; سنڌي شخصيتون: مولوي محمد حسن پهوڙ

15 January, 2023

مولوي محمد حسن پهوڙ

مولوي محمد حسن پهوڙ رحه

کپري جي تعليمي ادارن جو باني:

استاد لغاري


۱: سوانح عمري:


کپري جي تعليمي ادارن جو باني، مولوي محمد حسن ولد عبدالرزاق ذات پهوڙ، ۲۶ نومبر ۱۹۱۲ع تي، ڳوٺ فتح خان مريءَ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پنهنجي هٿ اکرين هڪ هنڌ لکي ٿو، ته “۲۶ نومبر ۱۹۷۲ع تي، منهنجي عمر جا ۶۰ سال پورا ٿيا، ته مون کي رٽائر ڪيو ويو. ” انهيءَ فقري مان اها تصديق ٿئي ٿي، ته “سندس جنم جي تاريخ ۲۶ نومبر ۱۹۱۲ع ئي درست آهي. ” سندس انتقال جو سال ۽ تاريخ، ۱۸ ڊسمبر ۱۹۷۷ع آهي. اهڙيءَ ريت هن بي بقا ۽ فاني دنيا ۾، پاڻ ۶۵ سال زنده رهيا. جيستائين سندس والد صاحب جي حقيقي نالي جو تعلق آهي، ته محترم ڌڻي بخش بروهي صاحب پنهنجي هڪ ليک ۾ لکي ٿو، ته “هن مرد مجاهد “ڀَلُو پهوڙ” جي گھر ۾ اکيون کوليون. ” مولوي صاحب جو لائق شاگرد ۽ پنهنجي وقت جو مثالي استاد، مرحوم فقير محمد راڄڙ صاحب پنهنجي تحرير ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو، ته “مولوي محمد حسن پهوڙ رحه، سال ۱۹۱۲ع ڌاري “عبدالرزاق پهوڙ” جي گھر ۾ اک کولي. ” جڏهن ته مولوي صاحب پاڻ پنهنجي “آپ بِيتيءَ” ۾، پنهنجي هٿ اکرين “محمد حسن ولد عبدالرزاق” ئي لکيو آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو، ته “ڀَلُو” سندس والد صاحب جو ڪوڏاڻو نالو آهي. البت ان جو حقيقي، اصلي ۽ قانوني نالو “عبدالرزاق” ئي آهي. هن کان اڳ منهنجي هڪ مقالي ۾، پُروف جي سَهوَ سببان، سندس جنم جو ڳوٺ جھنڊو خان مري لکجي ويو هو، جنهن کي درست ڪري، فتح خان مري لکيو ۽ پڙهيو وڃي.


۲: تعليمي خدمتون:

مولوي محمد حسن پهوڙ رحه، گورنمنٽ ڊگري ڪاليج کپري جو باني مباني ته آهي ئي آهي، ليڪن ان کان اڳ کپري شهر ۾، موجوده “نيشنل اسلاميه هاءِ اسڪول” کولي، هڪ مثال قائم ڪري چڪو هو. پاڻ شروع کان ئي ڏاڍو محنتي، جفاڪش ۽ اورچ انسان هو. ماڻهن کي ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيڻ، منجھن سوچ، سمجھ، فڪر ۽ فهم پيدا ڪرڻ جي لاءِ، وڏي جدوجهد جاري رکيائين. بي سروسامانيءَ جي حالت ۾، سڀ کان پهريان ڳوٺ ملوڪ پهوڙ ۾، “مُلان مڪتب اسڪول” کوليائين. ان ۾ وڏي پئماني تي، “سنڌي ورنيڪيوئر فائنل” جي امتحان لاءِ شاگردن کي تيار ڪري، هر سال ڪيترا ئي ٻار سالياني امتحان لاءِ مٿي موڪليندو هو. ٿر، حيدرآباد، ميرپور خاص، دادو ۽ سنڌ جي ٻين مختلف علائقن جا ٻار، هن اسڪول ۾ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. انهن کي مفت رهائش ۽ مفت کاڌو ملندو هو. مولوي صاحب جي مالي مدد نالي وارا تعليمي ماهر ۽ قدردان ماڻهو ڪندا هئا.

جڏهن پاڪستان آزاد ٿيو، ته مولوي صاحب پنهنجي اسڪول “ملوڪ پهوڙ” جي شاخ کپري شهر ۾ کولي. جنهن جو نالو “اسلاميه مڊل اسڪول” رکيائين. هيءَ اسڪول سڀ کان اول، راءِ صاحب سيٺ شيوڪ رام لوهاڻه واري ڇڏيل جاءِ ۾ شروع ٿيو. راءِ صاحب ورهاڱي سبب هندوستان هليو ويو هو. ان بعد هٿونگي روڊ تي، موجوده “الفلاح مسجد” جي ڀر سان، مرحوم حاجي بانڪو چانيهون کان، بنا مسواڙ تي جاءِ وٺي، ان ۾ اسڪول هلايائين. هن اسڪول ۾ محمد عمر دائود پوٽو، گل بيگ لغاري، محمد هنڱورو ۽ احمد خان بوزدار استاد هوندا هئا. ان اداري کي هلائڻ لاءِ، کپري ۽ سانگھڙ جي مُخير حضرات کان مدد حاصل ڪرڻ خاطر، حضرت پير سائين پاڳارا سيد شاھ مردان شاھ (ڇٽ ڌڻي رحه) جن کان حڪم ورتائين، ته “ڪهڙو ماڻهو ڪيتري ڪڻڪ ۽ ڪهڙو ماڻهو ڪيتري روڪ رقم ڏي. ” مولوي صاحب پاڻ به، کپري شهر ۾ هر سال اسٽيج ڊراما ڪري، اداري لاءِ رقم حاصل ڪندو هو. هاڻي هي ادارو (اسلاميه مڊل اسڪول کپرو) وڌي، سَونَ شاگردن تي پهتو. پاڻ ذاتي ڪوشش وٺي، ان وقت جي سانگھڙ جي ڪلڪٽر انور عادل صاحب کي، اسڪول وزٽ لاءِ گھرايائين. سپاس نامو استاد گل بيگ لغاري پيش ڪيو. جنهن جي تقرير ايتري ته پُر اثر هئي، جو ڪلڪٽر صاحب کپري ۾ هندن جي ڇڏيل ڌرمشالا عمارت، اسلاميه اسڪول لاءِ عطيي ۾ ڏني. هوڏانهن حرن جي لوڙهي تي نظرداريءَ ڪندڙ انگريز مليٽري واري عمارت، جيڪا حاجي محمد عثمان چانيهون جي فيڪٽري جي اولهندان، سانگھڙ روڊ سان متصل هئي، اها به اسلاميه اسڪول لاءِ وقف ڪري ڏني. هاڻي مولوي صاحب اسلاميه اسڪول کي، ڌرمشالا واري عمارت ۾، ڪجھ ردوبدل ڪري، ست اٺ ڪلاس ۽ آفيسون ٺاهي ان ۾ هلائڻ لڳو.

۳: آپ بيتي

مولوي صاحب جي هٿ اکرين لکيل آپ بيتيءَ جا چند ورق دستياب ٿيا آهن. ۱۱ نقطن تي آڌاريل سندس آپ بيتيءَ کي، پيارن پڙهندڙن جي دلچسپيءَ خاطر، هتي جيئن جو تيئن پيش ڪجي ٿو.

۱: منهنجي خيال ۾، لُوس جي بيماري، جنهن ۾ منهنجا ڪل مائٽ، جمڙائو ڪسي ڳوٺ حاجي قيصر خان مري بلوچ، تعلقه ميرپور خاص، اٽڪل رُوءِ سال ۱۹۲۰ع يا ۱۹۲۱ع ڌاري ماري ڇڏيا.

۲: منهنجي خيال ۾، ۱۹۲۱ع کان ۱۹۲۲ع تائين، هڪ يا ٻه سال آئون ڳوٺ فتح خان مريءَ ۾ رهيو آهيان.

۳: منهنجي خيال ۾، ۱۹۲۲ع ۽ ۱۹۲۳ع جي وچ ڌاري، آئون ولواريءَ ۾ ٻاٻي شريف جون ٻڪريون ۽ مينهون چاريندو هوس.

۴: منهنجي خيال ۾، ۱۹۲۳ع کان ۱۹۲۵ع تائين، ٻه سال مرحوم حافظ منٺار پهوڙ وٽ، وڏيري سلام الله جي ڳوٺ ولواريءَ ۾، قرآن شريف، ٿوري اسلامي سنڌي، نُور نامو، سنڌي ابوالحسن پڙهيو آهيان. ان وقت ڏرهوڙي ۾ حافظ صاحب (منٺار پهوڙ) جي گھوڙي به چاريندو هوس.

۵: منهنجي خيال ۾، ۱۹۲۵ع يا ۱۹۲۶ع ۾، هڪ سال مرحوم حافظ محمد رحيم دائود پوٽه وڪيل، مسٽر محمد عمر جي والد وٽ به پڙهڻ لاءِ ويو آهيان. فارسي باب شروع ڪيم.

۶: منهنجي خيال ۾، ۱۹۲۶ع کان ۱۹۲۸ع تائين، ۳ يا ۴ سال مدرسه شاخ نهرويه خان صاحب غلام قادر ناريجه ۾، مولوي محمد حسن سمو ۽ حافظ عبدالغفور صاحب رونجھو وٽ، فارسي کان ابتدا ڪيم ۽ شرح مُلا تائين پڙهيم.

۷: منهنجي خيال ۾، حاجي غلام قادر ناريجه مدرسي جي وچ ۾، جڏهن مولوي محمد حسن سمو، ٿر وسڪاري وقت ٻن مهينن جي موڪل تي ويندو هو، تنهن وقت ۱۹۲۷ع کان ۱۹۲۸ع تائين، آئون ٻه سال ڊاڪٽر هاليپوٽه سان، عربي ۽ ٻيون درجو سنڌي، ڳوٺ جيئندو هاليپوٽو يا ڳوٺ گل محمد هاليپوٽو، مٽياريون، پُراڻا هالا، سن، سجاول، مدرسه ڳوٺ ٽوھ تعلقه ماتلي جي مدرسن ۾ به رهيو آهيان. اهو عرصو به هڪ ٻه سال آهي.

۸: منهنجي خيال ۾، آئون سال ۱۹۲۸ع ۾، هنڱورني اسڪول ۾ پڙهي رهيو هوس. انهيءَ پڙهڻ پڙهائڻ جو عرصو، مئي ۱۹۳۲ع تائين چار سال رهيو.

۹: منهنجي خيال ۾، جيئن مون اڳ ۾ لکيو آهي، ته ۱۹۲۸ع جي آخر سال ۾، مرحوم استاد مجنون جيڪو مرحومه حليمه کي، ڳوٺ (. . . . . ) سلام الله ولواري نزديڪ هنڱورني ۾ پڙهائيندو هو، جڏهن هن ٻڌو ته “پير صاحب سيد صبغت الله شاھ کي انگريزن قيد ڪيو آهي”، ته اهو چريو ٿي پيو. تڏهن مون کي مرحوم حاجي عبدالرشيد جي ماءُ، ماسي فتح پنهنجي ڌيءَ کي پڙهائڻ لاءِ، ۵ روپيه پگھار ڏيئي وهاريو. آئون هنڱورني ۾ پڙهندو به هوس ۽ ڳوٺ ۾ ڇوڪريءَ سان گڏ، ٻين ٻارن کي به پڙهائيندو هوس. ۱ عبدالواحد ولد محمدشريف، ۲ عبدالعزيز پٽ گلاب پهوڙ، ۳ جان محمد ولد محمد بخش، ۴ اشرف ولد علي بخش، ۵ احمد ولد. . . . .، ۶ حاجي عبدالرشيد وغيره. مئي ۱۹۳۲ع ۾ وڏيري سلام الله وارا اهو ڳوٺ ولواري ڇڏي، سرهل اچي ويٺا. مون کي به گڏ وٺي آيا. ۱۹۳۲ع ۾ هڪ سال مون خانگي طور، ۵ روپين ساڳين تي ڪم ڪيو. گھڻو ڪري ۱۹۳۲ع سرهل اچڻ کان پوءِ، ۱ مرحوم حاجي محمد بچل ولد سالار، ۲ محمد الياس ولد اسماعيل، ۳ علي محمد ولد پيراڻو، ۴ محمد علي ولد محمد تماچي، ۵ غريب نواز ولد محمد موسيٰ، ۶ حاجي محمد صالح ولد جعفر، ۷ محمد عالم ولد شاد محمد وغيره، شايد ساڳئي سال ۾، جدا جدا طرفن کان مون کي ۲۰، ۲۵ روپيه پگھار ملندو هو. سال ۱۹۳۳ع ۾، منهنجو اسڪول گورنمنٽ رجسٽر ڪيو، جيڪو منهنجي زيرِ نظر سال ۱۹۴۸ع تائين رهيو.

۱۰: منهنجي خيال ۾، فيبروري ۱۹۴۸ع ۾ ان لاءِ آئون اداري جي حيثيت سان اچي ڪم شروع ڪيو.

۱۱: منهنجي خيال ۾، مون خانگي طرح پڙهائڻ جو ڪم ۱۹۴۹ع کان شروع ڪيو. تعليم کاتي اي پي سي؟ سال ۱۹۵۰ع ۱۹۵۱ع کان رجسٽر ڪيو، جيڪو سال ۱۹۷۲ع تائين منهنجي نظرداري ۾، پورا ۲۲ سال هليو. تنهن کان پوءِ ڀُٽي صاحب جي حڪومت، سڀ خانگي اسڪول ۽ ڪاليج پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. اهڙي طرح هيءَ جيڪو آئون اسلاميه هاءِ اسڪول هلائيندو هوس، اهو به گورنمنٽ وٺي پنهنجي حوالي ڪيو. پهرين ڏاڍو ڏک ٿيو، پر هاڻي جون حالتون ڏيکارين ٿيون، ته اُهي اسڪول هاڻي هلائڻ ڏاڍا مشڪل ٿي پون ها. ڇو ته مهانگائي وڌيل آهي. ماسترن جا پگھار وڌيل آهن. ماڻهو هاڻي چندو شايد نه به ڏين ها. هن اداري (اسلاميه هاءِ اسڪول) هن تعلقي نه، پر ساري ضلعي خواھ ٻين ضلعن جي عوام جي تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمت ڪئي آهي. پهريان ۱۰، ۱۵ سال فيون ته نه، پر پرديسي شاگردن کي کاڌي پيتي ۽ رهڻ جو انتظام به ڪري ڏنو ويندو هو. اسڪول جا معاون، ۱: حضرت پير صاحب پاڳارو، ۲: حاجي محمد حيات جوڻيجو، ۳: حاجي محمد ملوڪ پهوڙ، ۴: جُملي جماعتي پير صاحب پاڳارو، ۵: غير جماعت جي ماڻهن ۾، جنهن ماڻهو خدمت ڪئي، اُنهيءَ جو نالو آهي “حاجي محمد عثمان چانيهون. ” هن اسڪول جو شاگرد به آهي. جڏهن کان پهرين آڪٽومبر ۱۹۷۲ع ۾ ادارا کسيا، ان وقت آئون عربي ٽيچر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهندو هوس. آخر ۲۶ نومبر ۱۹۷۲ع تي، منهنجي عمر جا ۶۰ سال پورا ٿيا، ته مون کي رٽائر ڪيو ويو. (ان کان پوءِ) ٽي سال، هڪ مهينو ۽ اُوڻيھ ڏينهن مون بنا اُجوري جي، گورنمنٽ اسلاميه مڊل اسڪول کپرو ۾ رضاڪارانه طور ڪم ڪيو. ان سان گڏ، حاجي محمد عثمان چانيهون جي نياڻيءَ کي به، مئي ۱۹۷۲ ع کان پڙهائيندو رهندو آهيان. مرحوم حاجي محمد ملوڪ پهوڙ جي ڳوٺ واري اسڪول ۾، منهنجو عجيب و غريب وقت گذريو آهي. اِهو اُهو وقت هو، جنهن وقت هڪ طرف انگريزن کان آزادي وٺڻ جي ڪوشش هلي رهي هئي، ته ٻئي طرف اها به ڪوشش هلي رهي هئي، ته پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ، مسلمانن لاءِ انتهائي ضروري آهي. ڇو ته انهيءَ کان سواءِ، مسلمانن جي تهذيب، تمدن ۽ مذهب ترقي ڪري نه سگھندو. خبر ناهي ته ڪيئن مون کي تعليم ڏيڻ ۽ وٺڻ جو اهو ايتري قدر خيال آيو؟ ڇو ته جنهن سوسائٽيءَ جو آئون فرد هوس، اُهي ته بلڪل جاهل هئا. منهنجي هٿن جا غريب شاگرد، پنهنجن ڌنڌن ڪري تمام شاهوڪار وڃي ٿيا. مون به ۴۰، ۴۲ سال ڪم ڪار ۾ گذارڻ جي ڪري، اڃان تائين رهڻ لاءِ هڪ گھر جي جاءِ به تيار نه ڪري سگھيو آهيان. شال! الله تعاليٰ کرِي راھ تي هلائي. هاڻي ته نماز به ڪو نه ٿو پڙهائي سگھان. ” (۰۹ جولاءِ ۱۹۷۵ع).

۴: خراجِ تحسين

مولوي محمد حسن پهوڙ رحه هن علائقي واسين لاءِ، سر سيد احمد خان، حسن علي آفندي، سيد الهندو شاھ ۽ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي رحه کان گھٽ نه هو. سندس محنت، جفاڪشي، مفت تعليم ۽ تربيت، کاڌ خوراڪ ۽ رهائش وغيره، هن علائقي واسين ۾ ايڏو ته اُتساھ پيدا ڪيو، جو پري پري جا ٻار به هتي پڙهڻ لاءِ ايندا هئا. ڪپري موريءَ جو عبدالحڪيم ڪپري سنڌ جو وڏو آفيسر بنيو. چوٽيارين جو محمد حسن راڄڙ ڊي جي سنڌ بنيو. محمد مبارڪ هنڱورجو سنڌ جو ڪمشنر بنيو. عبدالقادر هاليپوٽو سنڌ جو نگران وزيرِ اعليٰ ٿيو. اها سندس وڏي محنت هئي، جو غريب ۽ مسڪين، جن وٽ نه اجھو هو نه آسرو هو، اُهي به هن تعليمي اداري مان علم پرائي، مڇي مانيءَ وارا ٿي ويا. پاڻ پنهنجي نياڻيءَ کي، ٻين شاگردن سان گڏ ويهاري تعليم ڏني. جيڪا پوءِ کپري تعلقي جي S. D. E. O. (فيميل) ٿي. نياڻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ، پاڻ گڏيل ڪوششن جا حامي هئا. پاڻ فرمائيندو هو، ته “اگر هڪ نياڻي بي پرده ٿئي، ته ٻين سوين نياڻين جو پردو بچندو. ” مولوي صاحب سخت محنت ڪندڙ ۽ جفاڪش انسان هيو. سندس نيڪ نيتي، سخت جدوجهد ۽ بي لوث خدمتن جو مثال هن ڳالھ مان ثابت ٿئي ٿو، ته پاڻ پنهنجي اولاد لاءِ، گھر جي جاءِ به ڪو نه ٺاهيائون. سندس لائق شاگردن مان حاجي فقير محمد راڄڙ صاحب به هڪ هو، جيڪو پرائمري استاد مان ترقي ڪري، S. P. E. سانگھڙ ٿيو. مولوي صاحب جو وڏو فرزند، محترم عبدالرزاق پهوڙ صاحب نيشنل اسلاميه هاءِ اسڪول کپرو جو هيڊ ماسٽر ۽ S. D. E. O. (ميل) کپرو بنيو. سندس ٻيو نمبر فرزند، محترم نظير احمد پهوڙ صاحب تعليمي خدمتون سرانجام ڏيئي، هن وقت رٽائرڊ استاد جي حيثيت سان، پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ خوشحال زندگي گذري ٿو.

۴: آخري نقطو

کپري جي تاريخ ۾، مولوي محمد حسن پهوڙ رحه هڪ عظيم علمي انسان، نڊر، بهادر ۽ مخلص ماڻهو ٿي گذريو آهي. البت افسوس صرف ان ڳالھ جو آهي، ته “سندس قائم ڪيل گورنمنٽ ڊگري ڪاليج کپرو، توڙي نيشنل اسلاميه هاءِ اسڪول کپرو مان، ڪنهن به هڪ اداري تي، يادگار طور سندس نالو قائم ڪيل ناهي.” توڙي جو مولوي محمد حسن پهوڙ رحه، علائقي جي ايڏي وڏي علمي، اخلاقي ۽ سماجي خدمت ڪئي ۽ اهڙن عظيم ادارن جو باني مُباني پڻ رهيو. انهن عاليشان ادارن مان، سوين هزارين شاگرد پڙهي، اعليٰ عهدن ۽ عظيم رُتبن تي وڃي پهتا. پر انهن ڪڏهن به پوئتي مُڙي اهو ڪو نه ڏٺو، ته “اُهي ڪنهن جي قائم ڪيل عظيم ادارن مان پڙهي، اڳتي آفيسن ۽ ايوانن ۾ اچي ويٺا آهن. ” هي علمي اڳواڻ، ۱۸ ڊسمبر ۱۹۷۷ع تي، ۶۵ سالن جي ڄمار ۾، راھ رباني وٺي، وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس آخري آرامگاھ، ڳوٺ عبدالواحد پهوڙ لڳ “منگلان چاڙهي” جي مقام ۾ موجود آهي.

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ جمعو ۷ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا