تمام گھڻو باذوق ھو. ان حسن ۽ حسن پرستيءَ گڏجي ”ڀٽو خاندان“ جو بنياد وڌو. ان حوالي سان بينظير ڀٽو جي شخصيت ۾ اھا ڪشش پيدا ٿي، جيڪا ڀونئور ۽ ڪنول جي گل ۾ ھوندي آھي. پر ان ”حسن اتفاق“ جو سھرو بينظير ڀٽو جي سر مٿان ناھي. اھو ڪارنامو ھن جي والد سرانجام ڏنو. جيڪڏھن ذوالفقار علي ڀٽو ايران جي نصرت اصفحانيءَ سان شادي نھ ڪري ھا تھ اھو خاندان سنڌ جي ھزارن ۽ لکن ڀٽن جيان ڀٽڪندو رھي ھا ۽ ان ۾ قطعي طور تي اھا ڪشش پيدا نھ ٿئي ھا، جيڪا اڌ صديءَ کان وٺي پاڪستان جي ”پھچان“ بڻجي رھي آھي.

ڀٽي خاندان جي خوبين ۽ خوبصورتين جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ئي ملڻ گھرجي ۽ ان سلسلي ۾ اھا ڳالھھ بھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي تھ ڀٽي خاندان اھو خوبصورت ٻار پيدا نھ ڪيو، جنھن جو نالو بينظير ھو. پر زيڊ اي ڀٽو جا سمورا ٻار مجموعي طور تي سڀ کان وڌيڪ پيارا نيارا ھئا. ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ بينظير ڀٽو خوبصورت شخصيت جي مالڪ ھئي پر ڇا ھن جو ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽو ڪنھن کان گھٽ ھو؟ جيڪڏھن ايمانداريءَ سان ڏٺو وڃي تھ پنھنجي ڪشش ۽ پنھنجي حسين وجاھت ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنھنجي وڏي ڀيڻ کان ٻھ نھ پر ٻارنھن رتيون سرس ھو. افسوس تھ ھن جي جوانيءَ جي جھلڪ کان ھي ديس گھڻي ڀاڱي محروم رھيو.

سو! ان حوالي سان سونھن جي سلسلي ۾ ڀٽو خاندان جا ٻار پنھنجي والدين جا شڪرگذار ھجڻ گھرجن. ڇو تھ سنڌ ۽ ايران جي پيوندڪاريءَ وارو ڪارنامو صرف زيڊ اي ڀٽو سرانجام ڏنو ھو.

۽ اھا ڳالھھ صرف ظاھري سونھن تائين محدود ناھي. پر اھا سونھن جيڪا اسڪن ڊيپ (Skin Deep) ھوندي آھي. اھا سونھن جيڪا ڪنھن شخص جي شخصيت جي اڻ ڳڻين پھلوئن مان پڌري ٿيندي آھي، اھا سونھن بھ ان ماحول جي پيداوار ھئي، جيڪو ماحول ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي خاندان کي ڏنو. اھو گھر ھاڻي بھ پاڪستان جي سياسي تاريخ جو عجائب گھر آھي، جنھن گھر ۾ صرف خوبصورت ۽ ڪشادي لان نھ ھئي پر ان ۾ ديس وديس جا من موھن ٻوٽا بھ ھئا. اھي گل به ھئا، جن جا ٻج فرانس ۽ اٽليءَ مان ھو پاڻ وٺي ايندو ھو. ان گھر جو آرڪيٽيڪچر جيڪو ھن دور جي فرينچ آرڪيٽيڪٽ ڊزائين ڪيو ھو ۽ اھي در دريون ۽ اھي فرش ۽ ديوران تي ڪاٺ جا ڪم ۽ اھي سفيد ماربل ۽ انھن جي خاص ڊزائن، اھو سڀ سٺو ھو ۽ اھو ڪجھھ ٻين گهرن ۾ بھ ھو پر ٻين گھرن ۾ اھا لائبريري نھ ھئي ۽ نھ آھي، جيڪا صرف ذوق مطالعھ جو نمونو پيش ڪرڻ لاءِ قائم نھ ڪئي وئي پر اھا لائبريري واقعي بھ ھن ملڪ جي انھن ڪجھھ چونڊ ڪتب خانن مان ھڪ آھي، جنھن ۾ ويھي مطالعھ ڪري سمجھي سگھجي ٿو تھ ھي ديس ڇا آھي؟ ھي ديس ڇا ٿو چاھي؟؟

ڪنھن گھر کي مخصوص ماحول فراھم ڪرڻ جي سلسلي ۾ صرف ڪتاب ڪافي نھ ھوندا آھن. ڪتابن جو وجود پيسو (Passive) ھوندو آھي. ھڪ خاندان جي شخصيت جي جوڙجڪ ۾ اھم ڪردار ھوندو آھي، گھر جي ڀاتين جو پاڻ ۾ تعلق ۽ ان گھر ۾ ايندڙ مھمانن کي ملندڙ تھذيب ڀريو تڪلف!! اھي خوبيون نھايت خوبصورت طرح سان ڀٽو خاندان جي شخصيت ۾ ايئن ٽاڪجي ويون، جيئن ڪنواري ڪپڙي مٿان شيشي جا ڪاوا ٽاڪايا ويندا آھن.

بينظير ڀٽو جي حوالي سان اسان کي اھا ڳالھھ بھ ذھن نشين ڪرڻي پوندي تھ ھوءَ پنھنجي پيءُ جي وڏ ور ڌيءَ ھئي. ھوءَ پنھنجي خاندان جو پھريون ٻار ھئي. ان ڪري ان طرف سموري خاندان جو پيار ۽ پاٻوھھ ڀريو لاڙو نھايت لازمي ھو. ان پيار ۽ ان اھميت جا بھ بينظير جي شخصيت تي اثر پيا. ھن تي غيرملڪي مھمانن، انگريز ۽ جرمن سفارتڪارن ۽ پنھنجي پنھنجي فيلڊ ۾ پنھنجو ڪو جوڙ ۽ ثاني نھ رکندڙ مھمانن جو محبت ڀريو رويو بھ شامل ھو. ان ۾ اھا اھميت بھ ھئي، جيڪا ھڪ پاپولر وزير اعظم جي سنھڙي سياڻي ڌيءَ ۾ ھجڻ گھرجي. خاص طور تي ان حوالي سان جڏھن ھن جو والد ھن کي پاڻ سان اھم غيرملڪي دورن ۾ وٺي ويندو ھو. ان کان سواءِ جنھن دور ۾ بينظير ڀٽو سميت ذوالفقار علي ڀٽو جا ٻار وڌي ويجھي رھيا ھئا. اھو ستر جي ڏھاڪي جو سھڻو ۽ سرڪش دور ڪنھن بھ طور تي فراموش ڪري سگھڻ جھڙو ناھي. اھي گيت، اھي سنگيت، اھي گوريلا، اھي باغي رويا ۽ انقلاب جا آواز!! اھو سڀ ڪجھھ ڪنھن جادو نگريءَ کان گھٽ نھ ھو.

ان طلسماتي شام مان پرگھٽ ٿيا ھئا، ڀٽي فيمليءَ جا ٻار ۽ انھن ٻارن جي مھندار انھن جي وڏي ڀيڻ بينظير ڀٽو ھئي. ان حوالي سان بينظير ڀٽو ۾ اھي سموريون خوبيون ھيون، جيڪي ھڪ انسان جي شخصيت کي خوبصورت بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نھ ڇڏينديون آھن.

بينظير ڀٽو پنھنجي خانداني پسمنظر سبب تمام گھڻي سھڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري ھئي ۽ جيڪڏھن ھن ۾ بھادري بھ ھئي تھ اھا بھادري ھن جو خانداني گڻ ھئي. ڇو تھ اھا سونھن ۽ سرڪشي صرف بينظير تائين محدود نھ ھئي. ان سلسلي ۾ اھو نھ ھو، جنھن کي ڀٽائيءَ ان بيت جي سٽ ۾ سمائي پيش ڪيو آھي تھ:

”مٽي ان مڪان، اصل ھئي ايتري“

صنم ڀٽو، ننڍي ۽ نھايت حساس ڇوڪري ھئي. ان جو مثال ڪجھھ مختلف ٿي سگھي ٿو. پر بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاھنواز ڀٽو پنھنجي جوھر ۾ ڀٽي خاندان جا مثالي ٻار ھئا. خوبصورت ۽ خطرن سان کيڏڻ وارا ۽ اھا ونڊ مير مرتضيٰ ۽ شاھنواز ۾ وڌيڪ آئي پر ائين بلڪل بھ ناھي تھ ڪو بينظير ان مان بنھھ محروم رھي.

بينظير ڀٽو جي شخصيت ۾ ھڪ طرح جي من موھه ڪشش ھئي. ھن جي شخصيت ۾ تمام گھڻي عوام دوستي ۽ انسان دوستي ھئي. ۽ ھن جي سياست ۾ بھ پنھنجي طرز جي بغاوت ھئي پر اھا ابتدا ۾ ھئي.

سياست جي حوالي سان اسان بينظير ڀٽو کي ٻن دورن ۾ ديکي سگھون ٿا. ھڪ دور بينظير جي شاديءَ کان اڳ وارو ۽ ٻيو دور بينظير جي شاديءَ جو پوءِ وارو!!

بينظير جي ذاتي شخصيت ۾ تھ ھڪ قسم جو سحر ھو پر ھن جي سياسي شخصيت سبب ھن جي حياتيءَ ۾ ئي ھن کان ھن جا جذباتي ساٿي الڳ ٿيڻ لڳا ھئا. ڇو تھ ھن مٿان ھن جي گھر واري آصف زرداريءَ جو گھڻي کان گھڻو اثر ٿيندو ويو. ان حد تائين جو بينظير سان ملاقات لاءِ آيل ڪيترائي معتبر اڳواڻ آصف زرداريءَ سان ملي ھڪ طرح جو توھين آميز احساس محسوس ڪندا ھئا ۽ انھن ۾ ھڪ قسم جو پڇتاءُ بھ پيدا ٿي پوندو ھو.

بينظير ڀٽو جي سياسي شخصيت مٿان جيڪڏھن ڪنھن شخص منفي اثر وڌو تھ اھو شخص آصف زرداري ھو. اھو آصف زرداري جيڪو اھي شرط قبول ڪري بينظير جو جيون ساٿي بڻيو ھو تھ ھو ڪنھن بھ طرح سان سياست ۾ مداخلت نھ ڪندو پر ھن جي مداخلت پيپلز پارٽيءَ جو اھو حشر ڪري ڇڏيو جو ان مان اھو ڏنگ ئي نڪري ويو، جيڪو ھن پارٽيءَ جي سڃاڻ سمجھيو ويندو ھو.

بينظير ڀٽو کي ميان نواز شريف جھڙي سياست اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ وارو ڪردار ڪنھن جو ھو؟ اھو سوال سياست جي پرائمري پيپر جو سڀ کان سولو ۽ آسان جواب آھي. گوريلي مان صحافي ۽ صحافيءَ مان پي سي بي جو ڪامورو ٿي ويندڙ پنجاب جو اڳوڻو وزير اعليٰ نجم سيٺيءَ جي گھر واري جگنو محسن، بينظير ڀٽو جي تمام پياري ۽ بي تڪلف دوست ھئي. جگنو محسن پنھنجي ھڪ انٽرويو ۾ چيو آھي تھ اھو سڀ ڪجھھ منھنجي لاءِ تمام گھڻي تڪليف وارو عمل ھو، جڏھن بينظير ڀٽو پنھنجي ماضيءَ جي سياست کي خير آباد چئي ميان نواز شريف جھڙي سياست جو رستو اپنائڻ جو اعلان ڪري رھي ھئي. اھو اعلان جگنوءَ محسن ان وقت ٻڌو جڏھن ھوءَ پنھنجي گھر جي ڊرائينگ روم ۾ پنھنجي فخر جوڳي دوست لاءِ ڪافي ٺاھي رھي ھئي.

بينظير ڀٽو جي شخصيت سدائين وڻندڙ رھي. ھن جي ذاتي شخصيت جو آخر تائين صحافين مٿان اثر پيو رھيو پر جڏھن بھ سياست جي ڳالھھ ايندي ھئي، تڏھن بينظير جي پرستارن جي ڳلن مٿان ڳوڙھا ڳڙي پوندا ھئا. ڇو تھ ھن جي ذاتي شخصيت جيتري وڻندڙ ھئي، ھن جي سياسي شخصيت ايتري ئي اڻ وڻندڙ ھئي. بينظير ڀٽو پنھنجي ذاتي شخصيت ۽ پنھنجي سياسي شخصيت ۾ تمام گھڻو تضاد رکندڙ شخصيت ھئي.

افسوس! تھ اھو تضاد جدلياتي بھ نھ ھو.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


بينظير ڀٽو

’پنڪي‘ کان پرائم منسٽر تائين

جعفر رضوي

۲۴ سال پهرين ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي بينظير ڀٽو بطور وزيراعظم پاڪستان پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو، جنهن کانپوءِ هوءَ نه صرف پاڪستان بلڪه عالمِ اسلام جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي هئي. ۲۱ جُون ۱۹۵۳ع جا چڱا گرم ڏينهن ڪراچي جي ’پنٽوز نرسنگ هوم‘ ۾ اُن نياڻيءَ جي پيدائش تي گهروارن سميت نرسنگ هوم جي عملي جا ميمبر به تمام گهڻا خوش هئا. پنهنجي هن پهرين اولاد کي والد ’پنڪي‘ ۽ والده ’بي بي‘ جي شروعاتي نالن سان سڏيو، پر اداري جي رڪارڊ ۾ نياڻيءَ جو نالو بينظير ڀٽو درج ڪيو ويو، جيڪو اُن نياڻيءَ جي هڪ جوان (مرحومه) پڦيءَ جي نالي تي رکيو ويو هو. بينظير ڀٽو جو والد ذوالفقار علي ڀٽو اشرافيه طبقي سان تعلق رکندو هو. ۱۹۴۳ع ۾ هُن جي پهرين شادي شيرين امير بيگم سان ٿي ۽ سيپٽمبر ۱۹۵۱ع ۾ ٻي شادي ڪرد ڄائي ايراني عورت نصرت ڀٽو سان ٿي. نصرت ڀٽو ايران جي شهر اصفهان سان تعلق رکندي هئي ۽ هُن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو جا چار ٻار هيا، جن مان بينظير ڀٽو کان علاوه مير مرتضيٰ، صنم ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو شامل هئا. بينظير ڀٽو شروعاتي تعليم ’ليڊي جينگز نرسري‘ ۽ پوءِ ’ڪونونٽ آف جيسز اينڊ ميري‘ ڪراچي مان حاصل ڪئي. پوءِ ۲ سالن جي لاءِ هوءَ راولپنڊي پريزنٽيشن ڪونونٽ ۾ زيرِ تعليم رهي، جنهن کانپوءِ هن کي مريءَ جي ’ڪونونٽ آف جيسس اينڊ ميري‘ موڪليو ويو. ڊسمبر ۱۹۶۸ع ۾ ۱۵ سالن جي بينظير ڀٽو امتيازي ڪارڪردگيءَ سان او ليولز جو امتحان پاس ڪيو ته هُن کي اپريل ۱۹۶۹ع ۾ پوليٽيڪل سائنس جي انڊر گريجوئيٽ ڊگريءَ جي لاءِ امريڪا جي هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊ ڪلف ڪاليج موڪليو ويو. ۲۰۰۸ع ۾ شايع ٿيڻ واري انڊين ڄائي برطانوي صحافي شيام ڀاٽيه جي ڪتاب ’گُڊ باءِ پرنسز‘ ۽ بروڪ ايلن جي مطابق ۱۹۷۱ع ۾ هُن جي هارورڊ جي طالب علميءَ جي زماني جي دوران ئي جڏهن ذوالفقار ڀٽو پاڪ- انڊيا جنگ جي معاملي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگيءَ جي لاءِ نيويارڪ پهتو ته هُن بينظير ڀٽو کي به اُتي سڏرائي ورتو. تربيت جي اهڙن ئي موقعن جي ذريعي ذوالفقار ڀٽو بينظير کي پرڏيهي معاملا سمجهايا.

سال ۱۹۷۲ع ۾ بينظير ڀٽو هڪ ڀيرو وري پاڪستان-ڀارت ڳالهين ۾ والد سان گڏ نظر آئي. هن ڀيري هوءَ مشهورِ زمانه شمله معاهدي جي تقريب ۾ شرڪت جي غرض سان ڀارت پهتي، جتي هوءَ پهريون ڀيرو وزيراعظم اندرا گانڌيءَ سان به متعارف ٿي. هي ذوالفقار علي ڀٽو جي مسلسل رهنمائيءَ ۾ جاري هُن جي سياسي تربيت جو اهڙو موڙ هو، جڏهن هُن کي ريڊيو ۽ اخبارن تي مشتمل انڊين ميڊيا جي توجهه حاصل ٿي. ايتري گهٽ عمر ۾ پاڻ تي پريس اُن توجهه کي پاڻ بينظير ڀٽو پنهنجي ئي لفظن ۾ ائين واضح ڪيو ته ’آئون نئين نسل جي علامت هيس، آئون آزاد پاڪستان ۾ پيدا ٿيس، انهيءَ لاءِ آئون انهن تمام پيچيدگين ۽ تعصبن کان پاڪ هيس، جيڪا هندستان جي ورهاست جي خوني سانحي ۽ صدمن جي نتيجي ۾ ڀارتين ۽ پاڪستانين کي جدا ڪري چُڪا هئا.‘ ۱۹۷۳ع ۾ هارورڊ مان تعليم مڪمل ٿيڻ تي بينظير فلسفي، سياسيات ۽ معاشيات جي تعليم جي لاءِ برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ليڊي مار گريٽ هال ڪاليج جو رُخ ڪيو، جتي هوءَ سڪينڊ ڪلاس ۾ ڪامياب ٿي سگهي. پوءِ والد جي اصرار تي هُن آڪسفورڊ يونيورسٽي جي هڪ ٻئي اداري سينٽ ڪيٿرينز ڪاليج مان بين الاقوامي قانون ۽ سفارتڪاريءَ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري به حاصل ڪئي. ۱۹۷۴ع ۾ بينظير کي اُن وقت معمر قذافي، انور السادات، شاهه حسين ۽ شاهه فيصل جهڙن مسلم اڳواڻن سان ملاقات جو موقعو اُن وقت مليو، جڏهن هوءَ لاهور ۾ پنهنجي والد سان گڏ اسلامي تعاون تنظيم جي سربراهي ڪانفرنس ۾ شريڪ هئي. هارورڊ ۽ آڪسفورڊ جهڙن ادارن جي اعليٰ تعليم ۽ گهٽ عمريءَ ۾ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون بينظير ڀٽو جي سياسي تربيت کي وڌيڪ نکاري ڇڏيو. جُون ۱۹۷۷ع ۾ آڪسفورڊ مان تعليم مڪمل ٿيڻ تي هوءِ اُن نيت سان گڏ وطن واپس پهتي ته هوءَ والد ۽ اُن وقت پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي آفيس ۾ قائم، گڏيل مفادن جي بين الصوبائي ڪائونسل ۾ خدمتون به انجام ڏيندي ۽ پاڪستاني پرڏيهي آفيس ۾ ملازمت جي لاءِ مقابلي جي امتحان ۾ به شريڪ ٿيندي، پر قسمت کي ٻيو ڪجهه منظور هو. ۳۰ ڊسمبر ۱۹۸۵ع تي جڏهن جنرل ضياءَ مارشل لا جي خاتمي جو اعلان ڪيو، تڏهن بينظير ڀٽو به وطن واپسيءَ جو فيصلو ڪيو پر پارٽيءَ جي ڪجهه ميمبرن جو موقف هو ته بينظير ڀٽو اقتدار کي فوقيت ڏيندي ذوالفقار ڀٽو جي سياسي روش ترڪ ڪري پاڪستان جي طاقتور فوج ۽ سياست جي فيصلي سازن يعني اسٽبلشمينٽ سان سمجهوتو ڪري ورتو آهي. هُن جي ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽو جو موقف به اهو ئي هو. بينظير ڀٽو سياسي عمل جو حصو بڻجڻ جي لاءِ ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي وطن واپس پهتي ته لاهور ۾ هُن جو شاندار استقبال ڪيو ويو، جنهن ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿيا. اُن شاندار استقبال ۽ سياسي ڪاميابيءَ کانپوءِ بينظير ملڪ جا طوفاني دورا ڪيا ۽ زبردست سياسي حمايت حاصل ڪئي پر کيس هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪري ڪراچيءَ جي لانڍي جيل ۾ قيد ڪيو ويو.

آزادي ملي ته هُن سياسي سرگرمين جو آغاز ته ڪيو ئي پر گڏوگڏ ۱۸ ڊسمبر ۱۹۸۷ع تي آصف علي زرداري سان شادي ڪري هڪ نئين زندگي جي شروعات به ڪئي. هُن تي لکيل ڪتابن جي مطابق اها ’ارينجڊ ميرج‘ هئي ۽ آصف علي زرداري نصرت ڀٽو جي چونڊ هو. ۲۱ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي بينظير ڀٽو جي پهرين اولاد ۽ پارٽيءَ جو موجوده شريڪ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ولادت کان پهرين ڪيترن ئي مهينن جي حامله بينظير جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي ڀرپور چونڊ مهم هلائي، جيڪا بلاول ڀٽو جي ولادت کانپوءِ به جاري رهي. ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو پاڪستان جي وزيراعظم جي طور تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. بروڪ ايلن جي مطابق هوءَ پاڪستان جي روشن خيال حلقن جي لاءِ اُميد جو ڪِرڻو هئي ۽ اها ئي ڳالهه پاڪستان جي ممتاز صحافي دانشور غازي صلاح الدين به چوندو آهي. خابرو ادارن سان ڳالهه ٻولهه ۾ غازي صلاح الدين چيو ته ’اُن ڏينهن پهريون ڀيرو اُميد پيدا ٿي ته هاڻ پاڪستان روشن خيالي، ترقي ۽ ڪاميابي جي رستي تي نڪري پوندو.‘ فرحت الله بابر جي مطابق بينظير ڀٽو انتهائي ’خدا ترس ۽ خوش اخلاق انسان هئي.‘ هُن جي مطابق ’جڏهن جنرل ضياءُ الحق جي گهرواريءَ جي وفات ٿي ته هوءَ وزيراعظم هئي ۽ هُن پنهنجي ملٽري سيڪريٽري کي چيو ته (جنرل ضياءَ جي پُٽ) اعجاز الحق سان رابطو ڪريو، جيڪڏهن هُن کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت آهي يا ڪو ڪم آهي ته پُڇي وٺو. سواءِ فيصل مسجد جي جنرل ضياءَ جو خاندان ڪنهن به خاص جڳهه تي دفنائڻ چاهي، تڏهن به پُڇي وٺو. فرحت الله بابر چوي ٿو ته ’پنهنجي پيءُ جو تختو اونڌو ڪري ڦاسي تائين پهچائڻ واري سان اهڙو سلوڪ ڪرڻ جي لاءِ تمام وڏي دل گهرجي.‘ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع ۾ جلاوطني ڪرڻ وارو مير مرتضيٰ ڀٽو ڀيڻ جي پهرئين دورِ حڪومت ۾ به واپس نه آيو. مير مرتضيٰ ۽ بينظير ۾ سياسي وارثت جي ڪشمڪش شدت سان جاري رهي. مرتضيٰ ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري تي پارٽي نظريي کان انحراف سان گڏوگڏ بدعنواني جا الزام به لڳائيندو رهيو. بدعنواني ۽ اقرباپرويءَ جي اهڙن ئي الزامن جي بنياد تي صدر غلام اسحاق خان ۶ آگسٽ ۱۹۹۰ع تي هُن جي حڪومت کي برخاست به ڪري ڇڏيو. پر بينظير ڀٽو ۸ آڪٽوبر ۱۹۹۳ع جي چونڊن ۾ ٻيهر پاڪستان جي وزيراعظم بڻي. ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۹۳ع تي جڏهن مرتضيٰ ڀٽو پي ايس ۳۱ لاڙڪاڻي جي پنهنجي اباڻي تڪ تان صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي وطن واپس پهتو ته دهشتگرديءَ جي الزام تحت کيس گرفتار ڪيو ويو. پارٽي جي انهيءَ اندروني ڪشمڪش جي نتيجي ۾ ۱۰ جنوري ۱۹۹۴ع تي بينظير تي آخرڪار پنهنجي والده کي عهدي تان هٽائي پاڻ پارٽي جي سربراهه چونڊجڻ ۾ ڪاميابي ته ٿي وئي پر ڀٽو خاندان جي وچ ۾ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي اها سياسي ڪشمڪش مرتضيٰ ڀٽو جي موت تائين جاري رهي. فرحت الله بابر جي مطابق بينظير پنهنجي خاندان، والدين ۽ ڀائرن سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي ۽ جڏهن مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جو واقعو ٿيو ته پاڪستان جي وزيراعظم هوندي اُن حالت ۾ اسپتال پهتي جو هڪ پير ۾ جُتي ۽ مٿي تي رئو نه هو. ’بي بي ته پنهنجي والده جي يادداشت رڪارڊ ڪرائڻ جو ڪم به منهنجي سپرد ڪيو ته ايف بي توهان وقت ڪڍو، اُن کان پڇو، کاڌي تي چانهه تي وقت گذاريو ۽ اُن جي يادداشت رڪارڊ ڪريو، جڏهن به هوءَ ذوالفقار ڀٽو کي ياد ڪندي هئي ته هُن جون اکيون نم ٿي وينديون هيون.‘

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




هـوءَ هر گهڙي بينظير هئي

مولائي ملاح

ها! ۲۱ جون جو ڏهاڙو به ۲۷ ڊسمبر کانپوءِ هاڻ ته ڄڻ ڏکارو ڪرڻ لاءِ ئي ايندو آهي. اڄ اکڙين جي ڪنارن جا بند ٽوڙيندا نيڻن جي ڇپرن مان ٽمي پون ٿا. اهڙي سمي اچڻ سان يادن جون دريون جتان محترمه جي جنم کان جوانيءَ ۽ جوانيءَ کان شھـادت تائين جا سنھـري پل ڏسجن ٿا.

بيگم نصرت ڀٽو، جڏهن پھـريون ڀيرو اميد سان ٿي ته اهڙي خبر ٻڌندي ئي ذوالفقار علي ڀٽو جي خوشيءَ جي ڪائي حد نه رهي. نيٺ اهو ڏهاڙو به آيو جڏهن ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي آچر جي شام جو ۸ وڳي ڊاڪٽر پنٽوءَ جي اسپتال ڪراچيءَ ۾ گلابي رنگت ۽ سنھـري وارن واري سنھـڙي، ۽ سھـڻي بينظير ڀٽو ماءُ جي هنج ۾ آئي؛ مٿس مائٽن، عزيزن ڪيترائي نالا رکيا پر سندس ڏاڏيءَ ۽ ڏاڏي جو چونڊيل نانءُ (سندن مرحومه نياڻي جيڪا پونا ۾ پوريل آهي) ئي آخري ثابت ٿيو، سندس نالو بينظير رکيو ويو جنھـنجي معنى “بي مثال” آهي.

بينظير جي ولادت وقت ڀٽو صاحب لنڊن ۾ هو جتي شھـزادي اليزبيٿ شاهي خاندان جا فرد ۽ ٻين ملڪن کان آيل سربراهه “ويسٽ منسٽر” ۾ ان جي تاج پوشيءَ جي شاندار تقريب ۾ گڏ ٿيا هيا. بيگم ڀٽو پنھـنجي يادگيرين ۾ ٻڌائي ٿي ته:“ ڀٽو صاحب بينظير جي پيدائش جي ڪجھ ڏهاڙن کانپوءِ پاڪستان آيو، ان جڏهن پنھـنجي ڌيءُ کي ڏٺو ته جذباتي ٿيو هيو. ان وقت هو ڪافي وقت تائين پنھـنجي ڌيءُ جا هٿ ۽ چھـرو ڏسي رهيو هو، اهو پيءُ جو ڌيءُ سان پھـرين نظر جو عشق هيو. پوءِ ٽن ٻارن جي ڄمڻ کان پوءِ به ڀٽو جي بينظير سان محبت وڌندي رهي. ڪو به اهم واقعو هجي، شمله معاهدو هجي يا گڏيل قومن جو اجلاس هجي. سندس والد اهوئي چاهيندو هيو ته بينظير ساڻس گڏ هجي. ”ننڍڙي بينظير جا سنھـري وار، چھـري جي گلابي رنگت ڏسي سندس پڦي کيس ‘پنڪي’ pinki پڪارڻ لڳي. ان ڏهاڙي کانپوءِ پڦيءَ جي پنڪي سڀني گھر ڀاتين سان گڏ پاپا جي پنڪي سڏجڻ لڳي. کيس زندگيءَ ۾ پھـريون ڏک ۱۹۵۸ع ۾ ڏاڏي شاهنواز ڀٽو جي وڇوڙي تي مليو. ان جي هڪ سال کانپوءِ سندس ڏاڏي به وفات ڪري وئي.

بينظير، ٽن سالن جي ڄمار ۾ سر بارٽل فريئير جي ياد ۾ تعمير ٿيل فريئير هال جي سامھـون واقع “مس جيتگز” جي نرسنگ اسڪول ۾ وڃڻ شروع ڪيو، ان اسڪول جي چند گز جي مفاصلي تي فليگ اسٽاف هائوس جي نمايان عمارت واقع هئي جيڪا قائداعظم جي ملڪيت رهي ۽ هاڻ اتي ان جي نالي تي ميوزيم قائم آهي.

محترمه جڏهن ستن سالن جي ٿي ته سندس والدين راولپنڊي شفٽ ٿي ويا. جتي ڀٽو صاحب کي وفاقي وزير جي حيثيت سان سرڪاري رهائش گاهه ڏني وئي هئي. جيڪا شروعات ۾پشاور روڊ پوءِ سول لائنز، جيڪوانھـن ڏهاڙن ۾ دارالحڪومت جو جديد علائقو هو ان ۾ رهڻ لڳي اتي کيس شهـر جي اعلى ترين تعليمي اداري“ پريزنٽيشن ڪانوينٽ” ۾ داخل ڪرايو ويو.

بينظير ننڍپڻ کان ئي پنھـنجي پاپا کان بيحد متاثر هئي، هوءَ ان جي نقش قدم تي هلي وڪيل ٿيڻ جو خيال ڪندي هئي. هوءَ وڪيلن جي اها وگ پائي سڀني کي چوندي هئي ته مان وڏي ٿي وڪيل ٿينديس. گھر جي دروازي تي ڀٽو صاحب جي هڪ پتل جي تختي تي لکيل هوندو هيو: ”ذوالفقار علي ڀٽو بار ايٽ لا“ هن وري ننڍ پڻ ۾ اهڙي تختي لڳائي ۽ لکيائين؛ ”بينظير ڀٽو بار ايٽ لاء“.

ذوالفقار علي ڀٽو جا جنرل ايوب سان اختلاف ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۶۶ع ۾ ڀٽو ايوب کان علحدگي اختيار ڪري ۳۰ نومبر ۱۹۶۷ع تي لاهور ۾ ”پاڪستان پيپلزپارٽي“ جو بنياد رکيو جنھـنجي ميمبر شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھـن جون قطارون لڳڻ شروع ٿيون. چوڏهن سالن جي بينظير پارٽيءَ جي چند ميمبرن ۾ شامل هئي. ۷۰ ڪلفٽن جي پھـرين منزل پ پ پ جي آفيس هئي، سندس يارنهن ورهين جي ڀيڻ صنم ڀٽو ۽ پاڻ وڏي جوش جذبي سان پ پ پ ۾ شموليت ڪئي.

نومبر ۱۹۶۸ع ۾ جڏهن کيس پنھـنجي تعليم تي ۽ او ليول جي امتحان سبب وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هئي، ته سندس والد کي پھـريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو. کيس پاڪستان جي بدترين جيلن مان هڪ، ”ميانوالي جيل“ موڪليو ويو،پوءِ کيس ساهيوال جيل منتقل ڪيو ويو. جتان ۲۸ نومبر تي محترمه کي هڪ خط لکيو ته: “مان او ليول جي امتحان ۾ تنھـنجي ڪاميابيءَ لاءِ دعاڳو آهيان مونکي فخر آهي ته منھـنجي نياڻي ۱۵ سالن جي عمر ۾ او-ليول ڪري رهي آهي، جيڪو مون ارڙنهن ورهين ۾ پاس ڪيو هو. انھـيءَ حساب سان تون صدر به ٿي سگھـين ٿي. مونکي خبر آهي ته تون تمام گھـڻو مطالعو ڪرين ٿي پر، توکي ادب ۽ تاريخ جو گھـرو مطالعو ڪرڻ گھرجي ضروري ڪتاب تو وٽ موجود آهن. نيپولين بوناپارٽ جي باري ۾ پڙهه جيڪو جديد تاريخ ۾ هڪ مڪمل انسان هو. آمريڪي انقلاب جو مطالعو ڪندي رهه ۽ ابراهم لنڪن جي باري ۾ ڄاڻ رک. بسمارڪ، لينن،اتاترڪ ۽ مائوزيتنگ جي باري ۾ پڙهه، ڀارت جي قديم تاريخ جو مطالعو ڪر ۽ سڀ کان وڌي ڪري تاريخ اسلام جو مطالعو ڪر“

او ليول پاس ڪرڻ کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هوءَ اعلى تعليم لاءِ آمريڪا وڃي يا اي (A) ليول جو امتحان به ڪراچيءَ ۾ ئي پاس ڪري. فيصلو اهو ٿيو ته کيس ٻنھـين پاسي داخلا وٺڻ گھرجي، پوءِ هن آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ”ريڊ ڪلف ڪاليج“ ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏني ۽ ٻئي طرف وري ڪراچي گرامر اسڪول ۾ اي ليول جي لاءِ داخلا ورتائين، جتي هن تمام ٿورو وقت گذاريو.اپريل ۾ کيس ريڊڪلف ڪاليج ۾ داخلا جو خط پھـتو. هوءَ ڀٽو خاندان جي پھـرين ڇوڪري هئي جيڪا اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا وڃي رهي هئي.

آڪسفورڊ جي ڏهاڙن ۾ جڏهن ايليٽ هال جي سيڪريٽري شپ جي عھـدي جي چونڊ جو وقت آيو ته ان سيٽ تي هن سھـيلين جي ساٿ سان مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنھـن تي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيائين، سندس سياسي زندگيءَ جي سفر جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ اها پھـرين ڪاميابي جي شروعات بھـتر انداز سان ٿي. هن ڪجهه سالن کانپوءِ ٿيندڙ سياسي زندگيءَ جي شروعات هن وقت کان پھـرين ڪري ڪري ڇڏي. هارورڊ ۾ پڙهائيءَ دوران هن جون سماجي سرگرميون به جاري هيون، جيڪي سندس زندگيءَ جو لازمي حصو بڻجي چڪيون هيون. جڏهن اوڀر پاڪستان ۾ ساموندي طوفان آيو ته هن آفت سٽيل ماڻھـن لاءِ save نالي هڪ عالمي،سماجي۽ فلاحي تنظيم جي پليٽ فارم تان چندو گڏ ڪرڻ جي مھـم هلائي، جنهن کيس نيڪناميءَ ۾ واڌارو ڪيو. متاثر ماڻھـن جي خدمت جي عيوض ايشين سوسائٽي، کيس اوڀر پاڪستان جي موضوع تي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنھـن تقرير ماڻھن تي وڏو اثر ڇڏيو، ننڍيءَ عمر ۾ ايڏي وڏي جلسي کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ زندگيءَ جي پھـرين اعزاز کان گھٽ نه هيو.

۱۹۷۱ع ۾ ڀارت اوڀر پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو ته ڀٽو صاحب ڀارت پاران بنگال تي ڪيل اهڙي جارحيت خلاف اقوام متحده نيويارڪ پھـتو، انھـن تاريخي ڏهاڙن ۾ محترمه بينظير ڀٽو به ساڻس گڏ هئي. ‘پيئر هوٽل’ جي ڪمري ۾ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ فون جون گھنٽيون وڄي رهيون هيون جن فون ڪالز کي محترمه پاڻ ٻڌي رهي هئي انھـن بابت ڀٽي صاحب کيس سفارتي اصولن جو درس ڏيندي چيو ته: سفارت ڪاريءَ جو بنيادي اصول اهو آهي ته: “شڪ جي فضا پيدا ڪيو.” انھـيءَ ڪري جيڪا فون به اچي ۽ جي مون وٽ هت روسي ويٺا هجن ته مونکي ٻڌائجان ته چيني قيادت فون ڪري رهي آهي ۽ اگر هتي آمريڪي موجود هجن ته ٻڌائجان مون سان روسي قيادت فون تي ڳالھـائڻ چاهي ٿي. ڪنھـن کي به اصل حقيقت نه ٻڌائجان ته هت ڪير ويٺو آهي.”

۱۲ ڊسمبر تي اٺون ڀيرو جڏهن سلامتي ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو ته محترمه ان وقت به پنھـنجي والد سان ان اجلاس ۾ موجود هئي. هال ۾ ڀٽو کان ٻه قطارون پوئتي پوري دنيا کان آيل وزير ۽ سفارتڪارن سان ويٺل هئي. گڏيل قومن جي کوکلن ايوانن ۾ ٿيندڙ سڀ ڊراما اکين سان ڏسندي رهي، جيڪي ڀٽو جي برداشت کان ٻاهر هيا.

هوءَ جيستائين زنده رهي ته بينظير هئي ۽ جڏهن ڌرتيءَ امڙ جي هنج ۾ آرامي ٿي ته تڏهن به بينظير آهي؛ هيءَ هن ڌرتيءَ جي اهڙي ته بينظير آهي جنھـن کي وقت مات نه ٿو ڏئي سگھي. هيءَ اها بينظير هئي جنھـن موت کي به مات ڏني. جئين شاهه لطيف چيو آهي ته:

مرڻا اڳي مئا، جي مري ٿيا نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.

(شاهه)


 

يادگيرين جي اوڙاهه مان

مير اعظم علي ٽالپر

انسان جي زندگي ۾ سال جي ۱۲ مهينن مان هر مهيني ۽ هر سال جي ڪانه ڪا خاص اهميت ۽ يادگيري هوندي آهي. سنگت پاران دل گهرئي سائين مٺل جسڪاڻي چيو ته ڊسمبر جي مهيني ۾ جيڪو ڪجهه ياد هجي ان تي لکو. ڊسمبر جي سردي پاڪستان جي قوم کي گهڻو گرم ڪيو آهي، جيئن ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ ۱۶ ڊسمبر تي اوڀر پاڪستان مان بنگلاديش بڻجڻ ۽ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جي سرد شام جي آخري پهر ۾ پاڪستان جي پهرين عورت (مسلمان) سنڌي اڳوڻي وزيراعظم بي نظير ڀٽو کي هڪ جلسي کانپوءِ هميشه لاءِ خاموش ڪرايو ويو، جنهن کي هاڻ سڀ شهيد راڻي چون ٿا. شهيد راڻي بيظير ڀٽو جي قدآور شخصيت تي لکڻ جيترو آسان آهي، ايترو ئي حقيقت ۾ ڏکيو به آهي. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي زندگي ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شهيد ٿي ويل گل محمد انڙ جي فاتحه لاءِ ٽنڊو ڄام آئي هئي، ان کانسواءِ هوءَ اشرف ميمڻ جي تعزيت پڻ ڪرڻ وئي هئي، ان ڪري پيپلز پارٽي، شهيد راڻي بي نظير ڀٽو اسماعيل انڙ جو ڳوٺ (انڙ برادري) ۽ ميمڻ محلا (ميمڻ برادري) سڀ هڪ زنجير ۾ ٻڌل آهن. اڄ کان ۲۷ سال اڳ هتان جي ڳڀرو نوجوان ۽ جموريت جي شيدائي گل محمد انڙ کي جمهوريت جي راهه ۾ بينظير وانگر ۱۸ آگسٽ ۱۹۸۶ع تي ٽنڊو ڄام ويجهو کيسانه موري تي ۱۸ سالن جي عمر ۾ پنهنجي دوست حاڪم علي وساڻ سان گڏ شهيد ڪيو ويو هو.

حاڪم علي وساڻ اصل ۾ ڀٽ شاهه جو هو، پر سندس شادي نگر وساڻ مان ٿيل هئي ۽ هو ان وقت عيد جي سلسلي ۾ ٻار وٺي هتي آيو هو ۽ مور جي مٿان گولي لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو هو، گل محمد انڙ سخت زخمي ٿيو هو. ان سلسلي ۾سائين سائين يار محمد انڙ منهنجو دوست به هو ته عزيز به هو، ان وقت شهيد گل محمد جا ڀائر الطاف علي، اعجاز علي، ڌڻي بخش، شاهه نواز ۽ دوست علي انڙ ننڍا هئا. ۱۸ آگسٽ تي شهادت کان اڳ گل محمد انڙ کي پڪ هئي ته محترمه بينظير ڀٽو کي ضياءُ الحق جي حڪومت گرفتار ڪندي ۽ مزاحمت لاءِ هن چاهيو ٿي ته ايم آر ڊي جي تحريڪ کي زور وٺرائجي. ان ڪري ٽنڊو ڄام ورڪشاپ جي ميدان تي هڪ جلسو پڻ ڪيو ويو. گل محمد انڙ جي شادي جا به ڏينهن ٻڌل هئا ته کيس بينظير ڀٽو جي ڪري شهيد ڪيو ويو، پر بدقسمتي سان گل محمد انڙ کي زخمي ٿيڻ کانپوءِ حيدرآباد کڻي وڃڻ لاءِ گاڏي نه ملي ۽ رستا روڪ به ٿيل هئي.

سائين يار محمد انڙ پنهنجي ياد داشت کي تازو ڪندي چيو ته گل محمد انڙ کي هتي هڪ هٽڙي ۾ لڪايو ويو هو، سندس روح الله ڏنو ڏاهري جي گهر ويجهو پرواز ڪري ويو هو. ان بعد يار محمد انڙ ٻڌايو ته ڳوٺ جا ۱۴ ڄڻا محبت نبي انڙ، ڌڻي بخش انڙ، عزيز الله انڙ، ابراهيم انڙ، عبدالغفور انڙ، عنايت انڙ، عبدالمجيد انڙ، عبدالعزيز انڙ، عازي انڙ، اسماعيل انڙ، منظور ۽ ٻيا گرفتار ٿيا هئا. ان کانسواءِ عزيز الله ته پوءِ چريو به ٿي ويو هو. هي سائين جو اڪيلو پٽ هو ۽ گل محمد جي جنازي نماز سندس سئوٽ ولي محمد انڙ پڙهائي هئي.

بينظير ڀٽو سنڌ جي شهيد راڻي پنهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو سان هن وقت گڏ رهڻ سبب سياست جو هر تاڃي پيٽو سمجهي ورتو هو. ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي نياڻي کي هر وقت پاڻ سان گڏ رکندو هو. بينظير ڀٽو پنهنجي جلاوطني کانپوءِ ملڪ ۾ لاهور پهتي ته لکين ماڻهو گڏ ٿيا هئا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين دور حڪومت ۾ ٽنڊي ڄام شهر، جتي معزز ۽ ناليواري حڪيم لقمان ميمڻ (جنهن کي آئون ماما چوندو هوس) ممتاز ڀٽو جو سيڪريٽري هو، اتفاق سان سندس لاڙڪاڻي ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ سندس انتقال ٿي ويو هو. ان بعد ماما لقمان ميمڻ جيڪو پوءِ (حاجي) ٿي ويو هو. ان سان سندس پٽ اشرف ميمڻ ۽ گل محمد انڙ جي شهادت جي سلسلي ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۱۹۸۸ع ۾ ٽنڊو ڄام آئي هئي، جيڪا مير محلي کان ٿيندي مير محمد خان ”نياز“ ٽالپر جي بنگلي وٽان ميمڻ پاڙي پهتي ۽ ماما لقمان ميمڻ جي گهر وارن سان (ذوالفقار علي ڀٽو جي زبان ۾) اشرف ميمڻ جي وفات تي تقرير (۱۹۸۸ع ۾ گهر اچي) ڪئي.

محترمه بينظير ڀٽو ايم آر ڊي جي شهيد گل محمد انڙ جي شهادت جي تعزيت لاءِ جڏهن اسماعيل انڙ ڳوٺ ۾ حاجي الهبچايو انڙ جي گهر پهتي ته يار محمد انڙ ٻڌايو ته ان وقت منهنجي ڊيوٽي محترمه بينظير ڀٽو سان لڳل هئي ۽ پنهنجن هٿن سان شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي پاڻي، بوتل ۽ بسڪيٽ پيش ڪيا هئا ۽ ان ڏينهن الهبچايو انڙ جي اوطاق تي خليق الزمان محترمه جي گاڏي هلائي پهتو هو. ان وقت ڪمري ۾ روشن جوڻيجو، مير هزار خان بجاراڻي، عبدالسلام ٿهيم ۽ ٻيا کوڙ پيپلز پارٽي جا وڏا وڏا ڪارڪن آيل هئا ۽ ڪمري جو ماحول انتهائي گرم هو. يار محمد انڙ اهو به ٻڌايو ته محترمه بينظير ڀٽو گل محمد جي والدين کي چيو ته گل محمد انڙ جي مڃتا طور سندس نالي سان ٽنڊو ڄام ويجهو کيسانا موري تي هڪ رورل هيلٿ سينٽر جو بنياد به رکيو ويو. حقيقت ۾ اهو بيسڪ هيلٿ سينٽر بجاءِ کيسانا موري ۾ هئڻ جي ڳوٺ اسماعيل انڙ ۾ هئڻ گهرجي ها، پر ۱۸ آگسٽ ۱۹۸۹ع تي قائم ٿيل هيلٿ سينٽر گل محمد انڙ هاڻ ڪنهن ٻئي جي نالي سان منسوب ٿيل آهي.

شهيد راڻي ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي ضرور هن فاني جهان مان وئي هلي، پر ٽنڊو ڄام جي ميمڻ محله، مير پاڙو، کيسانا موري ۽ اسماعيل انڙ ڳوٺ وارن سان گڏ پوري دنيا کي ياد آهي. اڄ به مون کي ياد آهي ته جنهن ڏينهن محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو واقعو ٿيو هو سڄو ملڪ ٻري رهيوهو، هر اسٽيشن ۽ روڊ تي باهه هئي، هر ڪو هر هنڌ ڦاٿل هو ۽ بنهه سرد رات هئي، ان ئي رات منهنجو پٽ رستم ٽالپر پنهنجي دڪان جي سامان لاءِ ريلوي اسٽيشن حيدرآباد تي ڦاسي پيو هو ۽ مال اتي بيٺل هڪ ريل گاڏي ۾ رکي آيو هو ۽ ٽي ڏينهن ڪا ٽرئفڪ نه هئي ماڻهو پنڌ اچي وڃي رهيا هئا ۽ رستم رات جو حيدرآباد کان پنڌ ٽنڊو ڄام آيو هو. انهيءَ رات ڪيترن ئي غير ملڪي صحافين فون ڪيا ۽ هندستان مان سنڌي صحافي ڪشور ڪوڏواڻي چيو هو ته اوهان پاڪستان وارن لاءِ بينظير ڀٽو جان جي ٻَلِي (قرباني) ڏني ڊيموڪريسي کي زندهه ڪيو آهي. ان جو قدر ڪريو. اندرا گانڌي ۽ راجيو گانڌي هندستان ۾ جمهوريت جي راهه ۾ امر ٿي ويا، تيئن پاڪستان ۾ هي سنڌ جي راڻي جمهوريت جي راهه ۾ شهيد ٿي آهي.


 

هوءَ واقعي بينظير هئي

حميرا علواڻي

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي اڄ ۶ سال پورا ٿي ويا آهن، اڄ وري ڳڙهي خدابخش طرف قدم آهن، اڄ وري پنهنجي محبوب ليڊر جي مزار ڏانهن مُنهن آهي، سوچي رهي آهيان ته ڇا اهو وڇوڙي جو سفر آهي يا ملاقات جي گهڙي!! اڄ وري ياد اچي رهيون آهن، سندس ساروڻيون، سندس پيار، سندس قدم سان قدم ملائي هلڻ، ڪڏهن اليڪشن ڪميشن ڏانهن بي بي جا نامزدگي ڪاغذات جمع ڪرائڻ لاءِ ، ڪڏهن بلاول هائوس ۾ بي بي جي پريس ڪانفرنس لاءِ، ڪڏهن بي بي سان گڏ جلسن ۾ وڃڻ لاءِ، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد.... ڄڻ ڪالهه جي ئي ڳالهه لڳي رهي آهي!! ۶ سال اڳ هن ئي ڊسمبر ۾ ديوانن وانگر بي بي پويان اسان سوين، هزارين نه لکين ماڻهو هوندا هئاسين! ۱۸ آڪٽومبر ۲۰۰۷ع جي ٻن بم ڌماڪن جي شهيدن ۽ ۵۰۰ کان وڌيڪ زخمين جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين، اسان کي خبر هئي ته بي بي جي جان کي خطرو آهي، دهشتگرد بي بي جي جان جي پويان آهن، ان ڪري اسان بي بي سان جيڏانهن ڪيڏانهن گڏ هوندا هئاسين.

۱۹ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع جي شام ميڊيا آڏو پريس ڪانفرنس ڪرڻ کانپوءِ محترمه بلاول هائوس جي ڪانفرنس روم ۾ آئي ته سڀني کان پهريان مون بي بي جي اڳيان اچي چيو هو ته ” بي بي توهان آهيو ته اسان آهيون، توهان مون سان واعدو ڪريو ته توهان هاڻي ائين جلسن جلوسن ۾ نه وينديون“، سامهون بيٺل محترمه مون کي ڳلي لڳائي پُڇيو ” مون سان ڏاڍو پيار ڪرين ٿي؟ مون روئيندي چيو ” بي بي اوهان اسان سڀني جي جان آهيو“ پاڻ چيائين مون کي ڪجهه ڪونه ٿيندو، اوهان سڀني جون دعائون مون سان گڏ آهن، ۲۰ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي جناح اسپتال ڪراچي، سول اسپتال ڪراچي، لياري جي شهيدن جي وارثن سان ملڻ، زخمين جي عيادت ڪرڻ مهل مون ڪيترائي ڀيرا ڏک ۾ ڳوڙها وهائيندي بي بي کي ڏٺو. ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع جي شام محترمه ڪراچي ايئرپورٽ کان پي آءِ اي جي فلائيٽ ذريعي سکر پئي وئي، سندس اکين ۾ عجيب ڪشش هئي، پنهنجائپ هئي، ان ڏينهن احساس ٿيو ته جيالا سندس مٿان قربان ٿيڻ لاءِ ڇو تيار هوندا آهن. هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته بي بي اسان جو ڪيترو خيال رکندي هئي، هميشه ورڪرن جي سار سنڀال لهڻ، فردن فردن نالن سان پُڪاري عزت ڏيڻ ،حال احوال پڇڻ، شايد ليڊر ائين ئي هوندا آهن، محبت بي سبب ته نه هوندي آهي! جيتري محبت اسان بي بي سان ڪندا هئاسين، اوتري يا شايد ان کان وڌيڪ اسان کي موٽ ۾ ڏيندي هئي، اڄ به ۲۰۰ کان وڌيڪ شهيد بي بي جون Emails مون لاءِ ڪنهن اٿارٽي کان گهٽ ڪو نه آهن، سندس شاباشيون، همت افزائيءَ سان گڏو گڏ سندس رهنمائي جا ڪيترائي جوابي emails اڄ به منهنجي اکين آڏو آهن!

۲۷ ڊسمبر تي پنڊيءَ ۾ عوامي ميڙاڪي کان پوءِ ۲.۲۵ منٽن تي جلسي گاهه ٻاهران فائرنگ ۽ بي بي جي زخمي هجڻ ۽ پوءِ ۶.۴۵ منٽن تي بي بي جي شهادت جو ٻڌڻ، ڪنهن قيامت کان گهٽ ته نه هو! يقين ئي ڪو نه پئي آيو ته چند گهڙيون اڳ جلسي ۾ هٿ لوڏيندي نعرا هڻندڙ مرڪندڙ ليڊر هاڻي اسان جي وچ ۾ نه آهي! ڄڻ ڪالهه جي ئي ڳالهه آهي! جهاز ۾ سندس مڙهه نئين ديري لٿو! سنڌ جي گادي واري شهر سميت سڄي سنڌ سڙندي رهي، هر شخص جي اک آلي هئي، اکين ۾ ڳوڙها، اندر ۾ سناٽو، دل درد کان ڦاٽي رهي هئي ۽ پوءِ اهو منظر به ڏسڻو پيو ته بي بي ڪنهن شهزاديءَ وانگر سُتي پئي هئي ۽ ائين لڳي رهيو هو ته هاڻي اٿي ” زنده هي ڀٽو زنده هي “ جا نعرا هڻندي پر ائين ڪونه ٿيو هو، اڄ ڇهه سالن کانپوءِ به لڳي رهيو آهي ته ڄڻ ڪالهه جي ئي ڳالهه آهي ، اڄ وري سندس بي پناهه ياد اچي رهي آهي، اڄ وري شهيد بي بي جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي، سندس ڪمي ته هر جاءِ هر هنڌ محسوس ٿيندي رهندي آهي، سندس قبر آڏو وڃي آئون سوچيان پئي ته سندس لک احسان، محبتون ۽ ٿورا پر سڀني کان وڌيڪ اهو ته هوءَ اسان کي جدو جهد، قرباني ۽ ماروئڙن سان محبت ڪرڻ سيکاري وئي آهي، هوءَ اسان مٿان لکين ڪروڙين عوام جي ذميواري وجهي وئي آهي، سچ ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ اهو يقين هن شهيدن جي قبرستان تي اچي هميشه ٿيندو آهي.


 

شهيد بينظير ڀٽو

سندس قاتلن جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن؟!

ڊاڪٽر مسرت خواجا

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي ڇهه سال ٿيڻ وارا آهن، پر اڃان تائين اصل قاتل ڪٽهڙي ۾ نه اچي سگهيا آهن. اصل قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ جيڪڏهن اسان سنڌي ٽي وي پروگرام ”ڪسوٽي“ کي ٿورو ذهن ۾ رکون، ته ائين محسوس ٿيندو، ته جيڪا ڳُجهارت ويهن سوالن ۾ ڀَڃڻي آهي، انهن مان ارڙهن سوالن جا جواب ٺيڪ پنهنجي نشاني تي لڳا آهن ۽ صرف ٻن سوالن جي جواب کانپوءِ، چاهي اهو ڪتاب هجي يا ماڳ مڪان يا وري ” شخصيت“، ڀَڃي ڀور ٿيندا. محترمه جي قتل جي ڳُجهارت کي ڀَڃڻ لاءِ دُنيا جي مک سياستدانن، صحافين ۽ ڏاهن ذهنن، پنهنجي مختلف ڪتابن ۾ اِشارا ڪري ڇڏيا آهن ته، شهيد راڻيءَ جا ممڪنه قاتل ڪهڙا ٿي سگهن ٿا ۽ هنن اهڙا اشارا زميني حقيقتن کي مدِنظر رکندي ئي ڪيا آهن، پر گڏوگڏ شهيد راڻيءَ پڻ ڪجهه اهڙا اِشارا ڪيا هئا ۽ جيڪڏهن انهن جا پيرا کنيا وڃن، ته قاتلن کي بينقاب ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. شهيد راڻي ۲۶ آڪٽوبر يعني شهيد ٿيڻ کان ٻه مهينا اڳ، سي اين اين جي سينيئر صحافي وولف بلٽرز کي هڪ اي ميل اُماڻي هئي، جنهن ۾ هن واضح لفظن ۾ لکيو هو ته، جيڪڏهن هن کي قتل ڪيو ويو، ته جنرل پرويز مشرف ئي ملوث هوندو. شهيد محترمه بينظير جي قتل کانپوءِ صحافي وولف بلٽرز اها اي ميل عوام اڳيان پڌري ڪئي جنهن ۾ لکيل هو ته،

If it is God’s will nothing will happen to me, but if any thing happened to me, I would hold Parvez Musharaf responsible. I have been made to feel insecure by Musharaf’s minions.”

ترجمو: ”خُدا جي فضل سان مونکي ڪوبه نقصان نه پهچندو، پر جيڪڏهن مونکي ڪجهه ٿيو، ته انهيءَ جو ذميوار مشرف هوندو ۽ جنرل مشرف جي ’چاڳلن‘ مونکي پنهنجي تحفظ نه ٿيڻ کي محسوس ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.“ محترمه مشرف جي ٽن خاص ’چاڳلن‘ جو ذڪر پڻ ڪيو هو، جيڪي سندس خلاف سازشون ڪري رهيا هئا، انهيءَ کان علاوه محترمه پنهنجي آخري ڪتاب ”مفاهمت“ ۾ پڻ گهڻيون ئي اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن، جنهن کي پڙهڻ سان اها ڳالهه بخوبي سمجهي سگهجي ٿي ته، محترمه جو اِشارو ڪهڙن ماڻهن طرف هو. وري جيڪڏهن اسان محترمه تي تازو لکيل ڪتاب “Getting away with Murder” جنهن جي مهورت به هن مهيني ٿي چڪي آهي ۽ ليکڪ هيرالڊو مونوز جنهن گڏيل قومن جي اداري طرفان قتل جي جاچ پڻ ڪئي هئي، تنهن ڪتاب جي مهورت واري ڏينهن وڌيڪ ڪجهه ڇِرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته، هن کي اهو مينڊيٽ نه مليل هو ته، هو ڪنهن کي ڏوهاري قرار ڏئي پر هن جيڪا قتل جي حوالي سان جاچ ڪئي، ان مان اها بلڪل واضح آهي ته، طالبان ۽ القاعده سان گڏوگڏ اسٽيبلشمينٽ پڻ سندس قتل ۾ ملوث هئي ۽ جنهن طريقي سان قتل جي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ شاهديون مِٽايون ويون، ان مان ائين ضرور محسوس ٿئي ٿو ته، ”دال ۾ ڪجهه ڪارو هو“. هن جو چوڻ ته، جڏهن هن جنرل اشفاق پرويز ڪيانيءَ کان جاءِ واردات کي ٻن ڪلاڪن ۾ ڌوئڻ جي حوالي سان سوال ڪيو ته، جنرل صاحب پڻ اها ڳالهه ڪئي ته، ايتري جلد بازي نه ڪئي وڃي ها، اهو ئي سبب آهي جو هيرالڊو مونوز کي آخرڪار اها راءِ قائم ڪرڻي پئي ته، ”محترمه بينظير کي مارڻ لاءِ القاعده حڪم ڏنو، پوئيواري طالبان ڪئي، پٺڀرائي اسٽيبلشمينٽ جي هئي، پوليس ڏوهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ محترمه جي سيڪيورٽي ٽيم کيس تحفط ڏيڻ ۾ ناڪام وئي“.

هيرالڊو مونوز جي ڪتاب کان ڏيڍ سال اڳ آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ڪونڊو ليزا رائيس پڻ پنهنجي ڪتاب “No higher Honor” ۾ مشرف ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حوالي سان ڪجهه اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن. جن کي پڙهڻ سان بي بي جي قتل جو عڪس وڌيڪ چِٽو ٿئي ٿو. سندس چوڻ ته، مشرف طرفان ان وقت آمريڪا جي حڪومت کي باقاعده زباني درخواست ڪئي ويئي هئي ته، سندس اختلافات محترمه سان ختم ڪرايا وڃن ۽ اهڙي درخواست کانپوءِ ئي مون اها ڪوشش شروع ڪئي ته، ٻنهي کي هڪ ٽيبل تي ويهاريو وڃي، ڪونڊو ليزا رائيس جو وڌيڪ لکڻ ته، محترمه کي مشرف تي اعتبار نه هو ۽ خاص طور تي جڏهن ۱۸ آڪٽوبر وارا ڌماڪا ٿيا ۽ ۳ نومبر واري ايمرجنسي لڳائي وئي، ته محترمه سوچڻ تي مجبور ٿي ته، هاڻي مشرف سان ڪي به ڳالهيون نه ڪندي، ڇاڪاڻ ته هاڻي مٿس ڀروسو نٿو ڪري سگهجي.

ڪونڊو ليزا رائيس کان علاوه مشهور آمريڪي ڏاهن زبگينو برزنسڪي ۽ برنيٽ اسڪو ڪرافٽ، جيڪي سابق آمريڪي صدرن سينيئر بش ۽ فورڊ جي حڪومت ۾ نيشنل سڪيورٽي ايڊوائيزر هئا. انهن ٻنهي گڏجي ۲۰۰۸ع ۾ هڪ ڪتاب “America and the World” شايع ڪرايو. جنهن جي صفحي ۱۰۵ کان ۱۱۲ تائين پاڪستان جي حوالي سان اهم ڳالهيون لکيون ويون آهن. سندن لکڻ آهي ته، ”ظاهري طور تي هن وقت ميان نواز شريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو هڪٻئي سان گڏ آهن پر ٻئي پارٽيون نظرياتي طور تي هڪٻئي کان گهڻو مختلف آهن ۽ هڪٻئي جون دشمن آهن“. برزنسڪي موجب، مان آمريڪا جي ان قدم سان سهمت نه هئس، ته ڪو محترمه پاڪستان وڃي ۽ هن محترمه سان هڪ ملاقات جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته، ”در حقيقت اسان پاڻي ۽ تيل کي ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين، جنهن جو نتيجو صاف ظاهر هو ته، يا مشرف مارجي ويندو يا وري محترمه مارجي ويندي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جا نظريا هڪٻئي کان مختلف هئا“. پر اڃا به جيڪڏهن هيرالڊو، ڪونڊو ليزا رائيس ۽ برزنسڪي جي دليلن ۽ اشارن کي وڌيڪ چِٽو ڪرڻو آهي، يا مشرف جي ذهنيت کي سمجهڻو آهي، ته مشهور آمريڪي صحافي ران لسڪنڊ جي ڪتاب “The way of the world” جو مطالعو ڪرڻ لازمي آهي. جنهن مان وڌيڪ ڳالهيون چِٽيون ٿي پونديون، ته محترمه جي باري ۾ مشرف جي سوچ ڪهڙي هئي؟ ڪتاب جو ڳچ حصو محترمه جي سياست ۽ جنرل پرويز مشرف جي آمراڻي هلت واري فڪر تي مشتمل آهي، ڪتاب ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته، شهيد راڻيءَ ملڪ ۾ جمهوريت ۽ فوجي حڪومت جي خاتمي لاءِ جنرل پرويز مشرف سان ڳالهيون شروع ڪيون پر پوءِ جنرل مشرف انهن ڳالهين تان ڦِري ويو ۽ محترمه کي چونڊن کان پوءِ پاڪستان اچڻ لاءِ چيو ويو، پر جڏهن محترمه مشرف جون ڳالهيون نه مڃيون ۽ پاڪستان آئي، ته ڪارساز ڌماڪو ٿيو. ليکڪ جي خيال موجب ته، محترمه کي انهيءَ ڪري چونڊن کانپوءِ پاڪستان اچڻ لاءِ چيو ويو، جيئن هوءَ پنهنجي ”ڪنگز پارٽيءَ“ کي کٽرائي سگهي، ڪارساز ڌماڪي کانپوءِ ٻئي ڏينهن مشرف بي بي کي فون ڪري ساڻس همدردي ڪئي ۽ هي لفظ چيا: “I am not the enemy Bibi” پر هاڻي محترمه اڳيان دشمن وائکا ٿي چڪا هئا ۽ محترمه به انهن کي وائکو ڪندي رهي ۽ ڪتاب ۾ اهو به لکيل آهي ته، هڪ مرحلو وطن ورڻ کان اڳ اهڙو به آيو، جڏهن محترمه آمريڪا ۾ هئي ته، سندس هڪ ساٿي اُتي پهتو ۽ محترمه کي چيائين ته، مشرف اوهان سان ڳالهائڻ ٿو چاهي ۽ اهو به نياپو مليو آهي ته، هو ٽيون ڀيرو وزير اعظم وارو شرط قبول نه ڪندو، محترمه جڏهن مشرف سان فون تي ڳالهايو، ته سندس رويو ڌمڪيءَ وارو هو ۽ هڪ موقعي تي جڏهن محترمه پنهنجي سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان ڳالهايو ته، مشرف طرفان اهو جواب مليو ته، ”توهان جي سلامتيءَ جي ضمانت اسان سان توهان جي تعلقاتن تي منحصر آهي“. ان سان گڏوگڏ محترمه جي قتل جي حوالي سان يو اين ڪميشن جي رپورٽ کي پڻ نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ قاتلن تائين پهچڻ جا گهڻا ئي اشارا مليل آهن.

مٿين ڏاهن ذهنن، سياستدانن ۽ صحافين سان گڏوگڏ محترمه جي لکڻين مان به اها خبر پوي ٿي ته، قتل جا پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا. تازو چار مهينا اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پڻ مشرف سميت ستن ڄڻن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو هو ۽ اهو الزام لڳايو هو ته، هنن محترمه بينظير ڀٽو کي منظر تان هٽائڻ خاطر قتل جي سازش تيار ڪئي هئي. مٿين سڀني ڳالهين کي مدِنظر رکندي، هاڻي ”ڪسوٽي“ جي رهيل ٻن سوالن جا جواب ڏيڻ ائين آهن، جيئن ڪو سِجَ کي آئينو ڏيکاري!.


 

شهيد بينظير

هڪ بهادر اڳواڻ

شرجيل انعام ميمڻ

انساني تاريخ اڻ ڳڻين ڏکوئيندڙ واقعن سان ڀريل آهي، پر انهن ۾ ڪجهه واقعا اهڙا هوندا آهن، جنهن جي ڪري تاريخ جو هڪ پورو حصو ڏُک ۽ انڌيري ۾ ٻڏل رهي ٿو. ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جو سانحو تاريخ جي اهڙي ئي المناڪ واقعن مان هڪ آهي، جڏهن پاڪستان جي ڪروڙين ماڻهن جي هر دلعزيز اڳواڻ ۽ اوڀر جي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو کي دهشتگرديءَ جي هڪ ڪارروائيءَ ۾ راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ شهيد ڪيو ويو. ان سانحي کي ۶ سال گذري چڪا آهن پر اڄ به ماحول سوڳوار آهي. صرف اسان جو نسل ئي نه، پر ايندڙ ڪيترائي نسل ان سانحي جي اثر مان نڪري نه سگهندا. گذريل ڏيڍ ٻن سالن دوران دنيا جي غريب ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ڪيترائي مشهور سياسي اڳواڻ قتل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انهن مان ڪجهه اڳواڻ اهڙا آهن، جن جي موت تي ماڻهن جا ڳوڙها ئي ناهن سُڪا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به انهن اڳواڻن مان هڪ آهي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي احساس هو ته، عوام دشمن ۽ آمراڻيون طاقتون ۽ قانون کيس پنهنجي رستي تان هٽائڻ گهرن ٿيون. ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي هوءَ پنهنجي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي وطن واپس آئي ۽ هتي اچي هن هڪ ئي ڳالهه ورجائي ته، ”هن وقت ملڪ خطري ۾ آهي، ان لاءِ پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي ميدان ۾ لٿي آهيان.“ سموري پاڪستان مان ماڻهو سندس استقبال لاءِ هڪ سامونڊي طوفان جيان ڪراچيءَ جي رستن تي آيل هئا. ۱۸ آڪٽوبر وارو ڏينهن هڪ انقلاب جي شروعات هئي. عوام دشمن قوتن کي نظر اچي رهيو هو ته، هاڻ اهو طوفان نه بيهندو. هنن پنهنجي بربريت جو مظاهرو ڪيو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جان وٺڻ لاءِ ان جي ٽرڪ ويجهو بم ڌماڪا ڪرايا، جنهن جي نتيجي ۾ ۲۰۰ کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ۵۰۰ کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ۱۸ آڪٽوبر واري واقعي کان پوءِ سڄي دنيا کي يقين ٿي ويو ته، آمراڻيون قوتون شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي هر حال ۾ جسماني طور تي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. ان جي باوجود شهيد بي بي پنهنجي عوامي رابطا مهم ختم نه ڪئي ۽ انتهائي بهادريءَ سان پنهنجي مشن کي جاري رکيو. آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جي پوٽي سينيٽر ايڊورڊ ايم ڪينڊي جو اهو چوڻ آهي ته، شهيد محترمه بينظير ڀٽو غيرمعمولي طور تي بهادر عورت هئي. جيڪڏهن صدر ڪينيڊي زندهه هجي ها، ته کيس جرئت جي تصوير(Profile of Courage ) قرار ڏئي ها. شهيد بي بي پاڪستان ۾ جمهوريت جي قيام لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو ته، پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحاليءَ سان گڏوگڏ سموري دنيا کي ان خوف واري جنگ کان بچائجي. جنهن طرف اولهه جا سامراجي حلقا ۽ اسلامي دنيا جا انتها پسند دنيا کي ڌِڪي رهيا آهن. شهيد بي بي جو خيال هو ته، اولهه ۽ اسلامي دنيا وچ ۾ جنهن هٿ ٺوڪئي ٽڪراءُ کي هوا ڏني پئي وڃي، جيڪڏهن ان کي نه روڪيو ويو، ته ۲۱ هين صديءَ ۾ تباهي آڻيندڙ جنگ ٿي سگهي ٿي. ان جنگ کان بچڻ لاءِ شهيد بي بي مفاهمت جو فلسفو ڏنو. ڪجهه ماڻهن جي اها غلط فهمي آهي ته، مفاهمت صرف پاڪستان جي سياسي جماعتن وچ ۾ ٽڪراءُ کي ختم ڪرڻ جو نالو آهي، حالانڪه ايئن نه آهي. مفاهمت جو فلسفو وسيع تر عالمي پس منظر ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن جو مقصد اهو آهي ته، اسلام ۽ اولهه وچ ۾ ٽڪراءُ کي ختم ڪيو وڃي، اسلامي دنيا ۾ مسلمانن جي اندروني اختلاف کي حل ڪيو وڃي ۽ کين خونريزي ۽ مختلف گروپن ۽ طبقن کي روايتي جهيڙن کان پري رکيو وڃي. هي فلسفو امن، خوشحالي ۽ برابريءَ تي ٻڌل عالمي معاشري جي قيام لاءِ ٺوس بنياد فراهم ڪري ٿو. شهيد بي بي جو خيال هو ته، مسلم دنيا کي جديد دور ۾ زندهه رهڻ ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ لاءِ جديد سياسي، سماجي ۽ معاشي تبديلين کان پنهنجي پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو ۽ جديديت خلاف مزاحمت کي ڇڏڻو پوندو. شهيد بي بي چاهيندي هئي ته، مسلم معاشري کي محدود نه رکيو وڃي، بلڪه اصلاح پسنداڻي سوچ کي اپنايو وڃي. شهيد بي بي جي خواهش هئي ته، مسلم دنيا جي اصلاح پسند مفڪرن جي سوچ تي عمل ڪيو وڃي. ان ۾ پاڪستان جي فلسفي شاعر علامه محمد اقبال، پاڪستان جي مشهور عالم پروفيسر فضل الرحمان ۽ محمد خالد مسعود، انڊونيشيا جي دانشور ۽ مصنف نور ڪولش مجدد، ايراني فلسفي عبدالڪريم سروش، الجزائر جي ڊاڪٽر محمد ارڪون، انڊونيشيا جي اڳوڻي صدر ايڇ عبدالرحمان واحد، ڀارتي اسڪالر مولانا وحيد الدين خان ۽ اهڙا ٻيا ماڻهو شامل آهن، جن جي فڪر مان رهنمائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. شهيد بي بي جي اها خواهش هئي ته، مسلم معاشري ۾ اڪثريت کي قبول ڪيو وڃي ۽ ٻين مذهبن سان هم آهنگي جي جذبن کي فروغ حاصل ٿئي. شهيد بي بي پنهنجي مفاهمت واري فلسفي ۾ فقط اهو بيان نه ڪيو آهي ته، مسلمانن کي ڇا ڪرڻ گهرجي، پر هن اهو به ٻڌايو آهي ته، اولهه جي ملڪن کي ڇا ڪرڻ گهرجي. شهيد بي بي جو خيال هو ته، مسلمان ملڪن ۾ ديني مدرسن جي قيام جو اهو مطلب نه آهي ته، ماڻهو وڌيڪ مذهبي ٿي ويا آهن، بلڪه غريب والدين مجبوريءَ ۾ پنهنجن ٻارن کي مدرسن ۾ تربيت لاءِ موڪلي ڇڏين ٿا. ان لاءِ شهيد بي بي اولهه جي ملڪن تي زور ڏيندي رهي ته، هو مسلمان ملڪن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪن ۽ پنهنجا فنڊ جنگين ۾ ضايع ڪرڻ بدران ماڻهن جي ڀلائيءَ تي خرچ ڪن، جنهن سان انتهاپسندي ۽ عسڪريت پسنديءَ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. شهيد بي بي اولهه کي ان ڳالهه تي به قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، اسلامي ملڪن ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪن. هن جو خيال هو ته، انتهاپسندي، عسڪريت پسندي، دهشتگردي ۽ آمريت هڪ ٻئي جو پيٽ ڀرين ٿا ۽ اهو سڀ غربت، مايوسي ۽ عدم مساوات واري ماحول ۾ اُڀرن ٿا. جمهوريت ۽ خوشحاليءَ ۾ انتهاپسندي ۽ عسڪريت پسندي وڌي نه ٿي سگهي. شهيد بي بي اهو به چاهي پئي ته، مسلم معاشري ۾ مسلمانن جي اندروني اختلافن جو خاتمو ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪمزور طبقن کي به معاشي ۽ سياسي طور تي مضبوط ڪيو وڃي ۽ کين اڳتي آندو وڃي. ان لاءِ شهيد بي بي عورتن، مزدورن، هارين، اقليتن ۽ ٻين ڪمزور ۽ مظلوم طبقن ۽ گروهن جي زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هن ڀيري خصوصي پروگرام کڻي آئي هئي. شهيد بي بي جي مفاهمت واري فلسفي ۽ پروگرام تي پاڪستان پيپلز پارٽي جناب آصف علي زرداريءَ جي قيادت ۾ ڀرپور عملدرآمد ڪيو ۽ اڄ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عظيم قربانيءَ جي ڪري پاڪستان ۾ جمهوريت جو عمل جاري ساري آهي، پر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪري سگهجي ٿو ته، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نئين حڪومت شهيد بينظير ڀٽو جي مفاهمتي فلسفي جي برعڪس ڪم ڪري رهي آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رکيو ويو ته، نه صرف پاڪستان ۾ جمهوريت کي نقصان ٿي سگهي ٿو، بلڪه انهن قوتن جون سازشون به پوريون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي پهريان ئي هن دنيا کي خوفناڪ جنگ طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سويلين آمر بڻجڻ جي خواهش، مهم جو جرنيلن جي آرزو کي به ڀڙڪائي سگهي ٿي ۽ عسڪريت پسندن کي به ٻيهر اڀارڻ جو موقعو ڏئي سگهي ٿي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مفاهمت وارو فلسفو ئي هاڻ اسان جي رهنمائيءَ لاءِ موجود آهي. ان کان انحراف پاڪستان، اسلامي دنيا ۽ عالمي امن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو. شهيد بي بي جهڙي اڳواڻ صدين ۾ پيدا ٿيندي. ان تي اهو شعر صادق اچي ٿو ته:

ڍونڍو گي همين ملڪون ملڪون

ملني ڪي نهين، ناياب هين هم


 

شهيد بينظير ڀٽو

جيئن مون ڏٺي؟

جامي چانڊيو

 اها ۲۰۰۹ع جي مارچ مهيني جي ڳالهه آهي، مان ڪجهه وقت لاءِ آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ هئس، جيڪا ڪيمبرج شهر ۾ واقع آهي. مان پنهنجي تحقيقي ڪم جي سلسلي ۾ پنجن مهينن جي فيلوشپ تي ويل هئس. ڏينهن جو يونيورسٽيءَ ۾ مصروف ڏينهن گذاري، مان پنڌ ئي پنڌ چارلس نديءَ جي پل پار ڪري ڪيمبرج لڳ شهر بوسٽن هليو ويندو هئس، جتي اڄ به جدت باوجود قديم آمريڪا جو تمدني رنگ گهڻو حاوي آهي. شام جو روز ڪنهن نه ڪنهن وڏي ڪتاب گهر ۾ ويهي ڪتاب به پڙهندو هئس ۽ ڪافيءَ جا دور به پيا هلندا هئا. آمريڪا جا وڏا ڪتاب گهر ڄڻ ته لائبريرين وانگر ٿيندا آهن، جتي ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪتاب پڙهي سگهي ٿو ۽ ڪافي يا چانهه به پي سگهي ٿو. هڪ ڏينهن بارنس اينڊ نوبيل ڪتاب گهر تي ڪجهه ڪتاب کڻي ويٺس ته سامهون منهنجي نظر هڪ بُڪ شيلف تي پئي، جنهن جي مٿئين خاني ۾ ٻئي نمبر تي بينظير ڀٽو صاحبه جو ڪتاب ”اوڀر جي نياڻي“ رکيل هو. مون هڪ نظر ڪتاب تي وڌي ۽ وري پنهنجا ڪتاب ڏسڻ ۾ لڳي ويس. ڪتاب تي بينظير ڀٽو شهيد جي تصوير اهڙي شايع ٿيل آهي، ڄڻ اُها ڪتاب ڏانهن نهاريندڙ کي گهُوري رهي آهي، يعني مون ڏانهن معنيٰ خيز انداز سان نِهاري رهي آهي. مان ڪوشش جي باوجود رهي نه ٿي سگهيس ۽ بار بار منهنجي نهار بي ساخته محترمه جي ڪتاب ڏانهن کَڄِي ٿي وئي. خبر ناهي سندس تازي شهادت جو اندر ۾ ڏک هو يا ڪا ٻي ڪيفيت پر جيئن جيئن منهنجي اک بي ساخته سندس تصوير ڏانهن ٿي نهاريو ته منهنجي اندر ۾ احساساتي ڪيفيت مَٽبي ٿي وئي ۽ هڪ گهڙي آئي، جو مون بي اختيار روئي ڏنو. نيٺ ڪتاب گهر جي اُها ڪنڊ ڇڏي اچي ٻئي پاسي ويٺس.

ڪجهه گهڙين لاءِ اِها وارتا مون کي سمجهه ۾ نه آئي، پرائي ملڪ جي هڪ ڪتاب گهر جي شيلف ۾ محترمه بينظير صاحبه جي رکيل ڪتاب تي نظر ڇا پئجي وئي، اندر ۾ ڪيفيتون ئي تبديل ٿي ويون ۽ نيٺ پاڻمرادو اکيون ڀرجي آيون. پاڻ کان ڄڻ ته سوال ڪيم ته اِهو سڀ ڇا هو، جيڪو مون تي آشڪار ٿيو ۽ جنهن نيٺ اشڪبار ڪيو. مان بينظير ڀٽو صاحبه جي سياست جو ڪڏهن حصو نه رهيس، مون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سياست جي انداز کي ڪڏهن پسند نه ڪيو، نه رڳو اهو پر هميشه ان سان اختلاف ڪيو، پوءِ پرڏيهه ۾ سندس تصوير ڏسي هي اکيون آليون ڇو؟ اِها ڪهڙي دٻيل محبت هئي، احترام ۽ پيار هو، جيڪو ايئن اوچتو آشڪار ٿيو ۽ اشڪبار ڪري پاڻ سان ويڙهي کڻي ويو؟ مون کي ايئن لڳو، ڄڻ اِهو ڪنهن هڪ مخصوص فرد جو نه پر هڪ سنڌيءَ جو محترمه شهيد بينظير ڀٽو لاءِ بي ساخته پيار هو، جيڪو مون تي به آشڪار ٿيو. هونئن ته شهيد بينظير صاحبه سان ذاتي طور به هڪ احترام جو لاڳاپو هو ۽ هوءَ اختلافن باوجود سدائين ڀائيندي هئي. جلاوطنيءَ کان اڳ پاڪستان ۾ هئي ته ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، جنهن ۾ هميشه صلاحون وٺندي هئي. جلاوطنيءَ ۾ هئي ته اِي ميل ذريعي اڪثر حال احوال پئي وٺندي هئي، مشرف دور ۾ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي مڪاني حڪومتن جي چونڊن ۾ هارايو ته ان جي سببن بابت مون کان راءِ ورتائين، جيڪا مون کيس به اِي ميل ذريعي موڪلي ۽ آپا فهميده مرزا معرفت به لکت ۾ موڪلي مانس، جو هن اِها راءِ آپا فهميده مرزا معرفت موڪلڻ لاءِ چيو هو. ڏک اٿم ته هن ڀيري جڏهن واپس آئي ته سائين علي نواز شاهه جي حيدرآباد واري گهر تي خواهش ظاهر ڪيائين ته، ”جاميءَ جي گهر وينديس!“، ان موقعي تي منهنجي دوست ڪمال خان چانگ مون کي بار بار فون ڪري بينظير صاحبه جي ان خواهش بابت ٻُڌائڻ ٿي چاهيو پر ڪنهن مصروفيت سبب مون فون نه کنئي ۽ ايئن محترمه سان ملاقات ٿي نه سگهي، ۽ هوءَ هلي وئي. مون کي اِهو ڏک هميشه رهندو. جتي به هجي هر سال عيد ۽ نئين سال جو ڪارڊ پنهنجيءَ دستخط سان ضرور موڪليندي هئي. محترمه جو اِهو ڪمال هو جو هوءَ انهن ماڻهن سان به راهه رسم رکندي هئي، جن جو ساڻس واضح سياسي اختلاف رهندو هو. هڪ ڀيري لنڊن ۾ پاڪستان جي مشهور صحافيءَ ضياءُ الدين صاحب ٻُڌايو ته هو سدائين شهيد بينظير صاحبه سان واضح اختلاف رکندو هو پر ان جي ڪري ڪڏهن به سندن احترام جي لاڳاپي ۾ فرق نه آيو. نذير لغاري صاحب هڪ ڀيري دلچسپ واقعو ٻُڌايو ته، جنرل ضياءَ جي دور ۾ سندس بينظير صاحبه سان واقفيت ٿي ۽ هوءَ جڏهن ۱۹۸۸ع ۾ پهريون ڀيرو وزير اعظم ٿي ته هن کيس پاڻ گهر فون ڪيو، جيڪو سندس گهر واريءَ کنيو. اسان جي دوست نذير لغاريءَ جي سادي سودي گهر واريءَ کي اِها پَڪَ نه ٿي پئي ته ڪو فون ڪندڙ واقعي به بينظير ڀٽو صاحبه هئي ۽ هن پنهنجي سادگيءَ سبب ورائي ورائي کانئس پڇي پڪ ڪئي ته اُها واقعي ملڪ جي وزير اعظم ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو هئي. دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته جڏهن ورهين کانپوءِ، شايد ۲۰۰۵ع ۾، نذير لغاري پنهنجي گهر واريءَ سميت دبئي ويو ۽ بينظير صاحبه سان ملڻ ويو ته هن نذير لغاريءَ جي گهر واريءَ کي گهڻو قرب ڏنو ۽ سڄو ڏينهن گهر ۾ سندن ميزباني ڪندي گذاريو. ڀانئيان ٿو ته ۱۹۹۸ع جي ڳالهه آهي، ڪراچيءَ ۾ بينظير صاحبه پنهنجي ڏاڏي سر شاهنواز ڀُٽي جي ورسيءَ جو پروگرام رٿيو، جنهن ۾ سياستدانن کي گهٽ پر دانشورن ۽ اديبن کي وڌيڪ گهرايو ويو هو، مون کي به دعوت هئي، سو ويس. سائين غلام مصطفيٰ شاهه ان پروگرام جو خاص مهمان هو. جڏهن محترمه اسٽيج تي تقرير لاءِ آئي ته منهنجي هڪ سال جي عمر جي پُٽ عاطف وٺي گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو. بجاءِ ان تي اَرهي ٿيڻ جي ناهيد خان کي هَٿ جي اشاري سان چيائين ته ٻارڙي کي ٻاهر گهمايو ۽ ناهيد خان منهنجي پُٽ کي ٻاهر کڻي وئي. جڏهن سندس تقرير پوري ٿي ته بينظير صاحبه عاطف کي سڏي پنهنجيءَ شفيق هنج ۾ ويهاريو، ڪاوڙجڻ بجاءِ کيس پيار ڪيو ۽ ڀانئيان ٿو ته ڪا ٽافي يا چاڪليٽ کيس ڏنو هئائين، ساڻس گڏ فوٽو ڪڍرايائين. منهنجي شهر قمبر ۾ هوءَ هميشه ڪنهن به نام نهاد وڏي ماڻهوءَ جي نه پر پنهنجي ڪارڪن، منهنجي پاڙيسري ۽ ليکڪ ذوالفقار قادريءَ جي گهر ويندي هئي ۽ کيس پنهنجو ننڍو ڀاءُ سڏيندي هئي. ڪمال جي ڳالهه ته اِها آهي ته شاديءَ جي اسٽيج تي ڀاءُ طور پڻ ذوالفقار قادريءَ کي ئي ويهاريائين، جيڪو پوءِ اڳتي هلي مير مرتضيٰ جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو. اهڙا سوين ته ڇا پر هزارين واقعا آهن، جيڪي سڄي ملڪ جي مختلف حصن ۾ ماڻهن جي زبانن تي آهن يا سندن دلين ۾ محبت سان محفوظ آهن.

اها ڳالهه ته هن جا بدترين مخالف به مڃندا، ته محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جوهر ۾ تمام گهڻي بهادر انسان هئي ۽ نه رڳو بهادر پر روايتي سنڌي سورهيائيءَ موجب توڪلي ماڻهو به هئي. مثال طور جڏهن پاڪستان اچڻ شرط مٿس ڪارساز وٽ حملو ٿيو، ته ان جي ٻئي ڏينهن هوءَ جنهن جُرئت، همت ۽ سورهيائيءَ سان پنهنجي بلاول هائوس واري پريس ڪانفرنس ۾ سامهون آئي، ان دنيا کي نه رڳو حيران ڪيو، پر ڄڻ ته هڪ نئين ۽ مختلف بينظير دنيا سان متعارف ٿي. دنيا حيران هئي ته، سندس چهري ۽ رويي ۾ موت کان خوف جو ڪو به آثار نه هو، هوءَ شايد جيئري ئي پنهنجي سورهيائيءَ سان جسماني موت کي مات ڏئي چُڪي هئي. مونکي منهنجي دوست ڪمال خان چانگ ٻڌايو ته، هوءَ ڪارساز حملي کانپوءِ پنهنجن سياسي دورن ۾ سيڪيورٽيءَ جو به ڪو لحاظ نه رکندي هئي. سندس جڳ مشهور آمريڪي دوست مارڪ سيگل واشنگٽن ۾ حسين حقانيءَ آڏو ٻڌايو ته، پاڪستان واپس اچڻ وقت ڄڻ ته کيس يقين جهڙي پڪ هئي ته، کيس پاڪستان ۾ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي شهيد ڪيو ويندو پر اهو انديشو هڪ خوف جي شڪل ۾ سندس سياسي تحرڪ دوران ڪٿي به سندس اعصابن تي حاوي نظر نه آيو. بنيادي طور هڪ معصوم صفت شخصيت هئڻ سبب شايد کانئس عوامي ميڙ ۾ وسري ويندو هو ته، پرويز مشرف جي اڳواڻيءَ ۾ تڏهوڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ سندن ساٿاري ڏانئڻ بڻجي هن کي اجل جو شڪار بڻائڻ جو فيصلو ڪري چُڪا هئا ۽ پس و پيش ائين ئي ٿيو.

جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ انيڪ ۽ سنگين غلطيون به ڪيون ۽ هن جي بهادري، ثابت قدمي ۽ جدوجهد به باڪمال آهي. هونئن ته محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي تربيت ابتدائي طور سندس پيءُ شهيد ڀُٽي جي هٿان ٿي پر مان سمجهان ٿو ته هن جي اصل تربيت هن جي پَنڌَ ۽ جدوجهد ڪئي. پَنڌَ ۽ جدوجهد کان وڏو ڪو ٻيو استاد ٿي نه ٿو سگهي. هونئن ڏٺو وڃي ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڀيٽ ۾ شهيد بينظير صاحبه جي جدوجهد وڌيڪ طويل، ڏکي ۽ حساس هئي. هڪ مرداڻي معاشري ۾ هن پنهنجيءَ سوچ، پنڌ، جدوجهد ۽ قربانين سان پاڻ کي رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي ئي نه پر دنيا جي هڪ قدآور اڳواڻ طور پاڻ مڃرايو ۽ ثابت ڪيو. ممڪن آهي ته گهڻا ماڻهو اختلاف ڪن پر مان سمجهان ٿو ته سياسي ڪردار ۾ شهيد بينظير پنهنجي والد کان گهڻو مٿي هئي، شايد سبب اِهو به هجي جو هوءَ هڪ حساس دل رکندڙ ڌيءَ، ڀيڻ ۽ ماءُ هئي. هن ۾ ڪجهه شيون هوبهو شهيد ڀُٽي وانگيان به هيون، خاص طور هن جو هر وقت سرگرم ۽ متحرڪ رهڻ. مان سڄي ملڪ ۾ هلندو ڦرندو آهيان ۽ هميشه اِهو ٻُڌي حيران ٿيندو آهيان ته اِهي ٻئي پيءُ ۽ ڌيءَ هر هنڌ ويا هئا. ماڻهن سان هنن جو سڌيءَ ريت گهرو ۽ حُجت وارو لاڳاپو هو. شهيد بينظير ڀٽو جي سياسي زندگيءَ تي ڪيترائي بنيادي نوعيت جا اختلاف ڪري سگهجن ٿا پر هڪ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هوءَ رڳو پاڪستان جي ئي نه پر پنهنجي هم عصر دور جي هڪ عالمگير جمهوريت پسند اڳواڻ هئي، جنهن جي زندگي به جمهوريت لاءِ جدوجهد ۾ گذري ۽ جنهن پنهنجو سِرُ به جمهوريت لاءِ ڏنو.

سندس ڇهين ورسيءَ جي موقعي تي مان ٻه ڏينهن اڳ يعني ۲۵ ڊسمبر تي پنهنجي اسلام آباد مان آيل دوست ۽ شهيد بينظير صاحبه سان گهڻي ويجهڙائي رکندڙ ظفر الله خان سان گڏ ڳڙهي خدا بخش ۾ محترمه جي مزار تي هئس ته منهنجي ساڳي اُها ئي ڪيفيت هئي، جيڪا ۲۰۰۸ع ۾ ڪيمبرج جي هڪ ڪتاب گهر ۾ هئي. مون کي محسوس ٿيو، اِهو هڪ فرد جو نه پر پاڪستان ۾ فلاحي جمهوري رياست جي تصور جو قتل هو، جنهن جا نتيجا هي ملڪ زمانن تائين ڀوڳيندو. سندس ڇهين ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ سندس مزار جي اڱڻ تي هلندي، مون کي اِهو به احساس بار بار ذهن ۾ کٽڪي رهيو هو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ان خواب جو ڇا ٿيو، جنهن لاءِ هن پنهنجو سِر ڏنو! ڇا هن اِها قرباني ان لاءِ ڏني هئي ته سنڌ جا وسيلا ڦُرلٽ جو مال سمجهي ڀيليا وڃن، سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ اقربا پروريءَ جي بازار گرم هجي، سنڌ جا ماڻهو سندس پارٽيءَ کي بار بار اڪثريتي مينڊيٽ ڏيڻ باوجود نڌڻڪا هجن ۽ بي وس هجن، خيراتن لاءِ واجهائيندا هجن، سندس ديس جا نوجوان ميرٽ جي لتاڙ سبب وڏيرن جي درن تي ڌِڪا کائڻ لاءِ مجبور هجن ۽ امير سنڌ جو عوام بيحد غريب هجي. گذريل پنج سال زرداري صاحب جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ سندس پارٽيءَ جو راڄ هو، ڪا اڳڀرائي ٿي شهيد بينظير جي قاتلن کي ٺلهو بي نقاب ڪرڻ جي به؟ آصف صاحب سندس مزار جي احاطي ۾ چيو هو ته کيس قاتلن جي خبر آهي، پوءِ ڪهڙي مصلحت هئي ۽ آهي جيڪا توهان کي روڪي ٿي ته سنڌ، ملڪ ۽ دنيا جي هن عظيم جمهوريت پسند اڳواڻ جي قاتلن کي پڌرو نه ڪريو. شيخ حسينه واجد چاليهه سال گذرڻ کانپوءِ به الشمس ۽ البدر جي اڳواڻ کي ملڪ سان غداريءَ جي نتيجي ۾ دار جي تخت تي، پنهنجي منطقي انجام تي پُڄائي سگهي ٿي ته پوءِ توهان ايئن ڇو نه ٿا ڪري سگهو؟ ڪهڙي مصلحت آهي، جيڪا توهان کي روڪي ٿي؟ شايد هر قيمت تي ڪرسيءَ جي لالچ!

مان سمجهان ٿو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ڇهين ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پنهنجو احتساب پاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ اِها ئي محترمه کي حقيقي ڀيٽا ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته جنهن اقتدار جا هو مزا ماڻين ٿا، اُهو اقتدار کين سندن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي نه پر شهيد بينظير جي وهايل رَتَ جي بدلي مليو آهي، جنهن جو حقيقي احترام هو پنهنجي موجوده سياسي ڪردار جي بي رحم احتساب سان ئي ڪري سگهن ٿا. باقي رهي محترمه شهيد بينظير ڀٽو، ته هوءَ هاڻي رڳو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نه پر سموري عوام جو گڏيل ورثو آهي ۽ اِهو ئي سبب آهي جو هن سان اُهي ماڻهو به محبت ڪن ٿا، جن جو هن جي پارٽيءَ سان ڪوبه نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي لاڳاپو نه آهي. هوءَ هڪ انسان هئي، سو خامين کان خالي نه هئي، هڪ سياستدان هئي، سو يقينن انيڪ غلط فيصلا به ڪيائين پر پنهنجي مجموعي جوهر ۽ ڪردار ۾ هوءَ هڪ عظيم انسان، باوقار اڳواڻ ۽ سچ پچ ته ”بي نظير“ هئي!


 

بينظير زندگي، بينظير شهادت

سيد قائم علي شاهه

 ۲۷ ڊسمبر جو ڏهاڙو به ۴ اپريل وانگر هڪ وڏي سانحي جي ياد طور ملهايو وڃي ٿو، ان ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کي بيان ڪرڻ ۾ اڄ به زبان اٽڪي پوي ٿي، مون کي سدائين ان ڳالهه جو ڏک ۽ پيڙا رهي ته آئون پنهنجي پارٽيءَ جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ميت کي ڪلهي ڪانڌي نه ٿي سگهيس، ڇو ته اسان کي سندس مڙهه جي ويجهو ئي وڃڻ نه ڏنو ويو، مسلم دنيا ۽ ٽين دنيا جي محبوب ترين قائد کي وارثن بنا مٽيءَ ماءٌ حوالي ڪيو ويو، ان ڳالهه کان وڌيڪ صدمو مون کي ان وقت ٿيو، جڏهن مون محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي مڙهه کي ڪلهو ڏنو، ڪاش! اها گهڙي منهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه اچي ها، ڇو ته هوءَ شهيد ڀٽو کانپوءِ اسان ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مظلوم ماڻهن جو سهارو هئي،ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته ڇا ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي برپا ٿيندڙ قيامت کي ٽاري نٿي سگهيو ويو؟ جيتوڻيڪ اسان سڀني کي اندازو هو ته جيڪڏهن بي بي ڏيهه واپس آئي ته سندس جان کي خطرو آهي، اسان ته خدشن جو اظهار ڪيو پئي پر محترمه بينظير ڀٽو کي يقين هو ته جيڪڏهن هوءَ واپس نه وئي ته جمهوريت جو سج ڪڏهن به نه اڀري سگهندو ۽ سندس وطن جو غريب عوام ڊڪٽيٽر جي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجندو رهندو، انساني حقن جي ڀڃڪڙي، ملڪي وسيلن جي لُٽ مار، غربت ۽ بيروزگاري پنهنجون جڙون مضبوط کان مضبوط ڪندي ويندي ۽ جيڪڏهن هوءَ واپس پنهنجي وطن آئي ته پاڪستان دشمن ۽ آمريت نواز قوتون کيس رستي تان هٽائڻ لاءِ هر ظلم ڪري گذرنديون. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي شهادت کان ڪجهه ڏهاڙا اڳ ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ڀٽو جي مقبري جا دروازا بند ڪري پنهنجي شهيد بابا، شهيد ڀائرن ۽ پنهنجي خاندان جي ٻين مرحومن جي قبرن جي وچ ۾ ان جڳهه تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺي رهي، جتي کيس دفن ٿيڻو هو. هوءَ يقينن ان لاءِ ڏيهه واپس آئي هئي ته سندس وطن کي هڪ عظيم قرباني جي ضرورت هئي. بقول فيض پهر هم هي قتل هو آئين،يارو چلو جي مصداق هوءَ پنهنجي ٻچڙن جو خيال ڪرڻ بنا پاڪستان هلي آئي. اسان ۱۸ آڪٽوبر کان اڳ به بي بي کي درخواست ڪئي هئي ته هوءَ وطن واپس نه اچي. ۱۸ آڪٽوبر تي جڏهن ڪراچيءَ ۾ سندس آجيان لاءِ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو ته آمرانه قوتن کان برداشت نه ٿيو ۽ انهن ان ئي ڏينهن بي بي جي جان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. بم ڌماڪن ۾ محترمه ته بچي ويئي پر ۲ سئو کان وڌيڪ جمهوريت پسندن جا لاش ڳوڙهن، آهُن ۽ سسڪين سان اسان کي پنهنجي ڪلهن تي کڻڻا پيا. ۱۸ آڪٽوبر کانپوءِ اسان شهيد بي بيءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست ڪئي ته هوءَ واپس پرڏيهه هلي وڃي پر سندس هڪ ئي جواب هو ته سندس جيئڻ ۽ مرڻ پاڪستان جي عوام سان آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر چيو هو ته، اسان دليلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وارا ماڻهو آهيون، اسان جا به نظريا ۽ جذبا آهن، اسان کي خبر آهي ته ڪيئن زندهه رهڻو آهي ۽ ڪيئن مرڻو آهي، يقينن بهادر ۽ سچا ماڻهو ئي وڌيڪ ڄاڻندا آهن ته ڪيئن جيئڻو آهي ۽ ڪيئن مرڻو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اڄ دنيا شهيد بي بي جي زندگيءَ کي بينظير ۽ شهادت کي به بينظير قرار ڏئي رهي آهي.

تازو ئي اسان کان وڇڙيل ڏکڻ آفريقا جي عظيم اڳواڻ نيلسن منڊيلا پنهنجي سوانح عمري ۾ هڪ جڳهه تي لکيو آهي ته بهادر شخص اهو ناهي جيڪو خود خوف محسوس نه ڪري پر بهادر شخص اهو آهي جو پنهنجي عظيم آدرشن سان ان خوف تي ضابطو آڻي. شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جهڙا ارڏا ۽ بهادر ماڻهو تاريخ ۾ تمام گهٽ جنم وٺندا آهن، ڌرتي ۽ عوام سان عشق ۽ رومانيت جو جيڪو ناتو انهن جو هو، اهو تاريخ ۾ تمام ٿورڙن ماڻهن جو آهي. اهو رشتو انهن جو اصل آدرش ۽ طاقت هئي. هنن راههِ وفا ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه نثار ڪري ڇڏيو، هو جڏهن زندهه رهيا ته استحصالي قوتن خلاف جبل بڻجي بيٺل هئا ۽ جڏهن وقت آيو ته پنهنجي آدرشن لاءِ انهن جان به قربان ڪري ڇڏي.

جو رڪي تو ڪوهِ گران ٿي هم، جو چلي تو جان سي گذرگئي

رهِه يار هم ني قدم قدم، تجهي يادگار بناديا.

اسان کي هاڻي ان ڳالهه جو احساس ٿي رهيو آهي ته، جيڪر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ان وقت ڏيهه واپس نه اچي ها يا واپس اچڻ بعد چونڊ مهم ڇڏي ٻيهر جلاوطني اختيار ڪري ها، ته اڄ تاريخ جو وهڪرو ڪنهن ٻئي طرف وهي رهيو هجي ها. شهيد بي بيءَ جي ۱۸ آڪٽوبر کانپوءِ جي تقريرن ۽ انٽرويوز جو هاڻي ٻيهر مطالعو ڪيو وڃي ته خبر پوي ٿي ته ۱۸ آڪٽوبر تي سندس ڏيهه واپسيءَ جو فيصلو درست هو. هن پنهنجي تقريرن ۽ انٽرويوز ۾ ٻن اهم ڳالهين جي نشاندهي ڪئي هئي. هڪ ڳالهه هيءَ ته پاڪستان جي ڪجهه علائقن تي رياست جي عملداري ختم ٿي چڪي آهي ۽ اتي پاڪستان جو جهنڊو به ڦڙڪي نٿي سگهيو، شدت پسند تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا هئا ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۾ آمريت وڌيڪ رهي ٿي ته پاڪستان جي بقا لاءِ خطرا وڌي وڃن ٿا. اهو ئي سبب هو ته محترمه پنهنجي هر جلسي ۾ اهو ئي چوندي هئي ته ”آئون پنهنجي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي آئي آهيان، ڇاڪاڻ ته پاڪستان خطري ۾ آهي“ محترمه اهو به بار بار چوندي هئي ته منهنجي ڌرتي مونکي سڏي رهي آهي، مان ڪيئن سُک سان ويهان، ٻي ڳالهه اها هئي ته عالمي استحصالي قوتون ”تهذيبن جي ٽڪراءُ“ جي نظريي جي بنياد تي دنيا کي ڀوائتين جنگين طرف ڌڪي رهيون هيون، انهن اها ڳالهه چئي ته اسلام ۽ مغرب جي وچ ۾ تهذيبي ٽڪراءُ شروع ٿي ويو آهي، انهيءَ نام نهاد ٽڪراءَ پاڪستان سميت اسلامي دنيا کي اندروني عدم استحڪام، خلفشار ۽ خونريزي جي تباهڪُن صورتحال جي ڪناري تي اچي بيهاريو هو ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت بحال نه ٿي ته وڌندڙ انتهاپسندي، تهذيبي ٽڪراءَ واري سازش جي ڪاميابيءَ جو سبب بڻجي وڃي ها، ان لاءِ محترمه بينظير ڀٽو ۲ مقصد کڻي ڏيهه واپس آئي هئي، هڪ مقصد هيءُ هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ڪري پاڪستان جي سلامتيءَ لاءِ وڌندڙ خطرن جو مقابلو ڪيو وڃي ۽ ٻيو مقصد اهو هو ته پاڪستان سميت هن خطي ۽ دنيا کي ڀوائتين جنگين کان بچائڻ لاءِ عملي طور ڪردار ادا ڪيو وڃي.

محترمه بينظير ڀٽو ڏيهه واپس نه اچي ها يا چونڊ مهم خود نه هلائي ها ته جنرل (ر) پرويز مشرف ۽ سندس حواري پاڪستان جي عوام جي چونڊ مينڊيٽ کي چورائڻ جو منصوبو پورو ڪري وڃن ها، ان سان پاڪستان ۾ جمهوريت بحال نه ٿئي ها ۽ اڄ پاڪستان ۾ وڌيڪ خطرا هجن ها، حقيقت ته اها آهي ته شهيد بي بي جو رت ئي جمهوريت جي آبياري آهي، ان جو ڪريڊٽ جيڪڏهن ڪو ٻيو شخص کڻي جمهوريت جو چيمپئين ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي هيرو بڻائڻ جو بيشڪ ڊرامو ڪندو رهي پر تاريخ اهو ڪريڊٽ صرف ۽ صرف شهيد بي بي کي ڏئي ٿي، اڄ جيڪڏهن هن ملڪ جوعوام جمهوريت جو ثمر چکي رهيو آهي ته اهو محترمه جي قربانيءَ جو نتيجو آهي، جيڪڏهن ادارا بحال ۽ مستحڪم ٿي رهيا آهن ته اهو به محترمه بينظير جي قربانيءَ جو ثمر آهي، جيڪڏهن غريب عوام مرڪزي حڪومت کان وٺي صوبائي ۽ بلدياتي حڪومتن لاءِ پنهنجي پسند جا نمائندا چونڊڻ جو حق استعمال ڪري رهيو آهي ته اهو به محترمه شهيد جي قربانيءَ جو ئي ڦل آهي، جيڪڏهن ملڪ جو غريب عوام جمهوريت جي گهاٽي وڻ جي ڇانوءَ هيٺ سُک جو ساهه کڻي پيو، ته اهو به محترمه جي ڪاوشن، قربانين، لازوال ۽ اڻٿڪ جدوجهد جو نتيجو آهي. سندس عظيم قربانيءَ سبب اڄ جمهوري قوتون قومي سلامتي جي پاليسين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق ٿيون آهن ۽ پاڪستان جي بقا خلاف سازشون روڪڻ لاءِ عوام منظم ٿي رهيو آهي، انهن علائقن تي ٻيهر پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو آهي، جتي اڳ رياست جي عملداري نه هئي. محترمه جي نظريي جون حدون صرف اتي ختم نٿيون ٿين ته رڳو پاڪستان ۾ جمهوريت کي بحال ٿيڻو آهي. محترمه ماضيءَ جي تِکن تجربن جي روشنيءَ ۾ جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ مفاهمتي پاليسيءَ جو اهڙو نظريو ڏنو، جنهن سان جمهوريت هميشه هميشه لاءِ جاري ۽ ساري رهي سگهي، جنهن سان جمهوريت تي ٻيهر ڪو غاصب راتاهو هڻي نه سگهي، جنهن سان پاڪستان جو غريب عوام ٻيهر حقن کان محروم ۽ بي سهارو ٿي نه سگهي. محترمه جي مفاهمتي پاليسيءَ تي عمل لاءِ نه صرف جمهوريت جي بحاليءَ سان فوري طور تي مثبت نتيجا مليا آهن پر مفاهمتي پاليسيءَ سان ڏکين ۽ ڳنڀير مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ دنيا کي هڪ نئون دڳ مليو آهي. مفاهمت صرف پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان مسلم ليگ (ن) ايم ڪيو ايم يا ٻين سياسي جماعتن سان رنجشون ۽ دوريون مٽائڻ جو نالو ناهي پر هي فلسفو ان کان به اڳتي ٽڪراءَ کان بچڻ جو سبق ڏئي ٿو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو مغرب ۽ اسلام جي وچ ۾ مفاهمت چاهي پئي، هن پنهنجي ڪتاب ۾ آمريڪا جي قدامت پسند سياسي دانشور پروفيسر سيموئل هنٽنگٽن جي تهذيبن جي وچ ۾ ٽڪراءَ جي نظريي کي تاريخ جو بدنام ۽ غير منطقي نظريو قرار ڏنو. هن ثابت ڪيو ته مغرب ۽ اسلام وچ ۾ ڪوبه ٽڪراءُ ناهي ۽ اسلام هڪ امن پسند دين آهي، هن پنهنجي دليلن سان هي به ثابت ڪيو ته شدت پسندن جو موقف نه صرف ڪمزور آهي پر اهي شدت پسند عالمي سامراجي قوتن جي مقصدن جي تڪميل ڪري رهيا آهن، پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ محترمه مغرب ۽ اسلام وچ ۾ مفاهمت جي ٺوس امڪانن جي به نشاندهي ڪئي. شهيد بي بي اسلامي سماج ۾ اندروني ٽڪراءَ ۽ رتوڇاڻ جهڙين جنگين ۾ ملوث ڌرين جي وچ ۾ به مفاهمت چاهي ٿي. شهيد بي بي جو اهو چوڻ درست هو ته مغرب ۽ اسلامي دنيا جي جنگ ۾ ايترا ماڻهو نٿا مرن، جيترا پاڻ ۾ ٿيندڙ جهڳڙن ۾ مرن ٿا، شهيد بي بي سڀني فرقن، گروهن ۽ طبقن جي وچ ۾ مفاهمت چاهيندي هئي، اهو هڪ عظيم فلسفو آهي جنهن تي پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ان جي روح مطابق عمل ڪيو. اها اُهائي پاليسي هئي، جنهن هيٺ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت جي ردعمل ۾ آصف علي زرداري پنهنجي ڪٽنب جي ايڏي وڏي نقصان، پاڪستان ۽ خصوصي طور سنڌ جي عوام جي غم ۽ ڪاوڙ جي باوجود پاڪستان جي سلامتي لاءِ ”پاڪستان کپي، پاڪستان کپي“ جو نعرو بلند ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ هن ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو. هن حڪومت ۾ اچڻ ۽ صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نه صرف پاڪستان جي ۱۹۷۳ع واري آئين کي اصل صورت ۾ بحال ڪرايو، صوبن کي خودمختياري ڏياري، اين ايف سي ايوارڊ منظور ڪرايو پر سڀ کان وڏي قرباني اها هئي ته هن پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي واپس ڪيا، اها به سندس مفاهمتي پاليسي هئي، جنهن هيٺ هن مخالفن ۽ ڪجهه ميڊيا جي ادارن جي ڇتي ۽ ناجائز تنقيد کي نه صرف صبر سان ٻڌو پر طاقت هئڻ جي باوجود ڪنهن به قسم جي ردعمل جو اظهار نه ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ جا وڏي ۾ وڏا دانشور جيڪي ميڊيا تي اچي سندس سخت مخالفت ۽ تنقيد ڪندا هئا، اڄ سندس صبر تي جهڪي کيس سلام پيش رهيا آهن ۽ هي سڀ ان مفاهمتي پاليسي جو ئي نتيجو آهي، جنهن هيٺ هن نه صرف پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقليءَ کي يقيني بڻايو پر هڪ عظيم اسٽيٽس مين جي حيثيت سان هن خطي جي پراڻن مسئلن کي حل ڪيو.

مون کي ان ڳالهه تي به فخر آهي ته شهيد ڀٽو جو عظيم سياسي ورثو آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صورت ۾ اسان سان گڏ آهي ۽ پي پي پي جون واڳون آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جهڙي نڊر ۽ بهادر ماڻهن جي هٿن ۾ آهن. شهيد بي بي جو هڪ ٻيو ڪارنامو هي هو ته هن پاڪستان جي ڪمزور طبقن ۽ گروهن کي طاقتور ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ به پاليسي ڏني ته جيئن پاڪستاني معاشري مان ناانصافيءَ جون پاڙون پٽجن ۽ هڪ باوقار قوم جي حيثيت ۾ ماڻهو پنهنجي وطن ۽ پنهنجي بنيادي حقن جو بچاءُ ڪري سگهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت عورتن کي وڌ کان وڌ اختيار ڏيڻ، اقليتن کي تحفظ ڏيڻ ۽ سندن ڀلائي لاءِ وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ، مزدورن، محنت ڪشن ۽ ڪُڙمين جي زندگي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ خصوصي پاليسيون جوڙيون آهن، جيڪڏهن شهيد بي بي وطن واپس نه اچي ها يا چونڊ ميدان آمراڻين قوتن لاءِ خالي ڇڏي ها ته اڄ پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ها، ان جو تصور ئي ڀوائتو هجي ها. شهيد بي بي جو رت ضرور رنگ لائيندو، ان جو هي خواب ضرور پورو ٿيندو ته پاڪستان هڪ پرامن، روادار ۽ جمهوري معاشرو هجي ۽ هتي رهڻ لاءِ هڪ بهترين ۽ انصاف ڀريو ماحول هجي، اسان سڀني تي محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي قربانين جو هڪ وڏو قرض باقي آهي، جنهن کي چُڪائڻ لاءِ اسان کي هن ملڪ کي هڪ فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، جتي نه ڪو غريب هجي نه ڪو مجبور هجي.

جو هم پي گُذري سو گُذري، مگر شبِ هجران

هماري اٰشڪ تيِري عاقبت سنوار چلي“


 

شھيد بينظير ڀٽو جي بينظير زندگي

فرحين ھارون

۲۱ جون ۱۹۵۳ع ڀٽو خاندان لاءِ ھڪ اھڙو خوشين وارو ڏينھن ھيو جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو جي گھر ۾ ھڪ نياڻي جنم ورتو. ذوالفقار علي ڀٽي جھڙي اعليٰ شخصيت ھن نياڻي کي ڏسي ان جو نالو بينظير رکيو ۽ کيس پيار مان پنڪي ڪري ڪوٺيندا ھئا. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي پنھنجي پياري پنڪي ۾ اھي سموريون خوبيون نظر آيون جيڪي شھيد بابا سياست جي ڪائنات ۾ سنوارجڻ جي لاءِ سوچيو ھيو، ھن ننڍڙي نياڻي جڏھن شعور جي ڌرتيءَ تي پير کنيا ته ان کي پنھنجي پيءُ ماءُ طرفان اھڙي تربيت ملي جيڪي ان جھڙي شخصيت رکندڙ ٻار جي ضرورت ھئي. ڀٽو صاحب کي محترمه جي شخصيت ۾ پنھنجو عڪس نظر آيو. ڀٽو صاحب ۽ بيگم نصرت ڀٽو ان جي تربيت سان گڏوگڏ ان کي بھترين تعليم ڏيارڻ جو سوچي ورتو. محترمه جھڙي ھوشيار نياڻي پنھنجي والدين جي اکين ۾ اھي سمورا خواب ڏسي ورتا جيڪي سندس شھيد بابا ان لاءِ اکين جي آکيرن ۾ سھيڙيا ھئا. پنڪي پنھنجي شروعاتي تعليم عام ٻارن جيان حاصل ڪئي جنھن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ کيس ٻاھرين مُلڪ موڪليو ويو. ھو ھڪ خوش طبيعت، ملنسار، بااصول ۽ نرم مزاج جي ڇوڪري ھئي. ھن آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيه ۽ ھارورڊ يونيورسٽي آمريڪا مان سياسيات، معاشيات ۽ قانون جون ڊگريون حاصل ڪيون. ھن ھميشه تعليم کي گھڻي اھميت ڏني. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن پاڪستان جون پھريون چونڊيل وزير اعظم ٿيو ته جمھوريت جا دشمن سندس دشمن ٿي ويا ۽ کيس ختم ڪرڻ جا حربا ۽ اٽڪلون ڪندا رھيا. جنرل ضياءَ الحق ڊڪٽيٽر، پنھنجي گندي ذهنيت ۽ اقتدار جي حوس جي عينڪ پائي شھيد ڀٽي جي حڪومت جو تختو انڌو ڪيو ۽ کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل موڪليو ۽ گڏوگڏ بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترم بينظير ڀٽو کي به نظر بند ڪري ان تي ظلم ۽ جبر جا جبل ڪيريا. شھيد ڀٽو جيل مان عوام جو ھٿ محترمه جي ھٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ محترمه شھيد کي سياست جي جنت عوام جي پيرن ۾ ھجڻ جي نصيحت ڪندي چيو ته اُن کي حاصل ڪرڻ ئي ڀٽو ازم اٿئي. محترمه جھڙي شخصيت ڀلا ڪيئن پنھنجي بابا سان ڪيل وچن جي خلاف وڃي ھا؟

آمر ۽ ان سامراجي قوتون وري ڀٽو صاحب کي ڦاسي تي چاڙھائي خوشيون ڪرڻ لڳا ته ھاڻي اڄ کان پوءِ ڪير به جمھوريت جو حامي نه ھوندو. پر انھن سامراجي قوتن کي اھا خبر نه ھئي ته ڀٽي صاحب جھڙو ليڊر ھميشه انھن جي سوچن کان اڳتي ھو. ھن پنھنجي عوام کي بي سھارو نه ڇڏيو ۽ پنھنجي نياڻي بينظير کي عوام جو سھارو بڻائي جمھوريت جو سفر جاري رکڻ جي ھدايت ڪئي. بينظير صاحبه جھڙي قدامت پسند شخصيت پنھنجي پيءُ جي موت جو بدلو جمھوريت کي قرار ڏيئي ڇڏيو. جمھوريت جا دشمن ھن نياڻي خلاف مختلف حيلا اٽڪايا پر ھن بھادر نياڻي ڪڏھن به پنھنجي جان جي پرواهه ناھي ڪئي. جڏھن انھن قوتن کي اھو معلوم ٿيو ته محترمه ھڪ بھادر نياڻي ٿي پنھنجي شھيد بابا جو مشن جاري رکڻ واري فيصلي سان ھن ملڪ ۾ وري جمھوريت آڻيندي. تڏھن ظالمن بي بي صاحبه جي ننڍي ڀاءُ شاھنواز ڀٽو کي شھيد ڪري بينظير جي منصوبن کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ ڄائي نياڻي پنھنجي ڀاءُ جي لاش سان گڏ پاڻ لاڙڪاڻي آئي ۽ پنھنجي پياري ڀاءُ کي مٽي ماءَ حوالي ڪيائين. محترمه پنھنجي مٿان ٿيل ظلمن کي پنھنجي طاقت بڻائي پنھنجي منصوبن کي اڃا وڌيڪ ڪامياب ڪري رھي ھئي. بي بي صاحبه آمرن سان اکين ۾ اک ملائي ۽ ان کي ڌمڪيون ڏيئي ڳالھائيندي ھئي.

بينظير ڀٽو جڏھن پھرين ڀيري جلاوطني ختم ڪري پنھنجي وطن واپس پھتي ته سڄو ملڪ ھن نياڻي جي استقبال لاءِ لاھور پھچي ويو ۽ ماڻھن جو ھڪ سمنڊ ھو جيڪو جيئي ڀٽو جا فلڪ کي ڇھندڙ نعرا ھنيا. بي بي صاحبه جڏھن جرئتمندي سان اليڪشن کٽي ته اسلامي دنيا جي پھرين خاتون وزير اعظم بڻجي ويئي ۽ ان سان گڏوگڏ دنيا جي ننڍي ڄمار رکندڙ وزير اعظم ٿيڻ جو اعزاز ماڻيائين. محترمه جڏھن ٻه ڀيرا چونڊون کٽي وزير اعظم ٿي ته جمھوريت جا دشمن آمر ۽ ھن ملڪ جا دشمن اھي برداشت نه ڪري سگھيا. آمرن ۽ سامراجي قوتن وري گڏ ٿي محترمه کي پنھنجي رستي تان ھٽائڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪيون. ھن ڀيري انھن قوتن وري محترمه جي وڏي ڀاءُ ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي فرزند مير مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي ۽ ھو ھن سازش ۾ ڪامياب ٿي ويا. ظالمن سندس حڪومت ۾ ئي سندس ڀاءُ کي شھيد ڪيو ته وري سندس شھادت جا الزام به مٿس ۽ سندس ور تي مڙھيا ۽ پوءَ سازش ڪري سندس حڪومت کي برطرف ڪيو ويو. محترمه کي ته رب ڌڻي صبر عطا ڪيو. ۽ ھوءِ صبر ۽ تحمل جو پيڪر رھندي آئي ۽ ظالمن جا ظلم عقوبتون ۽ سازشون سھندي ڪڏھن نه ٿڪي.

محترمه بينظير ڀٽو شھيد ۱۸ ڊسمبر ۱۹۸۷ع ۾ جناب حاڪم علي زرداري صاحب جي پٽ جناب آصف علي زرداري سان ڪراچي جي دل لياري ۾ شادي ڪيائين، جناب آصف علي زرداري ھر مرحلي تي محترمه جو ساٿ ڏيئي رھيو ھو. اھو ڏسي نوازشريف جي دور ۾ بي بي صاحبه جي ور آصف علي زرداري کي سياسي ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل موڪليو ويو. جنھن ڪري محترمه وري سياسي افق تي اڪيلي ٿي وئي ۽ محترم جون پريشانيون اڃان وڌي ويون پر بينظير ڀٽو ڪڏھن به ڪنھن به موقعي تي ڪمزور نه ٿي. بي بي صاحبه جا ٽي ٻار، ھڪ پٽ بلاول ٻه ڌيئون بختاور ۽ آصفه آھن. محترمه آصف زرداري کي جيل مان ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي ۽ عدالتي فيصلو سندس حق ۾ اچڻ وارو ھو ته ھو وري ھڪ ٻيو آمر جنرل مشرف جي صورت ۾ ھن ملڪ تي قابض ٿيو. جنرل پرويز مشرف، محترمه شھيد ۽ ٻين جمھوري قوتن کي ڪمزور بڻائي محترمه بينظير ڀٽو کي جلاوطن ڪيو ويو ۽ سندس ور آصف علي زرداري کي ۱۱ سالن تائين جيل ۾ بنا ڪنھن جرم جي رکيو ۽ انھن تي زور ڏيڻ لڳا ته محترمه جو ساٿ ڇڏي ڏيو پر جس ھجي ھن مرد کي جنھن بينظير ڀٽو صاحبه جو ھر ھنڌ ۽ ھر لمحي ساٿ ڏنو ۽ ڪڏھن به پوئتي نه ھٽيو، آخرڪار ظالم پاڻ ئي ٿڪجي پيا ۽ آصف علي زرداريءَ کي قيد وبند مان آزاد ڪيو ڇو ته مٿس ڪو به ڪيس ثابت ٿي نه سگھيو. محترمه ۽ آصف زرداري پنھنجي ٻارن سان گڏ دبئي ۾ جلاوطني جي زندگي گذارڻ لڳا. بينظير صاحبه جلاوطني مان به پنھنجي پارٽي ۽ عوام جو ھر مرحلي تي ساٿ ڏيئي رھي ھئي. ظالمن بينظير ڀٽو صاحبه کي پنھنجي ڌرتي ۽ عوام کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر محترمه جھڙي اڳوڻ ۽ رھبر ڀلا ڪيئن پنھنجي عوام کان پري رھي سگھندي. بي بي صاحبه جلا وطنيءَ جي پوري عرصي دوران دبئي ۽ برطانيه ۾ ويھي پنھنجي سياسي بصيرت ۽ ڏاھپ کي استعمال ڪري پاڪستان جي روح ۾ پاڙ ھڻندڙ سياسي ڏيوالپڻي کي ختم ڪندي عوام ۾ جمھوريت ۽ عوامي راڄ جو مان مٿاھون ڪرڻ جي لاءِ ھڪ سجاڳي ۽ تحرڪ پيدا ڪري جنرل پرويز مشرف جي حڪومت کي ڪمزور بڻايو ۽ نيٺ ھن آمر عوام جو فيصلو پنھنجي خلاف ٻڌي ۽ ڏسي پوءِ ھار مڃي ورتي، ڪائنر ڪنڌ جھڪايو آڻ مڃي ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي وطن اچڻ جي اجازت ڏني.

ڪائنرن ۽ جنونيت ۽ رھزنيءَ جي پيروڪارن پنھنجي سفاڪي نه ڇڏي ۽ بي بي صاحبه جي قافلي ۾ کيس پنھنجي دھشت جو نشانو بڻايو ته جيئن ھوءِ واپس موٽي عوام جو ھٿ ڇڏي وڃي پر شھيد ذوالفقارعلي ڀٽي جي ارڏي نياڻي ائين ڪٿي ٿي ڪري؟! محترمه بينظير ڀٽو جي جان کي سخت خطرو ھو ڇاڪاڻ ھڪ آمر جي حڪومت ھئي ۽ آمر ڪڏھن به جمھوريت جا حامي ناھن ٿيندا. محترم ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي سنڌ ڌرتي جي شھر ڪراچي ۾ اچي پھتي. ھتي عوام وڏي تعداد ۾ ھن جي استقبال لاءِ سڄي ملڪ کان لکن جي تعداد ۾ اچي پھتا. ھتي عوام جو وڏو جوش ھو ۽ جيئي ڀٽو سدا جيئي ۽ زندهه ھي ڀٽو زندهه جا نعرا لڳندا رھيا. عوام جو ھڪ سمنڊ ھو ۽ محترمه اُن عوامي سمنڊ جي ڇولين جي وچ ۾ ھئي تاريخ گواھ آھي ته اھڙو استقبال ڪنھن به اڳواڻ جو ناھي ٿيو پر ظالم قوتن پنھنجي ھٺ ڌرمي ڏيکاريندي بينظير صاحبه جي حياتي کسڻ گھري جنھن ۾ ۲۰۰ کان وڌيڪ پيپلز پارٽي ۽ محترمه شھيد جي جان نثار جيالن سندس حفاظت ڪري شھادت جو جام پيتو ۽ ۵۰۰ کان مٿي زخمي ٿيا. پاڪستان جي ڪروڙين غريب عوام جون خوشيون ھڪدم غمن ۾ بدلجي ويون. محترمه جھڙي بھادر نياڻي ٻئي ڏينھن پنھنجي جان جي پرواهه ڪرڻ بنا سوين شھيدن ۽ زخمين جي وارثن سان وڃي سندن گھرن ۾ ملي انھن سان غم ونڍيو. پاڪستان ۾ ۵ جنوري واري عوامي چونڊن لاءِ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي چئني صوبن ۽ ملڪ جي وڏن شھرن ۾ عوامي جلسا ڪرايا اھڙن جلسن ۾ بي بي صاحبه کي عوام جي طرفان وڏي موٽ ۽ ساٿ جو يقين مليو. تنھن ڪري محترمه جي اليڪشن کٽڻ ۽ مُلڪ ۾ عوامي راڄ قائم ٿيڻ جي سو سيڪڙو پڪ پئي ٿي، اھو ڏسي انھن سامراجي قوتن وري محترمه کي رستي تان ھٽائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون، پرويز مشرف جي حڪومت محترمه کي سڪيورٽي نه ڏني ۽ ظالم ته اڳئي ھن جمھوريت جي سونھن ۽ سنڌ جي راڻي جي جان جا دشمن ھئا. اھي ظالم اڳئي رات جي انڌيري ۾ ھن بھادر نياڻي جي زندگي جي خاتمي لاءِ گھاٽ ھڻي ويٺل ھئا ۽ نيٺ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جي ڏينھن راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ اھو المناڪ حادثو پيش آيو ۽ پاڪستان جي تاريخ ھڪ ڀيرو وري تاريڪيءَ ۾ ٻڏي وئي. اُن ظلم ڪُلور ۽ قھر جو ڪير تصور به نٿو ڪري سگھي. اھي ظالم سنڌ جا، ڀٽائي جي سورمين جھڙي جمھوريت جي راڻي ۽ ڀٽو جي نياڻي کي شھيد ڪري پنھنجي ڪارن ڪرتوتن ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پاڪستان جي ڪروڙين، غريب ۽ لاچار عوام يتيم ۽ لاوارث بڻجي ويا. شھيد راڻي ھن ملڪ جي غريب ۽ محڪوم عوام جي خوابن جي تعمير ھئي پر ظالم ۽ جابر قوتن ھن مُلڪ جي غريب عوام جا سمورا خواب ساڀيان ٿيڻ کان پھريان ئي ختم ڪري ڇڏيا.

 


 

شهيد جمهوريت ۽ پاڪستان

سيد بازل علي شاهه نقوي

پاڪستان جي جهنڊي کي ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ ان جي پوري آب و تاب سان جهولائڻ جي شديد خواهش جو اظهار ڪندڙ محترمه بينظير ڀٽو لياقت باغ ۾ هڪ تمام وڏي عام جلسي کي خطاب دوران انتهائي جذباتي انداز ۾ پنهنجي دل جي امنگن کي بيان ڪري رهي هئي. پاڪستان رڳو پاڪستان، جمهوريت، عوام، صرف عوام، لفظ هئا، جيڪي رڪيا ئي نه پئي، چهري جي رونق لفظن جي سچائي جي آئينه دار بڻجي چمڪي رهي هئي. محترمه جا لکين جيالا سندس آواز تي لبيڪ چئي رهيا هئا ۽ محترمه مسلسل انهن ماڻهن جا ارادا خاڪ ۾ ملائڻ جو عزم ڪري رهي هئي، جيڪي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪري رهيا هئا. هن چيو هي ماڻهو چاهن ٿا ته سوات ۾ پاڪستان جو جهنڊو نه رهي، وزيرستان ۾ پاڪستان جو پرچم نه رهي، بلوچستان ۾ نه رهي، ڇو نه رهي جاڳو منهنجا ڀائرو جاڳو، هن ملڪ کي اوهان بچائيندئو، مان بچائيندم، اسان گڏجي انهن ماڻهن جا ارادا ناڪام بڻائينداسين. محترمه ملڪ دشمنن کي للڪاري چيو پاڪستان جي جهنڊي کي ڪوبه سرنگون نه ٿو ڪري سگهي، ڪوبه نه، هي جهنڊو هميشه بلند رهندو. ماڻهو جذبات سان محترمه جي لفظن تي سندس ساٿ ڏيڻ جو عزم ڪري رهيا هئا. آخر ڇو نه ڪن ها.

سندس سامهون پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽيءَ جي چيئرمين جمهوريت لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏيندڙ ڀٽو خاندان جي نشاني ۽ سندن هر دلعزيز قائد تقرير ڪري رهي هئي. جيالن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، محترمه جي شخصيت ئي اهڙي هئي جو هر دل ۾ سمائجي وڃي. هر اک کي حيران ڪري، هر ڌڙڪن کي سڪون ڏئي، قائد عوام جي ڌيءَ کي جڏهن ڪم عمري ۾ ئي پيءُ جي ڇانوَ کان محروم ڪيو ويو ته عوام جي امنگن کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ انتهائي ناسازگار حالتن ۾ به هن نه ته جمهوريت جي راهه ترڪ ڪئي ۽ نه ئي راهه فرار اختيار ڪئي. سندس دل ۾ عوام جو درد ۽ عوام جي دل ۾ ساڻس محبت سدائين تازي رهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي کان وٺي خيبر ۽ خيبر کان ڪشمير تائين محترمه جي پذيرائي ذري برابر گهٽ نه ٿي.

محترمه شهيد يارنهن سالن تائين فوجي آمريت جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو، ان دوران ڇا نه ٿيو، سندس ڀائرن کي شهيد ۽ ملڪ بدر ڪيو ويو، سندس ۽ سندس پارٽي ڪارڪنن جي حصي ۾ لٺيون، گوليون ۽ سزائون آيون. ان دوران ڀٽي سان وفاداريءَ جو ڪوڙو دم ڀرڻ وارا راهه فرار اختيار ڪري ويا. کيرون لهڻي ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي هيءَ بهادر ڌيءَ جنهن کي ڪو لوڏو نه آيو، هن هر مشڪل جو ڄمي مقابلو ڪيو، پر اڳتي وڌڻ، جستجو ڪرڻ، ملڪ جي سلامتي ۽ عوام جي خوشحاليءَ جو جواب اکين ۾ سجائي سفر جاري رکيائين. آخر مارشل لا جي گهگهه اوندهه کان پوءِ باک ڦٽي، پاڪستا پيپلز پارٽيءَ محترمه جي قيادت ۾ اقتدار سنڀاليو ۽ محترمه شهيد پنهنجي وڏي کان وڏي دشمن کي به معاف ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجون توانايون رڳو ملڪ جي خوشحالي ۽ عوام جي بهتريءَ تي خرچ ڪيون، پر سازشي عنصرن سندس اقتدار تي راتاهو هنيو، بيوروڪريسي جا سازشي مُهرا چرپر ۾ آيا، پر محترمه نه همت هاري، نه وري دل ننڍي ڪئي. ناسازگار حالتن جو مقابلو انتهائي صبر سان ڪيو، اقتدار ٻيهر سندس قدم چميا، وزارت عظميٰ تي فائز ٿي. کيس ملڪ جي خدمت جو ڀرپور موقعو مليو. عوام جي طاقت سان ٻيهر ملڪ جي بهتريءَ لاءِ سرگرم عمل ٿي وئي. هن ڀيري پارٽيءَ جي ئي هڪ کوٽي سڪي جي بي وفائيءَ جو شڪار ٿي. اسيمبليون ٽوڙيون ويون. هن ڀيري اڳي کان به وڌيڪ سخت حالتن جو مقابلو ڪرڻو پيو، پر شڪايت جو لفظ زبان تي نه آيو.

تڪليفن کي جرئت سان برداشت ڪرڻو هجي ته محترمه جي زندگي ۾ اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن. هن ڀيري جلاوطني به اختيار ڪرڻي پئي. ڪيترائي سال محترمه جيالن ۽ جيالن محترمه جي جدائي ۾ ڪاٽيا آخر باک ڦٽي. ڪراچي ۾ جيالن محترمه جو تاريخي استقبال ڪري ۱۹۸۵ع واري استقبال کي به مات ڏئي ڇڏي. انسانن جو سمنڊ هو، جيڪو پنهنجي قائد جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ڇوليون هڻي رهيو هو. ڪهڙي نه جرئت سان محترمه عوام جي وچان جلسي گاهه طرف وڃي رهي هئي، اهڙي جرئت شايد ئي ڪنهن قائد ڪڏهن ڏيکاري هجي. هن ڀيري دهشت گردن ڪڙو وار ڪيو، البت هوءَ بچي وئي. لياقت باغ واري جلسي کان پوءِ دهشت گردن اهو وار ڪيو، جنهن کان محترمه کي خبردار ڪيو ويندو رهيو، پر ڀٽي جي ڌيءُ نه جهڪي، نه ڊني، هُن جان پنهنجي خالق جي سپرد ڪئي، پر جمهويت جي شمع ملڪ ۾ روشن ڪري وئي. اڄ ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم آهي، ادارا مضبوط آهن، اهو محترمه جي جدوجهد جو ڦل آهي.


 

جنم، جدوجهد ۽ شهادت

نذير ڌوڪي

ڊگهي ۽ طويل جلاوطنيءَ کان پوءِ ۲۰۰۷ع ۾ وطن ورڻ کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هيو ته ”هن زندگيءَ جي مون چونڊ ناهي ڪئي پر هن زندگيءَ منهنجي چونڊ ڪئي آهي“. محترمه شهيد جنهن خاندان ۾ جنم ورتو سياسي ۽ سماجي اعتبار سان بر صغر جو اعليٰ ۽ تعليم يافته خاندان هيو، ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي ڪک پن ڪري ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو. ان ڀٽو خاندان جو چشم ۽ چراغ قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو ئي هيو جنهن پنهنجي خداداد صلاحيتن ۽ قابليت سان خاڪ جو ڍير بڻيل پاڪستان جي ٻيهر تعمير ڪئي، مشهور صحافي، دانشور ۽ شاعر سيد عباس اطهر مرحوم کي پڪو يقين هيو ته ڀٽو هڪ آسماني راز آهي ان حوالي سان سندس دليل اهو هيو ته آخزر ڪا ته طاقت هئي جنهن اڍائي ٽي سئو سال اڳ جي شاعر پير سيد وارث شاهه رح کي ٻڌايو هيو جنهن جي بنياد تي هن پنهنجي شاعري هير وارث شاهه ۾ اڳڪٿي ڪئي هئي ته.

وارث شاهه پنجاب دي وٺڻ هوس تي ڪڇ حصه قصور دا جاويسي،

پت سنهڙي دا حڪمران هوس جو بنا عدل ماريا جاويسي.

روايت آهي ته ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي جڏهن قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کي نياڻيءَ جي صورت ۾ محترمه بينظير ڀٽو عطا ٿي ته قائد عوام ڏاڍو خوش هيو هن پنهنجي دوستن سان کي مخاطب ٿيندي فرمايو ”اڄ منهنجي ڌيءُ جي ڄمڻ جي خوشي ۾ سج به لهڻ وساري ويندو. جيڪڏهن وقت پيرن هلڻ شروع ڪري ۽ منهنجي ملاقات قائد عوام ڀٽي سان ٿيو ڃي ته اسان ان کان اهو سوال ضرور ڪريان ها ته توهان ۽ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جڏهن پنهنجي پياري ۽ لاڏلي ڌيءُ جو نالو بينظير رکيو هيو ته توهان جي ذهن ۾ ان جي مستقبل جو ڪهڙو نقشو هيو؟ پر جڏهن ۲۱ جون ۱۹۷۸ع تي قائم عوام ڀٽي طرفان شهيد راڻيءَ جي سالگرهه جي موقعي تي کيس لکيل خط ياد اچي ٿو هر سوال جو جواب ملي وڃي ٿو، قائد عوام خط ۾ لکيو هيو ته پنڊٽ لال نهرو به پنهنجي ڌيءُ اندرا کي خط لکيو هيو، مان تنهنجي ڀيٽ هرگز اندرا سان نٿو ڪريان جن حالتن جو تون مقاقبلو ڪري رهي آهين اندرا ڪونه ڪيو هيو، تون هڪ اهري وهشي ۽ بي شرم آمريت جو مقابلو ڪري آهين جنهن تنهنجي چئني طرف باهه جا آڙاهه ٻاري ڇڏيا آهن ۽ تون پنهنجي ماءُ سان گڏ قيد ۾ آهين. هڪ قيدي پيءُ پنهنجي انتهائي پياري ڌيءُ کي سندس سالگرهه جي موقعي تي ڪهڙو تحفو ڏئي سگهي ٿو، اڄ مان تنهنجي هٿن ۾ پنهنجي عوام جو هٿ ڏيان ٿو. جنهن سان مان عشق ڪريان ٿو، اها منهنجي دياتندار نه راءِ آهي ته تون مون کان وڌيڪ ذهين ۽ قابل آهين، تون منهنجي عوام جي وڌيل خدمت ڪندئين، اسمان جي جنت تنهنجي ماءُ جي قدمن ۾ آهي ۽ سياسي جنت عوام جي قدمن ۾ آهي. دراصل قائدعوام پنهنجي خط جي ذريعي محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي وصيت به ڪئي هئي ۽ نصيحت به شهيد راڻيءَ پنهنجي شاعر ۽ انقلابي بابا جي نقش قدم تي هلندي آرام واري زندگي گذارڻ بدران قيد خانن کي پنهنجو گهر بڻايو


 

شهيدِ وفا

ڊاڪٽر سليمان شيخ

هن ملڪ جي ڪروڙين انسانن جي دل جي جذبن جي عڪاسي ڪندڙ هنن جي ڏکن ڏولاون ۽ مصيبتن جي ڊگهي سفر جو ادراڪ ڪندڙ تاريخ ساز شخصيت محترمه بينظير صاحبه پنهنجي آخري ڪتاب جي پهرين باب ”واپسيءَ جو رستو جي شروعات هن طرح ڪئي اهي. مارڪ سيگل جي چواڻي ته ”بينظير کي نئين هزاري جي فيصلائتي للڪار جمهوريت، آمريت ۽ انتهاپسندي- صلح ڪل جا جهيڙا هئڻ جو احساس هو، هن جو اعتماد هو ته هن پياري دين جي پيغام کي غلط نموني سان سياست بازيءَ ۾ اڙائي انتهاپسندي ۽ تشدد طرف ڌڪيو پيو وڃي. هن جو اعتماد هو ته آمريت ۾ هي رويا وڌن ويجهن ٿا جن جي ڪري نه صرف سندس پيارو وطن پر سڄي دنيا خطري جي ليڪ ۾ آهي.“

بينظير محلن جي راڻي هئي هن دنيا جي ڪروڙين انسانن جون عزتون ۽ محبتون ماڻيون هيون. دنيا جي مشهور علمي ادارن ۽ يونيورسٽين جي استادن ۽ شاگردن لاءِ هن جو خطاب روح پرور ۽ اتساهيندڙ پيغام هو جيڪو آواز آمريت جي گهمنڊ کي هميشه لاءِ گهٽڻ لاءِ ڪوشان هو. زندگي جيڪا انساني اکين آڏو گذري ٿي اها ته مختصر آهي پر بينظير ته تاريخ جو آواز بنجي وئي ۽ صدين جو پڙلاءِ بنجي هميشه حيات ٿي وئي.

”جڏهن مون خالق جو آواز ٻڌو،

هڪ مٺو ۽ صاف آواز

منهنجي دل لبيڪ چيو

۽ منهنجو ڳانڍاپو ٿيو هن محبوب زمين سان.“ (بينظير)

هن ازل کان پنهنجو سنڱ سياپو هن سون ورني ڌرتيءَ سان جوڙيو هو ۽ اڄ به جڏهين هوءَ ڌرتيءَ جو اعزاز بنجي وئي آهي ۽ هن مٽيءَ کي مان بخشيو آهي ته لطيف جي چواڻي:

”ڪوڙين ڪن سلام اچيو آڳهه ان جي شهيد زندهه آهي جيڪڏهين ڪير نه ٿو مڃي ته ڳڙهي خدابخش جي هن شهر خموشان جي هن مٽيءَ جي ڍڳ تي نظر وجهي ڏسي جتي هر وقت غمگسارن جو گهيرو نظر اچي ٿو.“

”هر ڏهاڙي خوابن ۾ خبرن جو اوسيئڙو آهي

انتظار آهي قاصد جو

ڪڏهين سنيهو ايندو

جيڪو مون کي هتان هُت نيندو

مان پنهنجي دل جا جواب چاهيان ٿي

يا الله مان قاصد جو انتظار ڪريان ٿي

جيڪو مون کي ات وٺي ويندو

جتي جي مان آهيان.“ (بينظير)

محترمه بينظير هي نظم ”بينظير جي ڪهاڻي – ملير جي مارئي ۽ شاهه لطيف ۶ جون ۲۰۰۳ع تي لکيو هو ۽ سندن خواهش مطابق ۲۱ جون ۲۰۰۳ع تي سندن سالگره جي موقعي تي اخبارن ۾ شايع ٿيو. هن انگريزي نظم جو سنڌيءَ ۾ ترجمو تاجل بيوس ۽ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري جدا جدا طريقن سان ڪيو.

تاجل آزاد نظم جي زمين تي اصل نظم جي احساسن کي اپٽيو ته سائين لڪياري صاحب وري ان کي نظم جي گهاڙيٽي ۾ آندو آهي. بينظير شهيد کي پنهنجي مٽيءَ سان بي انتها محبت هئي سالن جي وڇوڙي ان محبت کي اُڪير ۾ اُپٽي وڌو هو جيئن سندس ئي نظم جون هي سٽون اپٽار ڪن ٿيون:

مٽيءَ کان مٽيءَ ڏانهن

پيارا ماڻهو موٽن ٿا

پنهنجي اصل ڏانهن

پر مان ڪڏهين ويندم

هن عرب زمين کان

پنهنجي پياري ماتر ڀوميءَ ڏانهن.

سندس اُڪير رنگ لاتو هوءَ وطن موٽي آئي شهادت جو سرخ چولو زيب تن ڪرڻ لاءِ هوءَ موٽي آئي هن زمين کي پنهنجو هڳاءُ بخشڻ لاءِ هوءَ موٽي آئي ۽ صدا بنجي صدين تائين اسان کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندي رهندي. اسان جيڪي ڏهڪاءَ آمريت، ڦٽڪن ۽ جيلن جي ڪال ڪوٺڙين جي منظرن جا عادي ٿي هن جهان جي حسن ۽ واڌاري جو اوسيئڙو ڇڏي مايوسين جي ميرانجهڙين راهن ۾ رلي ويا هئاسين، انهن نااميد نامراد ماڻهن جي دلين ۾ اميد جو اتساهه جاڳائي وئي. اسان اڄ ٽوپي اجرڪ پائي هٿ هٿ ۾ ڏئي هن ٺوٺ زمين کي پنهنجي رت جي ريج سان سرخرو ۽ سرسبز ڪرڻ جي آس کڻي جاڳي پيا آهيون.

اياز جي چواڻي:

ڳوڙها ڳاڙيندا هئا جي سي اٿندا ڪرٽي ڏند

آيو جَر کي ڇوهه ته ڏسندين اونهي جو انداز

وک وک ۾ ڪا وڄي هوندي ڊهندا ويندا بند

تون ٻوڙو آن، آئون ٻڌان ٿو قدمن جو آواز

محترمه شهيد جي زندگي اسان لاءِ هڪ اهڙي ٻرندڙ لاٽ آهي جيڪا صدين تائين مظلوم انسانن کي جمهوريت، هڪجهڙائي ۽ انصاف جي راهه ڏسيندي رهندي. جڳن جي مالڪ اسان لاءِ هڪ نئون سبق تحرير ڪيو بينظير جي شهادت اسان کي هڪ نئين معاشري جوڙڻ جو دڳ ڏسيو آهي. غربت جي خاتمي، بيمارين تي مڪمل ضابطي جهالت مان ڇوٽڪارو ۽ احترام آدميت نئين دور جي تقاضا آهي. ان مقصد کي ماڻڻ لاءِ محترمه پنهنجي حياتيءَ جو ٻليدان ڏنو. اسان کي پنهنجي رستي جوڙڻ لاءِ محترمه جي تحريرن ۽ تقريرن جو مطالعو ڪري پنهنجي وطن کي سرخرو ڪري عظيم رهنما شهيد بينظير جي ڪيل وعدي کي پاڙڻو آهي.

 

دوست ڪهائي دادلا محب مارائي

خاص خليلن کي سختيون سهائي

الله صمد بي نياز سا ڪري جا چاهي

انهيءَ ۾ آهي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي


 

شهيد جمهوريت

جنھن جي فڪر سان پاڪستان ۾ جمهوريت زندهه آهي

شمشاد قريشي

شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي ڪروڙين عوام جي دلين ۾ زندهه آهي. هن شهادت جو جام پي موت کي للڪاريو. بي زبانن کي آواز ڏنو. ظالم حڪمرانن سان اکيون ملائي ڳالهايو. ڦرلٽ ۽ ظلم تشدد ڪندڙ قوتن کي ٻڌايو ته اسان عالمي قانونن جو احترام ڪريون ٿا، پر جڏهن ڳالهه پنهنجي بقا جي ايندي، مسئلو مسلم امت جي وجود و هوندو ته اسان جا رستا بلڪل الڳ ٿيندا. بينظير ڀٽو جو کرو موقف اڃا به زندهه آهي. هوءَ پورهيتن جي حقن تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي هئي. جنهن ملڪ جو مزدور خوشحال، هاري محفوظ ۽ عوام بي خوف هجي سو ڪنهن به طاغوتي طاقت سامهون ڪڏهن به جهڪي نه ٿو سگهي. سندس سوچ ۽ فڪر اهو آهي ته انتهاپسندن، عالمي دهشت گردن، تنگ نظرن، بمبارن ۽ سندن پردي پويان لڪل سرپرستن خلاف علم قلم، تقرير تحرير ذريعي جدوجهد جاري رکي وڃي. قاتلن سمجهيو ته هوءَ موت جو کاڄ بڻجي ختم ٿي ويندي، پر شهادت جي جام بينظير ڀٽو کي شهيدن جي لسٽ ۾ امر ڪري ڇڏيو. هن عوامي حقن جي بالادستيءَ جو جيڪو جهنڊو بلند ڪيو سو هاڻي به سربلند آهي ۽ هميشه سربلند رهندو.

مهراڻ جي وادي ۾ مٺن زيتونن جي باغن جي وچان شهر لاڙڪاڻو هونئن ته هاڻي ڳڙهي خدا بخش جي گنج شهيدان سان سڃاتو وڃي ٿو. پر اتي نواب امير حسين لاهوري جي قديم پاڙي سن گڏ المرتضيٰ هائوس ورهين کان اهڙن ماڻهن جي سکيا سان منسوب آهي جن پاڪستان کي حقيقي فلاح رياست بڻائڻ لاءِ هر قرباني کان به پاسو نه ڪيو.

حيدر ڪرار جي تلوار ذوالفقار علي ڀٽو شهيد مرڻ ۽ جيئڻ جو سليقو سيکاريو. هن ڦاسيءَ جو ڦندو چميو هو. هو عوام لاءِ هو، هو جمهوريت جو قدر شناس هو. هو معاشري جي ظلمن جي ستايل طبقن کي قوت عطا ڪري ملڪ مان غربت، جهالت، بيروزگاري، ذهني غلامي، طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ مايوسي کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻ گهرندو هو. ساڻس بيگم نصرت ڀٽو جهڙي جليل القدر ليڊر هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي حسين امتزاج سان بينظير ڀٽو هڪ اهڙي ٻارڙيءَ جنم ورتو جيڪا اوڀر جي علمن ۽ سوچ جي يورپي انداز کان پوريءَ ريت آگاهه هئي. کين عظيم قيادت جي رهنمائي ملي. شهيد جمهوريت بينظير ڀٽو ننڍپڻ ۾ ئي دنيا جي قومن جي مسئلن، تبديلين جي عمل، شعور جي رفتار ۽ جدوجهد جي پئمانن کان آگاهي حاصل ڪري ورتي هئي. اوهان گهر اندر يونيورسٽي ۾، سياسي ويهڪن ۾، مطلب ته هر هنڌ شهيد بي بيءَ ذاتي تجربن سان گهڻي حد تائين ملڪي مسئلن جو مشاهدو ڪيو هو. کيس خبر هئي ته صنعتي انقلاب ۾ رڪاوٽ ڪير آهي؟ زرعي ترقيءَ جو دشمن ڪير آهي؟ مزدورن جا مخالف ڪير آهن؟ شاگردن جي علم ۽ هنر تي ضرب لڳائڻ وارا ڪير آهن. ڪير ٿي سگهن ٿا؟

عالمي طاقتن کان قرض وٺي ڪير هڙپ ڪري ٿو وڃي؟ پوءِ به عوام هر حال ۾ پست ۽ غلام ڇو رهن ٿا؟ اهڙيءَ هالت ۾ جولاءِ ۱۹۷۷ع جي فوجي بغاوت، افغانستان ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي مداخلت، ايران ۾ اسلامي انقلاب ۽ ٿوري دير بعد سوويت يونين جي فلسفي جي جمود ۽ نين ڄاول مسلم رياستن جي قيام جهڙا ڪيئي فيڪٽر سبق سيکارين ٿا. شهيد راڻيءَ ڪشمير مسئلي کان وٺي فلسطين جي آزاديءَ واري تحريڪ، لبنان جي گهرو لڙائي ۽ اولهه وارن جي سياست کان باخبر هئي.

شهيد راڻي جو رشتو هاڻي به عوام سان آهي. ۸۰ وارو ڏهاڪو پاڪستان ۾ اوجهڙي ڪئمپ، فرقي پرستن جي فوج، سردارن جون سازشون، مزدور دشمن سياست ۽ ڪيئي هيٺ مٿانهيون کڻي آئي. جيتونيڪ علامتي سازشن قومپرستن جي حڪمت عملي ۽ سڌارا پسندن جي بيان واري انداز کي بدلائي ڇڏيو پر لشڪر يزيد ۾ وڪوڙيل هڪ ڪنيز زينب عصر جي ڪربلا جو مشاهدو ڪري هر سطح تي اهڙا خطبا ڏنا. مقامي ڪوفه ۽ شام جا محلات ڏڪڻ لڳا. ملوڪيت جا مالڪ بينظير ڀٽو جي آهٽ کي موت سمجهندا هئا. بينظير جي نعره حق سان عوام جي سمنڊ ۾ اهڙي هڪ لهر اٿي جنهن کي ايم آر ڊي ۱۹۸۳ع جي تحريڪ ۽ قربانين جو اهو سونهري دؤر، بينظير ڀٽو جو املهه انداز ۽ هڪ ٻئي پويان قربانيون ئي ٻڌائي پئي سگهيون ته جمهوريت جي تلوار سان هاڻي قاتلن کان بدلو ورتو ويندو.

۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع تي جنرل ضيا بهاولپور ويجهو هڪ هوائي حادثي ۾ منطقي انجام تي پهتو. اهو هڪ نازڪ دوره و جڏهن محلاتي سازشن جي اصل ڪردارن پاليسي تبديل ڪئي هئي. ۱۹۸۸ع جون چونڊون ٿيون ملڪ جا وڏا وڏا سياسي بت مٽجي ويا. محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻجي سامهون آئي. هوءَ مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي. هن عوام جي خدمت ڪئي. ۱۹۹۳ع ۾ ڪيئي نوان ڪردار سامهون اچي ويا پوءِ به بينظير کي خدمت جو موقعو مليو. جلاوطني جون اذيتون الڳ آهن.

بينظير ڀٽو شهادت کان باخبر هئي. جلاوطني جون اذيتون سهڻ بعد جڏهن هوءَ پاڪستان جي اقتصادي شهه رڳ ڪراچي ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي قدم رکي ٿي ته ڪارساز سانحو پيش اچي ٿو. جنهن ۾ سوين سهيدن رت ڏئي سندن جان بچائي. هوءَ پوءِ به سفر کي جاري رکي ٿي. هوءَ پنهنجي ساٿين سميت راولپنڊيءَ ۾ لياقت باغ جي جلسي گاهه ۾ ثابت قدم رهي، شهيد راڻيءَ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي مرڪي شهادت کي قبوليو. اها شهادت هاڻي پاڪستان ۾ جمهوري حڪومت ذريعي حق ثابت ٿي رهي آهي. پر عوام جي خوحالي هاڻي به هڪ خواب آهي.

هاڻي ضرورت اها آهي ته پاڪستان کي ان طريقي تي هلايو وڃي جنهن سان انتماعي ترقي ٿئي. ظالماڻي طبقاتي نظام جو خاتمو ۽ مزدورن جي خوشحالي ٿئي. ان ڪري ئي ته عوام چوي ٿو زندهه آ ڀٽو زندهه آ. شهيد جمهوريت بينظير ڀٽو جي پوئلڳ مزدورن کي خبر آهي ته نجڪاريج ي نانءَ تي مزدورن جا حق غصب ڪرڻ وارا ناڪام ٿيندا. جمهوري ويچارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نوجوانن جي پرعزم قيادت فرزند جمهوريت بلاول ڀٽو زرداري سياست جي ميدان ۾ اڳيان اڳيان آهي ڇو ته شهيد جمهوريت جي فڪر سان پاڪستان ۾ انقلاب ايندو. جيڪو جمهوري قدرن کي زندهه رکندو.


 

شهيد راڻيءَ جي ڪهاڻي

واحد پارس هيسباڻي

اڄ شهيد راڻي جي ورسي آهي. سندس وڇوڙي کي ۵ سال ٿي ويا آهن پر سچ اهو آهي ته عوام جي دلين مان درد جو تڏو اڃا تائين کڄي نه سگهيو آهي. اڄ به سندس سار ساڳي آهي، جنهن کي غريب عوام چوندا آهن اهو اڄ به سندس ذڪر ڪري ٿو ته هڪ سڏڪو سندس نڙي ۾ اٽڪي پوي ٿو ۽ ٻه گرم لڙڪ سندس ڳلن تان گذري قميص ۾ جذب ٿي وڃن ٿا.

اسان وٽ سياستدانن جي ڪابه کوٽ ناهي، هر گهٽي، هر گهر ۾ سياستدان موجود آهي پر هوءَ انهن روايتي سياستدانن مان نه هئي. سياست هن جي روح ۾ رچيل هئي ۽ اها هن لاءِ عبادت جو درجو رکندي هئي. هوءَ سياست جي آسمان تي ائين ئي منفرد هئي جيئن تارن وچ ۾ چنڊ، اڄ جڏهن هوءَ اسان جي وچ ۾ نه رهي آهي ته سياست جو اهو آسمان اونداهو اونداهو لڳي رهيو آهي. وقت پنهنجي رفتار سان گذرڻو آهي ۽ اهو گذري رهيو آهي، ڏينهن مان مهينا، مهينن مان سال گذري ويا ۽ ائين صديون به گذري وينديون پر هن کي ايندڙ نسل به وساري نه سگهندا. اهي جڏهن به پنهنجي وڏڙن کان هن جي ڪهاڻي ٻڌندا ته حيرت مان انهن جون اکيون کليل رهجي وينديون ته پنهنجي قوم سان وفا ڪندڙ ڪا سياستدان اهڙي به ٿي سگهي ٿي! ۽ انهن کي حسرت پيدا ٿيندي ته ڪاش اسان اهڙي سياستدان کي پنهنجي اکين سان ڏسون ها جيئن اڄ جي نسل کي اها حسرت آهي ته ڪاش اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي اکين سان ڏسي ها.

جيئن ذوالفقار علي ڀٽي بلڪل ئي منفرد انداز ۾ سياست ڪئي ۽ ان کي ڊرائنگ رومن مان ڪڍي عوام جي وچ ۾ کڻي آيو، بلڪل ائين ئي محترمه به منفرد سياست ڪئي. هي هوبهو پنهنجي پيءَ جي تصوير هئي، جنهن وٽ سياست جو مقصد اقتدار جي حاصلات نه پر عوام جي خدمت ڪرڻ هو، هوءَ روايتي سياستدانن جيان ٺلهي نعريبازي ۾ يقين رکڻ واري نه هئي پر سندس قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي هئي. هوءَ جيڪا به ڳالهه ڪندي هئي ان تي باقاعدي عمل به ڪري ڏيکاريندي هئي. اڄ اسان وٽ جمهوريت جنهن رنگ ۽ ڍنگ ۾ آهي ان پٺيان محترمه جي جدوجهد ئي وڏو ڪارڻ آهي. هن ڊڪٽيٽر ضياءَ سان مهاڏو اٽڪائي ٻئي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف سان جهيڙيندي جمهوريت کي بچايو ۽ مضبوط ڪيو ۽ پنهنجي جان جي به پرواهه نه ڪئي.

ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت پٺيان وقت جي ڊڪٽيٽر ۽ ان جي همنوائن جو اهو ئي مقصد هو ته هن ملڪ مان جمهوريت جو نالو نشان ئي ختم ڪري ڇڏجي ۽ پنهنجو من پسند نظام آڻي نسل در نسل اقتدار جو مزو ماڻجي ۽ شايد اهي پنهنجي ان مقصد ۾ ڪامياب به ٿي وڃن ها، جيڪڏهن محترمه سياست جي ميدان تي نه لهي ها ۽ کين نه للڪاري ها. محترمه جي ميدان تي لهڻ کانپوءِ جمهوريت ۾ ويساهه رکندڙ ٻين ماڻهن جو به حوصلو وڌيو ۽ ائين آمريت خلاف ميدان مچي ويو. محترمه جي پوري سياسي ڪيريئر جو جائزو وٺجي ٿو ته هي ڪٿي به آمريت اڳيان آڻ مڃيندي نظر نه ٿي اچي. جيلن جون سختيون، ڀائرن جون شهادتون برداشت ڪندي به هي پنهنجي ڳالهه تي ثابت قدم رهي ٿي ۽ پاڻ کي پنهنجي ماڻهن کان پري نه ٿي ڪري. هن کي سياست کان پري ڪرڻ جون ڪوششون هر دؤر ۾ ٿيون ۽ کيس مختلف طريقن سان تڪليفون ڏئي هيسائڻ ۽ ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڪڏهن به پنهنجا قدم پوئتي نه ڪيا. جڏهن سندس وطن واپس ورڻ جا رستا بند ڪيا ويا تڏهن به هن پاڻ کي عوامي رابطي کان پري نه رکيو ۽ ٻاهر رهي ڪري به پنهنجي ماڻهن جي آواز سان هم آواز ٿي رهي ۽ انهن جي درد ۾ ساڳي ئي تڪليف محسوس ڪندي رهي. هن جو عوام سان ساٿ گل ۽ خوشبوءَ جهڙو رهيو. هن جيترو عوام کي چاهيو عوام به کيس ايتري ئي موٽ ڏني. هوءَ جڏهن ڊگهي جلاوطني ختم ڪري ۱۸ آڪٽوبر تي وطن واپس موٽي ته عوام جو هڪ سمنڊ هو، جيڪو سندس آجيان لاءِ ڇوليون هڻي رهيو هو. اهو عوام جو سمنڊ آمريتي راڄ جي تابوت مٿان پهريون ڪوڪو هو، جنهن کان بوکلائجي ڪارساز وارو سانحو ڪرايو ويو. ان حملي پٺيان مقصد محترمه کي پوري ليڊرشپ سميت ختم ڪرڻ هو، پر جانثاران بينظير پتنگن جيان اڳيان اچي پنهنجي ليڊر کي بچائي ورتو. هي ايڏو ته دردناڪ سانحو هو جنهن خوف جو عجيب ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. حملي آور ان انتظار ۾ هئا ته محترمه ڪهڙي مهل ٿي واپسي جي ٽڪيٽ وٺي رواني ٿئي پر سندن دماغ ان وقت چڪرائجي ويو جڏهن دلير پيءُ جي هي دلبر ڌيءُ بنا ڪنهن سيڪيورٽي جي ڪراچي جي انهن اسپتالن ۾ وڃي پهتي جتي سندس زخمي ڪارڪن داخل ٿيل هئا ۽ انهن گهرن ۾ وڃي پهتي جتي شهيدن جا تڏا وڇايل هئا. محترمه جي ان قدم حملي آورن جي ته دماغ کي چڪرائي ڇڏيو پر انهن زخمي ڪارڪنن ۽ شهيدن جي وارثن کي به هڪ نئون حوصلو ڏنو ۽ انهن آلين اکين سان کيس ائين چيو ته جيڪڏهن سؤ جانيون هجن ته به توهان مٿان قربان آهن.

ان کانپوءِ محترمه جهڙي نموني جلسن جلوسن ۾ شرڪت ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، سندس تاريخي جلسا ٿيڻ لڳا، انهن سندس مخالفن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ کين پنهنجا واريءَ جا محل ڊهندي محسوس ٿيا. محترمه جيڪڏهن چاهي ها ته سيڪيورٽي رسڪ جو بهانو ڪري بند ڪمري ۾ ويهي جلسن ۾ وڊيو ۽ آڊيو خطاب ڪري پئي سگهي ۽ عوام کي اها ڳالهه خراب به نه لڳي ها، ڇو ته ان لاءِ پنهنجي قائد جي جان جي حفاظت کان وڌيڪ ٻي ڪا به ڳالهه اهميت واري نه هئي، پر محترمه ائين نه ڪيو. هزارين خطرا هجڻ جي باوجود هي جلسن جلوسن ۾ وڃڻ لڳي ۽ عوام جي سامهون ئي کيس خطاب ڪرڻ لڳي. ڪراچي کان لاهور تائين تاريخي جلسن جا مثال قائم ٿيڻ لڳا. واري جي بتن کي پنهنجو وجود خطري ۾ محسوس ٿيڻ لڳو ۽ اهي کيس منظرنامي تان هٽائڻ جون نئين ڏينهن نيون سازشون سٽيندا رهيا ۽ نيٺ هي ان سازش ۾ پنڊي جي لياقت باغ ۾ ڪامياب ويا.

۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جي اها شام ڄڻ ته ڪا قيامت هئي جيڪا پوري ديس مٿان ٽُٽي، جيڪا شيءِ جتي هئي اها اتي ئي ساڪن ٿي وئي. پاڪستان ته ڇا پر پوري دنيا جي تاريخ ۾ اهڙو مثال نه ٿو ملي ته ڪنهن سياستدان جي شهادت تي پورو ملڪ ائين پٿرائجي ويو هجي ۽ لڙڪن جو ايڏو وڏو درياهه وهيو هجي. اهو حامي هجي يا مخالف هر ڪنهن کي روئندي ڏٺو ويو، بس جشن رڳو قاتلن جي ڪئمپن اندر رهيو. هر ماڻهو ائين محسوس ڪيو ڄڻ سندس پنهنجي گهر ۾ قضيو ٿي پيو هجي. هوءَ ڄڻ ته هر ماڻهو جي گهر جي ڀاتي هئي. هن سان عوام ڪيتري عقيدت رکي ٿو اهو ۲۷ ڊسمبر تي ظاهر ٿي ويو. ڪراچي کان ڪشمير تائين ماڻهن جا قدم هئا ۽ رستا هئا جن تان اهي پيدل هلندا ڳڙهي خدا بخش اچي رهيا هئا. رستن تي باهه جو هڪ درياهه هو جيڪو هو پار ڪري اچي رهيا هئا. ان سانحي کي ۵ سال گذري ويا آهن پر ماڻهن جي دلين مان درد جي اها موسم تبديل نه ٿي سگهي آهي. اڄ به ۲۷ ڊسمبر جو ڏينهن اچي ٿو ته ماڻهن جي من ۾ ڪو محشر برپا ٿي وڃي ٿو. شهيد راڻي جي سار اڄ به ماڻهن جون اکيون آليون ڪري ٿي. هوءَ ڄڻ ته ڪا آس هئي جيڪا رت ۾ وهنجاري وئي، هوءَ ڄڻ ته ڪو خواب هئي جيڪو اکين مان ٽوڙيو ويو. هن پڄاڻان هي ديس ڄڻ ته وياڪل وياڪل لڳي رهيو آهي. هڪڙو خال آهي جيڪو شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي. هن کانپوءِ سياست جا ڄڻ ته انداز ئي بدلجي ويا آهن، هن جهڙي سياست ڪٿي به نظر نه پئي اچي. عوام پنهنجي مٿان بڙ جي وڻ جهڙو ڇانورو هٽي ويل محسوس ڪري رهيو آهي، هي پٺي اگهاڙا مسڪين ماڻهو هن کي ياد ڪن ٿا ته سندن اکيون ٽمي پون ٿيون. هوءَ ڄڻ ته ڪا خوشبوءَ هئي جيڪا هوائن ۾ وکري وئي.



شهيد راڻي!

توکي سُرخ سلام.

استاد لغاري

قومن جي تاريخن ۾، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا الميا اوچتو رونما ٿيندا آهن، جو اُنهن بابت اڳواٽ تصور ئي ناهي هوندو. ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع وارو واقعو اسان پاڪستانين لاءِ، خصوصن سنڌي قوم لاءِ، اهڙو ئي اندوهناڪ ۽ المناڪ سنيهو کڻي آيو. راولپنڊي شهر ۾ جيئن ئي هي واقعو پيش آيو، ته مُلڪي توڙي صوبائي حڪمران پس منظر ۾ هليا ويا. البت سنڌي جوڌن، جوانن، پهلوانن ۽ سرويچ سدورن، جنهن انقلاب جو سڏ ڏنو، ان جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. فضائي ۽ زميني رستا ڪٽجي ويا. روڊ ۽ ريلوي لائينون بلاڪ ٿيون. پر ان موقعي تي سنڌي سماج ۽ قوم جي رواداري ۽ مهمان نوازي به ڏسڻ ۾ آئي. جيڪي ٽرينون جتي جتي به بيهجي ويون، ته انهن ۾ سُوار سوين مسافرن، عورتن، ٻارڙن ۽ ٻُڍڙن کي، پنهنجن پنهنجن گھرن ۽ اوطاقن ۾ ترسايو ويو. انهن لاءِ کاڌي پيتي ۽ رهائش جو انتظام ڪيو ويو ۽ هڪ وار به ونگو ٿيڻ ڪو نه ڏنو. توڙي جو ايشيا جي عظيم ليڊر کي، اڄ انهيءَ ساڳئي ئي شهر ۾ شهيد ڪيو ويو هو، جتان کان ڪالھ ان جي والد محترم، اسلامي دنيا جي عظيم ترين ليڊر، جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو لاش اسان ڏانهن اماڻيو ويو هو.

اسان کي ڏک صرف اهو هڪڙو ناهي، ته ايشيا جي عظيم ليڊر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي شهيد ڇو ڪيو ويو؟ پر ڏک اهو به آهي، ته اسان اڃان تائين دهشتگرد قاتلن جو تعين ڪري نه سگھيا آهيون. اهڙيءَ ريت اسلامي دنيا، پنهنجي پنهنجي عظيم ليڊرن جا اهڙا ڪئين وڏا وڍ ۽ وڇوڙا ڏٺا آهن ۽ انهن جا لاش دفنايا آهن. جن کي مرڻا اڳي ماريو ويو. ڪن کي عدالتن جي فتوائن وسيلي، ڪن کي انقلابن جي اندوهناڪ مشغلن ذريعي، ته ڪن کي واٽن تي گهلي گهلي گولين جو کاڄ بنايو ويو. بنگلاديش وارن پنهنجي باني هيرو اڳواڻ شيخ مجيب الرحمٰن کي ڪو نه بخشيو. ترڪي وارن عدنان ميندرس کي ڦاسيءَ تي ڦٿڪايو. پاڪستان وارن ذوالفقار علي ڀٽو کي سُوليءَ تي لٽڪايو. مصر وارن انوار السادات کي گولي هنئين. پاڪستان وارن لياقت علي خان کي گولي مار دِي. عراق وارن صدر صدام حسين کي ڦاسيءَ جي ڦندي تي ڦٿڪايو. افغانستان وارن ڊاڪٽر نجيب الله کي ڦاسي ڏيئي، پوءِ ان جي لاش کي وڻن تي لٽڪايو. لبيا وارن ڪرنل قذافيءَ کي روڊن تي گهلي گهلي گوليون هڻي ڇڏيون. فلسطين وارن ياسر عرفات کي زهر جي موت مارايو. هندوستانين داراشڪوھ، سرمد ۽ صوفي شاھ عنايت جا سسيءَ کان ڌڙ، تلوارن جي ڌڪن سان ڌار ڪيا. انگريزن حضرت سيد سُورهيه بادشاھ کي ڦاسي ڏيئي، آزاديءَ جي رستي تان هميشه لاءِ هٽائي ڇڏيو. ڇا رڳو ڦاسيون، ڦٽڪا، گوليون ۽ تلوارون ئي مسلمانن جو مقدر آهن؟ رحم دلي، سلامتي ۽ درگذر سان اسلام جو ڪو ئي به تعلق ڪونهي؟ نورالهديٰ شاھ پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي “هر دَور ۾ هڪ حُسين هوندو آهي ۽ هڪ يذيد. حق ۽ ناحق جي جنگ ۾، حُسين هميشه شهادت جو رتبو ماڻي سُرخرو ٿيندو آهي ۽ يذيد سدائين ديوارن سان سِر ٽڪرائيندو آهي. ”

جڏهن به ڊسمبر ايندو آهي، ته اسان جي من ۾ عجيب قسم جي ڪيفيت پيدا ڪري ويندو آهي. اهو ان ڪري جو ڊسمبر اسان لاءِ اندوهناڪ ۽ المناڪ وڇوڙا آڻيندڙ مهينو ثابت ٿيو آهي. مسلمان ملڪن جِي مُدبر ۽ ننڍي ۾ ننڍي عمر واري دنيا جي پهرين خاتون وزيرِ اعظم جو اعزاز ماڻيندڙ شهيد راڻي، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جي شام جو هزارين، لکين، بلڪه ڪروڙين اکڙيون آليون ڪري، ارمان جي آغوش ۾ هلي ويئي هئي. ڏٺو ويو آهي، ته انساني تاريخ ۾ سقراط کان وٺي عيسيٰ تائين ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد راڻي تائين، هڪ منصوبي تحت انياءُ ۽ اتياچاريءَ جو سلسلو باقاعده هلندڙ آهي. اُها گولي جيڪا گانڌي، لياقت علي خان، شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ڪرنل معمر قذافيءَ کان ٿيندي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين پهتي آهي، خبر ناهي ته اڃان الاءِ ڪيتريون جندڙيون جھوريندي؟

اي تاريخ جا تاريڪ ترين دَور! اسين ايستائين ته مڃڻ لاءِ تيار آهيون، ته تو اسان کان اسان جا عظيم اڳواڻ، رهبر ۽ ليڊر کسيا آهن، انهن کي گولين، گھاڻن، تيرن، تلوارن، ڦاسين ۽ ڦٽڪن وسيلي ابدي ننڊ سُمهاريو آهي. ليڪن اسان هڪ ارب سالن تائين به اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهيون، ته تو سچ جي ساهميءَ ۾ ڪڏهن انصاف کي آڏو رکيو آهي. شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو: “سچ به مايا آهي. انهي سچ جي لاءِ، ماڻهو هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪندا آيا آهن. انهي سچ، اُتهاس جي پهراڻ تي، رت جا ڪروڙين چُٽا ڇڏيا آهن. جُڳن کان پنهنجو ۽ پرايو لهو وهايو آهي. ڪالهوڪو سچ، اڄوڪو ڪوڙ آهي ۽ اڄوڪو سچ، سُڀاڻي جو سچ ناهي. ” اي ڊسمبر ۽ اپريل جا اندوهناڪ مهينا! اسان اوهان جي اچڻ سان اکيون ڇنڀڻ ڇڏي ڏيندا آهيون. اسان ڪانگن، نانگن، ڳوهن، ڳجھن، ڄرڪن، واڳن، واگھن، بُکين بگھڙن، راڪاسن ۽ برڙباڪاسن کي به پنهنجو خيرخواھ سمجھڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڇو جو اُهي ايترا خوفناڪ، خطرناڪ ۽ وڏا وحشي ناهن رهيا، جيترا اوهان ٻيئي مهينا نقصان ڪار رهيا آهيو. اسان اپريل ۾ زوري شهيد ڪيل ذوالفقار علي ڀٽي جو سوڳ ملهايو ۽ ڊسمبر ۾ چوري شهيد ڪيل محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو داغ سيني سان لڳايو. “داغ سِيني پَر غم ڪا ھَئي، ماتم ڪا ھَئي. ” اي ايشيا جي عظيم ليڊر! شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه! توکي سُرخ سلام پيش ڪجي ٿو. تون جو اَمر ۽ زنده جاويد ٿي وئي آهين. تنهنجو قاتل ملعون جيڪو به آهي، اهو تاريخ ۾ تباھ و برباد ٿي چڪو آهي. اي شهيد راڻي! مون کي جو ڪجھ به لکڻ کپندو هيو، سو آئون اڃان تائين لکي نه سگھيو آهيان. آئون پنهنجي اهڙي ڪوتاهي قبول ڪريان ٿو. اَنياءُ جي معاملي ۾، آئون تمام گھڻو ڪجھ لکي نه سگھندو آهيان. شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي: “ڊسمبر جي رات ڊگھي ٿيندي ٿي وڃي. سمونڊر کي ننڊر اچي رهي آهي. منهنجي عشق ۽ محبت جي ڪِشتي ٽُٽِي پئي آهي. اي ڊسمبر! ٺهيو، تنهنجو منهنجو حساب چُڪتو! هاڻي اجائي آهي فهرست ٺاهڻ تنهنجي ڏنل ڏکن جي، سُورن جي ۽ دردن جي. ” هڪ اهڙي درد جي لڪير، هاڻي اسان جي من ۾ به رهجي وئي آهي. جنهن جو مداوو صدين تائين ڪرڻ مشڪل آهي. اي شهيد راڻي! تنهنجي حادثي کان وڏو حادثو اهو به ٿيو، جو ماڻهن تنهنجو دشمن ڳولڻ ئي ڇڏي ڏنو. “حادثي سي بڙھ ڪر، بڙا حادثا يه هُوا، ڪه لوگ ٺهري نهين حادثا ديک ڪر. ”

 

(ڏھاڙي عوامي فيصلو ۽ ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

شھيد محترمه بينظير ڀٽو

سڄي سنڌ جيان ‘ساهتي’ به سڏڪا ڀري روئندي رهي

علي رضا قاضي

هوءَ، جيڪا اوڀر جي ڌيءُ هئي. هوءَ، جيڪا مسلم امت ۾ عورتن جي اڳواڻيءَ جو استعارو هئي. هوءَ، جيڪا مسڪينن جي دل جي ڌڙڪن هئي. هوءَ، جيڪا غريبن جي دعائن ۾ شامل هئي. هوءَ، جيڪا ڏاهپ، سچ ۽ سونهن جي علامت هئي. هوءَ، زندگيءَ جي نٽهڻ اس ۾ ڇانوءَ جيان هئي. هو، بس بينظير هئي. ٽين دنيا جي درد سٽيل ماڻهن جي اهنجن جو ملم هئي. هوءَ حياتيءَ جهڙي سندر هئي. هوءَ ڪير هئي، ڇا هئي. ها بس، هوءَ سياست جي ڪِني تلاءَ ۾ ڪنهن ڪنول گل کان گهٽ نه هئي. اڃا هن جي زندگيءَ جا مخفي پاسا نروار ٿيڻ لڳا هئا، سڄي دنيا ۾ علمِ سياست جا ڄاڻو هن جي مدح سرائيءَ ۾ چئي رهيا هئا ته، “هن وقت هوءَ پنهنجي شهيد والد جون سِڪون پئي لاهي. ” ۽ هوءَ به سياست جي پختگيءَ جون سڀ منزلون طئي ڪري رهي هئي. پوءِ هڪ خون آشام ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي پنڊيءَ جي رستي تي اسان کان وڃائجي وئي. اڄ هن جي شهادت کي سورهون سال پورو ٿيو. هوءَ اڄ تائين نه ملي سگهي. هوءَ ڪٿي ڏور آسمان ۾ پَرين جيان اڏامي وئي. ان خون آشام شام جا نڀاڳا پهر اڄ به منهنجي ذهن جي سليٽ تي ائين ئي اڪريل آهن، جيئن ڄڻ ڪالهوڪو ئي مامرو هجي. ها، اهو ڪالهوڪو ئي ته واقعو آهي، جنهن ۾ قاتل شهر پنڊيءَ جي سڙڪ رت سان وهنجي وئي. توڻي جو قاتلن جي ساٿارين ان کي ڪلاڪن اندر ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو، پر تاريخ جي نرڙ تان خون جا اهي داغ ڪير ڌوئندو؟! هن جي خون جو حساب ڪير ڏيندو؟ اهي سڀ سوال اڄ به پنڊيءَ سميت سڄي ديس جي گهٽين ۾ سرگردان آهن.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي مون ان وقت ويجهڙائيءَ کان ڏٺو، جڏهن هوءَ سال ۱۹۹۰ع جي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ اسان جي شهر ٺاروشاهه کان ٿيندي دليپوٽا ۽ پوءِ مٺياڻيءَ کان ٿيندي موري ۽ حيدرآباد ڏانهن رواني ٿي هئي. آڪٽوبر جو اهو پهريون هفتو هو، جنهن ۾ شهيد راڻيءَ جو ان رستي سان گذرڻ ٿيو. ان ڏينهن صبح ماڻهن جا هجوم رستي تي گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا. ان وقت جو نگران وزير اعظم مرحوم غلام مصطفى جتوئي، اسلامي جمهوري اتحاد جو اڳواڻ پڻ هو. جنهن تڪ مان شهيد راڻيءَ جو گذر ٿيڻو هو، اهو جتوئي صاحب جو تڪ هو. ماڻهن ۾ هڪ خوف به ته محترمه جي اهڙي قسم جي استقبال سان هنن لاءِ ضرور ڪي مسئلا پيدا ٿيندا، جيڪي پوءِ ٿيا به. ٻئي ڏينهن تي سوين ماڻهن تي ايف. آءِ. آرون ٿيون، ماڻهن کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو، پر ان ڏينهن جڏهن محترمه جو اتان گذر ٿيڻو هو، لکن جي انگ ۾ ماڻهن جو موجود هجڻ، هن سان والهانه محبت ۽ عقيدت جو اظهار عجيب هو. هر وڏي ڳوٺ جي اسٽاپ تي ماڻهو ان گاڏيءَ کي چنبڙي ٿي ويا، جنهن ۾ محترمه سوار هئي. ان دؤران اسان جي شهر ۾ پڻ ماڻهو گاڏيءَ کي ماڪوڙن جيان ورائي ويا. ڪافي ماڻهو ڪري پيا، انهن کي معمولي ڌڪ پڻ رسيا، پر هڪ ڳالهه جيڪا اڄ به وڏي عمر جا ماڻهو ٻڌائين ٿا، سا اها ته محترمه کي جڏهن خبر پئي ته ڪجهه ماڻهو گاڏيءَ سان ٽڪرائجي زخمي ٿي پيا آهن ته هن پاڻ گاڏيءَ مان لهي انهن جي مزاج پرسي پئي ڪئي. اهي ۽ اهڙا ٻيا شاندار لمحا، جيڪي وسارڻ جهڙا ناهن.

شهيد راڻي ان کان اڳ به ٺاروشاهه ۾ جلسو ڪري وئي هئي. اهو ۱۹۷۹ع جي سال جو مارچ مهينو هو. ٺاروشاهه جي نور محل سئنيما ۾ هڪ وڏو جلسو ٿي گذريو. ان وقت محترمه کي ‘آنسه بينظير ڀٽو’ سڏيو ويندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ان وقت جيل ۾ هو. آنسه بينظير ڀٽو، جيئن ئي ٺاروشاهه کان شاندار جلسو ڪري واپس سکر طرف وڃي رهي هئي ته رسول آباد، (ضلعي نوشهري جي حد) وٽ هن کي گرفتار ڪيو ويو. اها خبر جڏهن ٺاروشاهه واسين کي پئي ته شهر جي هر گهٽي مزاحمت جو هڪ اهڙو استعارو ٿي وئي، جنهن ۾ مرڻ ۽ مارڻ کانسواءِ ڪابه ڳالهه قبول ناهي هوندي. ڪيترائي ڏينهن شهر مزاحمت جو مضبوط استعارو بڻيل رهيو. ٻين لفظن ۾ ضياءُ جي بربريت خلاف جيڪا تحريڪ ۸ فيبروري ۱۹۸۱ع کان شروع ٿيڻ واري هئي، ان جو ٻه سال اڳ ٺاروشاهه ۾ بنياد پئجي چڪو هو. ماڻهن ۾ ڪروڌ جي اهڙي ته خطرناڪ لهر پيدا ٿي وئي، جنهن کي ڏسي اهو آسانيءَ سان اندازو ڪري سگهجي پيو ته ٺاروشاهه ڄڻ باهه جي شعلن جي ور چڙهي ويو هجي. هڪ پاسي عباس باغيءَ جي شاعري ماڻهن ۾ نئون روح ڦوڪي رهي هئي ته ٻئي طرف شهيد ڀُٽي جا هيرا ورڪر (شهيد ڀٽو پنهنجي پارٽيءَ جي ڪجهه خاص ڪارڪنن کي هيرو جي نالي سان سڏيندو هو) پنهنجي ڀرپور عوامي طاقت سان گهٽين ۾ پکڙيل هئا. خانصاحب الهڏني موريي کان دليپوٽا جي ميان مولابخش پيرزادي تائين هر ڪارڪن بم ۽ گولو هو.

سال ۱۹۸۱ع ۾ سڄي ملڪ ۾ ايم. آر. ڊي جي تحريڪ شروع ٿي وئي. جمهوريت جي بحاليءَ جي هيءَ تحريڪ سڄي ملڪ، خاص ڪري سنڌ لاءِ انتهائي سخت امتحان جو دؤر هو. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سنڌ جون سموريون محروميون ماڻهن جا سينا ڦاڙي ٻاهر نڪري اينديون. ‘هن ملڪ جو مطلب ڇا؟ ڦاهيون، ڦٽڪا، مارشلا’ جو نعرو هر سنڌ واسيءَ جي زبان تي هو. هتان جي ئي ٻهڳڻي شاعر منظورسولنگيءَ جو ڪلام “مَنهنِ، ڇپرن، لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون، فوج پوليس چوي، ڌاڙيل پيا ڳولهيون” پنهنجي سڀني توانائين سان عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو هو. ان سڄي لقاءَ ۾ ساهتيءَ جو پورو تر به لاتعلق نه رهيو. هتان جي سياسي ڪارڪنن کان وٺي عام ماڻهوءَ تائين هر ماڻهو روڊن تي نڪتل هو. هي اهو دؤر هو، جڏهن سنڌ ۾ مارشلا جي خلاف هلچل ننڍي کنڊ ۾ گذريل صديءَ جي وڏي ۾ وڏي تحريڪ جو رخ اختيار ڪري ورتو هو، جنهن جي پويان مکيه ڪارڻ سنڌي ماڻهن جي آزاديءَ واري جبلت ۽ اهو احساس محرومي هو، جيڪو هنن جي محبوب اڳواڻ شهيد ذوالفقار ڀٽي جي عدالتي قتل جي صورت ۾ ظاهر ٿيو هو. ايم آر ڊي (موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي) حقيقت ۾ ماڻهن جي انهيءَ مايوسيءَ ۽ نراسائيءَ جو نتيجو هئي، جيڪا اهي سالن کان سيني ۾ سانڍي ويٺا هئا. اسان جي علائقي ۾ اهو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن هتي روز اهي جلوس نه نڪرن. هڪ پاسي عوام جي مزاحمت پنهنجي عروج تي هئي ته ٻئي پاسي رياست پنهنجي ڀرپور طاقت سان انکي بدمست هاٿيءَ جيان پيرن ۾ لتاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ظهور ٻٻر کي ڦٽڪن جي سزا آئي، خانصاحب الهڏنو موريو، عباس باغي، قربان ڏهراج، عبدالقيوم ڏهراج، امجد پٺاڻ، رمضان مڪراني، عبدالله منگي، ارباب وڳڻ، ملوڪ جانوري، فيض محمد پهنور، الاهي بخش پيرزاده، علي گوهر پهنور، زوار ولي محمد پنهور، نبن خان مستوئي، الهه بچايو مستوئي، محرم جانوري، محمد عمر چنا ۽ محمد خان مسرور پنائي سميت سون جي انگ ۾ گرفتاريون ٿيون. مطلب ته ايم. آر. ڊي. جيتحريڪ ۾ هتان جي ماڻهن جو ڪردار آزاديءَ جي انهن سپاهين وانگي هو، جيڪي جنگي محاذ جي مهڙ واري مورچي تي دشمن سان مهاڏو اٽڪائيندا آهن. يقينن اهي ڳالهيون شهيد محترمه کي به ياد هونديون. ان ڪري هوءَ ٻيو ڀيرو جڏهن هن علائقي ۾ پهتي ته هن جي چهري تي عجيب تبسم هو. هن ٻئي ڀيرا هتان جي ماڻهن کي پهنجائپ ارپي ۽ پوءِ ان راڻيءَ جي مرتيي تي سڄي سنڌ جيان ساهتي به سڏڪا ڀري روئندي رهي. اهڙو غم و الم، جنهن جي پڄاڻي ناهي هوندي. ماڻهن کي اهي ڏينهن ياد آهن. هر طرف روڄ راڙو ماتم پٽڪو هو. هوءَ جيڪا امام ضامن ٻانهن تي ٻڌي نڪرندي هئي، پر بي پهچ ماڻهن لاءِ پاڻ ئي امام ضامن جهڙي هئي، اهڙي جاءِ ڏانهن رواني ٿي، جتان ڪير به موٽندو ناهي. بس هاڻي ان جون يادون آهن. ڪجهه ڪوسا ڳوڙها، ڪجهه ارمان جيڪي ختم نه ٿيندا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

شهيد ڀُٽي جي ‘بينظير’ ڌيءَ

شھزادي ڀرڳڙي

لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ سان تعلق رکندڙ، پاڪستان جي ٻه ڀيرا وزيراعظم رهندڙ محترمه بينظير ڀٽو، ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. پاڻ اڳوڻي وزيراعظم ۽ صدر ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏور ڌيءَ هئي. ننڍپڻ ۾ گهر ۾ کيس “پِنڪي” جي نالي سان سڏيندا هئا. سندس ماءُ بيگم نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي اصفهان شهر سان آهي.

بينظير ڀٽو ابتدائي تعليم ڪراچيءَ جي مسز جيننگ جي نرسري اسڪول مان حاصل ڪئي، ان بعد ۱۹۵۸ع ۾ ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري (Convent of Jesus and Mary) ۾ داخلا ورتي. ننڍپڻ ۾ هوءَ هڪ سلڇڻي ۽ سٻاجهي نينگر هئڻ سان گڏ تمام ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي. پاڻ اڃا ستن سالن جي هئي ته سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل ايوب خان جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير چونڊيو ويو، جنهن بعد سندن ڪٽنب راولپنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پهرين کيس “پريزنٽيشن ڪانوينٽ” (Presentation Convent) اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، پر پوءِ جلد ئي کيس ڪوهه مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. کيس ننڍي عمر کان ئي ڪتاب پڙهڻ ۽ گهمڻ جو شوق هو، هن گهر ۾ ٿيندڙ سياسي گفتگوءَ ۾ به گهري دلچسپي ورتي، جنهن ڪري هن ۾ سياسي شعور جي اوسر ٿي. هوءَ اسڪول جي راندين ۽ ٻين غيرنصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي، ان ڪري سندس استاد کيس گهڻو ڀائيندا هئا.

۱۹۶۶ع ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ڀٽو صاحب ڪراچيءَ واپس موٽي آيو ۽ بينظير وري ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان هن ۱۵ سالن جي ننڍي عمر ۾ “او” ليول جو امتحان ڏنو. پيپلز پارٽيءَ جي بنياد پوڻ کان پوءِ هوءَ شروعاتي پنجن ميمبرن ۾ شامل هئي.

بينظير ڀٽو صاحبه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊڪلف ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويئي. آمريڪا ۾ رهندي ۱۹۶۹ع ۾ ويٽنام جنگ خلاف ٿيندڙ ڪيترن مظاهرن ۾ شرڪت ڪيائين، اوڀر پاڪستان ۾ آيل سامونڊي طوفان جي متاثرن لاءِ چندا گڏ ڪيائين ۽ ڪاليج جي ٻين ڪيترين سرگرمين ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتائين، جنهنڪري هوءَ ڪاليج ۾ گهڻي مشهور ٿي وئي. اتي پنهنجي چئن سالن واري ڪورس کي پورو ڪري سياست ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان موٽي آئي، پر پنهنجي والد جي خواهش تي وري آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. بينظير ڀٽو کي سندس قابليت جي بنياد تي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي يونين جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان ڪجهه وقت پوءِ هن انهيءَ يونين جي صدر لاءِ چونڊ وڙهي ۽ ۱۹۷۷ع ۾ هوءَ پهرين ايشيائي ڇوڪري هئي، جنهن اهو عهدو ماڻيو هو.

بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي والد جي سرپرستيءَ ۾ نه صرف سياسي شعور ماڻيو، پر دنيا جي ڪيترن ئي اهم اڳواڻن سان ملي، عالمي سياسي وايومنڊل کان واقف ٿي. ۱۹۷4ع ۾ جڏهن لاهور ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ته هوءَ به اُن ۾ شامل ٿي، جتي هن کي مصر جي صدر انور سادات، سعودي عرب جي شاهه فيصل، لبيا جي ڪرنل قذافي، بنگلاديش جي شيخ مجيب الرحمان، فلسطين جي ياسر عرفات ۽ ٻين سان ملڻ جو موقعو مليو. ان کان سواءِ گڏيل عرب امارات ۽ بحرين جي اميرن سان به ملي. اها سندس لاشعوري تربيت هئي، جيڪا سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو ڪري رهيو هو.

بينظير ڀٽو ۱۹۷۷ع ۾ پڙهائي پوري ڪري وطن واپس آئي ته ذوالفقار علي ڀٽو کيس بين الصوبائي رابطه ڪميٽيءَ جي خاص صلاحڪار بڻايو ويو، اُن حيثيت ۾ هن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن جنرل ضياءُ الحق، ڀُٽي صاحب جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته ڀٽي صاحب جي نظربنديءَ کان پوءِ بينظير پنهنجي خاندان سان ڪراچيءَ موٽي آئي. ڀُٽي صاحب جي غيرموجودگيءَ ۾ بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلز پارٽيءَ جي قائم مقام چيئرپرسن بنايو ويو ۽ بينظير کي سيڪريٽريءَ طور ذميواريون ڏنيون ويون.

ڀُٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ منجهس وڏي تبديلي آئي، هوءَ وڌيڪ بهادر ۽ بيباڪ عورت بڻجي اُڀري. حالتن هن کي فولاد بڻائي ڇڏيو. بيگم نصرت ڀٽو جي بيماريءَ سبب کيس پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرپرسن ۽ پوءِ چيئرپرسن بنايو ويو.

۱۹۸۱ع ۾ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ هلي، جيڪا ۱۹۸۳ع ۾ عروج تي پهتي. مارچ ۱۹۸۱ع ۾ پي. آءِ. اي جو هڪ جهاز اغوا ٿيو، جنهن جو الزام سندس ڀائرن مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو تي لڳائي بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي وري گرفتار ڪيو ويو، جتي ٻئي ۱۹۸۲ع تائين قيد رهيون. ان کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو سخت بيمار ٿي پئي ۽ ڊاڪٽرن ڦڦڙن جي ڪينسر جو مرض تشخيص ڪيو، جنهن جي علاج لاءِ کيس ولايت وڃڻ جي اجازت ملي ۽ بينظير کي ڪراچيءَ واري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. ۱۹۸4ع ۾ بينظير کي ڪن ۾ شديد تڪليف ٿي پئي، جنهن جي علاج لاءِ ولايت وڃڻ جي کيس اجازت ملي. ائين هوءَ ڇهن سالن لاءِ ملڪ کان ٻاهر هلي ويئي. لنڊن ۾ هن ڪن جي آپريشن ڪرائي. ۱۹۸۵ع ۾ سندس ڀاءُ شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏئي ماريو ويو، پاڻ فرانس مان ميت کڻائي، پاڪستان آئي. اهو سندس زندگيءَ جو ٻيو وڏو سانحو هو. ان وقت جنرل ضياءَ کيس نظربند ڪرايو. بهرحال هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي قتل ڪيس جي پوئواريءَ خاطر وري ڪجهه وقت لاءِ ٻاهر هلي ويئي. ۱۹۸۶ع ۾ جڏهن هوءَ لاهور واپس پهتي ته لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. ۱۹۸۷ع ۾ سندس شادي آصف علي زرداريءَ سان ٿي.

جنرل ضياءَ جي جهاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ بعد غلام اسحاق خان ملڪ جو نئون صدر مقرر ٿيو، جنهن بنا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جي خلاف بينظير ڀٽو پٽيشن داخل ڪئي، جيڪا ڪامياب ٿي ۽ ملڪ ۾ چونڊن جو اعلان ٿيو. ۱۹۸۸ع واريون چونڊون پيپلز پارٽيءَ کٽيون ۽ ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي بينظر ڀٽو وزارت عظميٰ جو حلف کنيو. دنيا جي سمورن اسلامي ملڪن مان هوءَ پهرين مسلمان عورت ۽ پهرين سنڌياڻي هئي، جيڪا وزيراعظم بڻي هئي. ۵ آگسٽ ۱۹۸۹ع تي صدر غلام اسحاق خان، بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون. نگران حڪومت غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي ڏني وئي ۽ نين چونڊن جو اعلان ٿيو. چونڊون ٿيون ۽ نواز شريف حڪومت ٺاهي، نئين اسيمبليءَ ۾ بينظير مخالف ڌر جي ليڊر چونڊي وئي. ۱۹۹۲ع ۾ نواز شريف تي ساڳئي قسم جا الزام هڻي غلام اسحاق خان سندس حڪومت کي برطرف ڪيو.

۱۹۹۳ع جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري چونڊون ٿيون ۽ بينظير ڀٽو ٻيو ڀيرو وزيراعظم چونڊجي آئي. ۱۳ نومبر تي سندس نامزد اميدوار فاروق احمد لغاري صدر چونڊيو ويو. ڪجهه وقت حڪومت ڪرڻ کان پوءِ وري وڳوڙ شروع ٿي ويا. ۱۹۹۵ع جي آخري ڏهاڙن ۾ صدر فاروق لغاري، بينظير جو مخالف ٿيو. نيٺ ۵ نومبر تي قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙي سندس سرڪار کي برطرف ڪيو ويو، جنهن بعد پاڻ ملڪ کان ٻاهر هلي وئي. بينظير، دبئيءَ ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ کان پوءِ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. سندس استقبال لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. سندس قافلو جڏهن ڪارساز وٽ پهتو ته ٻه زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ ۱۷۹ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. بينظير کي مارڻ جي ان سازش ۾ سندس دشمن ڪامياب نه ٿيا. هن جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه آئي. ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪندي هن سمورن خطرن جي باوجود ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ۽ جلسا ڪيا. هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ بعد جڏهن جنرل مشرف ملڪ جي عدليه کي هٽايو ته هن نظربند چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي گهر جي ٻاهران وڃي جلسو ڪيو ۽ چيو ته سندس چيف جسٽس اهو ئي آهي. ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو ان جلسي تان واپسيءَ وقت عوام جي نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هن جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ مان منهن ڪڍيو ته مٿس گوليون وسايون ويون ۽ بم ڦاڙيا ويا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿي وئي.

محترمه بينظير ڀٽو نه صرف سٺي سياستدان هئي، پر هوءَ سٺي مقرر ۽ ليکڪه به هئي. پاڻ پنهنجي آتم ڪٿا ‘ڊاٽر آف دي ايسٽ’ نالي سان لکي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مراد علي مرزا ڪيو آهي. ساڳئي ڪتاب جو اردو ترجمو سجاد بخاريءَ “مشرق ڪِي بيٽِي” جي نالي سان ڪيو آهي. ان کان سواءِ سندس ٻي تصنيف “Pakistan: the Gathering Storm” نالي سان شايع ٿي چڪي آهي. سندس آخري ڪتاب Reconciliation: Islam and The West پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، جنهن جو نالو آهي “سرچاءُ”. هي ڪتاب حسين بادشاهه ترجمو ڪيو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

شھيد بينظير ڀٽو

سياسي تاريخ جو امر ڪردار

احسان ابڙو

محترما بينظير ڀٽو جو نالو رکندي وقت ڪنھن کي خبر ھئي ته سنڌ ڌرتيءَ جي ھڪ معروف زميندار گھراڻي سان تعلق رکندڙ، پاڪستان جي ڏاھي دانا، مدبر سياسي اڳواڻ ۽ ملڪ جي پھرئين منتخب عوامي وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي شھزادي بينظير ھڪ ڏينھن پنھنجي نالي جيان “بينظير” ثابت ٿيندي.

شهيد ڀُٽو پنھنجي نياڻيءَ کي دنيا جي سياسي منظرنامي تي ھڪ وڏي منصب تي ڏسڻ جو خواھشمند ھو يا ايئن کڻي چئجي ته ھو پنھنجي شھزادي ڌيءَ کي “سياست ۾ بينظير” ڏسڻ جو خواھشن مند ھو ته به غلط نه ھوندو، انڪري تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي سندس سياسي تربيت به ڪئي وئي. اندرا گانڌي سان شملا معاھدو ڪرڻ وقت پڻ محترما بينظير پنھنجي عظيم پيءُ سان گڏ ھئي ۽ سندس سياسي تدبر جو وڏي گھري نظر سان مشاھدو ڪندي رھي. شھيد بينظير ڀٽو صرف پنھنجي پيءُ جي سڪيلڌي ڌيءَ ئي نه ھئي، بلڪه ھوءَ پنھنجي بابا جي باصلاحيت شاگردياڻي پڻ ھئي. ڀُٽي صاحب جي شھادت کانپوءِ صرف ۲۹ ورھين جي عمر ۾ ھن پنھنجي دلير ۽ بلند حوصلن واري امڙ بيگم نصرت ڀٽو سان گڏجي پيپلز پارٽي جون واڳون سنڀاليون ۽ ان وقت پيپلز پارٽي جي قيادت سنڀالڻ ڪنڊن جي سيڄ تي ويھڻ برابر ھو.

شھيد بينظير جي سورھين ورسيءَ تي سندس ۲۵ سالگرهه جي ڏينھن جي ياد تازي ٿا ڪريون، جڏھن موت جي ڪال ڪوٺڙي مان سندس جان کان وڌيڪ پياري بابا کيس خط لکيو ھو، جنھن ۾ ھن لکيو ته، “ھڪ بدنصيب قيدي پيءُ پنھنجي پياري ۽ ذھين ڌيءَ کي خط ذريعي سندس جنم ڏينهن جون مبارڪون ڪيئن ٿو ڏئي سگھي، جيڪا ان جي زندگيءَ لا جدوجھد ڪري رھي ھجي ۽ پاڻ به قيدي ھجي، جيڪا پنھنجي ۽ ماءُ جي گڏيل ڏک کان به باخبر ھجي. منھنجي پياري ڌيءَ! تنھنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ مون کي وڏي باوقار انداز ۾ عوام جي سياست ڪرڻ سيکاري، آئون توکي صرف ھڪ پيغام ڏيڻ چاھيان ٿو جيڪو تاريخ جو به پيغام آھي ته پنهنجي الله سان گڏ عوام جي طاقت تي ڀروسو ڪجان، سندن ڀلائي ۽ معاشري ۾ مساوات لاءِ ڪم ڪجان، الله جي جنت ماءُ جي قدمن ھيٺان آھي ۽ سياست جي جنت عوام جي قدمن ھيٺان. آئون جيل جي سلاخن پويان توکي ڪھڙو تحفو ٿو ڏئي سگھان، جتان آئون ھٿ به ٻاھر نٿو ڪڍي سگھان. بس اڄ آئون تنھنجي ھٿن ۾ عوام جو ھٿ ٿو ڏيان ۽ اھو ئي تنھنجي مجبور بي وس ۽ قيدي پيءُ پاران تنھنجي سالگرھ جو تحفو آھي”. شھيد بينظير پنھنجي جان کان به وڌيڪ پياري بابا جي ان تحفي کي مرڻ گھڙي تائين پنهنجي ساھ سان سانڍي رکيو، عوام سان نينھن جو ناتو ايئن نڀايو، جو سندن حقن، سندن ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙيندي سرعام پنھنجو سر مٿانئن گھوري شھادت جو رتبو ماڻيائين.

شھيد محترما بينظير ڀٽو پوري عالم جي سياسي اڳواڻن ۾ ھڪ الڳ حيثيت رکندي ھئي. ھو ھڪ روشن خيال، ترقي پسند، عالمي امن جي داعي، فرقيواريت ۽ جنونيت جي سخت مخالف سياسي اڳواڻ طور مشھور ھئي. سندس عوامي مساوات تي ٻڌل معاشي، سياسي، سماجي نظريا دنيا ۾ قدر جي گناھن سان ڏٺا ويندا ھئا. کيس عالمي سياست ۽ بين الاقوامي معاملن تي عبور حاصل ھو، جنھن جو مثال سندس لکيل آخري ڪتاب “مفاھمت، اسلام، جمھوريت ۽ اولھ” آھي، جنھن ۾ شھيد محترما پنھنجي سموري سياسي زندگيءَ جو نچوڙ بيان ڪيو آھي.

شھيد محترما بينظير ڀٽو ھڪ عظيم، بھادر، انتھائي اعليٰ تعليم يافته ۽ مدبر سياسي ليڊر ھئڻ سان گڏوگڏ ھڪ محبت ڪرڻ واري شفيق ماءُ پڻ ھئي. کيس پنھنجي سموري زندگيءَ ۾ جن مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي منھن ڏيڻو پيو، انڪري ھن پنھنجن ٻارن لاءِ ڪڏھن به پُرخار، تڪليف ده سياسي زندگي جي خواھش نه ڪئي ۽ اھڙي خواھش جو اظھار ھن پنھنجي ڪيترن انٽرويوئن ۾ برملا ڪيو. ھوءَ اڪثر تقريرن ۾ چوندي ھئي ته قوم جا ٻچا به سندس لاءِ بلاول، بختاور ۽ آصفه جيان آھن. شھيد محترما ڪڏھن به پنھنجي سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪاررواين تي يقين نه رکيو، حالانڪ سندس سياسي مخالف ايترا ته ڪم ظرف ۽ تنگ نظر ھئا، جو سندس اخلاق کان ڪريل ڪردار ڪشي ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا ھئا.

شھيد محترما بين الاقوامي معاملن، عالمي قومن ۽ سندن نظرياتي، جاگرافيائي ۽ سياسي اختلافن بابت ھڪ باخبر عالمي اڳواڻ ھئي. ان ئي بنياد تي کيس دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ دنيا جي وڏين وڏين درسگاھن ۾ خصوصي طور تي دعوتون ڏئي سندس ليڪچر ٻڌا ويندا ھئا. شھيد بينظير دنيا جي مشهور اخبارن ۽ رسالن ۾ مختلف بين الاقوامي موضوعات تي پنھنجا بي لاگ تجزيا تحرير ڪري به دنيا کي باور ڪرائيندي ھئي ته ٽئين دنيا جي ھڪ سياسي ۽ معاشي بحران ۾ وڪوڙيل ملڪ جي قيادت به عالمي تڪرارن تي نه صرف عبور رکي ٿي، بلڪه انھن کي ٽياڪڙي ذريعي نبيرڻ جي به صلاحيت رکي ٿي.

شھيد محترما بينظير ڀٽو پنھنجي سياسي حريف ميان نواز شريف سان ميثاق جمھوريت جي دستاويز تي صحي ڪري پاڪستان ۾ ھڪ نئين سياسي ڪلچر جي شروعات ڪئي. کيس يقين ھو ته ان تاريخي معاھدي تي مڪمل عمل ڪرڻ سان ئي ملڪ ۾ حقيقي جمھوريت جي بحالي ممڪن ٿي سگھندي. کيس احساس ھو ته پاڪستان پرائي جنگ جي ڪري بدترين دھشتگردي کي منھن ڏئي رھيو آھي. وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن، سياسي، معاشي ۽ امن امان بابت معاملن کي ويتر بد کان بدتر ڪندو ٿو وڃي. اھڙي صورت ۾ صرف ھڪ منتخب عوامي جمھوري حڪومت ئي سياسي حل ذريعي ملڪي حالتون بھتر ڪري سگھي ٿي. پاڪستان جي فوج قوم جي ملڪيت ۽ محافظ آھي، کيس سرحدن جي حفاظت ڪرڻ گھرجي. سياسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسيرو رھڻ گھرجي. شھيد بينظير پنھنجي ٻنھي حڪومتي دورن ۾ آئيني مدت پوري نه ڪرڻ جو ذميوار سگھارن ادارن جي ڪجھ طاقتور شخصيتن ۽ اعليٰ عدليه ۾ ويٺل ڪجھ تعصب رکندڙ ججن کي سمجھندي ھئي. سياست ۾ ‘چمڪ’ ‘لاڙڪاڻي ۽ لاھور جي فرق’ جو اصطلاح به شھيد بينظير ئي متعارف ڪرايو.

شھيد بينظير پنھنجي سموري حياتي پنھنجي عظيم والد، عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ قائد عوام جي مشن کي پورو ڪرڻ لا۽ ارپي ڇڏي. کيس پنھنجي قاتلن جي به خبر ھئي ته کيس اھا به پروڙ ھئي ته سندس قاتل کيس عوام کان جدا ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندا. اڄ سندس وڇوڙي کي ۱۶ ورھيه پورا پيا ٿين پر ڪروڙين ماڻھن جي دلين تي راڄ ڪندڙ شھيد محترما بينظير ڀٽو کانسواءِ اڄ به ڪچھريون، سياسي بحث ۽ يادگيريون اڻ پوريون آھن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

بينظير

ساروڻيون ۽ اڄوڪي سياست

نصير ميمڻ

ڀانئيان ٿو ته سن ۲۰۰۰ع جي ڳالهه آهي، تڏهوڪي صدر جنرل پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪرڻ کان ستت پوءِ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. مان ان وقت مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار هئس. مرحوم عبدالرسول ميمڻ سان پاڻيءَ وارا معاملا سمجهڻ لاءِ هر ٻئين ٽئين ڏينهن ساڻس گهر ملڻ ويندو هئس. مون ان وقت ڪالا باغ ڊيم جي فني پاسن تي جهجهو مواد پڙهي ورتو هو. سنڌي اخبارن ۾ ته لکندو هئس پر انگريزيءَ ۾ لکڻ جو ڪو تجربو نه هو. ڊان ۾ ڪجهه ايڊيٽر ڏانهن خط ڇپيل هئا پر اڃان ڊان جهڙي اخبار ۾ مضمون لکڻ جو ست نه ساريو هئم. بهرحال ڪجهه ڪتاب ۽ مضمون پڙهي، واٽر انجنيئرنگ سبجيڪٽ بابت پنهنجي ڄاڻ جو استعمال ڪندي ڪالاباغ ڊيم بابت پنهنجي موقف کي فني دليلن سان لکڻ شروع ڪيم. ڪجهه ڏينهن اندر پهريون ڊرافٽ تيار ڪري سائين عبدالرسول ميمڻ کي ڏيکاريم، جنهن ڪجهه رهنمائي ڪري چيو ته هي مضمون ڊان اخبار کي موڪلي ڏي. ڊان کي اِي ميل وسيلي مضمون موڪليندي هٻڪيس پئي پر دل ٻڌي موڪلي ڏنم. هفتي کن اندر ڊان اخبار “اڪنامڪ اينڊ بزنس روِيو” واري سيڪشن ۾ سڄو سارو اڌ صفحو ڏيندي ان مضمون کي Is there enough water for Kalabagh Dam? جي عنوان سان نمايان ڪري ڇاپيو. ان مضمون جي زبردست موٽ ملي. مضمون ڇپجڻ کان ٻه ٽي ڏينهن پوءِ هڪ اِي ميل ملي، جنهن ۾ بظاهر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاران منهنجي مضمون تي شاباس ڏيندي چيو ويو ته مان ورلڊ بينڪ وارن کي هڪ خط لکڻ ٿي گهران ته اهي ڪالاباغ ڊيم منصوبي لاءِ جنرل مشرف جي حڪومت کي ڪابه فني يا مالي واهر فراهم نه ڪن. بينظير صاحبه اجازت گهري ته مان ان مضمون مان ڪجهه حوالا خط جو حصو بنائڻ ٿي گهران. مون پڪ سمجهيو ته ڪنهن دوست مون کي بيوقوف بنائڻ لاءِ اها اِي ميل هٿراڌو اڪائونٽ تان موڪلي آهي. ايئن ان اِي ميل جي ڪابه ورندي نه لکيم. ڪٿي بينظير صاحبه جهڙي شخصيت، ڪٿي مون جهڙو ننڍڙو ماڻهو! اجازت گهرڻ وارو کوڙو ئي نٿي لڳو.

اتفاق سان هڪ ڏينهن پوءِ حيدرآباد ۾ ڪٿي پيپلز پارٽي جو هڪ اڳواڻ ڪنهن پروگرام ۾ ملي ويو. مون دوستيءَ ۾ کيس گذارش ڪئي ته بي بي صاحبه جي نالي سان ماڻهو هٿراڌو اڪائونٽ ٺاهي هن قسم جون مشڪريون ڪن ٿا. ان اڳواڻ (نالو ياد نه اٿم) چيو ته جنهن ايڊريس تان اِي ميل آئي آهي، اها مون کي ٻڌائجانءِ ته ڏسي وٺنداسين. گهر پهچي کيس اِي ميل ايڊريس ميسيج ڪري موڪليم. ڪلاڪ کن ۾ فون ڪري چيائين ته بنا دير جي اِي ميل جي ورندي موڪل، هيءَ بينظير صاحبه جي ذاتي اِي ميل ايڊريس آهي. مون کي وري به يقين نه آيو پر ان دوست جي چوڻ تي مختصر ورنديءَ ۾ بي بي صاحبه جا ٿورا مڃيندي منهنجي مضمون جي حوالي ڏيڻ کي پنهنجي لاءِ عزت جو ڪارڻ ڄاڻايم.

هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ بينظير صاحبه جو ورلڊ بينڪ کي لکيل خط ملڪي اخبارن ۾ نمايان خبر طور ڇپيل هو ۽ پاڻ ان خط جي اصل ڪاپي به مون کي اِي ميل وسيلي موڪلي ڏنائون. ان خط ۾ بينظير صاحبه منهنجي اِي ميل ايڊريس پڻ ڄاڻائيندي ورلڊ بينڪ کي لکيو ته اوهان ان بابت ڪي وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ گهرو ته مون سان رابطو ڪري سگهو ٿا. اهو سچ ته مون لاءِ هڪ وڏو اعزاز هو. ان اهم ڳالهه جنهن بينظير صاحبه جي وڏائيءَ کي ظاهر پئي ڪيو ته پاڻ منهنجي مضمون کي حوالي طور استعمال ڪرڻ لاءِ مون کان رسمي طور اجازت گهريائين ته ورلڊ بينڪ کي لکيل خط ۾ منهنجو حوالو به شامل ڪيائين. اهڙا رويا تمام گهٽ ماڻهن ۾ نظر اچن ٿا.

ان لکپڙهه کانپوءِ بينظير صاحبه سان اِي ميل تي رابطو شروع ٿيو ۽ هڪ ٻن هفتن کانپوءِ ڪنهن نه ڪنهن معاملي تي رابطو ٿيندو هو. انهن ڏينهن ۾ عبدالرسول ميمڻ صاحب جو لاڏاڻو ٿيو ته بينظير صاحبه کي اِي ميل وسيلي اطلاع ڏنم. پاڻ مونکي جوابي اِي ميل لکيائون ته منهنجي پاران عبدالرسول صاحب جي پونئيرن سان تعزيت ڪري منهنجو نياپو پهچائجان. مون سندن هدايت تي عمل ڪيو.

ان وچ ۾ مان اسلام آباد ۾ هڪ آئل اينڊ گئس ڪمپني پريميئر آئل ۾ انٽرويو وسيلي سليڪٽ ٿي ويس ته يونيورسٽيءَ جي نوڪري ڇڏي اسلام آباد هليو آيس. ۲۰۰۱ع ۾ مان لاهور هڪ ٽريننگ لاءِ وڃي رهيو هئس. ڪنهن اِي ميل ۾ مون بينظير صاحبه سان ائين ڳالهه ڪئي ته مان ڪجهه ڏينهن لاءِ لاهور وڃي رهيو آهيان. مون لاءِ اها هڪ رواجي ڳالهه هئي پر سندن سوچ جي وسعت ان ۾ به هڪ موقعو ڏسي ورتو. مون کي اِي ميل ڪيائون ته پنجاب ۾ پ پ جا اڳواڻ ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌ جي مؤقف کان گهٽ واقف آهن، لاهور ۾ انهن سان ملاقات ڪري کين پاڻيءَ واري معاملي تي سنڌ جو مؤقف سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريو. پاڻ هڪدم پ پ پنجاب جي تڏهوڪي صدر قاسم ضياءَ کي ان ڏس ۾ اِي ميل ڪندي منهنجو فون نمبر به موڪلي ڏنائون ۽ مون کي به اِي ميل تي ڪاپي موڪليائون. قاسم ضياءَ کي شاباس هجي جو مون کي ذاتي طور لاهور ايئرپورٽ تان وٺڻ آيو ۽ رات جي مانيءَ تي پ پ پنجاب جي ڏهاڪو کن اڳواڻن سان چار ڪلاڪ کن ويهڪ ڪرايائين، جنهن دوران پاڻيءَ واري معاملي تي مون کين سنڌ جي خدشن ۽ اعتراضن بابت تفصيل سان ٻڌايو. هنن ڪيترائي سوال پڻ ڪيا. واٽر انجنيئرنگ جيئن ته منهنجو سبجيڪٽ هو، تنهنڪري مون سندن سڀني سوالن جا جواب ڏنا. پ پ پنجاب جي قيادت بينظير صاحبه کي ان ملاقات بابت سٺي موٽ ڏني. پاڻ ان تي تمام گهڻي خوشيءَ جي اظهار واري اِي ميل پڻ مون کي موڪليائون. منهنجي لاهور وڃڻ واري اِي ميل ته شايد ٻاراڻي ڳالهه هئي پر پاڻ هڪ وڏي نظر رکندڙ اڳواڻ طور ان موقعي کي به سنڌ جي فائدي وٽان استعمال ڪيائون. ايتري سوچ پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت وٽ پري پري تائين نه ملندي.

۲۰۰۵ع ۾ پرويز مشرف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪيو. مان ان وقت ليڊ پاڪستان سان يو ايس ايڊ جي هڪ پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هئس. هڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪنهن ميٽنگ ۾ هئس ته شهر جي ڪوڊ واري هڪ نمبر تان ڪال اچڻ لڳي. ڪال ڪٽيندو رهيس پر ڪال اچڻ بند نه پئي ٿي. نيٺ ميٽنگ مان ٻاهر نڪري ڪال کنيم ته اڳيان بينظير صاحبه جي پرسنل سيڪريٽريءَ ڳالهايو. چيائين ته اوهان ڪجهه سال اڳ ڪالاباغ ڊيم بابت ڊان ۾ جيڪو مضمون لکيو هو، اهو بينظير صاحبه گهرايو آهي، مهرباني ڪري ان جي ڪاپي ڏيو. اندازو ڪريو ته پنج سال اڳ لکيل اهو مضمون بينظير صاحبه کي ياد هو. پنج سال پراڻي اخبار مون وٽ نه هئي ۽ ان وقت ڊان جي ويب سائيٽ يا ان تي آرڪائيوز به موجود نه هئا. وڏي هڻ وٺ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي اهو مضمون اسلام آباد جي هڪ لائبريريءَ مان اخبارن جي پراڻن فائلن مان هٿ اچي سگهيو، جيڪو بينظير صاحبه تائين پهچايو ويو. اڳتي هلي بينظير صاحبه ڪمون شهيد وٽ ڪالاباغ ڊيم مخالف تاريخي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري ان رٿا کي دفن ڪرائي ڇڏيو. بينظير صاحبه ۲۰۰۷ع ۾ مختلف ملڪن مان ڪيترن ئي ماهرن کي ملڪ واپس آندو هو، جن سان هن ايندڙ ورهين لاءِ پنهنجي ٽيم ٺاهي هن ملڪ کي هڪ نئين دڳ لائڻ ٿي گهريو. بينظير صاحبه جي ورسيءَ تي اڄ اهي يادون ذهن تي تري آيون.

بينظير ڀٽو جي قتل سان نه رڳو ملڪ ۽ جمهوري عمل کي زبردست ڌڪ رسيو آهي پر خاص طور تي سنڌ کي هڪ وڏو نقصان ٿيو آهي. هونئن ته هڪ عالمي ۽ ملڪي سطح جي اڳواڻ طور سندس سياست جو دائرو گهڻو وسيع هو پر ساڻس ويجهو ٿي ڪم ڪندڙن وٽان بينظير ڀٽو سنڌ ۽ سنڌين جي اوسر بابت اڳڀرايون ڪرڻ بابت ڪيترائي حوالا ملن ٿا. ٿرڪول ۽ ڪيٽي بندر رٿا سنڌ جي ترقيءَ لاءِ هڪ زبردست رٿا هئي، جيڪا بينظير ڀٽو پاران شروع ڪئي وئي پر ان کي زمين تي پهچڻ کان اڳ نواز شريف حڪومت ختم ڪري ڇڏيو. اها رٿا سنڌ ۾ ترقيءَ جي عمل کي هڪ وڏو ڇال ڏئي ها پر ان کي عملي شڪل اختيار ڪرڻ نه ڏني وئي. بينظير صاحبه جيئن ته هڪ عالمي سطح جي اڳواڻ هئي، تنهنڪري ڪنهن به انتهائي نوعيت جي صورتحال ۾ سنڌ جي مفادن لاءِ عالمي سطح جو هڪ سگهارو آواز سنڌ وٽ موجود هو، جيڪو سندس شهادت کانپوءِ ختم ٿي ويو. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلز پارٽي هڪ سياسي جماعت طور ته پنهنجي اسٽيبلشمينٽ مخالف ۽ وچولي طبقي جي ملڪ گير پارٽيءَ مان گهٽجي سنڌ سطح جي هڪ اهڙي جماعت ۾ بدلجي وئي، جيڪا عوام جي خدمت ۽ ترقيءَ بابت ڪارڪردگيءَ بجاءِ موقعي پرست گروهن جو مرڪز بڻجي چڪي آهي. هاڻي پارٽيءَ وٽ عوام سان ڳانڍاپو رکندي سندن زندگيون بدلائڻ واري سياست بجاءِ اسٽيبلشمينٽ سان بارگيننگ ڪندي اقتداري مفاد حاصل ڪرڻ جي اوليت آهي. گذريل پندرهن ورهين دوران سنڌ ۾ خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن کي هيٺ کان مٿي تائين عام ڪري پ پ سنڌ ۾ ترقيءَ جي عمل کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. پارٽيءَ جو ڀاڳ ڀلو آهي، جو ان جي اڳيان ڪا مضبوط ۽ بهتر متبادل سياسي ڌر منظم ٿي نه اڀري سگهي آهي، نه ته اها ڪڏهوڪو ڪجهه تڪن تائين محدود ٿي چڪي هجي ها. نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتن دوران سنڌ کان بنهه لاتعلقي اختيار ڪئي. ٻئي طرف سنڌ جون قومپرست ڌريون پاڻ کي ڪنهن گڏيل پارلياماني محاذ طور منظم نه ڪري سگهيون، جڏهن ته جي ڊي اي ۾ ويٺل ٻين ڌرين جو اقتداري ماضي پيپلز پارٽيءَ کان به بدتر رهيو آهي. نتيجي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ سياسي طور کليل ميدان ميسر رهيو آهي. ان موقعي کي عوام جون زندگيون بهتر ڪرڻ بجاءِ پيپلز پارٽي خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ور چاڙهي ڇڏيو. سنڌ مان نون ساماڻيل وڏيرن کي مڙهي سنڌ ۾ اهليت ۽ قابليت جو جنازو ڪڍيو ويو آهي. شايد بينظير ڀٽو جي هوندي پيپلز پارٽي ڪا انقلابي جماعت نه بڻجي ها پر شايد هتي اڄ جهڙو انڌير به نه هجي ها. گذريل آدم ڳڻپ ۾ جيئن فراڊي انگ اکر قبولي پ پ سنڌ واسين سان ويساهه گهاتي ڪئي، شايد سنڌ خلاف ايڏو ڪرائيم نه ٿي سگهي ها. شايد بينظير جي هوندي شفيق مينگل، سرفراز بگٽي ۽ فيصل واڍي جهڙا ڪردار پارٽيءَ ۾ جاءِ نه والاري سگهن ها. بينظير ڀٽو جي هوندي به پيپلز پارٽي اقتداري سياست جون مصلحتون ۽ موقعي پرستون نه ڇڏي سگهي ها پر شايد هيٺ ڪِرڻ جي حد جو ڪو ليڪو هجي ها. هاڻي ته پ پ قيادت سڀ ليڪا مِٽائي ڇڏيا آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

بينظير

آمريت جي تتل رڻ ۾ ڇانوَ ڪندڙ ڇمر جهڙي

ايڊيٽوريل

اڄ کان ۱۶ سال اڳ جمهوريت جي وڳر مان هڪ ڪونج وڇڙي وئي. آمريت جي تتل رڻ ۾ هوءَ ڇانوَ ڪندڙ ڇمر جيان هئي. هوءَ پنڊي ۾ “پاپي پارهيڙين” جي گولين جو نشانو بڻجي وئي. هي ٻيو لاش هو، جيڪو پنڊيءَ کان سنڌ ڏانهن موڪليو ويو. محترما بينظير جمهوريت جي لاءِ حياتيءَ جي قرباني ڏني. اڄ کيس لفظن ۽ لڙڪن جي ڀيٽا ڏيڻ جو ڏينهن آهي.

اها ۲۰۰۷ع جي آڪٽوبر مهيني جي ارڙهين تاريخ هئي، جڏهن محترما بينظير ڀٽو ڊگهي جلاوطني ختم ڪري پنهنجي ڏيهه موٽي هئي. ڪراچيءَ جي ساگر، ان ڏينهن هڪ مهاساگر جو مشاهدو ڪيو هو. اهو مها ساگر ماڻهن جو وڏو سمنڊ هو. ڇوليون هڻندڙ جذباتي ماڻهن جو، جمهوريت سان محبت ڪندڙ ماڻهن جو، قربانيءَ جي جذبي سان سرشار ماڻهن جو سمنڊ هو. اهي ماڻهو پنهنجي قائد جو استقبال ڪرڻ پهتا هئا. هي Rent a crowd واري هَٽ تان آيل وکر ڪونه هو. ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهو ڏسي، جمهوريت کان خائف ۽ خوفزده قوتون ڪنبي ويون ۽ انهن فيصلو ڪري ورتو ته محترما جي زندگيءَ جو سفر مختصر ڪرڻو آهي. پوءِ جيئن اهو قافلو پنهنجي قائد محترما بينظير ڀٽو جي سرواڻيءَ ۾ اڳتي وڌيو ته ان تي ڪارساز وٽ باهه ۽ بارود وسايو ويو. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن پنهنجي حياتين جون قربانيون ڏنيون. هوءَ اهڙي رهبر هئي، جنهن جي سياست جي لغت ۾ آڻ مڃڻ جو لفظ ئي ڪونه هو. هوءَ ڪارساز ڌماڪن کان خوفزده نه ٿي، هن ڄاتو ٿي ته جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ عقابن سان اٽڪڻو پوندو آهي، سياست جي ان رستي تي سِر جو سانگو لاهڻو پوندو آهي. هن موت جي ڌمڪين کي راهه جو اسپيڊ بريڪر بڻجڻ نه ڏنو ۽ محترما بينظير ڀٽو جي زندگي ان حملي ۾ بچي وئي پر پوءِ جيڪي قوتون هر صورت ۾ کيس راهه تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري چڪيون هيون، انهن نيٺ ۲۷ ڊسمبر تي پنڊي جي لياقت باغ ۾ محشر برپا ڪيو، محترما بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري سفاڪيءَ جي نئين تاريخ لکي. محترما بينظير ڀٽو تدبر ۽ دليريءَ جو استعارو هئي. هن هڪ آمر جي “بيعت” کان انڪار ڪيو. هوءَ سمجهندي هئي ته عوام جي ٻانهن ۾ ايترو ٻَل موجود آهي، جو اهي ڇَٽ، پَٽن سان هڻي سگهن ٿا. ان ويساهه ئي کيس عقابن سان اٽڪڻ جو حوصلو ڏنو ۽ پوءِ ٿيو ايئن جو “مڙيا مڇ هزار....” محترما بينظير ڀٽو جي شهادت تي جنهن ڪاوڙ جو جوالا مُکي ڦاٽو، تنهن جابر قوتن کي شديد خوفزده ڪري ڇڏيو. شهيد محترما بينظير ڀٽو جا قاتل ڪير هئا؟ رٿابندي ڪنهن ڪئي؟ سهولتڪاري جو ڪردار ڪنهن ادا ڪيو؟ اهو سڀ ڪجهه پراسراريت جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهي.

هن وقت به ملڪ ۾ جمهوري قوتن تي ڏکيا ڏينهن آيل آهن پر هن ڀيري جمهوري قوتون مزاحمت بدران سرچاءَ وارن پيچرن تي هلي رهيون آهن، جن پيچرن جي پڄاڻي انهن ئي درن تي ٿئي ٿي، جن کي جمهوريت ڏٺي به نٿي وڻي. هن وقت جيئن ته چونڊن جي موسم آهي ۽ سياسي ڌريون وڌ ۾ وڌ اليڪٽيبلز ڀرتي ڪري سامهون آڻڻ جي ڊوڙ ۾ رڌل آهن، جنهن جي تصديق نامزدگيءَ جا فارم ڀرائيندڙ اميدوارن جي لسٽ مان ئي ڪري سگهجي ٿي. مطلب ته اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ميوزيڪل چيئر (راند) جاري آهي ۽ ان ۾ سڀ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ وارين ڪوششن ۾ آهن. هن ماحول ۾ شهيد بينظير واري همت، جرئت ۽ مزاحمت جي اڻاٺ آهي. سياستدانن جي اڪثريت کي عوام جي اهنجن جي ڪابه پرواهه نه آهي، اهي اقتدار جي حاصلات لاءِ هر ليڪو لتاڙڻ لاءِ تيار آهن.

اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ سميت هن ملڪ ۽ دنيا جو جمهوريت پسند عوام سوڳوار آهي. حقيقي جمهوريت جي خواهش رکندڙ ماڻهن جي دلين ۾ شهيد محترما بينظير ڀٽو جي شهادت تي سوڳواريءَ جو تڏو وڇايل آهي. محترما بينظير ڀٽو جي غم جي لڙڪن جا ڏيئا ماڻهن جي اکين جي پنبڻين تي جرڪي رهيا آهن. اڄ شهيد محترما بينظير ڀٽو کي سيس نوائي عقيدت سان سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جنهن جمهوريت خاطر سر قربان ڪيو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

شهيد محترمه بينظير ڀٽو

۽ بي مثال بهادري جو تاريخي مثال

شرجيل انعام ميمڻ

شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙي ۱۶ سال ٿي ويا آهن پر سندس مظلوميت واري موت جو ڏک اڄ به تازو آهي. هن عظيم سانحي بابت سوچي اڄ به روح ڏڪي وڃي ٿو، جڏهن ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ دهشتگردن حملو ڪري کيس بيدردي سان شهيد ڪيو هو. ان افسوسناڪ واقعي سان نه صرف پاڪستاني عوام پر سموري دنيا ۾ جمهوري قوتن کي هڪ اهڙو صدمو رسيو, جيڪو ڏک ۽ اداسي جي صورت ۾ نسل در نسل منتقل ٿي رهيو آهي.

اڄ به اڪثر اهو سوال ڪندا آهن ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پهريان کان علم هو ته سندس جان کي خطرو آهي ته پوءِ هو ۸ سالن جي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس ڇو آئي؟ انهن ماڻهن جي سوال جو جواب اهو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي صرف ان ڳالهه جو علم ئي نه هو پر يقين هو ته ڪجهه ملڪي ۽ عالمي قوتون گڏجي کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي چڪيون آهن. ان منصوبي کان نه صرف پرڏيهي حڪومتن کيس آگاهه ڪيو هو پر هن پاڻ به ڪجهه عالمي اڳواڻن ۽ ميڊيا جي نمائندن کي ان منصوبي بابت ٻڌايو هو. هن ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف کي به باقاعده طور ان منصوبي بابت ٻڌايو هو. ان باوجود هو وطن واپس آئي ۽ هن ان سوال جو جواب پاڻ ئي ڏنو هو. هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو هو ته، “اسان دليلن تي ڳالهائيندڙ مرد ۽ عورتون آهيون. اسان جا به نظريا ۽ جذبات آهن، اسان کي معلوم آهي ته ڪيئن زنده رهڻو آهي ۽ ڪيئن مرڻو آهي. تاريخ شهيدن پاران لکي ويندي آهي. تاريخ انقلاب جي ڌاڳن سان سبي ويندي آهي”.

۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي جڏهن شهيد بينظير ڀٽو دبئي کان رواني ٿي رهي هئي ته اُن وقت به کيس سڀ ماڻهو اهو چئي رهيا هئا ته هو وطن واپس نه وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس جان کي خطرو آهي، پر هوءَ بار بار هڪ ئي ڳالهه چئي رهي هئي ته مان پنهنجي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينديس، اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ عوام سان آهي. ان ڏينهن جڏهن هوءَ ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿي ته اتي عوام جو هڪ سمنڊ استقبال لاءِ موجود هو. هي اهو تاريخي ڏينهن هو، جڏهن پاڪستان جي عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو هو، هو محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ هڪ پر امن، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان چاهين ٿا. ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي پاڪستان ۾ انقلاب برپا ٿي چڪو هو، جمهوريت ۽ عوام دشمن قوتن عوامي طاقت کي چٿڻ لاءِ بارود جي طاقت جو استعمال ڪيو ۽ دهشتگردن جي ذريعي محترمه بينظير ڀٽو تي حملو ڪري ڇڏيو ته هو هر حال ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي جسماني طور تي عوام کان جدا ڪرڻ جي منصوبي تي بيرحميءَ سان عملدرآمد ڪرڻ چاهين ٿا. دهشتگردي جي ان واقعي ۾ تقريبن ۲۰۰ جمهوريت پسند شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا، ان واقعي ۾ محترمه بينظير ڀٽو ته بچي وئي، پر سندس ڪتاب “مفاهمت” جا ورڪ شهيدن جي خون ۾ رڱجي ويا. ان ڪتاب ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ پر امن عالمي معاشري جي قيام لاءِ اهو حل ڏنو ته دنيا ۾ جمهوريت کي ترجيح ڏني وڃي ۽ غريب ۽ امير جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪيو وڃي. اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن تڪرار جي بدران هر جاءِ مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو ويندو.

ان جو مطلب اهو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ عالمي ليڊر طور تي عظيم مشن کڻي ۱۸ آڪٽوبر، ۲۰۰۷ع تي پاڪستان جي سرزمين تي لٿي هئي ۽ هن مشن جي پڄاڻي به تڏهن ئي ممڪن هئي ته اها پاڪستان جي عوام سان گڏ رهي ڪري پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪري ها. ان جي مشن جو پهريون مرحلو اهو هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ٿئي. ان کانپوءِ سڄي دنيا جي جمهوري ۽ امن پسند قوتن کي گڏ ڪري دهشتگردي جو خاتمو ڪجي ۽ جمهوري ۽ سياسي عمل لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري دنيا مان غربت جو خاتمو ڪيو وڃي. عوام کان پري رهي هن مشن جي تڪميل ممڪن نه هئي. ۱۸ آڪٽوبر، ۲۰۰۷ع تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪارساز سانحي کانپوءِ ٻيهر شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پارٽي رهنمائن ۽ ٻين به بهرحال اهو مشورو ڏنو ته هو ٻيهر پاڪستان مان ٻاهر وڃي ۽ ٻاهر ويهي ڪري هي چونڊ مهم هلائي. ۱۹ آڪٽوبر، ۲۰۰۷ تي هن سانحي کانپوءِ جڏهن بلاول هائوس ڪراچي ۾ هن پريس ڪانفرنس ڪئي ته هن کان ڪنهن صحافي سوال ڪيو ته ۱۸ آڪٽوبر جي واقعي کانپوءِ به ڇا توهان چونڊن لاءِ عوامي رابطا مهم هلائيندا؟ ان تي هن بنا ڪنهن توقف جي جواب ڏنو: “اهي ماڻهو به اهو ئي چاهين ٿا ته آئون چونڊ مهم نه هلايان ۽ واپس هلي وڃان. اهي ماڻهو اهو چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت بحال نه ٿئي پر هاڻي جمهوريت بحال نه ٿي ته پاڪستان لاءِ خطرا وڌي ويندا. آئون پنهنجي ماڻهن سان گڏ رهندس”.

وري دنيا ڏٺو ته شهيد بي بي ٻيهر عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي. هوءَ هر جلسي ۾ اهو ئي چوندي هئي ته آئون پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ پنهنجي جان جو رسڪ کڻي آئي آهيان. ۱۸ آڪٽوبر جي سانحي کانپوءِ هن پنهنجي ڪتاب “مفاهمت” ۾ ڪجهه وڌيڪ اضافو ڪيو ۽ هڪ هنڌ لکيائين ته، “مون پنهنجي والد جي گرفتاري، قيد ۽ قتل جا عذاب ڀوڳيا هئا ۽ ڄاڻندي هئس ته روح جا اهڙا زخم ڪڏهن به نه ڀرجندا. پنهنجي والد جي موت تي جيڪا تڪليف مون ڀوڳي، ان کان پنهنجن ٻارن کي بچائڻ لاءِ آئون ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هئس، مگر اهو واحد ڪم هو جيڪو آئون نٿي ڪري سگهيس”. محترمه بينظير ڀٽو جي انهن لفظن مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته هوءَ پنهنجن ٻارن سان تمام گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ هن کين پنهنجي موت جو صدمو به نٿي ڏيڻ چاهيو. ان جي باوجود هن شعوري طور تي پنهنجو موت قبول ڪيو. انتخابي مهم جي دوران هڪ ڀيرو هوءَ ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي وئي ۽ مزار جا سمورا دروازا بند ڪرائي اڪيلي ڪيترائي ڪلاڪ ويٺي رهي. انهيءَ ڏينهن ئي ماڻهن کي اندازو ٿي ويو هو ته شهيد بي بي کي پنهنجي موت جو پورو يقين آهي. ان کانپوءِ هوءَ ٻيهر انتخابي مهم تي نڪري وئي. انهيءَ دوران به ماڻهو کيس چوندا رهيا ته جلسن ۾ نه وڃو، پر سندس اهو ئي جواب هوندو هو ته مون جيڪڏهن ايئن ڪيو ته پاڪستان جي لاءِ خطرا وڌي ويندا، پوءِ اهو ئي ٿيو. ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي هوءَ عوام جي وچ ۾ ئي شهيد ٿي وئي. اڄ جيڪڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت آهي ته شهيد بي بي جي قربانين جو نتيجو آهي. شهيد بي بي تاريخ ۾ بهادري ۽ جرئت مندي جو مظاهرو ڪيو. شهيد بي بي پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان محبت ڪندي هئي. هن پنهنجي قرباني سان پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان اڻ ٽٽندڙ رشتو قائم ڪيو آهي، جيڪو هميشه قائم رهندو. اسان سڀني تي شهيد بي بي جي خون جو قرض آهي ته اسين پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي جي لاءِ سندس مشن کي جاري رکون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

شھيد محترمه بينظير ڀٽو

مظلوم عوام خاطر سندس بي مثال ۽ لازوال قرباني

طفيل مگسي

اڄ به جڏھن ۲۷ڊسمبر جو ڏينهن ياد اچي تو ته اکين منجهان ڳوڙھن جي قطار وهي نڪري ٿي. جيڪي ڏسڻ ۾ ته اکين جا ڳوڙھا آھن. ليڪن اهي اکين جا ڳوڙھا ناهن بلڪ دل جي ته منجهان نڪتل اهي ڳوڙھا آھن. جيڪي ڪنهن چشمي جيان دل منجهان اڌما ڏئي ڪري اکين جي معرفت ٻاهر نڪري اچن ٿا. ڇاڪاڻ ته اڄ جي ڏينهن يعني ۲۷ ڊسمبر جي ڀيناڪ شام ڌاري راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ عالمي اڳواڻ. دختر پاڪستان ۽ سنڌ جي نياڻي( جيڪا ڪروڙين مظلوم. محڪوم ۽ پيڙھيل طبقي جي اميدن ۽ خواهشن جي علمبردار هئي) محترمه بينظير ڀٽو کي اسان جي اکين کان سدائين جد لاء ڏور رکندي شھيد ڪيو ويو. مگر قاتلن کي اها خبر ئي نه هئي ته عوامي اڳواڻ يا عوام جا محبوب ليڊر شھيد ٿيڻ جي باوجود به عوام جي دلين ۾ راڄ ڪندا آھن. جيتوڻيڪ محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کي ڪافي سال گذري چڪا آھن. پر پوء به سندس چاهت عوام جي دلين ۾ سندس زنده رهڻ کان به وڌيڪ گهر ڪري چڪي آھي ۽ ھر دل هن ۲۷ڊسمبر جي مهيني ۾ ماٿم ڪندي ڏيک ڏيندي آھي. بينظير ڀٽو جنهن سياست جي ٿيوري پنهنجي شھيدبابا کان حاصل ڪئي هئي. جيئن هندستان جي اندران گانڌيء پنهنجي پيء نهرو لعل کان حاصل ڪئي هئي. بينظير ڀٽو جنهن يونيورسٽي آف ڪليوفورنيا منجهان تعليم حاصل ڪئي. جتان هن جي بابا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پڻ تعليم حاصل ڪئي هئي. ليڪن سڀ کان وڏي فخر جي ڳاله اها آھي ته جنهن يونيورسٽي منجهان هن تعليم حاصل ڪئي. انهيء يونيورسٽي ۾ ليڪچر پڻ ڏنائين. جنهن منجهان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هوء هن ملڪ ۽ قوم جو ڪيڏو نه وڏو سرمايو هئي. بنظير جيڪا مصروف ترين ليڊر (يعني ڪروڙين عوام. جي نمائنده هئي) هئڻ جي باوجود به پنهنجي اولاد جي فرض نڀائڻ ۾ ڪا ڪسر نه رهڻ ڏني. جڏھن هو وطن کان جلاوطن ڪئي وئي ته اتي به هن پنهنجي ملڪ جي عوام سان ۽ پنهنجن ٻارڙن سان ساڳئي محبت نڀائي جلاوطني جي دوران به هوء سڄي دنيا سان گڏوگڏ پنهنجن جان نثار ورڪرن ۽ پارٽي جي سچن عاشق اڳواڻن سان رابطي ۾ رهندي هئي. انهن جا مسئلا ٻڌندي ۽ حل پڻ ڪندي هئي. هن جي زندگي جو اصل مقصد ئي ملڪ جي اندر جهموريت جي بالادستي ۽ انساني حقن جي حاصلات هو. هن نوجوانن. پڪن. پوڙھن ۽ خاص ڪري هن دنيا ۾ اڌ تصور ڪرڻ وارين عورتن جي لاء ھڪ لازوال ۽ بي مثال جدوجهد ڪئي. عالمي سطح تي پاڪساني عورتن جي سڃاڻپ ڪرائي. بقول سندس جي ته مردن جي هڪ هٽيء واري سوسائٽي ۾ عورت جي ڊي گريٽ وارو رجحان ختم ٿيڻ گهرجي. هن پارٽي ۾ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ عورتن کي ايم اين اي. ايم پي اي ۽ سينيٽر طورتي پڻ چونڊرايو. جڏھن ته اقليتن جي باري ۾ به هن کي اها پروڙ ھئي ته اهي بيهڻ جي باوجود به کٽي نه سگهندا. ان ڪري هن کين کي خصوصي سيٽون ڏياري ڪري اقليتن کي به اسيمبلين تائين رسايو. محترمه بينظير ڀٽو اڄوڪن ليڊرن جهڙي نه هئي جيڪي پاور گيم تي يقين رکندا آھن بلڪ هوء هن جو سمورو يقين عوام جي طاقت تي هو. هن جي سياست جو مقصد غريب عوام کي مڪمل آزادي ڏيارڻ ھو يعني اهڙي آزادي جنهن ۾ ڪو به ڪنهن جو غلام نه هجي. هر ڪنهن وٽ روزگار هجي. هرهڪ برابريء جي بنياد تي هڪ ٻيئي جي عزت ڪري ۽ ھر ڪنهن کي هڪ جيترا حق حاصل هجن. هن چاهيو هيو ته غريبن جا ٻارڙا به اميرن جي ٻارڙن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن.

ياد رهي ته ۱۸ آڪٽوبر تي پڻ حملو ڪيو ويو هو مگر ان وقت سندس دشمن پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نه ويا. شايد انهن سوڇيو ته بينظر جاڻي خاموش ٿي ويهي رهندي. مگر ائين ڪئين ٿي ٿي سگهيو جنهن جي رنڳ رنڳ ۾َ عظيم ۽ ڀهادر پيء زلفيء جو رت شامل هو. محترمه بينظير ڀٽو حملي کانپوء به پوئتي هٽڻ جي بجاء اڃا به اڳتي وڌندي رهي. ۽ ھو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وستي توڙي واهڻ ۾ پنهنجي غريب ۽ پورهيت ۽ مزدورن سان ملندي رهي. هوء سنڌ جي اهڙي بهادر نياڻي هئي ته پيء جي شهادت. ماء جي بيماري ۽ جگري ڀاء جي شھادت جي باوجود به هڪ وک به پوئتي نه هٽي. هو انهن انهن انقلابي عورتن منجهان هئي. جن پنهنجي رت جا نذرانا ته ڏنا. ليڪن پنهنجي مقصدن ۽ پورهيت عوام سان نيهن جو ناتو نه ٽوڙيائون. تاريخ اهڙن بهادر ۽ عوام سان بي انتها ۽ بي حساب محبت ڪندڙن کي اهو درجو عطا ڪري ڇڏي ٿي. جيڪو ڪنهن ڪنهن فرد جي حصي ۾ ايندو آھي. بينظير ڀٽو جيڪا شھادت جو جام نوش ڪري اڄ ڳڙهي خدابخش جي مٽيءَ ۾ دفن ته ٿيل آھي. مگر سچ اهو آھي ته اڄ به هن جو روح پنهنجي پورهيت عوام جي اڳواڻي ڪندي محسوس ٿيئي ٿو. شھيد بينظير ڀٽو ۽ عوام جو رشتو ائين هو. جيئن ڳنڍير جي ڳنڍين جو پاڻ ۾ رشو هوندو آھي. جيڪڏھن ان ڳنڍير جي هڪ ڳنڍ کي الڳ ڪري ڇڏجي ته ڳنڍير جو وجود ئي نه رهي سگهندو. بلڪل ساڳئيء ريت شھيد بينظير ڀٽو ۽ عوام. جو رشتو به ائين ئي آھي ۽ تاقياميت تائين جاري وساري رهندو؛بقول شاعر جي.

قوم. پنهنجي ۾ ڏاهي هئي

هوء سنڌوء جي نياڻي هئي

صدين تائين نه وسري سگهندي

چڻ مرشد لطيف جي وائي هئي

ڌرٿيء تان سر گهور ڪري

هن ماء جي ٿڃ ملهائي هئي

بختاور ٻاگهيل. مارئي بڻجي

هن سنڌ جي سينڌ سجائي هئي

محبت هن کي ماروئڙن جي

سا بينظير ڀيڻ بڻائي هئي.

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

بينظير

فڪر جي هڪ تحريڪ هئي

ڪاشف نوراني

اي سنڌو! توکي ڀيٽ ڏنا ڪنهن لڙڪ ڦڙا، ڪنهن ماڪ ڦڙا،

جن توکي پنهنجو رت ڏنو سي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا...

عام طورڏٺو ويو آهي ته انساني تاريخ ۾، سُقراط کان وٺي عيسيٰ تائين ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد راڻيءَ تائين، هڪ منصوبي تحت انياءُ ۽ اتياچاريءَ جو سلسلو جاري و ساري آهي. اُها گولي، جيڪا گانڌي، لياقت علي خان ۽ شيخ مجيب الرحمٰن کان ٿيندي، شهيد راڻيءَ تائين پهتي آهي، خبر ناهي ته اڃان الاءِ ڪيتريون حياتيون ڳڙڪائيندي؟ ۽ اڃان الاءِ ڪيترا نسل ناس ڪندي؟ اها ڦاسي، جيڪا هيمون ڪالاڻي کان هلندي، شهيد سورهيه بادشاھ کان ٿيندي، ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهتي آهي، اڃان الاءِ ڪيترا جڳن جا جڳ تباھ ڪندي؟ کين ان ڪري مارايو ويو، ته جيئن هُو پنهنجي ڪرسيءَ کي قائم رکي سگھن ۽ ان کي اڃان اڳتي دوام ۽ دريگھ ڏيئي سگھن.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته زندگي کان اڳ موت تخليق ٿيو. موت ظاهري طور منتقلي جو نالو آهي، انسان حياتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪائنات طرف گامزن ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسان جو هڪ نئون سفر شروع ٿي ٿو. پر طبي موت جي برعڪس شهادت هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو ڪامياب انسانن کي هميشه جي لاءِ امر بنائي ڇڏي ٿو. اهڙي شهادت سان معاشري اندر انقلاب برپا ٿي ويندو آهي. شهادت بعد نئي مظلوم طبقي کي منزل ميسر ٿي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پوءِ دلين، دماغن ڌڙڪن اندر زنده رهندا آهن ۽ نسل در نسل انهن جو ذڪر جاري رهندو آهي. اڄ اهو ئي جذبو اسان کي شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تازي رت جي اندر نظر اچي ٿو.

شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو: “هُن کي ٻَڌي وٺي آيا ۽ کيس چيائون، تون ڏوهي آهين، تو پيار جو نانءُ ورتو آهي. هُن پنهنجي جسم تي پيل زنجيرن کي زور سان سٽ ڏني ۽ رڙ ڪري چيو، مان ڏوهي نه آهيان! مان ڏوهي نه آهيان! مان هن دور جو پيغمبر آهيان. هُو ڏند ٽيڙي کلڻ لڳا ۽ ان جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون. ان ڳالھ کي ڪيئي سال گذري ويا. اڄ هُو ساڳي جاءِ تي، ٻئي ڪنهن کي ٻَڌي وٺي آيا ۽ هُن کي چيائون، تون ڏوهي آهين، تون پيار جو نانءُ به نه ٿو وٺين، تون اسان جي پيغمبر کي به نه ٿو مڃين. ايئن چئي غصي ۾ ڏند ڪرٽيائون ۽ ان جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون”. وري ٻئي هنڌ لکي ٿو: “آڌيءَ رات جو سمو آهي، هُو ڦاسيءَ جي رسي ۾ لڙڪِي رهيو آهي. لُرِيءَ ۾ هُن جا پير اُگھاڙا آهن، پير جي تخت تان لهي، تختي تائين پهتا آهن ۽ هاڻي هيٺ مُڙي ويا آهن، جيڪي ڪنهن سوڙهي گھٽيءَ جو رستو ڏيکارين ٿا. مان انهن ٿڌن پيرن تي، پنهنجا ڪوسا هٿ رکي سوچيان ٿو، ته جي مان هن کي جاڳايان، ته ڇا هُو پنهنجو منهن مون کان لڪائيندو؟ هُو جو ڌرتيءَ جو ڌنار هو، ڇا هُو اهو مڃيندو ته رڍون ۽ بگھڙ گڏ نه پالبا آهن!“

”لڙوگي؟ لڙينگي، مروگي؟ مرينگي“: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هيا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو. انهيءَ عوامي ليڊر جي نياڻي مٺن زيتونن جي سرسبز باغن ۾ تربيت حاصل ڪندڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙئي ۱۶ سالن جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بي نظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هوءَ عالمي سطح جي لينن، مائوزينگ، هوچي منهه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدترين کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي. بينظير ڀٽو شهيد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي. بينظير ڀٽو جي ولادت ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا.

محترمه هڪ خداداد ذهانت ۽ سياسي بصيرت جو اڄ سڄي دنيا پڻ اعتراف ڪيو آهي، محترمه صاحبه پنهنجي اقتدار دؤران ۽ اقتدار کان بعد ڪيترين ئي صعوبتن جي دليريءَ سان مقابلو ڪيو، وزارت اعظمىٰ دوران ڪيترائي الزام هنيان ويا پر وقت جون حڪومتون اهي الزام ثابت ڪري نه سگهيا، محترمه کي اڄ دنيا جي اندر مارئي ملير جي، سنڌ جي راڻي ۽ شھيد راڻي جي لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. محترمه جون ڪيتريوئي خدمتون آهن پاڪستان جي عوام جي لاءِ بالخصوصن تعليم ۽ عورتن جي لاءِ تمام وڏيون خدمتون شامل آهن.

بهرحال پاڪستان جي سماج ۾ تعليم سڀني لاءِ جو نعرو کڻي ايندڙ ۽ خصوصي طور تي نياڻين هي اعلي تعليم لا۽ هر وقت فڪر مند رهندڙ هن باوقار، باعمل، شان، مان، رعب، ڏات، نفاست واري جدوجهد سان ڀرپور قائد، هر حال ۾ هار نه مڃڻ، همت ڀري عظيم اڳواڻ، دنيا جي عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ مثال ثابت ڪيو آهي ته عورت ڪنهن به ماحول يا حالتن ۾ مرد کان گهٽ نه آهي پر مرد کي مات ڏئي سگهي ٿي. سياست ۾ سندس مرتبو ۽ حيثيت دنيا جي مڃيل وزيراعظم عورت مسز اندرا گانڌي کان به وڌيڪ اعليٰ آهي ڇاڪاڻ ته مسز گانڌي زندگي جي جدوجهد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جهڙيون تڪليفون ڪو نه ڏٺيون. جيل، جلاوطني وارا ڏينهن ڪو نه ڏٺا. مارشل لا جون اذيتون برداشت نه ڪيون، پنهنجي والد سان ڪال ڪوٺڙي ۾ ملاقاتون نه ڪيون. بيماري ۾ علاج لاءِ قيد بي سهارا نه رهي. مذهبي معاشري ۾ پاڻ نه مڃايو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته محترمه ڀٽو صاحبه وانگر ننڍي ڄمار ۾ وزارت عظميٰ نه ماڻي. بينظير ڀٽو صاحبه جدوجهد جي علامت ۽ حوصلي واري عظيم عورت قائد هئي جنهن کي هر دور ۾ هر حالت ۾ حوصلي ساڻ مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل هو. دنيا سندس والد وانگر محترمه جي بين الاقوامي معاملن تي اعليٰ ذهانت ۽ ڏاهپ جي قائل آهي.

بينظير ته ڄمندي ئي بينظير هئي، جيئري به بينظير هئي ته اڄ شهادت کانپوءِ به بينظير آهي ڇو جو هوءَ هئي ئي بينظير. محترمه بينظير ڀٽو رڳو هڪ شخصيت نه پر فڪر جي تحريڪ هئي جنهن فڪري تحريڪ ۾ ماڻهو مرڻو ناهي پر هر هر جنم وٺي ورڻو آهي. ماڻهو ته گهڻائي آهن دنيا ۾ ايندا ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي تاقيامت تائين وساري نٿو سگهجي ۽ سندن وڇڙڻ جو غم هميشه رهي ٿو شهيد محترمه بينظير ڀٽو به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هئي جيڪا دلين ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿي هجي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۽ سياست متعلق احوال پنهنجي ڪتاب ”ڊاٽر آف دي ايسٽ” جي پهرين سٽ ۾ ئي مڪمل ۽ جامع نموني ڪري ڇڏيو آهي. هُن لکيو آهي ته، “مون پنهنجي هن زندگيءَ جي پاڻ چونڊ نه ڪئي آهي، پران زندگي منهنجي چونڊ ڪئي آهي.”

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

محترمه بينظير ڀُٽو

سياسي ۽ جمهوري سفر

محمد اسماعيل لانگاھ

سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي تاريخ موئن جي دڙي جي ماڳ واري من موهيندڙ مٽي مان جنم وٺندڙ ڀُٽو خاندان جي ڪرشماتي سياست ۽ دنيا ليول تي ماڻيل مڃتا ڪنهن کا ڪا ڳجهي ناهي دنيا جا وڏا وڏا مدبر سياستدان مير پير ڀوتار ڀُٽو خاندان جا سياسي حوالي سان مريدي خادمي هيٺ رهيا، پاڪستان جيئن آزادي حاصل ڪئي ان کان پهرين پاڪ هند ۾ مسلم سياستدانن جي وڏي سياسي جماعت مسلم ليگ هئي، جنهن پاڪستان جي آزادي لاء لازوال تاريخي جدوجهد ڪئي ان کان پوء پاڪستان ۾ ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو جنرل ايوب خان جي مارشلا جي بغاوت ڪندي پ پ جو بنياد رکيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪرشماتي سياست پ پ جي پليٽ فارم تان ملڪي سياست اندر نئون روح ڦوڪي ڇڏيو وڏا وڏا ڊنگ سردار ڀوتار، مير، پير ، چوڌري پ پ ۾ شامل ٿي ويا ذوالفقار علي ڀُٽو کي ملڪ ۾ ڊگهي مارشلا مڙھيندڙ جنرل ضياءُ الحق پ پ کي ختم ڪرڻ واري نظريئي هيٺ کيس ڦاسي ڏياري ڇڏي ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڦاسي کان پوء محترمه بينظير ڀُٽو پنهنجي پيءُ جي جانشين بڻجي پ پ جي ڏور هٿ ۾ ڪئي, ان دوران کين ملڪ بدري سميت مختلف مصيبتن کي عورت جي روپ ۾ مردانگي سان منهن ڏنو، جلاوطني دوران هن پ پ کي پڻَ سنڀالي رکيو ۽ پاڪستان جي غريب ۽ مظلوم عوام کي اڪيلو محسوس ٿيڻ نه ڏنو، پنهنجي والد جي وڇوڙي بعد جيجل امڙ جي دعائن سان محترمه بينظير ڀُٽو کي ۸۰ واري ڏھاڪي پ پ سان عوام جي ولوله انگيز محبت کين ملڪ ۾ وڏي اڪثريت سان اليڪشن ۾ ڪامياب ڪري پاڪستان ۽ دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم جو تاج سر تي سجايو, بينظير صاحبه پنهنجي مرحوم والد جي انهن لفظن کي ورجائيندي عوام، ملڪ ۽ پ پ دشمنن کي شڪست ڏني ته “جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي پر پ پ ۽ ملڪ سان سچائي خاطر ڀُٽو خاندان خلاف سازشن جو جيڪو ڊگهو. ڄار وڇايل هو انکي وڌيڪ وگهيرڻ لاء محترمه بينظير ڀُٽو کي ان وقت جي سويلين صدر غلام اسحاق خان حڪومت ختم ڪري ڇڏي پر هن پنهنجن مضبوط ارادن کي اٽل رهڻ جي ترجيح ڏني ان دوران هن ملڪ جي غريب پيرين اگهاڙي عوام جي حقن لاء جنگ کي جاري رکيو ۹۰ واري ڏهاڪي جي ٿيل عام چونڊن ۾َ هوء ٻيو ڀيرو ملڪ جي وزير اعظم بڻي ليڪن ان وقت به سندن صدراتي منصب تي مقرر ٿيل سويلين صدر فاروق لغاري کين بلاجواز ڪرپشن جا ڪيس مڙهي حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ ان جي ٻئي دور حڪومت ۾ سندن ڳڀرو ڀاءُ مير مرتضي ڀُٽو کي سنڌ جي گادي واري شهر ۾ هڪ مين شاهراه ستر ڪلفٽن ويجهو ڀُٽو فيملي جي دشمن عنصرن گولين جو کاڄ بڻايو ۽ محترمه بينظير ڀُٽو ملڪ جي وزير اعظم هوندي ڪُجھ به نه ڪري سگهي مرتضي ڀُٽو جو ڏينهن ڏٺي ٿيل قتل سندن وزير اعظم ڀيڻ کي بيوس بڻائڻ ۽ حڪومت ختم ڪرڻ جي هڪ گهري سازش هئي حڪومت ختم ٿيندي ئي ملڪ ۾ آيل ن ليگ جي نئين حڪومت جي وزير اعظم نوازشريف پاران بينظير ڀُٽو خلاف ڪرپشن جا نوان ڪيس مڙهيا ۽ ان دوران بينظير ڀُٽو ملڪ ۾ موجود نه هئي، ڪرپشن جي مڙهيل ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاء هن پارٽي قيادت سان مشورا پڻ ڪيا، انهن هٿ ٺوڪين ڪيسن کي پڻ منهن ڏنو ن ليگ جي حڪومت ملڪ جي آرمي چيف جنرل مشرف کي جڏھن هٽائڻ جو جڏھن فيصلو ڪيو ته ملڪ جي سپه سالار خلاف ان سازشي فيصلي کي ناڪام بڻائيندي جنرل مشرف ن ليگ جي وزير اعظم نوازشريف کي هٽائي ملڪ اندر قيد ڪرائي ڇڏيو، ان خلاف سنگين غداري جا ڪيس هنيا ويا ۽ ن ليگ جي سموري قيادت کي ملڪ جي مختلف جيلن ۾ بند ڪيو ويو، ان وقت محترمه بينظير ڀٽو پرڏيھ ۾ هئي ۽ جنرل مشرف حڪومت تي قبضي ڪرڻَ بعد محترمه بينظير ڀُٽو خلاف به نوان مقدمه درج ڪري ڇڏيا، معزول وزير اعظم نواز شريف کي دوست ملڪن جي مداخلت تي هڪ معاهدي تحت ملڪ بدر ڪري ڇڏيو، ۽ ن ليگ کي ٽوڙي ق ليگ پارٽي جو وجود آندو ۽ پ پ جي اهم اڳواڻن کي به وڏيو مراعتون آڇيون ويون پر پ پ جي سچن ۽ وفادر اڳواڻن پ پ ۽ پنهنجي قائد بينظير صاحبه سان گڏ رهڻَ جو وچن ڪيو

جنرل مشرف جي نو سالن جي ڊگهي مارشلا ۾ جلاوطني جي زندگي گذارڻ باوجود محترمه بينظير ڀُٽو پاڪستان ۽ عوام سان محبت جو ساڳيو جذبو جيئاري رکيو هن سان وفادار رهڻ پ پ اڳواڻن ملڪ جي مظلوم ماڻھن کي هروقت بينظير صاحبه جو پيغام پئي پهچايو ۽ ملڪ جي غريب عوام کي به اها خبر هئي ته ظلم. جي هي ڪاري رات کان پوء محترمه بينظير ڀٽو جي روپ ۾ ڪاميابي جو سج ضرور نڪرندو ۽ ظلم جي ٻاريل باه نيٺ وسامندينيٺ ٿيو به ايئن جنرل مشرف جي آمريت جو ڪارو دور لوڏن ۾ اچي ويو ۽ محترمه بينظير ڀُٽو ڊگهي جلاوطني ختم ڪري دبئي کان ۱۸ آڪٽومبر ۲۰۰۷ع تي جڏھن ڪراچي انٽرنئشنل ايئرپورٽ تي آئي تي عوامي سمنڊ جي صورت ۾ کين والهانه استقبال ڪيو ويو، امن جا پکي اڏاريا ويا ڪراچي سميت ملڪ جي چئني صوبن جا روڊ رستا گهر، ٻنيون ٻارا. باغ باغيچا پ پ جي جهنڊن سان جهڳمڳ نظر آيا پنهنجي قائد جي آمد تي خوشي وچان هزارين جانور صدقي ۾ قربان ڪيا ويا، قائد جي محبت ۾ استقبال لاء آيل دشمنن خودڪش حملي دوران ڪارساز پل وٽ ٻه سئو جي لڳ ڀڳ ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ھُنن جو نشانو دارصل محترمه بينظير ڀُٽو جي اها گاڏي هئي جنهن ۾ سڄي پ پ قيادت موجود هئي پر لکين ماڻھن جي صدقن ۽ دعائن محترمه جي جان بخشي ان خوفناڪ حملي ۾ شهيد ٿيل ڪارڪنن جي لاشن جا ٽڪرا ۽ رت ڏسي ڪمزور دل ماڻھن جا هانءُ ئي ڏري پيا پر بينظير ڀُٽو عورت جي روپ ۾ هڪ مرد مجاهد انسان هئي جنهن کي دشمنن جي خوفناڪ حملي مان ذري برابر به خوف محسوس نه ٿيو ۽حملي کان پوء بي خوف ٿي ڪارڪنن جي وارثن وٽ عيادت لاء پهتي بينظير ڀُٽو جي همت بهادري ڏسي دشمنن پنهنجي سازشن کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو کين راه تان هٽائڻ لاء پيڇو نه ڇڏيو، ملڪ جي رهزنن راولپنڊي ۾ سندن زندگي جو آخري جلسو ڪرڻ ڏنو جلسي گاه تان موٽندي عوام جي هجوم ۾ کين حملو ڪري شهيد ڪيو، اها ۲۷ڊسمبر واري رات ڪڏھن به وسري نه سگهي آهي، محترمه جي شهادت جو ٻُڌي هزارين ماڻھن جا هانءُ ڇڄي ڇيهون ڇيهون ٿي پيا دنيا جي وڏن وڏن مدبر سياستدانن محترمه بينظير ڀُٽو جي شهادت کي دنيا لاء ڪارو ڏينهن سمجهيو ۽ پ پ قيادت پنهنجي عالمي ليول جي قائد جي شهادت جو دشمنن کو پلئو پلاند نه ڪري انتقامي سياست بجاء جمهوريت کي بهترين انتقام سمجهيو جنهن دشمنن پ پ کي ختم ڪرڻَ چاهيو اهي قوتون خود نيست نابود ٿي ويون ۽ عوام جي دلين اندر پ پ اڄ به ڇانيل آهي پر ڪُجھ پارٽي قيادت جي ڪوتاهين سبب نظرياتي ماڻھن کي نظرانداز ڪرڻ وارو عمل پ پ لاء سُٺو سنئوڻ ناهي ۽ جانثار ورڪرن کي ئي نظرانداز ڪيو ويو جيڪي هيئنر ڪسمپرسي واري زندگي گذاري رهيا آھن جنهن پ پ جي قائدين پاڪستان کي دنيا جي سپرپاور ملڪن ۾ شمار ڪرايو، جنهن جو سبب اهو ئي آهي ته محترمه جي شخصيت سان ڪارڪنن جي روح ۽ محبت جو انداز ئي ڪُجھ ٻيو هو، ۽ سورنهن ورهين وهامي ويا آھن پر محترمه جو روح هر مظلوم جي دل جي آس ۽ اميد جو ڪرڻو بڻيل آهي.

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

شھيد محترمه بينظير ڀٽو

۲۷ ڊسمبر جو سُور ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت

اعجاز ممنائي

ستاويهين ڊسمبر جڏهن به ايندي آھي ته دل نه چاهيندي به چند لفظ لکي پنهنجو فرض پورو ڪريان ڇوته ان ڏينهن ملڪ ۽ قوم مٿان هڪ قيامت گذري هئي ۽ سنڌ جي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت جي خبر جهنگ جي باهه وانگر پوري دنيا ۾ پکڙجي ويئي. هونء به سندس خاندان تي وقت بوقت موت نه رڳو لامارا ڏيندو رهيو آھي پر جهوليون پڻ اجاڙيندو رهيو آھي. ڪڏهن سندس والد کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڦاهي گهاٽ ۾ شهادت جو جام پياريو ويو ته ڪڏهن سندس هڪ ڀاء (شاهنواز) کي زهر جو جام پياريو ويو ته وري ٻئي ڀاء (مير مرتضيٰ) کي سرعام گولين جو کاڄ بڻايو ويو. اڃا ان درد جو دل مان زخم ڇٽو ئي نه هو ته وري سندس شھادت جو سور سيني کي چُور چُور ڪري ويو ۽ ائين محسوس ٿيو ته نه رڳو پنهنجي ملڪ پاڪستان پر پوري دنيا مان حقيقي سياست جو خاتمو اچي ويو. سندن موڀي ڀاءُ مير مرتضيٰ جي شھادت وقت برطانيه جي هڪ وڏي اخبار ۾ بينظير صاحبه جي باري ۾ هڪ مضمون ڇپيو هو جنهن جو عنوان هو ”آڪسفورڊ جي پڙهيل تاريخ ۾ فيل ٿي وئي“! اهو مضمون منهنجي لاء هڪ انڪشاف کان گهٽ نه هو ڇوته وڏي سرڪار ابتداء کان وٺي محترمه بينظير ڀٽو جي سياست کان خوش نه هئي ۽ اها چاهي پئي ته عوامي ليڊر جو خاتمو آڻجي، سياست ۾ پير پائڻ سان سندس اڳيان رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون. ڪڏهن مولوين کان فتويٰ ڏياري وئي ته عورت جي حڪمراني جائز نه آھي ڪڏهن چيو ويو ته اها امريڪا جي ايجنٽ آھي مطلب ته هٿرادو الزام مڙھي کيس اقتدار کان پاسيرو رکڻ جا هربا هلايا ويا پر ”جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي“.

محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پهرئين حڪومتي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اڍنگن روين جو اندازو ڪري چڪي هئي ۽ سندن مقابلو ڪرڻ لاء سندرا ٻڌي اڃان تياري پئي ڪئي ته سندس حڪومت جو خاتمو آندو ويو. هن جي ملڪ ۽ قوم سان سچائي سبب دنيا کي هلائيندڙ کانئن ناراض ٿي ويا. ڇوته هتي ڪوڙ، ٺڳي ۽ منافقت جو ٻج ڇٽيو ويو هو ان ماحول ۾ مخلص هميشه مار کائيندو رهيو آھي. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پيء وانگر عوام جي دلين تي راڄ پئي ڪيو جيڪا ڳالهه ساڙ ڪندڙن کي نه ٿي وڻي. ان کان سواء ملڪ دشمنن کي پاڪستان جي دولت ڏيڻ جي مخالفت ڪرڻ جي جرئت ڪئي، ان سان گڏ پاڪستان جي اندر هر ٻولي ڳالهائيندڙ کي عزت پئي بخشي ته جيئن ملڪ جي اندر هر ماڻھو پاڻ کي ملڪ جو شهري سمجهڻ شروع ڪري، مطلب ته هن ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو“ واري عالمي پاليسي سان بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ جي بقا ۽ سلامتيء لاء وک وڌائي. جنهن جي نتيجي ۾ سندس پير ڇڪڻ جي سازشون تيار ٿينديون رهيون. بالآخر سندس حڪومت جي ٻئي دور جو به وقت کان اڳ خاتمو ٿي ويو. ڇوته ٻيون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ جو اعزاز سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوء کيس حاصل هو. ٻيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ بعد اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد قومي اسيمبليء کي خطاب ڪندي چيو هئائين ته هن ڀيري اهڙو قانون ٺاهينداسين جنهن سان آئنده ڪنهن کي به هارس ٽريڊنگ ڪرڻ جي جرئت نه ٿيندي. هن ڀيري اسان مرڪز ۽ صوبن ۾ سهڪار جي فضا قائم ڪنداسين ڇوته هن وقت ملڪ شديد مشڪلاتن مان گذري رهيو آھي. ماضيء جي سياست ماڻهن جي دلين ۾ گھٹائي شڪ شبها پيدا ڪيا آهن عوام تبديلي جي انتظار ۾ آهي. هاڻي قوم صرف چهرن جي تبديلي نه ٿي چاهي بلڪه نظام جي تبديلي ضروري آهي. انشاء الله تبديلي ضرور ايندي ۽ اها تبديلي عوامي اتحاد سان ممڪن آھي. پاڪستاني قوم جو مستقبل روشن آهي ڇوته اسان ان کي روشن بنائي جو عزم ڪيو ويٺا آهيون اسين هاڻي كان ئي محنت شروع ڪنداسين ته جيئن وطن واسين جا خواب پورا ٿي سگهن انهن خوابن جي تعبير سان اسان جي تقدير بدلجي سگهي ٿي. مون کي يقين آهي ته اسان جي تقدير ضرور بدلجندي. هن وقت پاڪستان بين الاقوامي سطح تي اڪيلو بيٺل آهي. دنيا ۾ وڏيون وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن. پر ان تبديلين کان فائدو وٺڻ بجاء اسان انهن جي زد پر اچي چڪا آهيون اسان کي دهشتگرد قرار ڏيڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن. اسان جو نالو منشيات جي واپارين جي فهرست ۾ مشهور ڪيو ويو آهي اسان جو پرامن ايٽمي پروگرام به تڪراري بڻايو ويو آهي. حڪومت جي پهرين ترجيح هيءَ آهي ت پاڪستان کي ان انٽرنيشنل آئيسوليشن مان ڪڍيو وڃي ته جيئن ان سڪڙجندڙ دنيا بر اسان سڀني کان الڳ رهڻ بجاءِ پنهنجي عوام تائين بين الاقوامي تعلقاتن جو ثمر پهچايون. اهڙي سچي ۽ کري سياستدان جو قدر نه ڪيوسين ۽ کيس دهشتگرديء جي گهيري ۾ ڇڏي ڏنوسين، جنهن تي بکين بگهڙن حملو ڪري ڏنو ۽ حملي بعد ڪوبه قاتل نظر نه آيو، ملڪ ويران ٿي ويو حق سچ جي سياست جو خاتمو ٿي ويو. ڪوڙ، ٺڳي، مڪار ۽ فريب جي سياست جو بنياد رکيو ويو. ۲۷ ڊسمبر تي محترمه بينظير جي عظيم شھادت بعد اٽي لٽي ۽ اجهي وارا خواب چڪنا چور بڻجي ويا. ان کانپوءِ پ پ پ کي مرڪز ۽ صوبي ۾ اقتدار به مليو پر اهي پنهنجي پنهنجي مفاد لاء ڪم ڪرڻ لڳا. محترمه ته ميثاق جمهوريت جا معاهدا ڪري جمهوريت جا پختا بنياد رکيا پر سندس وڃڻ سان جمهوريت جو روح زخمي ڪيو ويو. عوام جي دردن جو ڪو درمان نه بڻيو. سکڻا نعرا هڻي عوام کي بک ۽ بدحالي ڏني وئي. ائين پيو لڳي ڄڻ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوء پيپلز پارٽي ئي شھيد ٿي وئي ڇو ته سندن مرڪزي قيادت توڙي وزير مسلسل صوبائي ۽ قومي اسيمبليء ۾ رهندي عوام کان دوري اختيار ڪري ويهي رهيا. سنڌ جو عوام پي پي پي کي ڀٽو خاندان سان عقيدت جي بنياد تي هميشه ووٽ ڏيندو رهيو آھي پر موٽ ۾ کي ذلت ۽ رسوائيء کي منهن ڏيڻو پيو آھي. سنڌ جا اسڪول مال جا واڙا ۽ بهه جا ڀانڊا لڳا پيا آھن، اسپتالون ڪوس گهر جو ڏيک پيون ڏين اتي دوائن ۽ سهولتن سميت عملي جي کوٽ جون دانهون پيون اچن، ڪرپشن ۽ رشوت خوريء جي بازار گرم نظر پئي اچي، صوبي جا روڊ رستا کنڊرات جو ڏيک پيا ڏين. مهانگائي آسمان سان ڳالهيون پئي ڪري احتجاجن جو ڪوبه تدارڪ ڪرڻ لاء تيار ناهي. اڄ محترمه بينظير ڀٽو جي ۱۶هين ورسيء تي پي پي پي قيادت جلسو به ڪندي ۽ چونڊن واري پهرئين مرحلي مان گذرندي هر تڪ تي جيڪي پنهنجا اميدوار به بيهاريا آھن تن کي ٽڪيٽون به ملنديون. پر سوال اهو آھي ته صوبائي ۽ قومي سيٽن تي بيٺل اميدوار پنهنجي پارٽيء جي گذريل پنجن سالن جي ڪارڪردگي ڇا بيان ڪندا، جڏهن اهي اقتدار ۾ هوندي هڪ ڏينهن به پنهنجي تڪ جي عوام کان ڪو درد پڇڻ به گواره نه ڪيو. ويتر تڪ جي عوام مان تڪليفن جا انبار ڪيرايا. ڇا اليڪشن هڪ رونشو آھي يا ڪا زميواري به آھي؟جيڪڏهن چونڊون رونشو آھن ته مهرباني ڪري هاڻي مظلوم عوام کي گانن تي رڪس نه ڪرايو ڇوته هو توهانجو زر خريد غلام ڪونهي، هو پاڻ ڪمائي ۽ پاڻ کائي ٿو ان ڀٽي خاندان جو قرض چڪائي ڇڏيو آھي. محترمه بينظير ڀٽو ته اهو چيو هو ته هاري مزدور ۽ محنت ڪندڙ شاگرد منهنجا ڀائر آھن ۽ منهنجا جانباز سپاهي آھن. انهن جي هوندي دنيا جي ڪا به طاقت ملڪ ۾ جمهوريت جو رستو نه ٿي روڪي سگهي پر محترمه جي وڇوڙي کان پوء سندس ڀائرن سان سندس پارٽيء وارو جيڪو سلوڪ ڪيو آھي سو سڄو دنيا جي سامهون آھي. محترمه ته اهو چيو هو ته مزدور جو ڏک منهنجو ڏک آھي، غريبن جي عزت منهنجي عزت آھي مان ان وقت تائين آرام سان نه سمهندس ۽ پيٽ ڀري ماني نه کائيندس جيستائين ملڪ مان غربت ۽ افلاس جو خاتمو نه ٿو اچي. ان ساڳي پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت غريبن سان ڪهڙو سلوڪ ڪري رهي آھي. مرڪزي قيادت انهن وزيرن ۽ ميمبرن جو احتساب ڪرڻ بجاء کين ڪرپشن ڪرڻ جي کلي اجازت ڏئي ڇڏي آھي پوء اهڙي جماعت عوامي ۽ جمهوري نه ٿي ٿي سگهي. انڪري پي پي قيادت بالخصوص آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداريء کي پنهنجي پارٽيء بابت پاليسي تبديل ڪرڻي پوندي.

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

محترمه بي نظير ڀٽو

اهو ڏينهن جنهن ڌرتي لوڏي وڌي

آصف رضا موريو

۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جي منحُوس شام جڏهن محترمه بي نظير ڀٽو کي راولپنڊي جي ان پارڪ ۾ شهيد ڪيو ويو جتي هن ايندڙ جنوري ۾ ٿيندڙ چوندن جي سلسلي ۾ تقرير ڪئي هئي. ان حملي ۾ ويهه ماڻهن جي وفات کان علاوه سوين ماڻهو زخمي پڻ ٿيا هيا.

واقعي کان پوءِ ان حادثي جون حقيقتون ائين سامهون اينديون ويون ته تقرير ڪرڻ کان پوءِ جيئن ئي محترمه واپس وڃي رهي هئي ته پارڪ ۾ موجود ماڻهن جي نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هوءَ جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ جي کليل ڇت مان نڪري بيهي ماڻهن ڏانهن هٿ لوڏي رهي هئي ته هڪ موٽر سائيڪل سوار کيس ريزر پسٽول جهڙي هٿيار سان سندس ڳچيءَ تي وار ڪري پاڻ سان آندل يا ٻڌل بم ڦاڙيوجيڪو بينظير ڀٽو صاحبه ۽ ان جي ڪجهه ساٿين جي موت جو سبب بڻيو.

بينظير ڀٽو ان حادثي کان گذريل اٺ سال کان جلا وطني جي زندگي گزاري رهي هئي ڇوته کيس پنهنجي ملڪ واپس اچڻ جي اجازت ڪونه هئي پر پرويز مشرف جي دور ۾ نرمي ٿيڻ تي پاڪستان آئي هئي. سندس واپسي متعلق کيس اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ به موت مار ڌمڪيون به ملنديون رهنديون هيون. ان لاءِنه رڳو سندس عوام ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پر دنيا ڀر جي جمهوري ادارن مشرف حڪومت کان بينطير صاحبه جي حفاظت جي گهر ڪئي هئي جنهن تي رياستي ڪارندا ان حملي کان ڪجهه وقت اڳ تائين به سوالن ۽ جوابن ۾ فول پروف........... فول پروف...... چئي رهيا هيا.

حادثي کان پوءِ مٽي، رئي، ڌوڌڙ ۽ دوهين سان گڏ آه وزاري، رڙين ۽ چيخن قيامت جو منظر برپا ڪري ڇڏيو هيو. ڀو وچان ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀاڄ کائي رهيا هيا. ڪو بي بي لاءِ پريشان هيو ته ڪو پنهنجن دوستن، احبابن ۽ پيارن کي ڳولهي رهيو هيوته وري ڪو پنهنجي بچاو لاءِ هراسان هيو. ان وقت ايمبولينس جي خوفناڪ آوازن به ماڻهن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا هيا.............. پوليس، ايجنسين ۽ ايمرجنسي سان منهن ڏيڻ واري عملي جو تعداد وڌندو رهيو جن صورتحال کي سنڀالڻ شروع ڪيو...... مرده جسمن ۽ انهن جي ٽڙيل پکڙيل ٽڪرن کي ميڙڻ ۽ زخمين کي کڻي ايمبولينسن ۾ رکڻ جو مرحلو پورو ڪيو ويو. زخمين مان ڪوئي پنهنجي ٽنگن کي پڪڙيون ويٺو هيو ته ڪو ٻانهن کي، ڪنهن جو پيٽ وڍيل هيو ته ڪنهن جو منهن مٿو............

بي بي صاحبه جا جيڪي ساٿي ساڻس گاڏي ۾ گڏ هيا اهي پنهنجي محبوب قائد جي بي جان جسم جي حالت تي وهم و گمان ۾ ڦاٿل هيا جنهن جي شهادت گاڏي ۾ ئي ٿي چڪي هئي پر هڪ اميد جي آسري کيس ايمرجنسي سرجري لاءِ اسپتال نيو ويو. اها اميد رڳو بي بي جي ساٿين کي ئي نه پر حملي جي خبر کان پوءِ تمام دنيا ۾ ٽي وي اڳيان ويٺل ڪروڙين ماڻهن کي به هئي جن جون زبانون بينظير جي سلامتي لاءِ دعائن جاِ ورد ڪري رهيون هيون پر ان شام روشنين کي مات ڏئي انڌيري دنيا جي ڪارندن جيڪو وار ڪيو هيو اهو پنهنجو ڪم ڪري چڪو هيو. اسپتال ۾ بي بي جي دفائي صلاحڪار رحمان ملڪ ميڊيا تي بيان ڏنو ته “کين شهيد ڪيو ويو آهي”.

بينظير ڀٽو جي شهادت جو خدشو نه رڳو بين الاقوامي خبر رسان ادارن سندس هتي اچڻ کان پهريون ظاهر ڪيو هيو پر سندس دوستن ۽ خير خواهن به کيس پاڪستان واپس اچڻ کان باز رهڻ لاءِ زور وڌو هيو پر انتهائي عقلمند هئڻ جي باوجود بي بي پنهنجي والد جيان پنهنجي ماڻهن جي حقن ۽ ڌرتي جي سلسلي ۾ گهڻي جذ باتي ۽ ضدي هئي. ان لاءِ موت مار ڌمڪين ملڻ جي باوجود هتي هلي آئي هئي جتي پهرين ڏينهن ئي سندس جلوس تي خود ڪش بم جو حملو ڪيو ويو جنهن ۾ پاڻ ته بچي وئي پر ان حادثي ۾ سندس ۱۱۰ ساٿي شهيد ٿي ويا هيا. ان حملي جا سمورا نشان ڪراچي جي هڪ دهشتگرد تنظيم جي آستانن ڏانهن ويندي ڏٺا ويا جنهن کي نه ان وقت مشرف انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو نه ئي بعد ۾ آيل پي پي حڪومتن هن وقت تائين آڏي پڇا ڪئي بلڪه انهن کي پنهنجي سرڪار ۾ به سانجهي دار بنايو آهي. جيڪو مان کي يقين آهي ته اڳتي هلي پيپلز پارٽي جي تاريخ جو ڪڙوو موضوع بڻجڻ وارو آهي.

پاڻ تي حملي جو انديشو بينظير صاحبه کي به هيو ان لاءِ ئي ته هن پاڪستان اچڻ کان اڳ اي ميل ذريعي دوستن کي آگاهي ڏني هئي ته “جيڪڏهن مان ماري ويم ته منهنجا قاتل ڪير ڪير ٿي سگهن ٿا”. پنهنجي ان اي ميل ۾ بينظير صاحبه انهن ماڻهن جا نالا به ٻڌايا هيا جن مان کيس جان جو خطرو هيو يا وري جن کان کيس ڌمڪيون ملنديون رهنديون هيون.

شهادت واري ڏينهن بي بي صاحبه تقرير ڪندي چيو هيو ته “توڙي جو مان هتي اچي پنهنجي جان خطري ۾ وڌي آهي پر مون محسوس ڪيو هيو ته منهنجو ملڪ خطري ۾ آهي منهنجا ماڻهو خوفزده آهن ۽ مون کي پنهنجي ملڪ جي خراب صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڃڻو پوندو”. ان انديشي جو اظهار برطانوي خارجه سيڪريٽري ڊيوڊ بينڊ به ان وقت پنهنجي اعلان ۾ ڪيو هيو ته “اسان بينظير تي حملي جي انديشن کان واقف هياسين پر اهو پڻ ڏسون پيا ته سندس ملڪ کي ان جو ضرورت آهي”.

 بينظير نه رڳو پاڪستان جي ٻه دفعا رهندڙ وزيرِ اعظم هئي پر پنهنجي ملڪي سماج جي خاص طبقي ۾ پيدا ٿيندڙ هن عظيم عورت تمام عمر عام طبقي جي ڏکن، پريشانين ۽ لاچارين کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سچي جمهوريت آڻڻ واسطي جدوجهد ڪئي هئي. سندس شهادت کي تمام دنيا جي اخباري لڏن پاڪستان ۾ جمهوريت آڻڻ خلاف هڪ اونهي سازش قرار ڏنو ته “بينظير جي شهادت ايندڙ وقت ۾ نه رڳو پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت کي وڌڻ ۽ ويجهڻ نه ڏيندي پر هتي رهندڙ قومن وچ ۾ فرقي بازي ۽ علاقائي دهشتگردي کي به هٿي ڏياريندي”.

هن وقت ملڪ جي موجوده سماجي، سياسي، اخلاقي ۽ مذهبي صورتحال ڏسي لڳي پيو ته انهن گروهن جي پيشنگوئي ٺيڪ هئي ڇوته پاڪستان پيپلز پارٽي هن وقت ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي بلڪه هتي ڪوبه جمهوري ادارو صحيح طور تي ڪم ڪندي نظر ڪو نه پيو اچي. ماڻهو پنهنجي پاڻ کي پهريون کان وڌيڪ غير محفوظ سمجهن ٿا ۽ دهشت گردي جا ڪڪر وقت سان گڏ گهاٽي کان گهاٽا ٿينديا پيا وڃن.

بي بي جي شهادت واري حادثي کي دنيا ڀر جي ساڃاهه وند ڌڙن انتهائي بزدلاڻو عمل قرار ڏنو آهي جنهن ماڻهن کي تاثر ڏنو ته پاڪستان اهڙو غير امن علائقو آهي جتي امن امان جو ملڻ مشڪل ۽ جمهوري قدرن جو پلجڻ ناممڪن آهي. ان حادثي متعلق دانشورن جو خيال هيو ته هي عمل انهن انسان دشمن گروهن جو آهي جن کي پاڪستان ۾ جمهوريت کان خطرو آهي.

دنيا ڀر جي تمام سماجن کي اسان جي ادارن، اسان جي رياست، اسان جي قوم ۽ اسان سڀني کان اميد هئي ته اسان هن حادثي کان پوءِ اهڙن عنصرن جي خلاف متحد ٿي بينظير ڀٽو جي قاتلن کي سزا ڏيارينداسين پر اسان انهن کي مايوس ڪيو آهي. هي پڻ افسوسناڪ حقيقت آهي ته بي بي جي شهادت کي ڇهه سال گذري چڪا آهن پر ان تمام عرصي ۾ اسان ان حادثي جي ذميدارن کي نه رڳو سزا ڏيارڻ ته ڇا پر انهن کي منظرعام تي آڻڻ ۾ به ناڪام رهيا آهيون پر سندس قاتلن جي نشانين کي به پنهنجي هٿن سان مٽائي چڪا آهيون. توڙي جو ان سلسلي ۾ بي بي جي سموري خاندان کي اسان عوامي طاقت ذريعي اقتدار به ڏياريو.........

اڄ توڙي جو بينظير ڀٽو اسان جي وڄ ۾ موجود ڪونه آهي پر اها به حقيقت آهي ته شهيد بي بي دنيا جي تاريخ ۾ جمهوري ادارن جي بقا لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏئي جدوجهد جي هڪ اهڙي امر ميراث ڇڏي آهي جنهن کي رهندي دنيا تائين نه رڳو ساراهيو ۽ ياد ڪيو ويندو پر جتي جتي ۽ جڏهن جڏهن سياست جي دنيا جي رهنمائن جو اتهاس انسانن جي قرباني جي ڳالهه ڪندو اتي بينظير ڀٽو جي عوام لاءِ ڏنل بهادرانه جدوجهد کي به خراج ضرور ڏيندو.


 

شھيد محترمه بينظير ڀٽو

راول ديس ۾ رهزنن هٿان مارجي ويل راڻي

امر رائيسنگھ راجپوت

هُوءَ جيڪا اڀرن جو ڀرجهلو ٿي بيٺي هُئي. هُوءَ انهن سان گڏ بيٺي هُئي، جن وٽ نه ڏاند نه ٻج هو. هُوءَ انهن لاءِ سُکَ جا سج اُڀارڻ نڪتي هُئي جن جي مقدر ۾ ڏھاڙي ڏُک لکيل هُئا. هُوءَ جيڪا لاثاني هُئي، هُوءَ جيڪا بينظير هُئي. هُوءَ لاثاني ۽ يگاني هُئي. هُن جو مَدِ مُقابل دُنيا ڄڻيو ئي ڪونه هو. هُن جي قد سان ڪُلهو ملائڻ ڪارونجهر جي اُوچن پهاڙن سان مٿو هڻڻ جي مُترادف هو. سندس عقل ۽ ڏاهپ جي ڏيئن سان سموري دُنيا روشناس ٿي هُئي. هُوءَ جيڪا ڀٽائيءَ جي ڪيل اڳڪٿيءَ جي پُورڻتا بڻجي ”پُورب کان پڌري“ ٿي هُئي. پُورب جي هن پُتريءَ جا ليڪچر ٻُڌي مغربي دُنيا جا مغرُور ماڻهو دنگ رهجي ويندا هُئا. هُوءَ جيڪا اسلامي دُنيا جي پهرين عورت وزير اعظم هُئي، ۽ وطن عزيز پاڪستان ۾ ٻه ڀيرا وزير اعظم ٿي رهي هي. هُن جڏھن اسلام آباد جي ايوان ۾ وزارت عُظميٰ جو اوٿ کنيو هو، تڏھن سموري مُسلم ورلڊ خوشي ملهائي هُئي. هُوءَ رواجي عورتن کان گهڻي مُختلف هُئي. سياست هُن کي موروثي ملڪيت طور مائٽن وٽان ملي هُئي. هُن سياست جي سُتي پنهنجي عظيم پيءُ هٿان پيتي هُئي. توڙي جو هُوءَ دُنيا لاءِ هڪڙي دِگج ليڊر هُئي، پر پنهنجي پالڻهار پيءُ لاءِ پِنڪيءَ ئي هُئي. اُھا پِنڪي جنهن کي شملا ٺاھ دؤران اِندرا گانڌي سندس ماءُ بيگم نُصرت ڀُٽو وانگي مِٺا ڏيندي گلي لاتو هو. هُوءَ ست ڪروڙ سنڌين جي دلين جي ديوي هُئي. هُن کي جَنتا پنهنجي مَن مندر ۾ پرميشوري سمجهي پُوڄيندي هُئي ۽ هُوءَ پاڻ جَنتا جي جيئدان لاءِ جيئندي هُئي. هُن جي مَنشُور ۾ دولت ۽ شُهرت کان وڌيڪ وطن جي چيڪي مِٽي ۽ ماڻهو هُوندا هُئا. اُھي مِٽي هاڻا ماڻهو جن سان هُوءَ ائين مُحبت ڪندي هُئي جيئن مَوري مَڇي ڦاڙھي جي سڱن سان ڪَندي آھي. هُوءَ دُنيا جهان گُهمي جڏھن سنڌ ايندي هُئي تڏھن پورهيت ماڻهن جي اُجڙيل چهرن جا ڪتاب پڙھي اُداس ٿي ويندي هُئي. سنڌ واسين جا سُور ڏسي هُوءَ پنهنجي پاڻيءَ مان نڪري ويندي هُئي. مارُوئڙن جا ڏُک پنهنجا ڏُک سمجهندي هُئي. پنهنجن مارُو ماڻهن تان ٻلهار ٿيندڙ هي ڀُٽي جي ٻائي جڏھن عُمرڪوٽ جي لانٻي گرائونڊ ۾ مارُوئڙن سان مُخاطب ٿيندي هُئي تڏھن ڍاٽ جو راڻو چَندر سنگهه سوڍو ڇاتي ٺوڪي ائين چوندو هو ته ”لانٻي رو گرائونڊ ڪان ڀري ڀادري رو ميهه، ڪان ڀري شهيد ڀُٽي ري ڏِڪريءَ“ چَندر سنگهه جي چيل اُنهن اِتهاسڪ الفاظن جا ساکي لانٻي جا اُهي لانٻا جهاڙ آهن جن جا جُهڪيل ڏار اڄُ به عُمرڪوٽ جي عظمت جا اهڃاڻ ڏين ٿا! هُوءَ جنهن کي حَسن مُجتبيٰ پنهنجي ڪمال ڪويتا ۾ ”لال قلندر لَڙڪي“ لکيو آھي. هُوءَ واقعي لال قلندر ڇوڪري ھُئي. هُوءَ درياءُ ۽ ديس سَمندر ڇوڪري ھُئي. اهڙي ڇوڪري جنهن جي پُرجلال ۽ وشال اَکين ۾ اَکيون وِجهي وقت جو ڪوبه واڳ ڌڻي بَرملا ڳالهائي نه سگهيو. هُوءَ جيڪا عالمي ليول جي اڳواڻ هُئي، پورو عالم هن جي اُٿي بيهه آجيان ڪندو هو. هُوءَ جڏھن ڳالهائيندي هُئي تڏھن سموري دُنيا کيس هيڪل ڪَني ٿي ٻُڌندي ھُئي ۽ وقت خاموش ٿي ويندو هو. هن جي لَلڪار سان ڪيئي بُت لرزي پوندا هُئا. سندس شينهن جھڙي صورت ڏسي گهڻن سَهن کي اَرتعاش وٺي ويندي هُئي. هُن جي ڳالهائڻ ۾ آسماني بجليءَ جھڙو غضبناڪ غلبو هوندو هو. هُوءَ آخري ڀيرو راول ديس جي لياقت باغ ۾ عوام سان مُخاطب ٿي هُئي، جتي هُوءَ پنجونجاھ سالن جي عمر ۾ هُوندي به پنجويهن سالن جي جُواڻ جماڻ ڇوڪريءَ وانگي ڇرڪائيندي ڳالهائي رهي هُئي. هُوءَ راولپنڊيءَ کي پنهنجو ٻيو گهر چوندي هُئي، ڇاڪاڻ ته سندس ننڍپڻ اُتي گُذريو هو. لاڙڪاڻي جي لال پَريءَ کي راول ديس جي رهزنن پنهنجي ڌيءَ نه سمجهندي دُشمن بڻجي ماري ڇڏيو. پنهنجي اباڻي گهر کان الاهي پَري سنڌ جي راڻي رت ۾ لَت پَت پنهنجن مارُو ماڻهن کي آخري هچڪين ۾ ساريندي اَبدي راھ جي راهي بڻجي ويئي. هُوءَ جيڪا برِ صغير جي سياست جي شينهن ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڌيءَ ھُئي. اُھو ڀُٽو، جيڪو هڪڙي ڀرئي اجلاس مان پَنا ڦاڙيندي ائين چئي اُٿيو هو ته ”گاھ کائينداسين، پر بم بڻائينداسين“ ۽ ھُن بم بڻائي به ڏيکاريو. اها الڳ ڳالهه آھي ته مُلڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ هن سياست جي بادشاھ کي مُلڪ جي فقيرن ڦاهي چاڙھي ڇڏيو. مُلڪ کي آئين ڏيندڙ هن عظيم رهنما جي راڻي ڌيءَ پنهنجي پيءَ جي پرمپرا کي پاڻي ڏيندي سياست جي واٽ ورتي ۽ ان ئي راھ ۾ رڙھندي ۽ وڙھندي نيٺ جامِ شَهات نوش ڪري پنهنجي وطن تان وارجي ويئي! وطن تان وارجڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ٿورو ئي آھي. وطن تان هميشه اُھي ئي قربان ٿيندا آھن جن جي دل ۾ ساڻيهه واسين سان سچائي هُوندي آھي. جن جي مَن ۾ مُلڪ جي مِٽي مَهڪندي آھي. جيڪي ذاتي مفاد کان وڌيڪ قومي مفادن کي ترجيح ڏيندا آھن. مُحترما بينظير ڀُٽو اَٺن سالن جي طويل جَلاوطنيءَ کان پوءِ پنهنجي وطن واپس وري هُئي. هُوءَ ڇا وري هُئي ڄڻ هڪڙي اُميد وري هُئي. هُن جي وطن واپسيءَ تي نه رڳو ست ڪروڙ سنڌين جي پيٽ ۾ ساھُ پيو هو، پر پُوري پاڪستان جي ٻاويهه ڪروڙ عوام جُون اَکيون ٿَڌيُون ٿيُون هُيون. ڇاڪاڻ ته هُوءَ عوام جي اُمنگن جي راڻي ھُئي. هُوءَ اَٺن سالن جي وڏي وڇوٽيءَ کان پوءِ اِقتدار لاءِ نه پر عوام لاءِ موٽي آئي هُئي. هُوءَ پنهنجي مُلڪ لاءِ موٽي آئي هُئي. ان ڳالهه جا گواھ اُھي ڳوڙھا هُئا جيڪي هن ڪراچي ايئرپورٽ تي وِمان مان لهڻ وقت لاڙيا هُئا. اُنهن ڳوڙھن ۾ لِڪيل گُپت درد کي اُھي جيالا ئي ڄاڻي سگهيا ٿي جن جي مذھب ۾ مُحترما سان مُحبت ڪنهن مُقدس هستيءَ جي مُترادف هُوندي هُئي. جن جو ڪَرم ۽ ڌَرم پ پ پارٽيءَ سان وفادريءَ جي وچنن ۾ ويڙھيل هو. هُن پنهنجي وطن جو تخت هڪڙي آمر جي عُقابي چَنبن مان آزاد ڪرائڻ چاهيو ٿي. هُن چاهيو ٿي ته پنهنجي وطن عزيز پاڪستان ۾ جَمهوريت جو پَرچم بُلند ٿئي. هُن چاهيو ٿي ته پنهنجا مارُوئڙا خوشحال ٿين ۽ اُنهن کي اَٽو، لَٽو ۽ اَجهو آسانيءَ سان مُيسر ٿي سگهي، پر ظالمن ائين نٿي چاهيو. راولپنڊيءَ جي رهزنن سنڌ جي جهوليءَ ۾ جمهوريت جي جهانسيءَ جي راڻيءَ جو لاش اُڇلائي سمورين اُميدن تان پاڻي ڦيري ڇڏيو.

مُحترما بينظير ڀُٽو جي وطن واپسيءَ واري ڏينهن يعني ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع جو سنڌُ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ٽيهه لک سنڌين جو هجوم سندس والهانه استقبال لاءِ گڏ ٿيو هو. اُن ڏينهن نه رڳو ڪراچيءَ ٽھڪ ڏنا هُئا، پر سموري سنڌ سَرهي ٿي هُئي، پر بدقسمتيءَ سان اُن سَرهائيءَ جي عُمر تمام ٿوري هُئي، اُن ڏينهن ٺيڪ رات جو ٻارهين وڳي ڪارساز پُل ڪراچيءَ تي بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ مُحترما بينظير ڀُٽو ته معجزاڻي طور بچي ويئي ھُئي، پر ڏيڍ سئو کان مٿي جيالا شهيد ٿي ويا ۽ هزارن جي تعداد ۾ زخمي ٿي ويا. ٻئي ڏينهن مُحترما زخمين جي عيادت ڪرڻ اسپتالن ۾ پهچي ويئي. سڀني جان نثارن سان ڀاڪر پائي ملي ۽ اُنهن کي آٿتون ڏنائين. شهيدن جي تڏن تي تعزيتن لاءِ پڻ ويئي. هُوءَ عوام جي راڻي هُئي هُن عوام جي وچ ۾ رهڻ چاهيو ٿي. ھُن چاهيو ٿي ته هڪ ڀيرو وري عوام جي فتح جو آفتاب پوري آب و تابُ سان اُڀري پوي. عوام جي جِيت جو سُورج اُڀارڻ واري هن جَمهوريت جي ديويءَ جي زندگيءَ جو پنهنجو سِج لهي ويو.. !

ڊسمبر سنڌ لاءِ سدائين سُورن جا سنيها کڻي ايندو آھي. شيخ اياز، تاجل بيوس، سرمد سنڌي کان وٺي لاڙڪاڻي جي هن عظيم هستي تائين ڊسمبر سنڌ کي وڏا زخم ڏنا آھن، جيڪي اڃا ڀرجي ناهن سگهيا. هن مهيني جي گذريل تاريخ ۲۷-ڊسمبر کي سنڌ ڪڏھن به وساري نٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته اُن ڏينهن ست ڪروڙ سنڌين جي اُميدن جو ڏيئو اُجهاڻو هو. اُن ڏينهن اَٽي، لَٽي ۽ اَجهي کي باھ لڳي هُئي. پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن جنهن کي ستاويهه ڊسمبر چيو وڃي ٿو، اهو سنڌين لاءِ ماتم جو ڏينهن بڻجي ويو. سال ۲۰۰۷ع واري اُن اڀاڳي ڏينهن سنڌ جي راڻيءَ کي راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ گولي هڻي شهيد ڪيو ويو هو. اُن ڏينهن پِنڪيءَ جو پَنڌ پورو ٿيو هو. ڀُٽي جي آخري وارث جو سياسي سفر سماپت ٿيو هو. اُن ڏينهن سنڌ ايڏو رت رُني هُئي جو اُنهن ڳوڙھن جا داغ اڃا تائين ڌرتيءَ تان ڌُوپجي ناهن سگهيا...... !

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا