شبيرڻ پاٽائي
آديسي اُٿي ويا
مير سردار چنڙ
پاٽ شريف دادو ضلعي جي شھرن ۾ علمي
ادبي حوالي سان اھم شھر آھي ڇاڪاڻ ته دادو ضلعي کي سڀني شھرن کان وڌيڪ سگھارا ۽
معتبر نالا پاٽ شريف جي ھن ننڍڙي شھر مان ئي مليا آھن. اھي عالم اديب مفڪر توڙي
شاعر آھن جيڪي پاٽ شريف جو اھم حوالو رھيا آھي نہ رڳو ايئن بہ پاٽ شريف بہ انھن جو
حوالو آھي. پاٽ شريف جي سرزمين مان جنم وٺندڙ شبيرڻ پاٽائي پڻ سنڌي شاعري جي
سگھارو نانءُ آھي. شبيرڻ پاٽائي ۱۹
مئي ۱۹۶۲ع تي ڳوٺ بھرام خان چانڊيو يوسي پاٽ
شريف ضلع دادو ۾ ڄائو. پاڻ بنيادي تعليم پرائمري اسڪول بھرام خان چانڊيو ۽ ميٽرڪ
گورنمينٽ علامه آء آء قاضي بوائز ھاء اسڪول پاٽ شريف مان حاصل ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ سپاھي ھو.
شبيرڻ پاٽائي، ڳوٺ بھرام خان چانڊيو
مان لڏپلاڻ ڪري، پاٽ شريف ۾ رھائش پذير ٿيو. ۱۹۸۴
کان پاڻ لکڻ شروع ڪيائين . شاعري ۾ سندس رھنمائي سنڌ جي نامور شاعر سائين شمس
الدين شميء ڪئي .
شبيرڻ پاٽائي سان منھنجي ملاقات ٿورو
عرصو پھرين سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اليڪشن دوران نبي بخش بلوچ ھال ۾ ٿي جتي پاڻ
پويان در جي اوٽ ۾ ويٺل ھئا. جڏھن ساڻس مليس تي اٿي ڀاڪر پائي مليو ۽ چيائين تہ
نوجوان ٻڌو آ اڄڪلھ پاٽ جي ترجماني تون ڪرين پيو ۽ مان تنھنجي پڇا ڪئي ھئي پر خبر
پئي تون حيدرآباد ۾ رھين ٿو. ساڻس مختصر ملاقات ۾ جيڪو ھن پيار ڏڻو سو ڪڏھن نه
وسرندو.
شبيرڻ پاٽائي سنڌي شاعري ۾ ھڪ الڳ
سڃاڻپ رکڻدڙ شاعر آھي سندس شاعري جا کوڙ
پاسا آھن پر جيتري قدر سندس شاعري مان مطالعو ڪيو آھي تہ مان سمجھان ٿو تہ سندس
شاعري سنڌي سماج جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿي. ھن جي شاعري ۾ مونکي سماج جي پيڙيل ڪردارن
جي عڪاسي نظر اچي رھي آھي. سندس ڪھاڻي ھر ظلم جبر وڏيراشاھي جي خلاف آھي ھو مظلومن
جو ساٿاري ۽ غريبن جو آواز آھي.
شبيرڻ پاٽائي جي شاعري ۾ عڪسيت جا
جلوا آھن ھن وٽ داخلي ڪيفتين جي وڏو گھرائي آھي پاڻ تخليقي ذھن جو ماڻھو ھو ڇاڪاڻ
تہ ھن وٽ عملي ڪم کان وٽ تخليقي سرگرميون گھڻيون ملن ٿيون ھو ھڪ ھنڌ پنھنجي ڳوٺ پاٽ
شريف کي ڀيٽا ڏيندي کيس مشڪ عنبر جي ھڳاء جو ديرو سمجھي ٿو سچ تہ ماضي ۾ واقعي اھو
ھڪ شاندار ديرو ھو جتان علم ادب جو خوشبو پوري ملڪ ۾ ڦهليل رھندي ھئي.
مشڪ عنبر ھيرن سندو ھڳاء جتي ديرو
ھڻي
ان ننگر کي پاٽ شريف چئجي ته سھي
ھوندو
شبيرڻ پاٽائي جي شاعري ۾ جتي پيار
محبت رومانس جھڙا موضوع اسان کي ملن ٿا پر اتي اسان کي مزاحمتي موضوع بہ عام جام
ملن ٿا. جنھن ۾ ھو پنھنجي قلم ذريعي مظلوم ماڻھن جو آواز بڻجي ٿو .
جيتوڻيڪ ھو ھڪ خاموش شاعر آھن پر
ھن وٽ مزاحمتي شاعري جا لاجواب رنگ ڏسڻ ۾ اچن ٿا . ھڪ اھڙو شاعر جيڪو مڪمل طور کي ماٺيڻو ھجي ۽
وري ان وٽ مزاحمت جھڙا موضوع ملن اھا ڪيڏي نہ خوشنصيبي چئبي سندس ھڪ غزل مان
مزاحمتي سٽون پيش ڪجن ٿيون.
پڪ آ مونکي توسان هڪ ڏينهن ضرور وڙھندو
جو پوکيو آ مون پوک ڪري سو شعور وڙھندو
توکي تنهنجي انا آڪڙ دولت ڪيو آھي کوکلو
مجبور بيوس بکيو هي توسان ها مزدور
وڙھندو
شبيرڻ پاٽائي آزاد نظم بہ ڪمال جا
لکندڙ آھي سندس نظم ۾ روانگي ۽ رڌم جو تسلسل آھي اھا حقيقت آھي تہ ھن جي شاعري ۾ ڪافي
ھنڌن تي اسان کي علم عروض ۾ گھٽتائي ملي ٿي پر ھن جي خيالن جي اُڏام تمام وڏي آھي
ھو سنڌ سان محبت ڪري ٿو ان جي عشق ۾ لکي ٿو ان جي آدرشي ڪردارن کي ياد ڪندي انھن
کي ڪمال جي ڀيٽا ڏئي ٿو ان سلسلي ۾ سندس ھڪ نظم پيش ڪيان ٿو.
او سنڌ امان او سنڌ امان
توکي سجدا ڪيان تنهنجا پير چمان
تو جيون ڏنو جيدان ڏنو تنهنجا
ٿورا مڃي بہ ڪهڙا مڃان
دوله جو قسم دودي جو قسم
ڌرتيء جي هر دودي جو قسم
سڏ تنهنجو ٿئي ۽ ڪڏندو اچان
تنهنجي دشمن جو ڪنڌ ڪپيان
او سنڌ امان او سنڌ امان...!
شبيرڻ جتي سنڌ جا سورما ياد ڪري ٿو
اتي ھو سنڌ جي سورمين کي به نٿو وساري ھو ٻاگھل
کان ويندي مائي جندو ۽ سوڍي کان ويندي بختاور تائين سنڌ جي سورمين کي ياد ڪندي
انھن کي پنھنجي قلمي سگھہ ذريعي شاندار ڀيٽا ڏئي ٿو
جندو جو قسم ٻاگهل جو قسم
سوڍيء جو بختاور جو قسم
جن آھي شبيرڻ آرپيو جنم
اهو جنم انهن تي پهرو ڏيان
شبيرڻ پاٽائي جي شاعري ۾ تخليقي
سگھہ ۽ فڪري گھرائي تمام گھڻي آھي جنھن کان ڪير انڪار نہ ڪري نہ ٿو سگھي. اھا بہ
حقيقت آھي تہ ھو پاٽ شريف جو آخري شاعر ھو جنھن وٽ فڪر جي گھرائي بہ ھئي تہ شاعري
جي مڪمل پرک ۽ پروڙ آھي
پاڻ ڪجھ وقت اڳ پوليس ڊيپارٽمينٽ
مان رٽائرڊ ٿيو ھو ۽ ٿوري عرصي پڄاڻان ھو دل جو دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
سندس وڇوڙي تي علي دوست لکي ٿو تہ
:
"ايئن ٿو لڳي ڄڻ ھن جي جياپي جو سبب
شاعري نہ پر پوليس جي نوڪري ھئي.
شبيرڻ پاٽائيءَ ۳۶سال سنڌي ادب جي خدمت ڪئي پر ھو
آخر تائين گنمام شاعرن جي قطار ۾ رھيو ھن وقت تائين سندس شاعري جو ڪو بہ مجموعو
مارڪيٽ ۾ نہ اچي سگھيو آھي جيتوڻيڪ پاڻ ڪافي مواد پويان ڇڏي ويو آھي. اميد ته سندس
پوئنرن مان سندس شاعري کي مارڪيٽ ۾ آڻيندا.
شبيرن پاٽائي جو وڇوڙي سان سنڌي
ادب ۾ خال تہ ضرور پيدا ٿيو آھي پر مان
سمجھان ٿو سندس وڇوڙي جو سڀ کان وڏو نقصان پاٽ شريف جي ادبي سڃاڻپ کي ٿيو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن وقت پاٽ شريف جو سگھارو ۽ ترجمان شاعر شبيرڻ پاٽائي ئي ھو. يقينن سندس ادب
لاء ڪيل خدمتون سدائين ياد رھنديون سائين طارق امام جوڻيجو جي وائي سائين شبيرڻ کي
ڀيٽا لاء ہيش ڪيان ٿو.
ڪين اهو مون ڄاتو ھو،
وڇڙي ويندو يار
ماڻهو مڻيادار
هو شبيرڻ پاٽائي،
محبت جو ڀنڊار
ماڻهو مڻيادار
دور هليو ويو هڪل هو،
ھاء اسان جو يار
ماڻهو مڻيادار
محفل جو هو موڙ سڄڻ،
سهڻو سرجڻهار
ماڻهو مڻيادار
اک ڇِنڀَ آھ حياتي،
وينداسين هن پار
ماڻهو مڻيادار
گڏ ثمر ڪر طارق ڪجھ،
هاڻي تُنهنجو وار
ماڻهو مڻيادار
(مير سردار چنڙ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا