; سنڌي شخصيتون: دريا خان شنباڻي

31 December, 2022

دريا خان شنباڻي

دريا خان شنباڻي

سنڌي فڪشن جو سهڻو، سيبتو نانء - جنم ڏينهن حوالي سان تاثراتي ڪالم

زاهد علي ڀٽو



بهترين قلمڪار جيڪو هڪ ئي وقت مزاح نگاري جو فن به رکي ٿو ته خاڪا نويسي جو هنر به خوب ڄاڻي ٿو ۽ ڪهاڻيڪار ته ڪمال جو آھي،طبيعت ۾ سادگي پسند انسان، پيارو سائين دريا خان شنباڻي صاحب منهنجي پسنديده ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ ٽاپئون ٽاپ آھي سندس لکيل ڪهاڻي اهڙي سيڪئونس،اهڙي ترتيب ۽ اهڙي دلچسپ هوندي آھي جو پنهنجي پڙهندڙ کي آڱر کان جهلي پاڻ سان گهمائيندي گهمائيندي پڇاڙي تائين پنهنجي سحر ۾ جڪڙي هلي ٿي ۔توڙي جو سندس پڙھندڙن جون اکيون کليل هونديون آھن پر دريا خان جي ڪهاڻين ۾ اهڙو سحر،اهڙو طلسم هوندو آھي جو ڄڻ ڪو ماڻهو مانڊي هٿان منڊجي ويو هجي ۽ چاهيندي نه چاهيندي لاشعوري مانڊي جي قابو ۾ قيد ٿي ويندو آھي۔


سال اڻويھ سئو ڇاهتر جي مهيني ڊسمبر جي سورنهن تاريخ تي خيرپورميرس جي ننڍڙي ڳوٺ درياخان شنباڻي جيڪو سندس پڙڏاڏي جي نالي تي آهي جي هڪ وچولي زميندار الٰهي بخش شنباڻي جي گهر جنم ورتو. هي ڳوٺ سياسي ۽ادبي حوالي سان مشهور ڪنب شھر جي تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ آهي۔ هن شروعاتي تعليم ڀرواري ڳوٺ جسڪاڻي مان پرائي. جڏهن ته مئٽرڪ فيض هاء اسڪول ڪوٽڏجي، بي اي سچل سرمست ڪاليج راڻيپور ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان سنڌي ادب ۽ سوشيالوجي ۾ ڊبل ايم اي ڪئي۔

سنڌ جي بهترين فڪشن رائٽرس ۾ شمار ٿيندڙ دريا خان شنباڻي کي اها سعادت به حاصل آهي ته هن پنهنجي هٿ اکرن سان ٻه قلمي قرآن پاڪ به لکيا آهن۔

دريا خان جي ڪهاڻين کان علاوه سندس مضمون نگاري،مزاح نگاري توڙي سندس ذاتي زندگي بابت لکڻيون پڙھي سندس وسيع مطالعي ۽ ڀرپور مشاهدي جي پروڙ ڀلي ڀت پئي ٿي۔سندس گهڻو مطالعو ۽ گهرو مشاهدو سندس لکڻين جي لفظ لفظ مان پسجي ٿو۔

توڙي جو ساڻس روبرو رڳو هڪ ئي ملاقات ٿيل آهي جيڪا تازو حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن واري موقعي تي پنج،ڏھ منٽ مس ٿي ڇوته اليڪشن چهچٽو ۽ وارو وٺ گهڻي هئي پر سندس قلم مان سرجيل لکڻين وسيلي ساڻس هر لکڻي ذريعي ملاقات ٿي وڃي ٿي۔

سندس لکڻيون پڙھي سندس طبيعت بابت جيڪو خاڪو جڙي ٿو تنهن مطابق دريا خان شنباڻي صاحب زماني جي گردشن کي منهن ڏنو آ، پنهنجن جي پيار، پنهنجائپ ۽ پراون پرڪارن کي حقيقت جي پئماني سان پرکيو آهي.

هي غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهيل آھي ۽ زماني جي ظلم ظلمتن سان به هن خوب مهاڏو اٽڪايو آھي۔انهي ڪري هو هر ماڻهو سان ان جي ڪردار، ظرف ۽ ضمير مطابق هلي ٿو۔

هو قلمڪار قافلي جو سگهارو قلمڪار ۽ ڪهاڻي کيتر جو نرالو نانء هوندي ڦون ڦانء کان پاسيرو ۽ پاڻ پڏائڻ واري خفت کان پري گھڻو پري رهڻ وارو ڪوي آھي ۔

هو ته سڌو سنئون ماڻهو آھي،نه گهڻي خوشامد نه گهڻي ڊيگھ !

هن کي علم سان ادب سان عشق آھي، انهي ڪري هن جي پڙھڻ ۽ لکڻ سان لنئون لڳل آھي ۔

مونکي سندس ڪهاڻين ۾ ”ان ايڪسپيڪٽيڊ“ پر لاجيڪلي مڃڻ ۽ هضم ڪرڻ جهڙو پر ڇرڪائيندڙ ڪلائيميڪس واري ڪمال جي ڪاريگري ڏاڍو متاثر ڪري ٿي ۔

دريا خان شنباڻي سنڌ جو اهو ڪوي آھي جنهن جي قلمي پورهئي جو اسان حق ادا نه ڪري سگهيا آھيون۽ سندس قلمي پورهئي جو قرض اسان سڀني مٿان چڙھي چڪو آھي ۔هن وقت دريا خان معدي جي مرض ۾ مبتلا آھي۽ اسان مان هرڪو ڄاڻي ٿو ته انسان کي ڪو به مرض نه صرف جسماني طور جهوري ٿو ڇڏي پر ذهني ۽ معاشي طور به هيڻو ڪري ٿو۔

ڊبل ايم اي ڪندڙ بهترين قلمڪار دريا خان جي سنڌ سرڪار قدر نه ڪيو هن کي ڪا سرڪاري نوڪري ملي جنهن ڪري هن هيڏي مهانگائي ۾ زندگي جو گاڏو هلائڻ لائڻ لاء پرائيوٽ نوڪري ڪري رهيو آهي۔

سنڌ ثقافت کاتي کيس علاج لاء پنجويھ هزار ڏئي ۲۵۰۰۰ ڏئي ڄڻ پنهنجي مٿان بار لاهي ڇڏيو هجي!۔

سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪار، ناول نگار، نقاد، ڪالم نگار، مزاح نگار ۽ ڊرامه نگار دريا خان شنباڻي جي سنڌي ادب جي تعمير و ترقي ۾ تمام گهڻو ڪنٽريبيوشن آھي، سنڌي ادب جواهم ڪردار آھي۔ هو اسانجو اثاثو آھي سنڌي ادب جي اثاثي قلمڪار دريا خان کي هن وقت اسانجي دعائن ۽ سهاري جي ضرورت آھي اهو سهارو ۽ مدد مٿس ڪو ٿورو ناهي پر دريا خان جي قلمي پورهئي جو اسانجي مٿان قرض چڙھيل آھي ۽ سندس ڏنل قرض لاهڻ اسان مٿان لاهڻ فرض آھي۔ سو نه صرف سنڌ ثقافت کاتو پر ادب جي گهڻ گهرن تي به فرض آھي ته نڌي ادب ۾ سندس قلمي پورهيو ڏسي سندس حق ادا ڪيو وڃي۔

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ها! مان شنباڻي آھيان

دريا خان شنباڻي

مان بذات خود ذاتيات جي چڪر ۾ پوڻ وارو ماڻھو ناهيان, مان سنڌي آھيان, سنڌ جو آھيان, سنڌ ۾ پيدا ٿيو آھيان, سنڌ ۾ نپنو وڏو ٿيو آھيان, سنڏ جي مٽيء ۾ دفن ٿيندس. منهنجي پهرين ترجيح سنڌ آھي, سنڌ منهنجي جند آھي. منهنجي ماءُ کان پوء سنڌ منهنجي ٻي ماءُ آھي, هڪ ماءُ جي شڪم مان جنم ورتم, ٻي ماءُ جي مٽيء ۾ ملي سون ٿيندس.

پر هتي مان هڪ ٻي ڳالھ پنهنجي شنباڻي ڪميونٽي سان ڪرڻ پيو وڃان, اها هي ته جڏھن کان هن سوشل ميڊيا سان واهپو وڌيو آھي ته, ماڻھن جا عمل, نيت, ڪم ۽ احساس برتري ۽ احساس ڪمتري واريون شيون به ظاهر ٿي پيون آھن.

جيئن ته شنباڻي هڪ قبيلو آھي ان جي تاريخي پٽاڙ ڪنهن ٻئي دفعي ڪري وٺنداسين پر شنباڻي ڪميونٽي بلوچستان مان آيل آھي جن مان ڪي ويڙھاڪن جي صورت ۾ ته ڪي مال متاع سان گڏ, موسمن جي وارن ڦيرن سان اهي قبيلا بلوچستان يا ٻين علائقن مان اچي مال متاع چاري يا هارپا مزدوريون ڪري واپس هليا ويندا هيا ۽ ائين هو خانه بدوشي واري زندگي گذارڻ لڳا پر جڏھن آسانيون ٿيون, زمينون ٺھڻ لڳيون ته شنباڻي به هتي ئي رهجي ويا ۽ پوء ڪڏھن ضلعو سکر ته ڪڏھن خيرپور ايندا ويندا رهيا ۽ آهستي آھستي هو "سنڌ ماءُ" جي مختلف علائقن ۾ سيٽل ٿي ويا ۽ هينئر پرامن زندگي گذاري رهيا آھن.

قصو ڪوتاھ, اسان جا شنباڻي قبيلي جا ماڻھو گهٽ پڙھيل ۽ مالوند هوندا هيا ۽ جڏھن شعور آيو ته, علم به حاصل ڪيائون, وڏن عهدن تي به آھن, خير سان انگريزي ٻنگريزي به ايندي اٿن, اديب شاعر, سگهڙ ۽ صحافت ۾ به آھن پر کين شنباڻي سڏائيندي لڄ ٿيندي اٿن.

هتي سوشل ميڊيا ته پول پڌرا ڪرڻ وارو مورچو آھي.

دنيا ترقي ڪري پئي, ماڻھو پنهنجو پاڻ, پنهنجي قبيلي, پنهنجي ذات, پنهنجي قوم جو نالو روشن ڪرڻ ڪرائڻ لاء پيش پيش آھن ۽ جيڪا سٺي ڳالھ آھي.

مان هتي خدانخواسته ڪنهن به قبيلي يا ڪميونٽي کي گهٽ ڪري پيش ڪونه پيو ڪريان پر جڏھن مينگهواڙ پنهنجي نالي پٺيان مينگهواڙ ٿو لکي, ڀيل پنهنجي نالي پٺيان ڀيل ٿو لکي, اوڏ پنهنجي نالي پٺيان اوڏ ٿو لکي, ڪنڀار, منگي, لوهار, مڱڻھار, لانگاھ وغيره وارين ذاتين جا عزتدار دوست پنهنجن نالن پٺيان پنهنجي سڃاڻپ خاطر پنهنجي ذات لکي خوش ٿين ٿا ته خير سان شنباڻي قبيلو شنباڻي لکندي شرمائي ٿو. ڪڏھن پنهنجي نالي پٺيان بلوچ, ڪڏھن بگٽي, ته ڪڏھن صرف خالي نالو. . . . . .

مون کي انهن تي ڪاوڙ بجاء کل ايندي آھي ته, ويچارا ڪيترو سڌريا به آھن, علم به پيٽ ۾ اٿن پر ان احساس ڪمتري مان نڪرن ئي ڪونه ٿا جو پنهنجي نالي پٺيان شنباڻي لکن!!!

ها مان سنڌ جي مٽي سرمي جيان اکين ۾ پائيندڙ دريا خان, ذات جو "شنباڻي" آھيان.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا