; سنڌي شخصيتون: خليق ٻگھيو

07 January, 2023

خليق ٻگھيو

خليق ٻگهيو

تخليق ۽ تنقيد جو سگهارو نانءُ

ناشاد شوڪت شنباڻي



اسين جڏهن به شاعريءَ جي متعلق ڳالھ ڪندا آھيون ته اهو خيال ذهن ۾ اچي ويندو آھي ته هن شاعريءَ کي تنقيدنگاريءَ ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن اڃان وڌيڪ ادبي تنقيد ٿئي ته اها وڌيڪ حسِين بڻجي. ڇو ته تنقيد تنقيدنگاريءَ جا موضوع تمام گهڻا وسيلي هوندا آھن هڪڙي تنقيد اُها هوندي آھي جنهن ۾ تقيندنگار پنهنجي تجربن ۽ خيالن سان تخليق کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو آھي ۽ هڪڙي تنقيد وري ذاتي به هوندي آھي جيڪا تخليق سان گڏ تخليقڪار به مايوس ڪري وجهندي آھي. اڄ هڪ ڳالھ آھي هڪ اهڙي تنقيدنگار جي جيڪو تخليقڪار به ڪمال جو آھي جنهن ڪڏهن به تنقيد براءِ تذليل ناهي ڪئي پر هُن پنهنجي پورهي سان تنقيد براءِ اصلاح ڪئي آھي اهو آھي خليق ٻگهيو. مون ڪٿي پڙهيو هو ته ڪي تنقيدنگار سخت مجاز جا هوندا آھن جيڪي ڦُٽندڙ ادبي ٻج کي پنهنجي سخت مجازي جي ڪري ڦٽڻ ئي ڏيندا آھن ۽ ٻيا وري اهڙا تنقيدنگار اُهي هوندا آھن جيڪي پنهنجي نرم مجاز سهڻي سلوڪ جي ڪري ڦٽندڙ ادبي ٻج کي ادب جو پاڻي ڏئي تيار ڪندا آھن پيارو خليق ٻگهيو به انهن تنقيدنگارن ۾ شامل آھي جيڪي سهڻي سلوڪ ۽ نرم مجازي جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا.


پياري خليق ٻگهي جي تخليقن ۾ به شاندار رنگ رچيل آھن سندس نثري نظم جيڪا ڪنهن ڦلواڙيءَ جيان خوبصورت لڳندا آھن جن ۾ ڇرڪائيندڙ خيال، ڇو ته اها ئي شاعري چئجي جيڪا ڇرڪائيندڙ هجي جيڪا مايوسين کي ڌڪي جيڪا ذهن جا درواز کولي ڇڏي، اها ئي اصل ۾ خليق چئبي هڪ سگهاري تخليقڪار جي.

سڄ ٽٻي ھڻي رھيو آھي

جھيڻي ڳاڙھي روشني

اوندھ سان جھيڙي..

نديءَ ۾ ٽُٻي ھنئي آھي

پکي واھيرن ڏانھن

ورندي اھڙي وڻ تي

ويھي رھيا آھن

جنھن جي پاڙ

زمين ۾ ڪانھي

پکين جون اکيون

پلاسٽڪ

جي وڻ ۾ فطرت

ڳولن پيون.

پياري خليق جي نظمن سان گڏ سندس تخليقن ۾ غزل به ڏاڍو خوبصورت ملي ٿو پر آئون ته چوندس ته جيڪي به صنفون پياري خليق جي ڏات جي رنگن سان رنگجي ويون آهن اُهي ڏاڍيون جاندار لڳنديون آھن.

مفلسيءَ جو سوال حل ٿيندو،

تون بغاوت نگاھ ۾ رکجان.

توکي آئينو ئي سڌاري ٿو،

آئيني کي پناھ ۾ رکجان.

پر پياري خليق جي جيڪا سڃاڻپ آھي اُها اصُل ۾ بيحد سگهاري تنقيدنگار ۽ نثري نظم جي آھي جنهن ۾ سندس خيال ڏاڍا حسِين لڳندا آھن هو جڏهن به ڪنهن تخليق تي تنقيد ڪندو آھي (تنقيد براءِ اصلاح) ته اُها تخليقڪار لاءِ سٺي سمجهاڻي ۽ سٺي معلومات ۽ وزن بحر جي ڄاڻ سان ڀرپور هوندي آھي.

پياري خليق ٻگهي تمام الاهي خوبصورت ڪتابن جا مهاڳ ٽائٽل ۽ رايا لکيا آھن جيڪي تمام گهڻا مقبول ٿيا آهن سندس تنقيدنگاري بابت ڪتاب به ڇپجي چڪا آھن جن ۾ تمام گهڻي شاندار معلومات سهيڙيل آھي.

پياري خليق جو هڪ نظم جيڪو مونکي ڏاڍو وڻندو آھي

 زندگي فِيڪ آءِ ـ ڊيءَ جو

خوابُ آھي

۽ لفظَ سائيبَر جَنگ ۾

مَصرُوف

مَعنائون به اُوسيئَڙي ۾

وِيٺلَ وڻجاريون

جَن جي ھر باسَ سَڦلتا

کان مَعذور آھي

فڪرَ انشورنس جي قطارَ

۾ ڳَريلَ اُميدوارَ ۽ مَفھومَ به

ڄَڻ ته اِسڪرين جو ڌوکو!

لَفظَن کان پوءِ مُحبّت

فون بيڪ تي ڊائل ٿيلَ

رانگ نمبرنَ جو جَنازو آھي

تنِھنڪري راتِ جي پُوين

 پَھرن ۾

جَڏھن لفظَ به مُون وَٽ

سُمھي پَوَن ٿا

۽ اَڪيلائي مُنھُنجي خُوشي

بڻَجَندي آھي

تَڏھن آئون تُوکي مَحسُوسِ

 ڪَندُو آھيان

لَفظَن جي جَاڳَ کان اڳُ

 تُوکي

سَمجھَڻُ چَاھِيندُو آھيان!

زندگي فِيڪ آءِ ڊيءَ جو

خوابُ آھي. اوهان ڏسو ته ڪيڏو نه حسِين ۽ حقيقت ڀريل لفظن جو جادو آھي،جنهن کي پڙهندي ذهن ۽ خيال جاڳي پوي ٿو.

پيارو خليق ٻگهيو پنهنجي تنقيدنگاري ۽ نثري نظمن ۾ ٻين گهڻن شاعرن کان بنه مختلف آھي سندس حقيقت ڀرن احساسن ۽ وڻندڙ اظهار اثر ڀري اظهار جي ڪري هڪ مثالي ۽ پنهنجي خوبصورتي رکندڙ تخليقڪارن جي لسٽ ۾ آھي.

 شُھرتَ ڄَڻ ڪا

 سِرَڻِ آھي

 ٻَچا چَنبن ۾

کَڻي روزِ اُڏامِي ٿي،

پُويان بَچي ٿو

خالي ـ پَڻو...

۽ ماءُ جو اَڻ ـ ڪَٿ

 دَردُ...!

پياري خليق جي شاعري ۽ تنقيدنگاريءَ جو هڪ اهڙو پسمنظر آھي جنهن جي ڪري هر شاعر هر ليکڪ سندس تنقيدنگاري کي پسند ڪري ٿو ۽ پيارو خليق ڪيترن ئي تخليقي تجربن ڪري به ادبي سفر ۾ تمام گهڻو مقبول آھي.

اڄ پياري خليق ٻگهيو جو جنم ڏينهن آھي مون طرف کيس لکين محبتون ۽ جنم جون واڌايون!

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

سر خليق ٻگھيو صاحب

تخليق جي آئيني تان دز مٽائيندڙ نقاد سان ڳالھ ٻول

ڳالھ ٻول: ابوبڪر لاڙي

سوال: پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو؟

پورو نالو خليق الله ولد عزيز الله ٻگهيو. جنم جو هنڌ پراڻو گچيرو مورو ضلع نوشهرو فيروز. سماجي حيثيت هڪ ٽيچر /استاد

پنهنجي تعليم بابت ٻڌايو؟

منھنجي تعليم بي اي، بي ايڊ، ايم. ايڊ آھي. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول گچيرو پراڻو، سيڪنڊري تعليم، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گچيرو پراڻو. بي. اي شاھ لطيف خيرپور يونيوسٽي، سي، ٽي مٺياڻي ڪاليج، بي ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد، ايم ايڊ ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي مان ڪئي. ان کان سواءِ ٻيون به ٽيچنگس جون ٽريننگس ڪيون.

پنهنجي ڪرت ٻڌايو؟

مان هڪ استاد آھيان، درس تدريس منھنجو پروفيشن آھي. هن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول گچيرو پراڻو ۾ ايڇ ايس ٽي آھيان.

ادبي سفر جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪئين ٿي؟

ادبي سفر جي شروعات مون اٺين ڪلاس ۾ اوڻيهه سو ٻياسيءَ کان ڪئي. اسڪول جي پاران جاري ٿيندڙ رسالي ”پروڙ“ ۾ منھنجي پھرين تحرير ڪڻڪ مکيه کاڌو، جي نالي سان شايع ٿي. وري چوراسيءَ ۾ ٻاراڻو ادب لکيو. روزانه هلال پاڪستان تڏهن ”گلن جهڙا ٻاڙا“ صفحو ڪڍندي هئي، جنهن صفحي جو انچارج حسام سومرو هوندو هو. ان کان پوءِآفتاب اخبار ۾ احمد خان شيخ، ٻارن جي دنيا، صفحي جو انچارج هو. ان اخبار توڙي هلال ۾ منھنجيون ٻاراڻي ادب جون ڪهاڻيون شايع ٿيون. جيستائين ياد اچي ٿو ته پھرين ٻاراڻي ادب جي ڪھاڻي ”محنت سان مانُ ملي ٿو“ هلال ۾ شايع ٿي، پوءِ ٻي ڪھاڻي بعنوان ”ڪنهن کي ڏيان دانهن“ شايع ٿي. هڪ ڪھاڻيءَ ۾ هڪ ڇوڪرو پڙھائيءَ مان مايوسيءَ جي باوجود، سخت محنت ڪري فرسٽ ۾ اچي مانُ لهي ٿو، ٻي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ غريب هوٽل تي پورھيو ڪندڙ ڇوڪرو ٽرڪ هيٺيان اچي ٻانهون وڃائي ويهي ٿو. ان کان سواءِ ان وقت نوائي وقت اخبار وارا ٻارن لاءِ ”ڪليان“ صفحو شايع ڪندا هئا. مان انهن مان قيمتي اردو مضمون مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي اخبارن ۾ شايع ڪرايا. ياد اچي ٿو ته انهن مان هڪ مضمون ”اس مان فائدا“ ترجمو ڪيو هو. پوءِ ڪڏهن ٻاراڻي ادب ۾ مضمون لکي شايع ڪرايا. مون کي ياد آھي ته مون ٻاراڻي ادب جا ويهه مضمون ۽ ويهه ڪھاڻيون لکي شايع ڪرايون هيون. هڪ مضمون ”ماءُ جي محبت“ منھنجو ڪافي مشهور ٿيو هو. تڏهن ٻاراڻي ادب ۾ گل ڦل ۾ قلمي دوستيءَ لاءِ ايڊريسون ڏيندا هئا. ڪافي قلمي دوست پوءِ مون سان منھنجي ڳوٺ ملڻ آيا هئا، جنهن مان هڪ ادبي دوست ”قادر بخش پريمي“ به هو. جيڪو ڳوٺ ملڻ آيو هو. ائين ٻيا دوست قلمي دوستيءَ وسيلي، خط لکندا هئا، کين منھنجون تحريرون متاثر ڪنديون هيون. وري بيروزگاريءَ جي زماني ۾ مون ٻه ٽي سال ڪالم نگاري ڪئي. تنقيدي ادب ۾ پھريون ڀيرو مون انٽري ماھوار سوجهري رسالي کان ٻه هزار ڇهه ست عيسوي ۾ ڪئي. ان کان پوءِ مون شاعري به ڪئي، پر تنقيدي ۽ نثري ڪم تي مون کي هڪ حد تائين مڃتا ملي، جنهنڪري جيئنءَ پوءِ تيئنءَ منھنجو پورھيو پسند ڪيو ويو. مون ڏٺو ته سنڌ ۾ هر ٻيو، ٽيون ماڻهو شاعري ڪري پيو. شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ کان پوءِ شاعريءَ ۾ اڳتي وڌڻ وڏو ڏکيو ڪم ھو. ٻئي طرف سنڌي ادب ۾ معياري ۽ خوبصورت خاص طور تنقيد واري پاسي وڏي کوٽ نظر آئي، انڪري مون پنھنجي نثري تحرير ۾ لهجي جي هڪ الڳ انفراديت قائم ڪئي، مون لاءِ ماضيءَ ۾ معياري ۽ خوبصورت نثر لاءِ، ماڊل طور تي ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، ابراهيم جويو ۽ رسول بخش پليجي جون تحريرون هيون. ٻوهيي صاحب جو لهجو تدريسي لڳو، جويو صاحب جي نثر ۾ بيهڪ جون نشانيون ته پختيون، پر ترجمن جو اثر هو. پليجي صاحب وٽ تقريري ۽ ٿورو تلخ لهجو هو. ان وقت مون انڪري الڳ نثري لهجي کي پنهنجايو. لفظن جي چونڊ کان سٽاءَ تائين مون الڳ انفردايت جوِڙي، مون ڏٺو ته ڪافي نوجوان ان نثري لهجي کي مضمونن ۾ پنھنجائي رهيا آھن. اھو ڏسي خوشي ٿي. تنقيد ۾ به مون توازن رکيو.

سنڌي ادب کي اردو ادب جيتري پذيرائي ملي سگهي ٿي؟

سنڌي ٻولي، قومي ٻولي ٿيندي ته پوءِ ممڪن آھي. ٻيو ته سرڪاري ادارا سنڌي ادب جي واڌ ويجهه جي حقيقي طرح سرپرستي ڪن. سنڌي اخبارون سنڌي ادب کي سطحي ۽ بيڪار اقتداري سياست، جيڪا چاڪيءَ جي ڏاند جيان گول ڦري رهي آھي. ان جي مقابلي ۾ سنڌي ادب کي اول حيثيت ڏين. سنڌي ادبي رسالن کي سرڪار اشتهار فراھم ڪري، ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ وارن ادارن کي وڌيڪ بجيٽ ڏئي، انهن جي ڪمن جي چڪاس رکي وڃي. ٻاهرين ادب توڙي سنڌي ادب جي معياري ترجمن لاءِ هڪ الڳ ادارو قائم ڪيو وڃي. اردو ادب تي لکين روپيا ساليانه ايوارڊ رکيا وڃن، ان مقابلي ۾ سنڌي اديب کي پنجاھ هزارن وارو انعام به ميسر ڪونهي. اھي زميني حقيقتون آھن. انهيءَ پيش منظر ۾ ڪيتري پذيرايي جي اميد ڪري سگهجي ٿي؟ سنڌي پاٺڪن جو تعداد اردوءَ جي مقابلي ۾ گهٽ آھي. پڙھندڙ جو تعداد وڌائڻ لاءِ سماجي مسئلا ۽ عوامي سوچ کي اديب پنھنجي تحريرن ۾ نٿو آڻي ته رڳو فيس بوڪ يا ٻين ميڊيا جي وسيلن سان پڙھندڙ جو حقيقي تعداد ڪڏهن به نه وڌندو!

ڇپيل مواد؟

ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ لاتعداد ڪالم ۽ مضمون شايع ٿيا آھن. منھنجو پھريون تنقيدي ادب جو ڪتاب بعنوان ” ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا “ ٻه هزار سورهن ۾ ڪنول پبليڪشن قنبر مان شايع ٿيو هو، جنهن کي ٻه هزار سترهن ۾ ۾ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جا ايوارڊ مليا. ريکا رسالي جي پاران به ادبي مڃتا جو ايوارڊ مليو. حيدرآباد مان هڪ اداري پڻ ادبي خدمتن تي ايوارڊ ڏنو. تازو منھنجو ٻه هزار ٻاويهن ۾ مرڪ پبليڪيشن ڪراچي مان شايع ٿيل ڪتاب ” جديد سنڌي ڪھاڻي ( تجزياتي تنقيدي جائزو ) تي چانڊوڪي سٿ جي پاران ايوارڊ ڏنو آھي. اديب ساٿين جي پاران محبتون ۽ ادبي قدرشناسائي مون لاءِ اڃان به وڏا ايوارڊ ثابت ٿيا آھن.

شاعري جو معاشري ۾ ڪردار؟

شاعري، سماج کان الڳ تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن شاعري زندگيءَ کان ڌار ٿئي. زندگيء کان ڌار ادب جو وجود ئي نه رهندو. فردي نفسيات ۽ وجودي ادب به سماج جو ئي هڪ حصو آھي. ڪوبه فرد سماجي نفسيات کان الڳ ڪجهه تخليق ڪري نٿو سگهي. شاعريءَ جو اجتماعي ڪردار سماجي ۽ معاشرتي ڪردار آھي. هڪ ماڻهو تاريخ جي سموري عمل جو ڪرتا ڌرتا نٿو بڻجي سگهي، سموري معاشري جو ساٿ کيس گهربل ٿئي ٿو. تخليق جيڪا رڳو فردي ۽ وجودي ويراڳي ۽ ٻين سماجن جي ٿڌن جهونڪن کي پاڻ سان کڻي ٿي، سا ٽيڪن ۽ سهارن آسري عارضي وقت تائين پنھنجو سحر ته قائم ڪري ٿي، پر ديرپا نٿي ٿئي. جٽادار نٿي ٿئي، ان جي معيار جي آفاقيت مشڪوڪ رهي ٿي، پر اجتماعي شاعري، جيئنءَ ته سموري تاريخي عمل کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي، انڪري اھا صدين جي آفاقيت پاڻ ۾ سموئي ٿي. انقلابن جي محرڪ اجتماعي شاعري هوندي آھي، انفرادي نه. ساڳئي طرف توهان جي سوال جي اصل جواب تائين هلون ٿا ته معاشرو سماجي ماحول جو نالو آھي، جنهن ۾ اسان جا تهذيبي، تمدني، سڀيتائي، ثقافتي ۽ ڪلچر روايتون، رسمون، رواج، دستور، زندگي گذارڻ جا ڍنگ، نمونا، قدر ۽ سلوڪ ۽ اخلاقيات آھن. ادب اھڙن دائرن کان ٻاھر نڪري ڪاڏي ويندو؟ ڇڙواڳيءَ طرف، من موجيءَ ۽ ذھني ۽ جنسي عياشيءَ طرف؟ ته پوءِ اجتماعي تهذيبي قدرن ۾ ڪهڙي مڃتا ۽ ڪنهن کان مڃتا يا قبوليٿ وٺڻ ويندو؟ شاھ لطيف جي شاعريءَ جون سٽون سنڌي سماج جا پهاڪا ۽ چوڻيون بڻجي ويا، ڇاڪاڻ ته اهي معاشي سماجي زندگيءَ جا عڪس هئا. ڪھڙي عظيم تخليقڪار، معاشري کان الڳ ٿي تخليق سرجي آھي؟ جيڪڏهن عالمي سطح تي هجي به کڻي، پر سنڌي معاشرو پنھنجي شعوري ارتقا کي اورانهي ان کي ڀليڪار ڪندو؟ شاعري به معاشرتي حالتن جي امين هوندي ته تاريخي طور زندھ رهندي. سنڌي شاعريءَ ۽ تخليقي ادب تي سنڌي سماج جون وڌيڪ زميواريون آھن، ڇاڪاڻ ته معاشرتي طور سنڌي سماج هاڻي وڌيڪ امتحان مان گذري رهيو آھي. شاعري معاشري ۾ بد سلوڪيءَ، ظلم، تشدد، دهشتگرديء، چوري، ڦُر، اغوا جهڙين ناانصافين کي نندي سگهي ٿي. بيروزگاريءَ، قبيلائي فسادن، نام نهاد طبقاتي روين جي مذمت ڪري سگهي ٿي. ڀائپي، رواداري، ايثار، قرباني، پاڙي جي پروڙ، مھمانوازي، اخلاص ۽ سچائي جهڙن قدرن کي هٿي ڏئي سگهي ٿي. . نون روشن خياليءَ جي تحريڪن کي اڀاري سگهي ٿي، جيئڻ جا نوان ڍنگ متعارف ڪرائي سگهي ٿي. گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي، پر شرط آھي ته اھا ڪجلن ۽ ذلفن تائين جمود اختيار نه ڪري، اندر جي روڳ تي صرف اڪتفا نه ڪري، آپگهاتن ۽ سماجي ويڳاڻپ جو ڦھلاءُ نه ڪري، مثبت خيالن جو ابلاغ ڪري، ادب جي پليٽ فارم کي رڳو ذاتي مقصدن جو پورائو سمجهڻ سان ادب ۽ شاعري معاشرتي ۽ پنھنجي عهد جي اتهاسي عمل کان مٽي مائٽي ڇني وٺندي ۽ شوڪيسن ۾ نمائشن ۾ رکڻ جي لائق به نه رھنديون.

شاعري جي مختلف صنفن ۾ ڪهڙي صنف وڌيڪ پسند آهي؟

مون کي نثري نظم وڌيڪ پسند آھي، غزل به ڪنهن حد تائين پسند اچي ٿو. پر نثري نظم ۾ جديد شيون آسانيءَ سان ڏئي سگهجن ٿيون، جيڪي ٻين صنفن ۾ شايد اڃان تائين اظهارجي نه سگهجيون آھن. جدت پسنديءَ ۽ ٻاھرين ملڪن جي ادبي تحريڪن، جديد عالمي لاڙن، ۽ لاڙن کي جتي اڄ تائين نثري نظم پاڻ ۾ سمائي سگهيو آھي، اتي ٻي ڪا به صنف اھڙو ڪرشمو ڏيکاري نه سگهي آھي. غزليه شاعري جو ڪردار ان جي مقابلي ۾ گهٽ آھي.

توهان جي نظر ۾ محبت ڇا آهي؟

توهان به محبت ڪئي؟

محبت، هڪ احساس جو نالو آھي. جنهن احساس ۾ ايثار ۽ قرباني گهرجي ٿي. محبت هڪ طرفي محدود ٿي ويندي آھي، ٻه طرفي پائيداري ماڻيندي آھي. اھا ڌار ڌار تجربي جو نالو آھي، جنهن جي ڪا به علمي يا عقلي سمجهاڻي اڻپوري آھي. اھا محسوسات جو هڪ عالن آھي، جنهن ۾ روح جو ڪردار بنيادي حيثيت ماڻي ٿو. شرط اھو آھي ته جنهن سان محبت ڪريون ٿا، سو ان سند ۽ مقام جي لائق هجي، نه ته ٻي صورت ۾ ناڪاميءَ ۽ مايوسيءَ جو شڪار ٿي وڃبو!

خواب ڇا آهن ۽ انهن جو عملي زندگي ۾ ڪو دخل آهي؟

خواب مادي ۽ سماجي، سائنسي ۽ نفساتي علمن موجب، ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو ماضي آھي. روحاني عالم خوابن جو تعلق مستقبل سان جوڙين ٿا. اڪثر خوابن جو تعلق ماڻهوءَ جي نفسيات سان هوندو آھي. ڪي خواب ذھني دٻاءَ جي صورت ۾ لاشعوري خلل جو عڪس ٿين ٿا. ڪي خواب آئندي جا عڪاس به ٿيو پون. اھو به ڌار مشاھدي تي انحصار آھي. ڪا به مقرر پوائنٽ ڪانهي. مشاھدو ۽ تجربا علمي تاريخ کان به اڳتي جو سفر آھن، پر سڀ ڳالهيون انفرادي طور چيون وينديون. مادو سائنس ۽ نفسيات ماڻهوءَ جي اھا ننڊ ۾ جڏهن شعور سمهي رهي تڏهن جي لاشعوري عمل واري موٽ ڪوٺين ٿا، پر خواب، اميد جا ضامن آھي. زندگيءَ جي خوراڪ آھن. خواب جاڳرتا جا به ٿين ته ننڊ ۾ آيل خواب به ٿين ٿا. انهن جي ڪا مقرر وصف ڪانهي، جيئنءَ خوشبوءِ جي ڪا مقرر وصف ڪانهي. ائينءَ تجريدي نوع جون سڀ شيون تصوراتي آھن. جن جي بابت حتمي طور نٿو ڪجهه چَئي سگهجي.

ننڍپڻ جو واقعو جيڪو اڄ به ياد هجي؟

ننڍي هوندي جا ڪو هڪ واقعو نه کوڙ واقعا هوندا آھن، جيڪي ڪڏهن به نه وسرن نٿا. چند ٻڌايان ٿو ته ننڍي هوندي ڪجهه اھڙا واقعا ٿيا، جو اڄ به ياد ايندا آھن ته حيرت ٿيندي آھي ۽ انهن جي حقيقيت تجسس ڀري هوندي آھي. هڪ ڀيرو ناني جي گهر وڃي لُڏندڙ پينگهي ۾ هٿ جي تِري زور سان رکي ويٺس ٿي ته اڳيئي ڪو ڪپڙن ۾ لڪل وڏو ڪارا وڇون ويٺا هئا، جيئنءَ ئي تري کوڙي ويٺس ته تِريءَ تي ٽي چار ڏنگَ وڇن جا ٺڪاءَ ٿي ويم، تنهن زماني ۾ ڳوٺ ۾ ڪو ڊاڪٽر به ڪونه هيو، پوءِ ته ساڙي ڇڏيئون. ٻيو ڀيرو کوهيءَ تي بلا ماريندي، بلا لٺ ۾ وڪڙ هڻي منھنجي ڪنڌ تي اچي ڪري ڪنڌ تي وڪڙ هڻي ويهي رهي، هٿ سان پاڻ ڪنڌ مان بلا ڪڍي پري اُڇلايم، خدا بچايو جو چڪ / ڏنگ نه لڳم، ٽيون ڀيرو رات جو خبر نه پئي گهري اوندهه هئي، دست ڏانهن ويندي هڪ ويران کوهه ۾ ٿي ڪرِيس، پر ” ڪَڻي گٿي ڪاسو “ ٿي ويو بچي ويس، ائين رب پاڪ ڪيترا ڀيرا موت جي منهن مان بچايو، اڄ به کوڙ پاڻ سان ٿيندڙ خطرناڪ اھڙن واقعن تي سوچيندي، يقين ٿي ويندو آھي ته ها ڪا مافوق الفطرت هستي آھي، جو نظام هستي هلي پيو. . . . . !

پنهنجي پسند ۽ ناپسند بابت ٻڌايو؟

منھنجي پسند راڳ ۾ اڄ به استاد منظور علي خان، استاد محمد يوسف، انور حسين وسطڙو جا اردو گيت، عابده پروين، سرمد سنڌي، استاد جمن، محمد ابراھيم، سينگار علي سليم آھن. اردو ٻوليءَ جي سونگس ۾ سڀ کان وڌيڪ مهدي حسن، پوءِ نورجهان، ڪي ناھيد اختر ۽ اي نيئر، مجيب عالم، اخلاق احمد ۽ احمد رشديءَ، رونااليليٰ، مالا جا فلمي سونگس پسند آھن. فلمن ۾ مون کي وحيد مراد وڌيڪ بھترين اداڪار لڳندو هو. ان کان پوءِ محمد علي، شاھد جون اڪثر فلمون وڻنديون هيون. ڪو دور هو سينما تي وڃي فلم ڏسڻ ۾ بيحد مزو ايندو هو. ڀارت ۾ پڻ سٺا اداڪار هئا، فنڪارن ۾ مڪيش، طلعت محمود، محمد رفيع ۽ لتا جا سونگس اڄ به ٻڌي ڏاڍو سرور ايندو آھي.

نوجوان شاعرن جي شاعري توهان جي نظر ۾؟

نوجوان عروضي پريڪٽس جي ڪري، جيڪا سندن مٿي جو سور آھي، ڪافي وقت صرف ڪن ٿا. فڪري طرح سندن مطالعو گهٽ آھي. اھي نثر جا سنڌي اردو ڪتاب به گهٽ پڙھن ٿا. انگريزي ته اڃان پري ٿي. شاعرن جو تعداد روز بروز وڌندو ٿو وڃي. پر ڪن ٿورن کان سواءِ، باقي شاعرن وٽ، مطالعو ۽ مشاھدو ان سطح جو ڪونهي، جتان عالمي سطح جي تنقيد جو ميدان هموار ٿئي، جديد حسيت کي شاعريءَ ۾ اوتڻ گهرجي. فلسفي جو مطالعو شاعرن کي ڪرڻ گهرجي، تاريخ، منطق، ادبي تحريڪن، جديد ادب جي مخٿلف لاڙن، رجحانن جي پڻ شاعريءَ ۾ عڪاسي هئڻ گهرجي، پوءِ به ڪافي شاعر هن وقت سٺي شاعري ڪن پيا. راشد بروهي، گلزار سيال، وسيم سومرو، امر ساحل، امڙ ساھڙ، فراق هاليپوٽو، خاڪي جاني، هدايت ڏيپر، اشرف سولنگي، خادم بالادي، امداد سولنگي، صوفي امتياز ٻلال، مختيار سهتو، سانول جمالي بيوس سجاد گاڏهي، ساٿي محبوب زنگيجو، گلبهار باغائي، توهان ( ابوبڪڙ لاڙي) ذبيح عباسي، ساحل هاليپوٽو ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر ڳڻائي سگهجن ٿا، ڪن جا نالا ياد نه پيا اچن. بحرحال شاعري روز وڌي پئي، جڏهن ته عملي تنقيد جي کوٽ ضرور آھي.

تنقيد ڇا آهي؟

تنقيد تخليق جي خوبين خامين جي پروڙ جو نالو آھي. شين جو ملهه ڪٿڻ تنقيد آھي. تنقيد تخليق جي دريافت، شرح، اوک ڊوک يا اکيل آھي. تنقيد، تخليق جي سنوار ۽ ڇانگَ آھي. علم شناسيءَ جي ضامن آھي. تميز ۽ فرق معلوم ڪرڻ جي سائنس آھي. تخليقڪار لاءِ سونهون، محسني ۽ رهبريءَ جو نالو تنقيد آھي. تاريخ جو حافظو چٽو تنقيد ڪري ٿي. تحقيق جا در اُکولي ٿي. تخليق جي نئين شڪل جو اظھار آھي. نقصن جي نشاندهي ڪندڙ ۽ غير امڪاني معنائن جي سفر جي خواهان به تنقيد ئي آھي. لطيف فنن جي هيئت، اسلوب، پيشڪش، صنفن جي ترڪيبي اجزائن جو تفسير اظھارڻ تنقيد جو ڪم آھي، پر اسان وٽ تنقيد سان اڪثر روا رکيل سلوڪ بھتر نه ٿي سگهيو آھي. نقادن کي هڪ عام تخليقڪار جيتري موٽ به نٿي ملي، ڪو به سندن نالو به لکڻ نٿو چاهي، رڳو تخليقڪارن جي تاريخ ۽ انهن کي موٽ ملي ٿي. نقادن سان دوستيون ختم ڪيون وڃن ٿيون. هاڻي ادران کي تنقيد نگارن تي به تحقيقي ۽ تجزياتي ڪتاب آڻڻ گهرجن. ٽيڪسٽ جي متنن ۾ هن دور جي جديد نقادن جو به ذڪر ملڻ گهرجي ۽ ٻئي طرف نقادن کي ” تنقيدي دوست“ پيدا ڪرڻ گهرجن، جيڪي پنھنجيون تخليقون نقادن جي اڳيان پيش ڪن ۽ گهٽ ۾ گهٽ علمي سطح تائين ته تنقيد کي قبول ڪن. انٽرويوز ۾ ڏسو ته تنقيد يا نقادن جي بابت نه سوال هوندو، نه وري سندن ذڪر هوندو. ايتري ناانصافي هوندي، نوجوان تنقيد طرف ڪيئن لڙندا؟ ڳالهه رڳو منھنجي يا ٻئي نقاد جي ڪانهي، سموري علمي، ادبي قومي ۽ مجموعي رويي جي ڳالهه آھي. ڳالهه موجوده دور جي آھي، جنهن دور کي ايندڙ دور جي تهذيبي روين جو بنياد رکڻو آھي، جنهن ۾ سنڌي ادب جو مستقبل به آھي. سنڌي ادب جو مستقبل، تنقيد کان سواءِ اڳتي ڪو به غير روايتي سفر ڪرڻ جو متحمل بڻجي نٿو سگهي!

تنقيد جي ابتدا ڪيئن ۽ ڪٿان ٿي؟

مختلف روايتون ملن ٿيون. انسان جي تخليق ۽ ارتقا جي پھرين دَور کي سوشلسٽ تنقيد جي شروعات چون ٿا. ڪن تاريخ نويسن موجب تنقيد چار هزار سال پراڻي آھي. تنقيد جي شروعات جو بنياد خاخپ ۽ اسونب ڪيو. مصر جي تاريخ مان اھو ٿو ثابت ٿئي. هونئن نقادن موجب پھرين عظيم شاعر هومر جي تخليق ۾ تنقيدي اشارا ملن ٿا. ٻئي طرف ڪي نقاد بعد جي فلسفين افلاطون ۽ ارسطوءَ کي تنقيد جا باني سمجهن ٿا. ارسطوءَ کي دنيا جو پھريون ادبي نقاد سمجهيو وڃي ٿو. ارسطوءَ جي تصنيف تنقيد جي فن بابت پھريون ڪتاب قرار ڏنو ويندو آھي. منھنجي خيال ۾ دنيا ۾ سموري تهذيبي، تمدني ۽ ثقافتي ۽ شعوري ترقيءَ جو بنياد ڪنهن نه ڪنهن طرح تنقيد رهي آھي. تنقيد نه هجي ها ته فرسوديت. دقيانويسي ۽ جاهليت جا نه بنياد لُڏن ها، نه وري دنيا ۾ انقلابن جا اسباب جنم وٺي سگهن ها. شخصيت ۽ معاشري جي مثبت تعمير ۾ به تنقيد جو ڪردار آھي.

ادب ۾ تنقيد جي ڪهڙي اهميت آهي؟

ادب ۾ تنقيد نه هوندي ته هر ڪو وڏي شاعر هئڻ جي دعويٰ ڪندو. معيار ۽ مقدار جو فرق معلوم ڪونه ٿيندو. درٻاري ڪلچر پروان چڙهندو. رڳو امير يا اقتداري ڪلاس پنھنجي شان۾ ادب لکرائيندو. عام ۽ خاص مواد جي تميز ختم ٿي ويندي. ادب جي شرح، ادب جي تفسير جا باب بند ٿي ويندا، اصلاح جا تاڪ ڏنا ويندا. تخليقي محسني موڪلائي ويندي. ادبي مقصدن جو ڦھلاءُ ختم ٿي ويندو، جنهنڪري ادب جو سماج ۽ عوام سان تعلق، يعني ان جو سماجي ڪردار ختم ٿي ويندو. سِکيا جو عمل تعطل جو شڪار ٿي ويندو. معياري تاريخ جُڙي نه سگهندي ۽ تخليقي ادب کي زنگ لڳي ويندو. حقيقي تخليقڪارن کي ڀت سان لڳايو ويندو. اتساھ ۽ جرئتن جو ساھ ٻُوساٽجي ويندو. . مطلب ته، ادب جي صحت ۽ واڌ ويجهه توڙي ترقيءَ ۽تدريج يا ارتقا جي لاءِ تنقيد آڪسيجن جو ڪم ڏِئي ٿي.

تنقيد جو مقصد؟

هڪ نقاد کي ڪهڙي اصولن تحت تنقيد ڪرڻ گهرجي؟

هڪ نقاد کي تنقيد ڪرڻ وقت غير جانبدار ۽ وقت جي علمن جو عالم هجڻ گهرجي. هُو تنقيد جي نتيجن کي اڳواٽ مقرر نه ڪري، پر فنپاري جي ماھيت، افاديت ۽ اھميت جو مشاھدو ماڻي، تخليق ۾ پاڻ جذب ڪري، ٽُٻي هڻي ڏِسي ۽ اُن تخليق مان معنائن جا هيرا جواهر ڳولي ڏسي. ڪنهن به تخليق يا فنپاري جون سڀ کان اول ميرٽس ڏسي، آخر ۾ ڊيميرٽس پاڻ ئي ظاھر ٿي پونديون. پوءِ ميرٽس ۽ ڊيمريٽس جو موازنو ڪري ڏِسي ته فنپاري جا ڪهڙا پاسا ڳورا ۽ ڪهڙا پاسا هلڪا آھن. تقابلي جائزو وٺي، جيڪڏهن ڪنهن به تخليق جو خوبين وارو پاسو ڀاري آھي ته ان جي علمي قدرشناسائي Critical appreciation ڪري، پوءِ جيڪڏهن واکاڻ وارو پاسو حد ڪراس ڪري ته پوءِتنقيد يعني نقصن واري پاسي تي به روشني وجهي. ائينءَ ڪرڻ سان تنقيدي توازن قائم ٿي ويندو. نقاد جانبداريءَ جي الزام کان ٻنهي پاسي بچي ويندو. تنقيد تحقيق ۽تاريخ نه آھي. هڪ فن آھي. ان فن جي نگهداشت ۽ ان ۾ تيزي يا نکار آڻڻ لاءِ تنقيد نگار کي ماضيءَ جي تنقيدن جو پڻ مطالعو ڪرڻ گهرجي ۽ تنقيدي آرٽ جي عمل واري وقت نقاد پنھنجي تخليقي شعور جي شرڪت به تنقيد سان گڏ رکي. تنقيد ۽ تخليق جو اڻٽر رشتو آھي. هڪ نقاد. ڪنهن فنپاري تي تنقيد ڪرڻ وقت، دراصل هڪ تخليق مٿان ٻي تخليق جنم ڏئي ٿو. اڳين تخليق جي خامين کي دُور ڪري، نَون تخليقي رستن جي تعمير ڪري ٿو انڪري اھو خود پاڻ به تخليقڪار آھي. تنقيد نگار، فن ۽ سماج جي پراڻن قدرن کي رد ڏئي، نَون قدرن جو بنياد رکي ٿو. نوان فني، فڪري، سماجي۽ثقافتي دستور متعارف ڪرائي ٿو. تاريخ ۽ تحقيق مان روز بروز حوالا کڻي انهن علمن ۾ نئون روح وجهي ٿو. ادب جو محافظ ۽ ضامن تنقيد نگار آھي. تنقيد نگار جو علم، عام تخليقڪار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ٿئي ٿو. هو تنقيدي علم جي مدد وٺي ٿو، پر ھو پنھنجي تنقيد جو پاڻ خاڪو جنمي ٿو. ان جي شڪل پاڻ مقرر ڪري ٿو. مشھور ادبي نظرين جي مدد وٺڻ باوجود، پنھنجا تنقيدي آدرش پاڻ خلقي ٿو. پنھنجي هڪ ادبي تنقيد جو نظريو پاڻ جوڙي ٿو. پنھنجي اسلوب ۽ پيشڪش جو پيداوار ٿئي ٿو. کيس پنھنجي تنقيدن کي به تخليقي نوعَ جو بڻائڻو پوي ٿو ۽ پنھنجي منفرد آرٽُ رکڻو پوي ٿو. تخليقن جي چونڊ ۾ محتاط رهڻو پوي ٿو. تنقيد جي قِسمن جي پروڙ رکڻي پوي ٿي ۽ جديد علمن سان اپ ڊيٽ ڪرڻو پوي ٿو.

معياري تخيل ۾ ڪهڙيون خصوصيتون هجڻ گهرجن؟

هڪ معياري تخيل ۾ متاثر ڪرڻ جي صلاحيت هئڻ گهرجي. ان ۾ خيال توڙي اسلوب جي ڪشش هجي. ان تخيل جي مختلف پاسن، رخن، عمودي يا افقي سطح جي اوسر هجي. ان ۾ زندگي ساھ کڻندي هجي، ڪردارن جو رخ متعين، سندر، سڀاويڪ، منفرد ۽ وڏي ڳالهه ته معنيٰ ـ خيز هجي. سطحيت کان بلند هجي. عمومي نه خاص هجي. ورجايل نه لڳي. معروضي ۽ موضوعي لاڳاپي ۾ متوازن هجي. ان جو جڙاءُ يا سٽاءُ موهيندڙ هجي. تخيل تي رٿا تحت طور به تخليقي سطح تي اڳڀرائي ڪري سگهجي ٿي. شعوري ۽ مطالعاتي سگهه کي تخيل ۾ جذب ڪرڻ جو هنر هجي. ڏات ۽ ڏانءَ جي هم آهنگيءَ ۽ توازن سان هڪ معياري تخيل جنمي سگهجي ٿو. هڪ معياري تخيل کي زندگيءَ جي گوناگونيت جو سير حاصل هئڻ گهرجي. مثبت سوچ ۽ فڪري آدرش کي هٿي ڏيندڙ هجي. معياري تخيل جي ٻوليءَ جي سٽاءَ ۾ ندرت، نکار، تجسس ۽ تهذيبي عڪس هجن. تخيل جي سگهاري هجڻ کي رڳو رومانس ۾ دريافت نٿو ڪري سگهجي. نظرياتي روشنيءَ توڙي لوڪ ڏاهپ جي سوجهرن کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. تخيل تيباقاعدي ڪم ڪري سگهجي ٿو. نئين ادراڪ، نئين حسيت کي تخليقي تجربي ۾ سمائي سگهجي ٿو. تخيل جو چٽو ڪم نظم ۾ وڌيڪ عيان ٿيندو آھي. گلزار سيال جي ڪن نظمن ۾ اھڙو تخليقي تجربو آھي، جنهن ۾ لوڪ ڏاھپ، مٽيءَ جي خمار، وطن جي سرفرازيءَ ۽ ڌرتيءَ جي پهلوئن کي گڏي منفرد آرٽ ڏنو ويو هو. فياض ڏاهريءَ جا ڪي نظم، اتهاس ۽ ثقافت جو سنگم پيش ڪن ٿا. ڪٿي سندس تخيل ۾ تاريخ جو پڙلاءُ، جماليات سان ڳنڍڻ جو سعيو ساريو ويو آھي. فراق هاليپوٽي جا چند نثري نظم سائنس ۽ مابعد الطبيعات جي وچ واري فاصلي ۾ زندگيءَ جي قدرن لاءِ سوالَ ڇڏين ٿا. صفر ڪلهوڙي جون ڪي وايون ڪمال جون آھن. راشد بروهيءَ وٽ تخيلاتي طور ڪردارن جا ڪي تجريدي عڪس، فلسفياڻو ڇهاءُ رکن ٿا. مختيار سهتي جي ڪن نظمن ۾ سرريئلزم جا عڪس آھن. منتظر گولي يا سانول جماليءَ جا ڪي تخيل حيران ڪندڙ آھن. خادم بالادي نظمن جي تخيل ۾ وجوديت جي فلسفي جا خوبصورت عڪس ڏنا. ادبي تنقيدي نظين کي به هن تخيل جي روپ ۾ نھايت فني تجربي سان پوئيو آھي. امداد سولنگي غزلن ۾ پڻ لوڪ ادب ۽ جديد فن جو تخيلاتي مڪسچر پيش ڪيو. هدايت ڏيپر وٽ ڪڙي سچ، ڌرتيءَ جي دانهن ۽ زماني سازيءَ جي تجربن جي ولوڙ وارا تخيل هڪٻئي سان ول جيان وڪوڙجي وڃن ٿا. پر مسئلو هيءُ آھي ته اهي سڀ تسلسل کي برقرار رکي نه سگهيا. هاڻوڪي دور ۾ ته معياري شاعري اڃان به ٻه قدم پوئتي رهجي وئي آھي. هاڻي ساڳيون محنتون تخيلاتي طور ڪٿي آھن؟ هاڻي فيس بوڪ تي گون اينڊ ٽيڪ جي سلسلي ۾ نوان ڪيترائي شاعر لکن پيا، پر رڳو عروضي پريڪٽس واري شاعري ملندي ۽ رڳو واھ واھ جو ڪلچر ملندو. ڪي ٿورا نالا آھن، جن جي شاعري پڙھڻ لائق بچي آھي. اڄڪلهه ته پري پلانڊ رڳو ناولائي ادب جي چمڪ دمڪ ئي ادب جي ٺيڪيدار بڻيل نظر ايندي. ادب رڳو ناول ٿوري ئي آھي. بنياد آھي ڪھاڻي، جنهن تي تنقيدي ڪم اٽي ۾ لوڻ برابر نٿو ٿئي ۽ ڪھاڻيون محسنيءَ جي رڻ ۾ رلن پيون.

اهڙي حسرت جيڪا پوري نه ٿي سگهي؟

هزار خواھشين ايسي ڪي هر خواھش پي دم نڪلي، مصداق هڪ نه ڪئين خواهشون پوريون ٿي نه سگهيون. اسان ذھني پورهيو ڪندڙ پورهيت ماڻهو آھيون. اسان جي قدم قدم تي هڪ نئين خواهش جنم وٺندي آھي. زندگيءَ ۾ آئيڊلزم نه مليو، جيڪو چاهيو سو نه مليو. جيڪو نه چاهيو. سو مليو. ڪا به محبت مڪملتا ماڻي نه سگهي. وجود ئي اڌوري ڪھاڻي بڻيل رهيو. روح ڪڏهن مطمئن نه ٿيو. زندگي اساٽ جي تصوير بڻيل رهي. ڪم جيترو به زندگيءَ ڀر مانُ نه مليو. خدا ڪارڻ دشمن کوڙ پيا ٿيا، جگر جو ساٿ نه رهيو. دکم دکم آ زندگي، جنهن پاسي پاسو وراءِ ڪنڊا لڳن ٿا. گلن پٺيان ڪنڊا، باغن ۾ گل ئي وڇوڙي لاءِ ٽڙن ٿا. حال نه آھي رڳو ماضي ئي سانڍيو اچان!

موسيقي؟

موسيقي بابت اڳ به مون ڳالهايو ته ڪھڙا فنڪار پسند جا آھن. هونئن موسيقي روح جي غذا آھي. ٽينشن يا ڊپريشن ۾ ورتل مريضن لاءِ ته شفا آھي. من پسند موسيقي پنھنجي پاڻ سان ملائي ٿي. ماضي حال مستقبل جا سنگم جوڙي ٿي. موسيقي هڪ طاقت آھي، جيڪا رڳو جاندار نه پر غير جاندار شين تي پڻ اثر ڇڏي ٿي. موسيقي رڳو ڳائي وڄائي نٿي وڄي، سموري ڪائنات خدا موسيقيءَ سان سرشار پيدا ڪئي آھي. پکين جي لات ۾ هڪ موسيقي آھي. هوائن ۾ هڪ موسيقي آھي. برسات جي وسڻ ۾ موسيقي آھي. هر آواز ۾ موسيقي آھي. هر شيءِ ۾ هڪ سُر آھي. هڪ لئي آھي. نغمگي آھي، پر اهل نظر هجي، جيڪو پسي سگهي. سوچ جي شفافيت ۽ تخيل جي پاڪائي هجي ته هُو پاڻ موسيقي ۾ ملي پوي ٿو، جيڪو ذھن سان به نه پسي سگهجي. موسيقي خارجي ۽ اندروني تحرڪ کي جنمي انقلابن کي جنم ڏئي سگهي ٿي. مزاحمت جي طاقت وڌائي سگهي ٿي. ثقافت جي باني آھي. رسمن رواجن جو نصيب آھي. خوشين جي مظهر آھي. موسيقي غم جي عبادت پڻ خلقي ٿي. موسيقيءَ جي تخليقي سگهه جو احاطو نٿو ڪري سگهجي، پر اھا زخمن تي پھا رکي ٿي. درد مند دلين جا ڳوڙھا اگهي ٿي. ڪٿي اشڪباريءَ جي برسات۾ اندر جا آڙاھ وسائي ٿي. ماڻهن ۾ ايثار، اتحاد، ڀائپيءَ کي پيدا ڪري ٿي. موسيقي لاوارث دلين جي مسيحائي ڪري ٿي.

سنڌي ادب جي موجوده صورتحال متعلق ڇا چوندا؟

سنڌي ادب تي گهڻو ڪم جذبي جي بنياد تي ٿئي پيو. ادارتي سطح تي حوصله مند ڪم نٿو ٿئي. پروفيشنلي سطح جو ڪم نه پيو ٿئي. شوقيه طور ڪم ڪافي ٿئي پيو. ناولن جو مقدار وڌي پيو. شاعريءَ جي ڪتابن جو مارڪيٽ ڪونهي تڏهن به شاعري گهڻي پئي ٿئي. جاگيرداري سماج ۾ شاعري گهڻي ٿيندي آھي. سرمائيداريءَ جي مڪمل فضا ۾ نثر گهڻو لکيو ويندو آھي. سنڌي سماج ۾ ٿورو شهرن جي ترقيءَ ڪري نيم سرماياداريءَ جو ماحول جڙيو آھي. اخبارون رسالا وڌيا آھن، جيڪي حال آھر سنڌي ادب کي اڳتي وڌائن پيون. نئين تحقيق ۽ تاريخ جي سائنسي ڇنڊ ڇاڻ ته ڪتاب نه هئڻ جي برابر آھن. ٻوليءَ جي علم نحو تي ڪتابي سلسلا نه آھن. ٻاراڻي ادب تي جيترو ماضيءَ ۾ ڪم ٿيو، اوترو معياري نه پيو ٿئي جيڪو ٿئي پيو، تنهن جي پڻ حوصله افزائي نه پئي ٿئي. ڪھاڻين جا ڪي چند سٺا مجموعا آيا آھن. شاعريءَ تي روايتي انداز۾ مضمون اچن پيا، پر معياري ڪڏهن ڪڏهن ڪو نظر جي اڳيان اچي ٿو. سنڌي ادب جي سرپرستي ڪانهي. سنڌي ٻوليءَ وٽ مارڪيٽ ڪونهي. استاد طبقو اڪثر هڙان وڙان ڪري پنھنجا ڪتاب ڇپائي ٿو. باقي ڪتاب ڇپائي ڪير، سو به هن مهانگائيءَ جي شديد دور ۾ لطيف فن سڀ متاثر ٿي رهيا آھن. سنڌي ادب جي موجوده ترقي ايتري مطمئن ڪندڙ ڪانهي. انگريزيءَ، اردوءَ ۽ ٻين دنيا جي ٻولين ۾ اسان جي ادب کان وڌيڪ ڪم ٿئي پيو. ترجما به هاڻي ايڪڙ ٻيڪڙ شايع ٿين ٿا، پر سنڌي ادب، سنڌي ادبي تنقيد کي ڪير ترجمو ڪندو؟ ۽ دنيا ۾ پنھنجي قوم جي صلاحيت کي مد مقابل آڻيندو؟ هتي ته سنگت ته هڪٻئي کي مٿي ڪرڻ ۾ پوري آھي.

موجوده سنڌ جي صورتحال۔؟۔

بک، بدحالي، بيروزگاري، ناخواندگي، قبيلائي فساد، بد امني، اغوا ڦر، چوري، ڪرپشن ۾ ورتل سنڌ، غريبن کي وڌيڪ غريب ڪندڙ اميرن کي وڌيڪ امير ڪندڙ، وڏيرڪو ماحول، جهالت جي ور چڙهيل سنڌ، هر پاسي کان افسوسناڪ صورتحال آھي. هاري ناري مزدور ويل ۾ آھن. پورهيت ماڻهن جا تازي برساتن ۾ گهر به ڪري پيا، فصل به ٻڏي ويا ڇا مليو؟ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي!

تعليم؟

تعليم زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آھي، پر اسان وٽ ڌنڌي، فيشن، اشتهارن، پنن جي پيهن ۽ فارملٽيز ۽ ڊيڪوريشن جو شو پيس بڻايو ويو آھي. تعليم اھا آھي، جيڪا توهان جي طبع، مزاج، ڪردار ۽ روح کي بدلائي ڇڏي. پر هتي تعليم اقتدار، سياست، پيسي جي زينت بڻيل رهي. حقيقي تعليم آزاد روح جنميندي آھي. آزاد ذھن سازي تعليم ڪندي آھي، پر هتي تعليم جبر ۾ شڪر ڪرڻ واري ڏني وئي، جنهنڪري سماج ۽ تعليم جي وچ تي پلصراط ٺهي وئي. هاڻي تعليم مجبوريءَ ۾ روزگار جي متلاشي بڻيل آھي. هاڻي جديد تعليم کي رڳو ڪمپيوٽر جا ڪلارڪ ۽ ڪاموراشاھي گهرجي ٿي. اڄ ڪو آھي، جنهن کي شمس العلماءُ جو لقب ڏيون؟ تعليمي ماهر ڪٿي آھن؟ موجوده تعليم جي ڪردار ڪري سنڌ هاڻي شخصيتن کي جنم ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آھي. استاديءَ جهڙي مقدس پيشي سان ڪھڙو سلوڪ آھي؟ سڀ رڍون ٻوٿ ڪاريون به نه هونديون آھن. سٺن استادن جي ڪير ٿو همت افزائي ڪري؟ ڪو ادارو؟ ڪا ڪميونٽي؟ ڪا طاقت؟ ڪجهه به ڪونهي. رڳو طاقت سان تعليمي ترقي ممڪن آھي؟ آرٽ فن جا شعبا اسان وٽ فالج زده لڳا پيا آھن. اسڪولن جي لئبررين لاءِ ڪتاب ڪٿان اچن؟ اسڪول ۾ موجود سنڌي اديبن جي صلاحيتن مان ڪھڙي سرڪار فائدو حاصل ڪيو آھي؟ آرٽ گيلريون موجود ڪونهن يا ويران آھن. جيستائين تعليم ۾ تخليقي ذھن سازي نه ٿيندي، تيستائين روبوٽ معاشرو جنم وٺندو رهندو. دنيا جي ملڪن سان پاڻ کي ڀيٽي ڏسجي ته اسان ڪٿي بيٺا آھيون؟

پڙهندڙن لاءِ پيغام؟

پاڻ ته اھو سِکيا آھيون ته زندگي اڻ لکيل ڪھاڻي آھي، جنهن جو عروج ۽ ڪلائمڪس اسان پنھنجي محنت سان تخليق ڪري سگهون ٿا. پاڻ کي اڪارج ٿيڻ کان بچائجي. جتي کوٽ آھي، اتي ڀراءُ ڏجي. فاصلا نه وڌائجن، پيار ونڊجي. اسان جي معاشري کي اڄ جيتري سچي محبت جي ضرورت آھي، تهڙي ضرورت ڪڏهن به شديد انداز ۾ اڳ محسوس نه ٿي آھي. معاملا فهم، تدبر، اصلاح ۽ صلاح مشوري سان حل ڪجن. بغض، ڪينو ڪدورت کي ڌڪارجي. ڪا نئين دنيا اڏجي، جتي لوڀ لالچ، حرص، فساد نفرت ڌڪار بد امني نه هجي. خلوص هجي. اتحاد ۽ اتفاق هجي. اميد سازي ڪجي. زندگيءَ کي پاڻ معني ۽ ڪارج ڏجي. مايوس ماڻهن جي چهرن تي مرڪون آڻجن. غريب ۽ پٺتي پيل انسانن جو سهارو ٿجي. وڏن جو احترام ڪجي. سنڌ جي سونهري روايتن کي پاڻي ڏجي. سچائيءَ ۽ همدرديءَ کي وڌائجي. ڪنهن جو بُرو نه سوچجي. پنھنجي ٻوليءَ، ڌرتي، ثقافت، فن ۽ ادب سان پيار ڪجي ۽ ناياب شين جو قدر ڪجي!

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا