خليق ٻگهيو
تخليق ۽ تنقيد جو سگهارو
نانءُ
ناشاد شوڪت شنباڻي
اسين جڏهن به شاعريءَ جي متعلق ڳالھ
ڪندا آھيون ته اهو خيال ذهن ۾ اچي ويندو آھي ته هن شاعريءَ کي تنقيدنگاريءَ ۾ پيش ڪيو
وڃي ته جيئن اڃان وڌيڪ ادبي تنقيد ٿئي ته اها وڌيڪ حسِين بڻجي. ڇو ته تنقيد
تنقيدنگاريءَ جا موضوع تمام گهڻا وسيلي هوندا آھن هڪڙي تنقيد اُها هوندي آھي جنهن
۾ تقيندنگار پنهنجي تجربن ۽ خيالن سان تخليق کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو آھي ۽ هڪڙي
تنقيد وري ذاتي به هوندي آھي جيڪا تخليق سان گڏ تخليقڪار به مايوس ڪري وجهندي آھي.
اڄ هڪ ڳالھ آھي هڪ اهڙي تنقيدنگار جي جيڪو تخليقڪار به ڪمال جو آھي جنهن ڪڏهن به
تنقيد براءِ تذليل ناهي ڪئي پر هُن پنهنجي پورهي سان تنقيد براءِ اصلاح ڪئي آھي
اهو آھي خليق ٻگهيو. مون ڪٿي پڙهيو هو ته ڪي تنقيدنگار سخت مجاز جا هوندا آھن جيڪي
ڦُٽندڙ ادبي ٻج کي پنهنجي سخت مجازي جي ڪري ڦٽڻ ئي ڏيندا آھن ۽ ٻيا وري اهڙا
تنقيدنگار اُهي هوندا آھن جيڪي پنهنجي نرم مجاز سهڻي سلوڪ جي ڪري ڦٽندڙ ادبي ٻج کي
ادب جو پاڻي ڏئي تيار ڪندا آھن پيارو خليق ٻگهيو به انهن تنقيدنگارن ۾ شامل آھي جيڪي
سهڻي سلوڪ ۽ نرم مجازي جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا.
