مولوي محمد حسن پهوڙ رحه
کپري جي تعليمي ادارن جو
باني:
استاد لغاري
۱: سوانح عمري:
کپري جي تعليمي ادارن
جو باني، مولوي محمد حسن ولد عبدالرزاق ذات پهوڙ، ۲۶ نومبر ۱۹۱۲ع تي، ڳوٺ فتح خان مريءَ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ
پنهنجي هٿ اکرين هڪ هنڌ لکي ٿو، ته “۲۶ نومبر ۱۹۷۲ع تي، منهنجي عمر جا ۶۰ سال پورا ٿيا، ته مون کي رٽائر ڪيو ويو. ” انهيءَ
فقري مان اها تصديق ٿئي ٿي، ته “سندس جنم جي تاريخ ۲۶ نومبر ۱۹۱۲ع ئي درست آهي. ” سندس انتقال جو سال ۽ تاريخ،
۱۸ ڊسمبر ۱۹۷۷ع آهي. اهڙيءَ ريت هن بي بقا ۽ فاني دنيا ۾، پاڻ ۶۵ سال زنده رهيا. جيستائين سندس والد صاحب جي
حقيقي نالي جو تعلق آهي، ته محترم ڌڻي بخش بروهي صاحب پنهنجي هڪ ليک ۾ لکي ٿو، ته “هن
مرد مجاهد “ڀَلُو پهوڙ” جي گھر ۾ اکيون کوليون. ” مولوي صاحب جو لائق شاگرد ۽ پنهنجي
وقت جو مثالي استاد، مرحوم فقير محمد راڄڙ صاحب پنهنجي تحرير ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو، ته “مولوي
محمد حسن پهوڙ رحه، سال ۱۹۱۲ع ڌاري “عبدالرزاق پهوڙ” جي گھر ۾ اک کولي. ” جڏهن ته مولوي صاحب پاڻ پنهنجي
“آپ بِيتيءَ” ۾، پنهنجي هٿ اکرين “محمد حسن ولد عبدالرزاق” ئي لکيو آهي. ان مان ثابت
ٿئي ٿو، ته “ڀَلُو” سندس والد صاحب جو ڪوڏاڻو نالو آهي. البت ان جو حقيقي، اصلي ۽
قانوني نالو “عبدالرزاق” ئي آهي. هن کان اڳ منهنجي هڪ مقالي ۾، پُروف جي سَهوَ سببان،
سندس جنم جو ڳوٺ جھنڊو خان مري لکجي ويو هو، جنهن کي درست ڪري، فتح خان مري لکيو ۽
پڙهيو وڃي.
