; سنڌي شخصيتون: حافظ نظاماڻي

31 December, 2022

حافظ نظاماڻي

حافظ نظاماڻي

سنڌ جو سرموڙ شاعر

پروفيسر محمد جڙيل سانگي



ڪائنات جي شروعات ڪڏهن ڪئين ڪٿي ٿي، سو الڳ بحث آهي، جنهن لاءِ هن دنيا ۾ ڪئين ڪتاب ۽ مختلف نظريه ۽ خيال موجود آهن، پر جڏهن ڪلمو ٿو پڙهجي ته پوءِ باقي نظريه ۽ خيال اونهي کڏ ۾ ڦٽا ڪري ڇڏڻ گهرجن، ۽ صرف قرآن جي ٻڌايل طريقي مطابق زندگيءَ کي هلائڻ گهرجي، ”سڄڻ ڏٺو جن ڏسڻ غير گناھ“ جي حوالي سان جو دم غافل سو دم ڪافر ٿي وڃبو، ان لاءِ ٻئي در واجهائڻ ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان وارو حساب ڪتاب هئڻ گهرجي، نه ته جي اِٿ نهين تي ڪِٿ نهين ٿي پوندو.


مونکي سائين بليدي صاحب فون ڪري حافظ سائين لاءِ ٻه اکر لکڻ لاءِ حڪم فرمايو، جنهن کي مان به پنهنجي خوشنصيبي ٿو سمجھان، حافظ منهنجي لاءِ ڇا آهي، اها ڳالھ مونکي به سمجهه ۾ نه آئي آهي، پر لطيف سرڪار جي ان سٽ جيان ته ”چُڪي تنهن چري ڪئي، جو ڏنس اُن ڏُهي“ وانگر اڄ کان ڏھ سال اڳ ۾ منهنجي گهرواري منهنجي فيس بڪ آءِ ڊي تي باغين سان شام وارو پروگرام ڏسي رهي هئي، مونکي چيائين توهان مُلن کي ڪو نه مڃيندا آهيو، پر هيءُ ملان ته ڏسو ڪيترو نه سچو، کرو ۽ حق تي آهي، پوءِ مون به ڏٺو ۽ چيومانس ته هن همراهه جي صرف ڏاڙهي ڊگهي آهي، باقي خيالن ۾ ملان ڪونهي، جڏھن شعر پڙهي بس ڪيائين ته خبر پئي ته اهو ڏاڙهي وارو شخص حافظ نظاماڻي هو، جنهن جي صبح ٿيڻ سان ئي جاچ شروع ڪيم، ۽ نيٺ هڪڙي همراھ کان هن جو نمبر ورتم ۽ پوءِ فون ڪيم ته پهرين رنگ تي حافظ سائين فون کنئين ۽ ائين لڳو ڄڻ ته آءُ جو ان جو مائٽ هجان، اهڙي پيار ۽ پاٻوھ سان ڳالهايائين جو اڄ ڏينهن تائين روزانو صبح جو فون تي ڳالهائڻ ناشتي کان وڌيڪ اهميت وارو لڳندو آهي، هڪڙا ماڻھو سڄي زندگي گڏ هوندي به سڃاڻي نه سگهندا آهن، پر ٻيا هڪ جهلڪ ۾ سڀ ڪجھ پسي ۽ سمجهي وٺندا آهن.

حافظ جي ڪنهن پروگرام ۾ منهنجو هڪڙو ٻيو دوست ٿيو، ان جو نالو آهي عاشق دادوي، جيڪو به ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، جو پاڻ به مزاحمتي شاعر آهي، ان هڪ ڏينھن مون کان سوال ڪيو، ته سائين حافظ کي اوهان ڇا ٿا سمجهو، مون سواءِ ڪنهن سوچڻ جي جواب ڏنو ته حافظ هن دور جو ولي آهي، ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته حافظ اسان لاءِ وڏي ڳالھ آھي، مضمون جي شروعات ڪبير جي سٽن سان ڪئي آهي، ۽ لڳي ٿو ته ڪبير کي حافظ جي اچڻ جي خبر پهرين ملي چڪي هئي، ۽ ٺيڪ حافظ سان ٺهڪندڙ شعر گهڻو اڳ چئي هليو ويو، حافظ به ڪبير جي زباني اهو شخص آهي، جيڪو سنڌ لاءِ جاڳي ۽ روئي ٿو، دل ته چوندي آهي ته حافظ سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ رات معراج ماڻي مختلف سوال اڪيلائيءَ ۾ ڪجن، پر جڏھن منهن مقابل ٿياس ته سڀئي وڃنم وسري وارو حساب ٿي ويندو آهي، ۽ ٻيو ته حافظ سج لٿي کان پوءِ گهر ڏانهن ائين ڊوڙيندو آهي، جئين سسئي پنهل لاءِ، پر هيءَ اهو پنهل آهي، جيڪو سسئي لاءِ ڊوڙيندو آهي، شال حافظ جي جوڙي سدا سلامت هجي، آمين.

حافظ پنهنجي اندر ۾ مڪمل هڪ ڪائنات آهي، جنھن کي سمجهڻ ايڏو سولو ڪم ناهي، پر پاڻ پنهنجي تشريح ڪندي فرمائي ٿو.

جتي علم ادب جي کوٽ آهي،

اهو منهنجو پنهنجو ڳوٺ آهي.

اهو آهي حافظ جو رهڻ وارو ڳوٺ، پر پوءِ هن سر جي گدلي ”سينور ۾ هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ“ ان حساب سان حافظ هڪ گدلي ڳوٺ ۾ اچي لطيف جي سٽن جو پورائو ڪيو ته ”برو هئو ڀنڀور آرياڻيءَ اچي اجاريو“ اهو ڳوٺ جتي علم ادب جي کوٽ هئي اڄ اتي علم جي لالٽين پئي ٽمڪي ۽ ادب سان سڀ جا سڀ ڳوٺاڻا سرشار آهن، حافظ زندگيءَ جي گهڻن رخن تي لکيو آهي. سڄي ماجرا کي ٻن سٽن ۾ سمائي تشريح لاءِ درياھ کي کاٽ هنيو اٿس، سنڌ لاءِ لکي ٿو ته؛

مڪي ۽ مديني جو ڪو مٽ ڪونهي،

مگر سنڌ به منهنجي ڪنهن کان گهٽ ڪونهي.

ڏسو ته سنڌ کي ڪٿي ٿو بيهاري! ڇو ته امڙ جي حيثيت حقيقي ٻچن کي هوندي آهي، ۽ حافظ به سنڌ جو حقيقي حلالي فرزند آهي. اهڙن سچن پٽن لاءِ ڀٽ ڌڻي فرمايو ته،

رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اٻاٽجن اوءِ،

کُنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،

توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي لهي نه اُن جي.

حافظ سائين به حقيقي هالاري آهي، جنهن کي وقت جي حڪمرانن جا دڙڪا ۽ دهمان ڪو نه هيسائيندا، ڇو ته پاڻ فرمائڻ ٿا.

جي مالڪ کي سڃاتو ٿئي ته پوءِ محتاجي ڇا جي آ،

رکيو ان سان ناتو اٿئي ته پوءِ محتاجي ڇا جي آ.

هڪ وک اڳتي حافظ ٻڌائي ٿو ته.

اهو حافظ جو حامي آ هِتي ۽ هُتي منهنجو هادي،

مِلي جنھن جي محابي آ اسان اڀرن کي آزادي.

۽ ها آزادي به ايتري ملي اٿس جو ٻئي هنڌ لکي ٿو ته.

رضوان مونکي روڪيو دوزخ جي در مٿي آ،

جنت جهنم کان چيئين تنهنجو ته گهر مٿي آ.

هاڻي ڪوئي مائي جو لال جنت جهنم کان مٿي گهر جي معنيٰ ته سمجهائي، ان کان مٿي ڪنهن جو گهر ٿي سگهي ٿو. ها ان جي وضاحت ڪرڻ مناسب نه ٿو سمجھان، سڀ ڪو پاڻ عقل هلائي سمجهي. ”فقاب ڪوسين او ادنيٰ“ واري منزل حافظ کي ئي مبارڪ اسان جو ته منهن ۽ چم جلندو. وري ڏسو؛

آهين حرم تو پاڻ حبيب،

حج وڃڻ جا ڇڏ تون حيلا.

ڪيڏو نه بغاوت وارو نعرو ٿو هڻي، سراپا لطيف جي سٽ ”نائين نيڻ نهار ته تو ۾ ديرو دوست جو“ عڪس ٿيو بيٺو آهي، پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌائي ٿو ته ڌرتي جا مالڪاڻا حق رکندي، ڌرتي ڌڻي ويڳاڻا آهن، حافظ کي ڌرتي ڌڻين جا سور ڏکارو ڪن ٿا ته چوي ٿو.

آهيان آڪاش جو مالڪ ڌڪا ڌرتي تي پيو کايان،

ٻڌايو مومنو هتي ڪنهن جا آئون ڳڻ ڳايان.

هتي ڌرتي تي رهندي حافظ رڙيون پيو ڪري ۽ ڌرتي تي ڌاڙي لڳڻ جي ڳالھ پيو ڪري ۽ وڏي واڪي پيو ٻڌائي ته.

اڳي جنت کسي هاڻي جيئڻ جو حق به ٿو کسي،

هُتي ته شيطان ۾ شڪ هو هِتي ڪو ڪو نه ٿو ڏسجي.

حافظ سائين هن دنيا ۾ رهندي تمام ڏکارو ٿي اهو به چوي ٿو ته.

اسان کي کپي ٿو ادب ۽ حيا،

دنيا مان ته دلبر لڏي ٻئي ويا.

ڪيڏي نه گهرائي آ سوچڻ جي پر ان هوندي به پنهنجي سوچ مثبت رکيو اچي، ۽ چوي ٿو ته.

ادب ۽ حيا جو نالو جتي هوندو اتي هوندس،

لڳل جتي ڪوڙ کي تالو هوندو اتي هوندس.

مان مضمون جي شروع ۾ چئي چڪو آهيان، ته حافظ سراپا سچ آهي، ۽ سچ کانسواءِ ڪٿي به ناهي، ۽ اهڙن ئي خيالن جي ڀري مٿي تي کڻي فرمائي ٿو ته.

پرائي جتي ۾ پير پايون اهڙا ڪو نه آهيون،

حرامي ڪنهن کي حلالي هُلايون اهڙا ڪو نه آهيون.

هن زماني ۾ نه ڄاڻ ڪيترا انسان وڪامجي ويا پر حافظ ٿو چوي.

ڦِريا به ناهيون، ڦُريا به ناهيون،

اڃا ڪنهن اگھ ۾ گهريا به ناهيون.

جتي اوهان آ بيهاري ڇڏيو،

چڪاسي ڏس اتان چُريا به ناهيون.

حافظ سائينءَ پنهنجي زندگيءَ جو تت هيٺين ٻن سٽن ۾ ائين سمايو آهي، ڄڻ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي.

اسين به جي حرام کي حلال چئون؛ وڻي پئون.

اکيون پوري گڏھ کي چئون: ڳئون؛ وڻي پئون.

انهن سڀني سلسلن کان هٽي ڪري حافظ سائين منصوري مام کي سمجهندي هيءُ به چيو آهي ته.

ويا عشق وارن کي وارنٽ ملي،

اچو يار سوريءَ تي هڪ دم هلي.

بهرحال حافظ سائين کي شال الله جل جلاله وڏي ڄمار ڏئي، سدائين شاد آباد هجي، ۽ اسان کيس کي ڏسي جيئندا رهون. حافظ اهڙي ڪردار جو مالڪ آهي، جنهن لاءِ لطيف ائين فرمايو؛

تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا