غلام قمبر حاجاڻو
سياسي، سماجي، علمي ادبي
شخصيت
شفيق وساڻ
ڪورڪي کان ڪراچي تائين غلام
قمبر حاجاڻو جو سفر ۽ سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ عزت ڏيڻ سندس طبعيت ۾ سمايل آھي، مان
سائين غلام قمبر حاجاڻو سان ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ ملاقات ڪئي، سندس سياسي گفتگو علمي
ادبي پورھيو قابل تعريف ساراه جوڳو آھي، سندس کاھوڙي ڪردار ڪنھن کان وسرڻ جوڳو نه
آهي، غلام قمبر حاجاڻو جي پيدائش سندس آبائي ڳوٺ ڪورڪي ۾ ۱۹۶۶ع ۾ ٿي، ابتدائي تعليم پرائمري گورنمينٽ ڪورڪي مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ
گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٽالپر وڏا کان حاصل ڪيائين انٽر سائنس گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج
خيرپور ميرس کان حاصل ڪيائين ۽ ايم اي MA IR شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
کان حاصل ڪيائين، پاڻ مھمانواز ۽ کلڻو ملڻو ۽ بااخلاق ۽ سادي طبيعت جو مالڪ آھي، سياست
جي شروعات شاگرد سياست کان سياسي قوم پرست پارٽي عوامي تحريڪ کان ڪئي، ھن وقت
عوامي جمھوري پارٽي ۾ ڪارڪن کان اھم ذميوار عھدن تي ڪم ڪيو آھي، ھن وقت ڪراچيءَ جو
عوامي جمھوري پارٽيءَ جو نائب صدر آھي، غلام قمبر حاجاڻو نظرياتي ماڻھو آھي سندس
ملاقات ڪرم وساڻ ۽ مختيار حاجاڻو سان ٿي انھن جي ڪچھرين ۽ گڏجاڻين کانپوءِ پاڻ شھيد
فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو سان گڏ عوامي تحريڪ سان گڏجي ڪم ڪيو، انھن دوستن مون
کي سياست ۾مائل ڪيو ان کانپوءِ ايس ايس ٽي SST سجاڳ ٻار تحريڪ عوامي تحريڪ ۾ ڪارڪن ۽ مختلف عهدن تي دل سان ڪم ڪيو
ايم آر ڊي ڪالاباغ ڊيم ٺھڻ خلاف لانگ مارچ ڪيا، ڪامريڊ غلام قمبر حاجاڻو سنڌ جي ھر
ننڍي وڏي مسئلي ظلم ناانصافين وڏيريڪي نظام خلاف سندن سگھارو آواز رھيو آھي شھيد عوام
محمد فاضل راھو جي شھادت کانپوءِ عوامي تحريڪ کي ڇڏي صحافت ڪئي ۽ پوءِ وري عوامي
جمھوري پارٽي ٺھرائڻ ۾ سندس اھم ڪردار رھيو آھي، ھن وقت سندس سياسي وابستگي عوامي
جمھوري پارٽي سان ئي آھي.