; سنڌي شخصيتون: غلام قمبر حاجاڻو

17 January, 2023

غلام قمبر حاجاڻو

غلام قمبر حاجاڻو

سياسي، سماجي، علمي ادبي شخصيت

شفيق وساڻ



ڪورڪي کان ڪراچي تائين غلام قمبر حاجاڻو جو سفر ۽ سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ عزت ڏيڻ سندس طبعيت ۾ سمايل آھي، مان سائين غلام قمبر حاجاڻو سان ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ ملاقات ڪئي، سندس سياسي گفتگو علمي ادبي پورھيو قابل تعريف ساراه جوڳو آھي، سندس کاھوڙي ڪردار ڪنھن کان وسرڻ جوڳو نه آهي، غلام قمبر حاجاڻو جي پيدائش سندس آبائي ڳوٺ ڪورڪي ۾ ۱۹۶۶ع ۾ ٿي، ابتدائي تعليم پرائمري گورنمينٽ ڪورڪي مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٽالپر وڏا کان حاصل ڪيائين انٽر سائنس گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ميرس کان حاصل ڪيائين ۽ ايم اي MA IR شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کان حاصل ڪيائين، پاڻ مھمانواز ۽ کلڻو ملڻو ۽ بااخلاق ۽ سادي طبيعت جو مالڪ آھي، سياست جي شروعات شاگرد سياست کان سياسي قوم پرست پارٽي عوامي تحريڪ کان ڪئي، ھن وقت عوامي جمھوري پارٽي ۾ ڪارڪن کان اھم ذميوار عھدن تي ڪم ڪيو آھي، ھن وقت ڪراچيءَ جو عوامي جمھوري پارٽيءَ جو نائب صدر آھي، غلام قمبر حاجاڻو نظرياتي ماڻھو آھي سندس ملاقات ڪرم وساڻ ۽ مختيار حاجاڻو سان ٿي انھن جي ڪچھرين ۽ گڏجاڻين کانپوءِ پاڻ شھيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو سان گڏ عوامي تحريڪ سان گڏجي ڪم ڪيو، انھن دوستن مون کي سياست ۾مائل ڪيو ان کانپوءِ ايس ايس ٽي SST سجاڳ ٻار تحريڪ عوامي تحريڪ ۾ ڪارڪن ۽ مختلف عهدن تي دل سان ڪم ڪيو ايم آر ڊي ڪالاباغ ڊيم ٺھڻ خلاف لانگ مارچ ڪيا، ڪامريڊ غلام قمبر حاجاڻو سنڌ جي ھر ننڍي وڏي مسئلي ظلم ناانصافين وڏيريڪي نظام خلاف سندن سگھارو آواز رھيو آھي شھيد عوام محمد فاضل راھو جي شھادت کانپوءِ عوامي تحريڪ کي ڇڏي صحافت ڪئي ۽ پوءِ وري عوامي جمھوري پارٽي ٺھرائڻ ۾ سندس اھم ڪردار رھيو آھي، ھن وقت سندس سياسي وابستگي عوامي جمھوري پارٽي سان ئي آھي.


هن پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول تي ڌيان ڏيڻ ڳوٺ جي علائقي جي شاگردن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ڪرڻ جو ڪردار رھيو آھي ۽ اڄ به سائين غلام قمبر حاجاڻو شاگرد کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدد به ڪري ٿو ۽ ھمٿ افزائي ڪري ٿو، سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جي عوامي جمھوري پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان لانگ مارچ ۾ ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين پيرين پنڌ مارچ ڪيو ان وقت نثار کهڙو تعليم جو وزير ھو ان سنڌ ۾ نالي ماتر تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي پر تعليم جو حال ساڳيو رھيو. ادب ۾ پاڻ مختلف اخبارن ۾ ٻولي ۽ سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪيو پاڻ ھلال پاڪستان ۽ ڪاوش اداري ۾ صحافت ۽ ڪم ڪيو ۽ کيس مڃتا ملي. سندس زندگي ۾ ڏک سک لاھا چاڙھا آيا آھن، اولاد ۾ پنج نياڻيون ۽ ھڪ پٽ محسن رضا حاجاڻو آھي، جيڪو ڪرڪيٽ جو تمام گھڻو شوقين آھي ۽ کيس سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ميرٽ جي بنياد تي سليڪشن ٿي ويو آھي سندس زندگيءَ ۾ مقصد آھي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سليڪشن ٿي سنڌ جو نالو روشن ڪيان، پاڻ نياڻين کي تعليم ڏياري آھي پاڻ ھن وقت ڪراچي ۾ رھن ٿا سندس ڪراچي ۾ رھائش جو مقصد سندس ٻه جگري ڀائر گردن جي فيل ھجڻ ڪري ۱۹۹۸ ع م ڪراچي ۾ رھائش اختيار ڪئي انھن جي ڊائلاسز ٿيندي ھئي انڪري ھر روز ڪراچيءَ ڳوٺ کان اچڻ وڃڻ مشڪل ھو انڪري پھريائين ڪرائي جي جڳھ ۾ رھندو ھو پر ھن وقت سائين کي پنھنجي جڳھ آھي، سندس ٻئي ڀائر مکڻو حاجاڻو ۽ ٻيو ڀاءُ گردن جي بيماري م مبتلا ھئا سندس ڀاءَ مکڻو ڀا۽ ۲۰۰۸ ۾ ھميشه وڇڙي ويو ننڍي ڀاءُ جو خال ته نه ٿو ڀرجي سگھي سندن وڏو ڀاءُ قلندر بخش حاجاڻو به گردن جي بيماري ۾ ورتل آھي پر جئين رب پاڪ جي مرضي اھو ماري ۽ جياري انجي رضا تي راضي رھڻو آھي، سائين غلام قمبر حاجاڻو ڀائرن جي اولاد کي سنڀالڻ به سندن مٿان ذميواري اچي وئي. غلام قمبر حاجاڻو کان پڇيم ته سائين، توھان تعليم کي ڪئين ٿا ڏسو، چيائين ته سنڌ حڪومت ميرٽ تي ڪمپرومائيز نه ڪري اهڙي طرح استادن کي پنھنجا ٻار سرڪاري ادارن ۾ داخل ڪرائڻ گھرجن نه صرف استاد پر سياستدانن، ڪامورن، ججن کي به سرڪاري ادارن۾ ٻارن کي پڙهائڻ گھرجي ان سان سنڌ جي تعليم ۾ بھتري ايندي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۵ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا