شھيد رتو خان جلباڻي
ڪلھوڙا دورجي جرنيل جي
سوانح حيات، اولاد ۽ آثار
تحقيق ۽ تحرير: شيخ
جاويد علي سنڌي
سنڌ جي جلباڻين جو وڏو سعيد خان
عرف صوبدار خان جلباڻي ھو جنھن جو اصل وطن ڪڇي گنداواھ جو شوراڻ وارو علائقو ھو. پاڻ
ميان وال تحريڪ جي سرواڻ ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو فقير ھو. سعيد خان جلباڻي، قلات
جي رياست شوران کان ھجرت ڪري موجودھ ڳڙھي خيرو ويجھو ميانوال تحريڪ جي سنجر ڀٽيءَ واري
مرڪز ۾ اچي رھڻ لڳو. سيد لال شاھ بري رحھ جا مجاور اوڏ فقير بھ ان وقت شوران مان
ھجرت ڪري آيا ھئا. چون ٿا تھ سعيد خان جلباڻي جون ۳ شاديون ٿيل ھيون جن مان کيس ھيءُ ۴ پٽ ڄاوا ۱) ڳاڙھو خان ۲) محبت خان ۳) مسُو
خان۽ ۴) رتو خان. ڳاڙھي خان جي اولاد ڳاڙھاڻي
سڏجي ٿي. مُحبتاڻي محبت خان جلباڻي جو اولاد آھن. اھي مسو ديري ۾ رھن ٿا ۽ ڪجھ گھر
ڀانڊي واري دڙي جي اوريان ٽھ شاخي وٽ رھائش پذير آھن. جلباني خاندان جا ڪجھ ماڻھو ڀنڀي
خان جلباڻي کي رتي خان ِ جلباڻي جو ويجھو عزيز سمجھن ٿا. ٻين گھرواري مان مسو خان
۽ محبت خان ھيس. جڏھن تھ ٽين گھرواري مان رتو خان چاول ھيس. مسُو خان جلباڻي فقيراڻي
طبيعت رکندڙ امير ھو جنھن ساري عمر شادي ڪانھ ڪئي. ھن سکر واھ جي ڪنڌيءَ سان شبڙ
شاھ وٽ پنھنجي نالي پويان ڳوٺ مسُو ديرو(Masudero) آباد ڪيو. پراڻي زماني ۾ مور شاھ جي گھر وٽان سکر واھ وھندو ھو. جڏھن
مسُو ديرو سنڌو درياھ جي ٻوڏن ۾ڊھي ويو تھ سير (Sir) وٽ مسُوديرو جي نالي سان ٻيون شھر آباد ڪيو ويو. موجودھ ۵۰۰۰ آبادي وارو مسو ديرو وارو ڳوٺ طيب ۽ نئون ديرو جي وچ ۾ آباد نظر اچي ٿو جيڪو
جلباڻي قبيلي جو ساڳئي نالي وارو ٽيون شھر آھي. رتي خان جلباڻيءَ جي اولاد رتاڻي
آھن. جڏھن تھ ڀنڀو خان جلباڻي وري ڀنڀاڻين جو وڏو آھي. جلباڻين جا مٿين شاخن کان
علاوھ ٻيا پاڙا بھ آھن جھڙوڪ قلندراڻي، غازاڻي، فاضلاڻي، شھداداڻي، ڏتاڻي ۽ ٺينگاڻي
وغيرھ.
ڪلھوڙن جي وڌندڙ طاقت کي خطرو
سمجھندي مغل شھنشاھ اورنگزيب عالمگير جي درٻار مان امير شيخ جھان کي ءِسنڌ موڪليو
ويو. ان ڪري امير شيخ جھان دھلي کان ڪاھيندو اچي ڪلھوڙن جي ڳڙھ چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڳيريلو
(Gerelo) ڀرسان فوجي ڪيمپ قائم ڪئي. ان
سردار کي غالبن ڪلھوڙن جي فوجي طاقت جو اندازو ئي نھ ھو. ان ڪري ڪلھوڙا فوج کيس اڳتي
وڌڻ کان اڳ ئي سوڙھو ڪري ورتو. امير شيخ جھان سان گڏ پنھورن جو بھ ڪافي لشڪر ساڻ
ھو. ڪلھوڙا لشڪر نوشھرو فيروز جي باني فيروز فقير ويراڙ جي ڪمان ۾ دائري واري قلعي
کان ٻاھر نڪري ڳيريلي ڀرسان مغلن جي سپاھ تي اھڙو تھ زبردست حملو ڪيو جو دشمن جا ڏند
ئي کٽا ٿي ويا، اھا ويڙھ اڃان جاري ئي ھئي جو ميان دين محمد ڪلھوڙي جي ڳاڙھي واري
مک لشڪر بھ پھرين سان گڏجي مغلن خلاف نئين سر ڪاھيو. ان وقت رڻ گجيو راڙو ٿيو ۽ ٻنھي
ڌرين ۾ اھڙي تھ ڇتي لڙائي لڳي جو رت جون نديون وھي ھليون جنھن ڪري ميدان جنگ ڳاڙھو
لال ٿي ويو. ميان دين محمد ڪلھوڙي جي درويشن، فقيرن ۽ ويڙھاڪن جنگي ساز و سامان گھٽ
ھجڻ جي باوجود اھڙي تھ بي جگري سان مغلن جي لشڪر جو مقابلو ڪيو جو سندن وايون بتال
ٿي ويون. اھڙو لقاءُ ڏسي مغل لشڪر ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو، جنھن سبب سندس جرنيل امير
شيخ جھان ميدان جنگ ۾ مارجي ويو، جنھن ڪري بکر جي حاڪم اللھ يار خان پڻ کڙين تي
زور ڏنو. اورنگزيب عالمگير جو مغل شاھي لشڪر ٻي واھ نھ ڏسي ڪک پن ٿي ويو. ان ريت شڪست
مغلن کي آئي. ان ويڙھ ۾ دھلي جي لشڪر کي ڏاڍو نقصان ٿيو.
جڏھن تھ ڪلھوڙن جي پاسي کان بھ ڪيترا
ئي فقير سنڌ جي ازادي جو بچاءُ ڪندي ڪم آيا. سنڌ جي لاڙ ۽ اتر وارن حاجي زئي مرين
جي وڏي ڏاڏي سپھ سالار رئيس حاجي خان مري پڻ جوانمردي جا جوھر ڏيکاريندي مغلن جي
فوج جا ڪيترائي پھلوان ۽ سپاھي ماري وڌا ھئا. آخرڪار سنڌ جو سپوت رئيس حاجي خان
مري پڻ ان ئي تاريخي جنگ ۾ تاريخ ۲۲ ربيع
الثاني ۱۱۱۰ھ مطابق ۱۶۹۹ع تي ميان دين محمد ڪلھوڙي پاران مغلن جي لشڪر خلاف وڙھندي شھيد ٿي ويو. تاريخ
جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تھ ان جنگ ۾ ميرڻ شاھ جھنجھڻ، مسُو خان جلباڻي، دينار
خان چانڊيو، محبت خان چانڊيو، پليو خان جانوري، يوسف شاھ ڇڄڙو (جيلاني)، مير موندر
چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترائي سُورما بھادري ۽ بي جگري سان وڙھندي شھيد ٿيا. جيوڻ شاھ جي
مقام ۾ ميرڻ شاھ جي قبي اندر ساڄي پاسي کان مسوُ خان جلباڻي جي مزار آھي. مرڪز ۾
ميرڻ شاھ جھنجھڻ جي تربت آھي ۽ اولھ کان محبت خان چانڊيو جي قبر آھي. مقبري جو
گنبذ ڪافي وقت کان ڪريل آھي جنھن جي چوڌاري نيري رنگ جون سھڻيون ٽائلز لڳل ھيون. جيوڻ
شاھ جو مقام رتوديرو کان نئون ديرو روڊ تي ۱۵ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ديھ وسند جيھو (Deh
Wasand Jeho) تپو خان واھ، تعلقي رتي ديري
۾ واقع آھي. مقام جي اتر ۾ پير فتح علي شاھ جو مقام ۽ ڪچي مسجد آھي. جيوڻ شاھ جي
مقام جي اوسي پاسي ۾ شاھ ڳڙھ، جروار، آباد، کٽياڻ، طيب ۽ مسو ديري جا ماڳ آھن. ذوالفقار
علي ڪلھوڙو ميرڻ شاھ جھنجھڻ، مسوُ خان جلباڻي ۽ محبت خان چانڊيو جي حوالي سان
پنھنجي انگريزي ڪتاب پرسپيڪٽو آن دي آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر آف سنڌ ( Perspective on the Art & Architecture of Sindh) جي صفحي ۱۹۰ تي لکي ٿو تھ
Meeran Shah Jhinjhan, who was a renowned general of Mian Din Muhammad
Kalhoro, belonged to the same family of Jhinjhan who produced eminent generals
like Maqsoodo Faqir and Shah Baharo. The largest of all the neighboring tombs
in the necropolis belongs to Meeran Shah Jhinjhan. Apart from the battle of
Gerello, Meeran Shah took part in many of other battles. He also played
significant role in forcing Qambar Khan Brohi of Kalat to agree peace parleys. After
the battle of Gerello, Qambar Khan came to help of the Mughals and attacked the
army of the Kalhoras. He initially achieved some success. When the Mianwal
Faqirs began gathering under the command of Meeran Shah, Qambar Khan agreed
instantly to peace talks and returned to Kalat (Mahar 1996: 166) Meeran Shah is believed to
have killed all his family members before going to battle where he was killed
(Rashdi 2001: 140) after having fought valiantly. This event is preserved in the
following popular saying: muti Meeran Shah chirang na chadi/bachai chulh mein :
Meeran Shah killed all his family members and left no one behind to carry on
lineage.
The tomb of Meeran Shah is in dilapidated condition. It is square
building. The dome of the tomb has collapsed of late. There have been two
persons in the Mianwal Movement by the name of Meeran Shah, one belonging to
the Jhinjhan tribe, while the other to the Solangi tribe. The tomb of Meeran
Shah Solangi is located near Manchhar Lake in Dadu (Magsi 1994: 132)
According to local accounts, Meeran Shah fought bravely in the Battle of
Gerello and survived. However, many of his soldiers died in the Battle of Gerello.
His two bodyguards, Muhabat Khan Chandio and Masu Jalbani, also died in the
battle. While entering the tomb of Meeran Shah, one finds the grave of Masu
Jalbani on the right and Muhabat Khan Chandio’s grave on the left. The grave of
Meeran Shah is taller than other graves indicating his status and power. Muhabat
Khan Chandio and Masu Jalbani were brave and courageous soldiers of Meeran Shah
who always escorted him. There is a village in Rato Dero Tehsil by the name of
Masu Dero which is named after Masu Khan Jalbani. Apart from Masu Jalbani, five
other persons by the name of Masu served the Kalhoras. They include Masu Magsi
who is buried in the Khedkar village on the bank of the Ghar channel, a
disciple of Shahal Muhammad Kalhoro, Masu Laghari is buried in the necropolis
of the Qalandrani Lagharis in Johi. Masu Faqir Bhurguri is buried in the
necropolis of Chutal Faqir Khoso in Shahdadkot, Masu Faqir Talpur, son of Mir
Allahyar Khan Talpur, is buried in the Chitori graveyard in Mirpurkhas, and
Masur Faqir Samtio, son of Sultan. At present, Meeran Shah Jhinjhan is
considered to be the patron saint of the Shahni tribe. Every tribesmen brings
his newly born babies to the tomb of Meeran Shah for the first head shaving
(Kalhoro 2014: Page 190-192)
ميان يار محمد ڪلھوڙو (دور ۱۷۰۱ع کان ۱۷۱۹ع) جڏھن سنڌ جو حاڪم ٿيو تھ سعيد
خان جلباڻي ھڪ چڱي اثر وارو امير ھو. نامياري انگريز عالم ايڇ ٽي سورلي (H. T. Sorley) جي انگريزي ڪتاب ڀٽ جو شاھ (Shah Abdul Latif of Bhit) موجب ۱۷۱۱ع ۾ ميان يار محمد ڪلھوڙي اُتر سنڌ ۾ پنھنجي طاقت وڌائڻ شروع ڪئي. سنڌ ۾ ھٿرادو
واھن جو پھريون عظيم معمار ميان يار محمد ڪلھوڙو ھو، جنھن جي دور ۾ سنڌُو نديءَ مان
آبپاشي لاءِ نوان واھ ڪڍيا ويا. مٺا واھ، ھيرا واھ، ڪُُور خيرو ڳچل، ڪُور ٻيڙو، شاھ
جي ڪُور، مقصُودي جي ڪُور، چيلو واھ ۽ نورنگ واھ ڪلھوڙا دور جو يادگار آھن. سعيد
خان جلباڻي بھ مقصودي جي ڪوُر مان ھڪ واھ کوٽايو جيڪو ڪڙيو سعيد خان (Kario Said Khan) جي نالي سان مشھور ٿيو. سنھ ۱۸۷۰ع ڌاري تعلقي سجاول جوڻيجو جي سنجر ڀٽي تپي ۾ ڪڙيو سعيد خان جي نالي سان ڪيترائي
واھ موجود ھئا جن تي ڪيترائي ڳوٺ آباد ھئا ۽ وڏي ايراضي سيراب ٿيندي ھئي. سنڌ ۾
رتوديرو، ڳڙھي خيرو، وارھ، خيرپور، پريالوءَ نوشھرو فيروز، ميرواھ ۽ ٺٽي ۾ جلباڻي جام
رھن ٿا. ڪافي ديھن جا نالا بھ جلباڻي جي نالي سان ملن ٿا جيئن جلباڻي ۽ ڪوٽ علي
نواز جلباڻي وغيرھ. رتوديرو ۽ ان جي اوسي پاسي جلباڻين جا ڪل ۲۰ يا ۲۵ ڳوٺ
آھن جن ۾ ۵۰، ۰۰۰ ھزار کان وڌيڪ جلباڻي آباد آھن. ضلعي جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ قمبر
شھدادڪوٽ جي مختلف ديھن جھڙوڪ ديھ سھڪجي (مدئجي)، ديھ ڪوھري، محمد خان جلباڻي، مسو
ديرو، گل شاھ، گوپانگ، وسايو ڀٽو، اللھ آباد، ڪوٽ علي نواز جلباڻي، مائري ۽ جلباڻي
گھراڻي جون زرعي زمينون آھن.
اندازو آھي تھ سعيد خان جلباڻي،
ميان يار محمد ڪلھوڙي جي دور حڪومت ۾ وفات ڪئي ۽ تخت گاھ خدا آباد ۾ دفن ٿيو. ڊاڪٽر
لياقت علي مگسي پنھنجي ڪتاب خدا آباد جي سياسي سماجي ۽ معاشي حيثيت (۱۹۹۷ع) جي صفحي ۲۸ تي
لکي ٿو تھ ميان يار محمد ڪلھوڙي جي مقبري جي ساڳي ڀت تي دروازي ٻاھران جلباڻي قوم
جي سپھ سالار جي مزار آھي جيڪو ميان جي خاص وھٽن (جانورن) کي پاڻي پياريندو ھو ۽
گاھ وغيرھ وجھندو ھو. انومان آھي تھ اھا ئي مزار سعيد خان جلباڻي جي آھي. پروفيسر
عبداللھ مگسي جي ڪتاب جان جان ھئي جيئري (۱۹۹۵ع) جي صفحي ۹۳ موجب ميان
يار محمد ڪلھوڙي جي قبرستان ۾ ھي ذاتيون مدفون آھن؛ لاشاري، لُنڊ، ڏھيا، ٺيٺيا، لغاري،
شاھاڻي، رودناڻي، جتوئي، کھاوڙ، جلباڻي ۽ لانگاھ وغيرھ ڀان سعيد آباد خدا آباد ٿاڻي
جي حد م ڳوٺ محبت جلباڻي آھي جيڪو محبتاڻين جو اھم مرڪز رھيو آھي. ميان نصير محمد ڪلھوڙي
جو فقير گولو کوسو ڀان سعيد آباد ۽ سيوھڻ واري علائقي ۾ معل حامي قبيلن ۽ ذاتين تي
اوچتو راتاھا ھڻي انھن جو جاني، مالي ۽ معاشي نقصان ڪندو ھو. ھڪ دفعي اھڙي واردات
دوران پنھورن سان جھيڙي ۾ مارجي ويو.
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جي
تحقيق موجب سن ۱۷۳۶ع ۾ مغل سرڪار پنھنجي رضا
منديءَ سان بکر، سيوھڻ ۽ ٺٽي جا پرڳڻا ميان نور محمد ڪلھوڙي جي حوالي ڪيا. ٺٽي جي
پوئين گورنر نواب صادق علي خان کان ڪلھوڙن جي نائب شيخ عزيز اللھ حڪومت جي واڳ ھٿ ڪئي
۽ اھڙيءَ طرح سان ۱۷۳۶ع ۾ سنڌ مغلن جي بالادستيءِ کان
ھميشھ جي لاءِ آزادي حاصل ڪئي. امڪان آھي تھ ڳاڙھو خان جلباڻي ان زماني ۾ ٺٽي (Thatta) ڏانھن لڏپلاڻ ڪري ويو. مٿين ڀائرن
مان رتو خان جلباڻي رند گھرواري مان ڄاول ھو. ھڪ خانداني روايت موجب جڏھن سعيد خان
جلباڻي سنڌ ۾ وفات ڪئي تھ ان وقت ننڍڙو رتو خان جلباڻي شوران ۾ پنھنجي والدھ سان گڏ
ھو. وفات جي خبر ٻڌندي ئي رند قبيلي جا ماڻھو پان سان گڏ وٺي اچي مسو ديري پھتو. ھن
وقت بھ رند قبيلي جا ڪافي گھر مسو ديري ۾ آباد آھن جيڪي رتي خان جلباڻي سان گڏ آيا
ھئا. روايت آھي تھ رتو خان جلباڻي رتوديرو واري علائقي ۾ ميان نوُر محمد ڪلھوڙي جي
فوجي ڇانوڻي جو عملدار ھو. انھيءَ حوالي سان اي ڊبليوُ ھيُوز رتوديرو شھر جو ذڪر ڪندي
سنڌ گزيٽيئر (A Gazetteer of the Province of Sindh)، ۱۸۷۶ع ۾لکي ٿو تھ
Ratodero was formerly, as the name implies, the encampment of a chief of
the Jalbani tribe called Rato but when the town was founded is not known
(Gazetteer of the Province of Sindh by A. W Hughes, London 1876, Page 621)
ميان نُور محمد ڪلھوڙي جي ايام ڪاريءَ
۾ رتو خان جلباڻي پنھنجي حد رتوديرو واري علائقي جو انتظام تمام بھترين نموني سان
ھلايو. رتو خان جلباڻي رتي ديري شھر جي حفاظت لاءِ شاھ جي ڪور ۽ خيري جي ڪور جي وچ
واري ايراضيءَ ۾ ھڪ قلعو پڻ جوڙايو ھو. ان قلعي جي مٿان توبون رکيل ھيون.. رتو
ديرو چانڊڪا پرڳڻي جو ٻيو اھميت جوڳو تاريخي شھر ھو جنھن لاءِ ليفٽينينٽ ھيو جيمس ۱۸۴۶ع ۾ چانڊڪا پرڳڻي بابت رپورٽ لکيو تھ
Ruttah Derah, about 20 miles
north of Larkhana, is the only other town of importance. It has a good bazar
and fort (James: 1855 Pages 721)
رتوديرو شھر جي ٻاھران شاھ جي ڪوُر
۽ خيرا واھ جي درميان ھڪ قلعو واقع ھو جنھن جي ڀڪ ۾ سکر واھ مٿان لاڙڪاڻي جي گورنر
ميان شاھ بھاري ھڪ مضبُوط ونگن واري پُل جوڙائي ھئي، مٿي بيان ڪيل حوالي مان واضح ٿئي
ٿو تھ رتو ديرو شھر ۱۹ صدي
عيسوي جي اڌ دوران ۾ ھڪ ننڍي قلعي يا فوجي ڇانوڻي جي شڪل اختيار ڪري چڪو ھو ۽
منجھس چڱڙي بازار بھ ھئي. جنھن ۾ ان حوالي سان جيمس چانڊڪا پرڳڻي بابت رپورٽ (ڊسمبر
۱۸۴۶ع) ۾ لکي ٿو تھ
There are a few pukka bridges in the district, but of no great span: the
largest is one near Ruttah Derah, built by Shah Baharah (James 1846 Pages 723)
جلباڻي قبيلي جي موجودھ سردار
علي نواز خان جلباڻي جي خانداني روايت موجب ميان نوُر محمد ڪلھوڙي جي رتو خان جلباڻيءَ
کي انعام ۾ تلوار ڏنل ھئي جيڪا سون. ھيرن ۽ جواھرن سان مڙھيل ھئي. ان تلوار لاءِ
چون ٿا تھ جھُڙ مھل کنوڻ وانگر تجلا ڏيندي ھئي. اھا تاريخي تلوار اڄ بھ مسوُ ديرو
جي مير محمد تاج جلباڻي وٽ موجود آھي. ان سان گڏوگڏ منھن ڀريون ڍاڍري بندوقون، ڍالون
۽ خنجر ۽ ٻيا اوائلي ھٿيار محمد نواز خان جلباڻي جي پٽ علي عثمان خان جلباڻي وٽ
محفوظ آھن. محترم عبدالھادي جلباڻي صاحب جو چوڻ آھي تھ رتو خان جلباڻي ڏاڍو خوشحال
سردار ھو. وٽس جاگيرون ۽ واھ ھئا. تمام گھڻو خزانو ۽ ڌن دولت ھيس. چون ٿا تھ رتي خان
جلباڻي ڀانڊي قبي واري ان دڙي تي اناج جا ڀانڊا ٺھرايا ھئا تھ جيئن قدرتي آفتن جھڙوڪ
ٻوڏن ۽ سيلابن وقت فوج ۽ شھروارن جي کاڌ خوراڪ جو انتظام ڪري سگھجي. دڙي جي ڀڪ
۾اصطبل ھوندا ھئا جن ۾ گھوڙا ٻڌبا ھئا. انھن گھوڙن جا ڊٺل ونگ اڄ سوڌو نظر اچن ٿا.
جڏھن سنھ ۱۷۴۰ع ۾ رتي خان جلباڻيءَ جو مرشد
گذاري ويو تھ ان مٿان ڀانڊي واري جاءِ تي قبو جوڙايائين. چون ٿا تھ اھو سيد سڳورو
حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحھ جي خاندان مان ھو. ان سيد سڳوري جي مزار مقبري جي وچ
تي ۽ دروازي جي بلڪل سامھون آھي. ان مقبري جي ٻاھران اوڀر واري پاسي کان ھڪ ننڍو
قبو بھ ھو. ان ۾ جلباڻي خاندان جون عورتون رکيل ھيون. ان مان اھو ثابت ٿئي ٿو تھ
واقعي اھو قبو سيد سڳوري جي تربت مٿان جوڙايو ويو ھو. رتو ديرو جو جلباڻي خاندان شاھ
لطيف رحھ جي رحلت بعد حافظ درازي حضرت سچل سرمست رح جو مريد ٿيو. چون ٿا تھ جلباڻين
کي سچل سائينءَ جي دعا ٿيل آھي. رتي ديري جو سيد خير شاھ (ولادت ۱۷۷۶ع وفات ۱۸۴۴ع) سچل سرمست رحھ جو طالب ۽
عقيدتمند ھو. سيد خير شاھ جي مزار رتو ديرو شھر ۾ مڇي مارڪيٽ محلي ۾ واقع آھي. آرڪيالاجيڪل
سروي آف انڊيا جي قديم آثارن واري ماھر ھينري ڪزنس (Henery
Cousins) موجب ھيءُ مقبرو ۱۷۴۰ع ۾ تعمير ٿيو. ھينري ڪزنس لکي ٿو تھ
Three miles from Ratodero, on the same road, is the tomb of Bhando,
whoever he may have been, built in 1740, in fair condition (Cousens: 1929 Page 133)
نادر شاھ جي قتل کانپوءِ ۱۷۴۷غ ۾ اح۾د شاھ ابدالي افغانستان جو بادشاھ بڻيو ھو. جڏھن احمد شاھ ابداليءَ ۱۷۵۴ع ۾ رھيل ڏن وٺڻ لاءِ سنڌ تي ڪاھي آيو تھ سڀ کان پھرين روھڙي ۽ سکر کان ٽپي
نوشھرو ابڙو ۾ اچي رھيو. ايٽڪن ۽ ڄيٺمل پرسرام جي تحرين مطابق ميان نور محمد ڪلھوڙي
پنھنجي وڪيل ديوان گدو مل کي تحفن ۽ سوکڙين سان گڏ افغان بادشاھ جي خدمت ۾ موڪليو.
ڪجھ تاريخن ۾ احمد شاھ ابدالي پاران سردار جھان خان جي اچڻ جا احوال ملن ٿا. افغان
سالار سيوھڻ تائين ڪاھي ويا ۽ وڏي ڦرلٽ ۽ خونريزي ڪيائون. ميان نور محمد ڪلھوڙو اڳ
جيان افغان بادشاھ سان مقابلو ڪرڻ کي بيڪار ڄاڻندي جيسلمير پاسي فرار ٿي ويو. پاڻ
غريب الوطني واري حالت ۾ ۱۲ صفر ۱۱۶۷ھ مطابق ۹ ڊسمبر ۱۷۵۳ع تي بيماريءَ وگھي وفات ڪري ويو. ان وقت ۾ افغان گھلرن جي ٽولي رتوديرو جي
حدن ۾ سيدن کي ڦريو. سيدن جي ان مظلوم خاندان جي ھڪ بيبي سڳوريءَ ان ڦرلٽ جي اھا
دانھن وڃي رتو خان جلباڻيءَ کي ڏني. رتو خان جلباڻي بنا دير سپاھين سان گڏجي گھلرن
تي ڪڙڪندي بيبي سڳوريءَ جو ڦريل سامان وغيرھ ڇڏايو. ھُن سورھيھ سردار گھلرن جا ڏاڍا
ماڻھو ماريا ۽ ڦورن جو جاني توڙي مالي نقصان پڻ ڪيو. آخرڪار اھي گھلر جان بچائي
واپس پنھنجي سردار وٽ پھتا. جڏھن انھن جي سربراھ کانئن پڃيو تھ ساڻن اھو بُروحال ڪنھن
ڪيو آ ؟ انھن وراڻيو تھ اھو جلباڻين جو سردار ھو ! گھلرن جو سردار ڪاوڙ مان تپي
باھ ٿي ويو. ڪجھ وقت بعد انھن ڌاڙيلن پلاند لاءِ ٻيھر حملو ڪيو. رتوديرو شھر جي ٻاھران
ڀانڊو قُبو وٽ زبردست جھيڙو ٿيو جنھن ۾ رتو خان جلباڻي، ۲
ڀٽائي صاحب رحھ جا فقير ۽ سپاھي شھيد ٿي ويا. چون ٿا تھ
اھي گھلر پوءِ رتو خان جلباڻي جو سرُ لاھي پاڻ سان گڏ کڻي ويا جنھن ڪري قبر ۾ صرف ڀانڊو
پوريو ويو. اھو ئي ڪارڻ آھي جو رتو خان جلباڻي جو اھو مقبرو بعد ۾ ڀانڊو قبو سڏجڻ
۾ آيو. جيمس ۱۸۴۶ع ۾ چانڊڪا پرڳڻي بابت رپورٽ جي
آخر ۾ ڏنل ھڪ جاگرافيائي نقشي ۾ رتودير جي ٻاھران ڪجھ مقبرن (Tombs) جي نشاندھي ڪئي آھي. اھي
مقبرا ڀانڊي قبي وارا مقبرا ھئا. جن مان ننڍڙا قبا ڊھي ويا آھن باقي صرف وڏو قبو
بيٺ نظر اچي ٿو. راقم الحروف ۲ جون ۲۰۲۰ع تي زاتي طور وڃي ڀانڊي قبي جو مشاھدو ڪيو ۽ جلباڻي قبيلي جي سردار علي
نواز خان جلباڻي، صوبدار خان جلباڻي، افسر خان جلباڻي ۽ ڳوٺ جي جھونڙن سان ملاقات ڪئي
۽ مواد گڏ ڪيو. موجب ڀانڊو قُبو ۾ ڪُل ۶ مزارون آھن جن مان ۱ مزار
رتو خان جلباڻي جي آھي. باقي مزارن مان ۱ مزار ان جي پوٽي مير صوبدار خان جلباڻي جي، ۱ مزار سيد سڳوري جي، ۲
مزارون ڀٽائي گھوٽ رحھ جي فقيرن جون ۽ ۱ مزار سيدزاديءَ جي آھي. اھو مقبرو رتوديرو شھر کان ۳
ڪلوميٽر اوڀر طرف رتوديرو ڊکڻ ۽ سکر روڊ تي واقع آھي ۽ ڳاٽ
کنيو پري کان ئي نظر اچي ٿو. راقم الحروف جو اندازو آھي تھ رتو خان جلباڻي جي
شھادت وارو اھو واقعو ۱۷۵۴ع واري
زماني سان تعلق رکي ٿو. سيد حاڪم علي شاھ بخاري موجب ڀانڊي قبي ۾ ڪل ۷ مزارون ھيون. انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ (EFT) جي رپورٽ مطابق ڀانڊي قبي جي ماپ ۷X۷X۵ ميٽر آھي. طارق خان جلباڻي جي
روايت موجب ۱۸۵۷ع جي جنگ آزادي واري دور ۾ جڏھن
انگريزن شڪارپور مان خزانو لاڙڪاڻي موڪليو تھ اھو ۷۰ خچرن وارو قافلو ڀانڊي قبي وٽ ڦرجي غائب ٿي ويو. انگريزن وڏي جانچ ڪرائي، گرفتاريون
ٿيون پر خزانو جو ڏس پتو ڪونھ مليو. تازو اسپين جي آرڪيالاجي ٽيم جڏھن ڀانڊي قبي وٽ
کوٽائي ڪرائي تھ انھن خچرن جا ھڏاوان پڃرا ظاھر ٿيا پر ڪو خزانو وغيرھ ڪونھ نڪتو. جنرل
جان جيڪب موجب اسلام خان بگٽي بھ پنھنجي زال، ٻارن ۽ ٻانھي سان گڏ لاڙڪاڻي مان اٺن
تي رتوديرو واري وٽ سان فرار ٿي پنھنجي ملڪ ويو ھو. سنھ ۱۹۹۸ع ۾ رتوديرو گوادر موٽر وي جي تعمير دوران سنڌو تھذيب جي قديم شھر جا کنڊر
۽ نوادرات ظاھر ٿيا ھئا. کوٽائي دوران ھڪ وڏو نانگ بھ نڪتو ھو جنھن کي فوجي مشين
وسيلي کڻائي ويا. اھو دڙو ۱۲۰ ايڪڙن
جي ايارضيءَ ۾ ڦھليل ھو جنھن ۾ سيال، سومرا ۽ ڪوري بھ شامل ھئا. سنه ۲۰۱۰ع ۾ ڀانڊي قبي جي صفائي دوران ڪوڏر جو لپو هڻدي ذوالفقار علي جلباڻي (ڪنجي
بردار) کي ھڪ پليٽ ملي. هن اها خوبصورت پليٽ مير صوبدار خان جلباڻي کي آڻي ڏني. ان
پليٽ واري تصوير ۾ ڳوٺ ويجهو انگورن جو باغ (Wineyard) ڏيکاريو ويو آهي پليٽ جي هيٺان Made
in England لکيل آهي. شايد اها پليٽ ڪنهن
برطانوي ڪيمپ (۱۸۴۳ع کان ۱۹۴۷ع) سان تعلق رکي ٿي. فيبروري ۲۰۱۹ع ۾
اسپين، اٽلي ۽ جاپان جي قديم آٿارن جي ٽيم شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي آرڪيالاجي
ڊپارٽمينٽ جي تعاون سان ڀانڊي قبي واري دڙي جي کوٽائي شروع ڪرائي. ماھرن جي ٽيم ۾
پروفيسر غلام محي الدين ويسر(SALU)، پروفيسر قاصد حسين ملاح (SALU) ۽ ميجي يونيورسٽي ٽوڪيو جاپان (Meiji
University Japan)جا ۵ ماھر ۽ بارسلونا يونيورسٽي بارسلونا اسپين جو پروفيسر مارڪو ميڊيلا (Professor Marco Madella) پڻ شامل ھئا. قديم آثارن جي
ماھرن جي کوٽائي دوران ھتان سنڌو تھذيب جو ھڪ آڳاٽو شھر دريافت ٿيو جيڪو موھن جو دڙو
کان بھ ۲۰۰ سال وڌيڪ پراڻو آھي ۽ ڪوٽ ڏجي
ثقافت (۲۸۰۰ ق م) سان ميل کائي ٿو. ماھرن
کي کوٽائي دوران، جنڊ، چلھ، ڪوئلو، ٿانو ۽ برتن، جانورن جا ھڏا، پٿر جا اوزار ۽ مڻيا
وغيرھ مليا. اھا کوٽائي لاءِ ڀانڊي قبي جي اتر واري پاسي کان ۴ ميٽر (اٽڪل ۱۳ فوٽ)
اونھي کاھي لڳائي وئي ھئي. ھتان ملندڙ نودرات جي ٽڪرن، جانورن جي ھڏن ۽ ڪوئلي جي
ذرڙن کي ڪاربان ڊيٽنگ لاءِ اسپين اماڻيو ويو آھي تھ جيئن ھن ماڳ جي عمر جو صحيح
اندازو لڳائي سگھجي.
سردار رتو خان جلباڻي کي ٻھ پٽ
ھئا ۱) سردار صوبدار خان ۽ ۲) مير محمد. ھن امير بھ ڪلھوڙا دور حڪومت ۾ وڏو نالو ڪڍيو. انھن ڀائرن مان
مير محمد خان جلباڻي ميان غلام شاھ ڪلھوڙي پاران ڪيترين ئي جنگين ۾ شرڪت ڪئي ۽ بھادري
سان وڙھيو. عام روايت موجب پاڻ سنھ ۱۱۸۲ ھ ۱۷۶۸ع کانپوءَ ھڪ جنگ ۾ مارجي ويو ھو. مير محمد خان جلباڻي جي مزار حيدرآباد
واري قلعي جي اوسي پاسي ۾ ٻڌائي وڃي ٿي. سنھ ۱۹۸۱ع ۾ جلباڻي قبيلي جو سردار اللھ بخش خان ھو. ان حوالي سان ڪتاب لاڙڪاڻو ساھ
سيباڻو (۱۹۸۱ع) جي صفحي ۵۵ تي ان سردار ۽ خاندان جو شجرو بھ ملي ٿو تھ ؛ جلباني قوم جو موجودھ سردار
اللھ بخش خان آھي جو پنھنجي ڳوٺ مسو ديرو تعلقي رتوديرو ۾ رھي ٿو. سندس نسب نامھ ھن
طرح آھي؛ سردار اللھ بخش خان جلباڻي ولد علي نواز خان ولد غلام رسول خان ولد
خانبھادر اللھ بخش خان ولد علي نواز خان ولد مير محمد خان ولد صوبدار خان ولد مسو
خان ولد رتو خان جلباڻي (لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو؛ ۱۹۸۴ ص ۵۵)
مير صوبدار خان جلباڻي ميان
سرفراز خان ڪلھوڙي جو امير ھو. جلباڻي خاندان وٽ ھڪ اھڙي تلوار بھ آھي جنھن تي
ميان سرفراز خان ڪلھوڙي جو نالو لکيل آھي. جڏھن ميان عبدالنبي ڪلھوڙي جو دور آيو
تھ مير صوبدار خان جلباڻي ان جو امير بڻجي ويو ۽ ڪيترن ئي جنگي معرڪن ۾ شرڪت ڪيائين.
سن ۱۱۹۳ ھ (۱۷۷۹ع) ۾ ڪلھوڙن شھزادن مان ميان عزت يار خان ڪلھوڙو، ميان عبدالنبي ڪلھوڙي
خلاف افغانستان جي بادشاھ تيمور شاھ وٽ دانھن کڻي ويو. تيمور شاھ کي محفوظ خان
افغان جي ڪمان ۾ ۳۰، ۰۰۰ ھزارلشڪر ۽ حڪومت جو پروانو ڏئي سنڌ تي چاڙھي موڪليو. ان چڙھائي جو جواب ڏيڻ
لاءِ ميان عبدالنبي ڪلھوڙي پاران مير بجار خان ٽالپر سنڌ جا ۱۸۰۰۰ ھزار ڪونڌر قطاري وڃي شڪارپور تي ڪڙڪيو. ھن تاريخي لڙائي ۾ ڪلھوڙن پاران ٽالپر،
کھاوڙ، جمالي جلباڻي ۽ ٿھيم نھايت جوش ۽ خروش سان وڙھيا، جنھن ڪري افغاني لشڪر شڪست
کاڌي سيد ثابت علي شاھ سيوھاڻيءَ مٿين لڙائي جي جرنيلن، قبيلن ۽ ذاتين جو مختصر
احوال منظوم، ظفرنامھ (فارسي) جي نالي سان لکيو آھي، جنھن جو مادھ تاريخ ظفر ياب (۱۱۹۳ھ) مان ڪڍيائين. شڪارپور جي ماڳ نوشھرو ابڙو ۽ ڳڙھي ياسين واري ان جنگ جي
شھيدن مان ڪجھھ شھيدن جا مقبرا بوھي جا قبا ڪري سڏين ٿا جن مان ٻن ٿھيمن جا قبا
سندن زالن يادگار طور سن ۱۷۸۱ع ۾ ٺھرايا
ھيا. انھن مان ھڪ قبو شيردل خان ٿھيم ۽ ٻيو قبو دلاور خان ٿھيم جي مٿان اڏيو ويو
ھيو. اھي مقبرا تعلقي رتوديرو ۾ رتوديرو ۽ ڊکڻ روڊ جي ڀر ۾ آھن. افغانستان جي پٺاڻن
جي ان ھار کان پوءِ اھڙي ھڪ ٻي ڇتي جنگ سنڌو درياءُ لڳ لاڙڪاڻي جي ويجھو نوشھرو ابڙو
۾ لڳي جنھن ۾ تيمور شاھھ خلاف ميان عبدالنبي ڪلھوڙي کي تاريخ ۲۰ ماھ صفر ۱۱۹۳ ھھ جي فتح حاصل ٿي. سيد ثابت
علي شاھ ظفرنامھ (فارسي) ۾ مير صوبدار خان جلباڻي ۽ ان جي پٽ غلام حيدر جلباڻي جي
بھادري جو ذڪر ڪندي چوي ٿو تھ ؛ نکو مرد جلباني با وقار، ز نام آوران نام او
صوبدار ! صوبدار خان جلباڻي جي پٽ غلام حيدر جلباني جي بھادري لاءِ چوي ٿو تھ غلام
حيدر آن شير مرد نبرد، چون مردان جنگي نبردي بگرد ! سردار صوبدار خان جلباڻي کي ۲ پٽ پيدا ٿيا ۱) فقير
الھ بخش ۽ ۲) غلام حيدر. انھن مان غلام
حيدر جلباڻي نوشھرو ابڙو واري جنگ ۾ پنھنجي پيءُ سان گڏجي پٺاڻن خلاف وڙھيو ھو. جلباڻي
وڏ گھراڻي ۾ ۹ تلوارون، ۵ منھن ڀريون بندوقان، ۴ ڍالون، ۳ توبون ۽ ۲ پسٽل ۱۹۶۰ع واري ڏھاڪي تائين موجود ھئا. انھن
تلوارن جي صفائي ۵۵ ورھين جو خالد خان جلباڻي ڪندو
ھو.
سنڌ ۾ جاگيرن جي تاريخ جي
مطالعي مان خبر پوي ٿي تھ سنڌ جي فتح کانپوءِ بھ برطانيھ سرڪار کي ڪجھ قبيلن ۽
سردارن مان خوف ھو جن انگريزي حڪومت کي ڪونھ مڃيو ھو. لارڊ ايلنبرو جي حڪم سان سر
چارلس نيپيئر ۵ مارچ ۱۸۴۳ع تي فارسيءَ ۾ ھڪ پڌرنامو جاري ڪيو تھ سنڌ ۾ وڌيڪ ڪابھ مزاحمت ڪونھ برداشت
ڪئي ويندي. ان مقصد لاءِ جاگيردارن کي چيو ويو تھ اھي ۲۲ مئي ۱۸۴۳ع تي گورنر کي سلام پيش ڪرڻ
لاءِ حاضر ٿين! اتي ايندڙ جاگيردار کي پروانو سلام ڏنو ويندو ۽ ايئن اھو دائمي
جاگير جو حقدار بڻجي ويندو! (ص ۸۱) غلام
حيدر جلباڻي جاگيرن وارا پراڻا ڪاغذ ساڙي ڇڏيا پر انگريزن کي نھ ڏنا جنھن ڪري جلباڻي
قبيلي جي جاگير ختم ٿي وئي. ان وقت فقير الھ بخش جلباڻي جو پٽ مير محمد جلباڻي ۶ مھينن جو ٻارڙو ھو. غلام حيدر جلباڻي جا پويان مسوديري ۾ ڪوٽ جي ٻاھران
رھن ٿا. سنھ ۱۸۷۶ع ۾ مسو ديرو ۾ ۴۴۴ مسلمان مرد، ۳۶۸ مسلمان
عورتون ڪل ۸۱۲ مسلمان ۽ ۳۸ ھندو مرد، ۷۸ ھندو
عورتون ڪل ۱۵۶ جوڙ ۹۶۸ ھندو مسلم آبادي ھئي. ساڳئي وقت پراڻي رتوديرو ۾ ۸ مرد ۽ ۳ عورتون جل ۱۱ ماڻھو رھندا ھئا. جڏھن تھ رتو ديرو ٽائون جي آبادي ھن ريت ھئي؛ ۹۱۴ مسلمان مرد، ۷۳۲
مسلمان عورتون ڪل ۱۶۴۶ ۽ ۷۷۷ھندو مرد، ۶۳۴ ھندو عورتون ڪل ۱۴۱۱ ۽ جوڙ ۳، ۰۵۷ ھندو مسلم آبادي. ڀانڊو ۾ ۱۴۷
مسلمان مرد ۱۰۶ مسلمان عورتون ڪل ۲۶۶ ۽ ۹ ھندو مرد ۽ ۴ ھندو عورتون ڪل ۱۳ جوڙ ۲۶۶
ھندو مسلم آبادي ھئي. ان وقت لاڙڪاڻو شھر جي آبادي جا
انگ اکر ھن ريت ھئا؛ مسلمان مرد ۳، ۰۹۹، مسلمان عورتون ۲۵۶۷ ڪل ۵۶۶۶ ۽ ۲۷۱۶ ھندو مرد ۲۲۵۶ ھندو عورتون ڪل ۴۹۷۲
ٽوٽل ۱۰، ۶۴۳ (سنڌ آفيشل گزيٽ ۷ مئي ۱۸۷۶ع ڪراچي)
فقير الھ بخش جلباڻي کي مير
محمد جلباڻي پٽ ڄائو. ان جي سنڀال ان جو چاچو غلام حيدر جلباڻي ڪندو ھو.
مير محمد جلباڻي جو پٽ خانصاحب
علي نواز خان جلباڻي ھو. ڪتاب Who is Who in India ۱۹۱۴ ۾
سردار صاحب لاءِ بيان آھي تھ
WADERO ALI NAWAZ KHAN
JALBANI, Khan Saheb, of Masudero, Larkhana District, Sind, in the Bombay
Presidency. Title of Khan Saheb conferred in January, ۱۹۱۴. Address: Masudero, Larkhana District,
Sind, Bombay Presidency (Who is who in India ۲nd Supplement Brought upto ۱۹۱۴
Lucknow ۱۹۱۴
Page ۱۶۳)
خانصاحب علي نواز خان جلباني کي
۳ پٽ ڄاوا؛
۱)
سردار الھ بخش خان جلباڻي ۴ مئي ۱۹۴۴ع تي واري ٻوڏ ۾ گذاري ويو ھو. ان کي ۳ جون ۱۹۲۷ع تي شملا ۾ خانصاحب جو لقب
مليو ۽ ۳ جون ۱۹۲۷ع تي شملا ۾ خانبھادر جو لقب مليس.
سردار الھ بخش خان جلباڻي کي
اولاد ۾ ۵ پٽ ۽ ۱ نياڻي ھئي.
پھريون غلام رسول خان جنھن کي پڻ
برطانوي حڪومت ۽ پاڪستان سرڪار (۲۳ مارچ ۱۹۵۶ع) پاران ڪيترائي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. پاڻ ۱۹۶۷ع ۾ وفات ڪيائين. ان کي ۶ پٽ
ھئا ۱) علي نواز خان ۲) شاھنواز خان ۳) احمد
نواز خان ۴) محمد نواز خان ۵) اعجاز خان ۽ ۶)
ممتاز خان. انھن مان سردار علي نواز خان کي سردار الھ بخش خان، مير لياقت خان جلباڻي
۽ مير امجد خان جلباڻي پيدا ٿيا. سردار الھ بخش خان کي وري ٻھ پٽ آھن پھريون سردار
علي نواز خان جلباڻي ۽ مير صوبدار خان جلباڻي. سردار علي نواز خان جلباڻي قبيلي جو
پڳدار آھي. اعجاز خان جلباڻي ۲۰۰۰ع ۾
فوت ٿيو ۽ پويان ٻھ پٽ ڇڏيائين محمد تاج جلباڻي ۽ ماجد علي جلباڻي. انعام خان ولد
شاھنواز خان جلباڻي وٽ جلباڻي خاندان جا نوادرات محفوظ آھن.
ٻيون علي حسن خان جنھن جا پٽ ۱) غلام سرور ۲)
عبدالنبي ۳) آفتاب احمد ۴) سلطان احمد ۽ ۵)
مختيار احمد
ٽيون ايڊووڪيٽ علي اڪبر خان
جنھن بمبئي يونيورسٽي مان گرجوئيشن ڪئي ۽ علي ڳڙھ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. اڪبر
علي خان ۶۹ ورھين جي ڄمار ۾ ۱۹۸۱ع ڌاري وفات ڪئي. ان کي ۲ پٽ ٿيا
۱) ايڊووڪيٽ ضياءُ احمد (وفات ۲۰۱۸ع) ۽ ۲) انجنيئر سرفراز احمد. منظر
خان ولد ضيا احمد جلباڻي وٽ وڏڙن جو ڪافي ميڙو چونڊو ۽ ڪاغذات موجود آھن.
چوٿون علي مظفر خان جنھن کي ۵ پٽ ڄاوا ۱) رياض احمد ۲) بشير احمد ۳) شبير
احمد ۴) رفيق احمد ۽ ۵) وحيد احمد. شبير احمد خان سول ايويئيشن اٿارٽي پاڪستان (CAA) ۾ جنرل مئنيجر ڪمرشل جي عھدي
تي فائز ھو ۽ ھاڻي رٽائرمينٽ کانپوءِ زمينداري سنڀالي پيو.
پنجون شمس الدين خان جنھن کي ۲ پٽ ٿيا ۱) سڪندر علي خان ۽ ۲) منير احمد. سڪندر علي خان پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءِ DSP جي رينڪ تان رٽائر ڪيائين. ان کي
۴ پٽ آھن ؛ صفدر علي خان، افسر
خان، غظنفر علي ۽ اظھر علي. افسر خان جلباڻي ايف بي آر FBR لينڊ روينيو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عھدي تي فائز آھي. پاڻ ڏاڍو
قربائتو، مھمان نواز ۽ علم دوست انسان آھي ۽ پنھنجن وڏڙن جي باري ۾ تمام سٺي ڄاڻ ۽
دلچسپي رکندڙ آھي.
۲) دين
محمد خان جنھن جا ۵ پٽ ھئا؛
پھريون عبدالھادي جنھن جو پٽ
عبدالجبار ھو. عبدالجبار کي عبدالھادي عرف انور، طارق علي، عارف علي، آصف علي ۽ ڪاشف
علي نالي پٽ آھن ٻيون عبدالرحيم، ٽيون ھدايت اللھ، چوٿون عبدالطيف ۽ پنجون
عبدالباقي
۳) لشڪر
خان، جنھن جا ھي پٽ آھن
علم الدين، عبدالخالق، عبدالمالڪ،
مشتاق
(جاويد شيخ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ جنوري ۲۰۲۳ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا