جمال فقير
سڀئي عالَم اُن جو- هندو مسلمان
لياقت علي ٿهيم
سائين جمال فقير سان مان پهريون
ڀيرو جهول ڀرسان ٽي سال اڳ، هڪ هوٽل تي مليو هوس. انهي سال سنڌ ۾ ارڙي جو ڪال ڪاهي
پيو هو ۽ ڌڙا ڌڙ ٻار مري رهيا هئا. مان تڏهن سانگھڙ جي هڪ غير سرڪاري اداري ۾ ڪم ڪندو
هوس ۽ ويڪسين هڻڻ واري هڪ ٽيم سان گڏ رپورٽ لکڻ ويو هوس. شايد وساڻن جو ڳوٺ هو جتي
ڪولهين ۽ اوڏن جي گھر گھر ۾ بيمار ٻارن جا ڪيهاٽ پئي پيا. انهي ساڳئي ڳوٺ ۾ اداري جو
هڪ اسڪول هوندو هو جنهن کي هڪ پرديدار ۽ تمام خانداني مائي پنهنجي گھر ۾ هلائيندي هئي.
انهي اسڪول جي ٻارن تي اسٽوري پڻ ٺاهڻي هيم.
سياري جا ڏينهن هئا. جمال فقير جي
ڳوٺ ڀرسان، اسان هڪ پراڻي ريل اسٽيشن سامهون هوٽل تي چانهن پيئڻ لاءِ لٿا هئاسين.
(ويران ريل اسٽيشن هئي. هڪڙي ڀڳل ڪمري اندر ڀت ۾ هڪ ٽجوڙي فِٽ ٿيل هئي. پليٽ فارم جي
ڀرسان ريلوي ملازمن لاءِ ٺهيل ڪوارٽر به خالي پيا هئا. گھڻو وقت پوءِ مونکي خبر پئي
ته جمال فقير جون ٻه ڀينر، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، هندستاني گجرات پرڻجي ويون هيون. اهي
هن اسٽيشن تان چڙهي اوڏانهن ويون هيون. انهن مان هڪڙي ڀيڻ گذاري وئي. ٻي ڀيڻ جمال فقير
کي چوهٺ ورهين بعد، گذريل سال ملي).
اسٽيشن ڀرسان، هوٽل جي ڪچي ۽ سيليَ
لڳل فرش تي ڪي چار پنج کٽون رکيل هيون، جن تي ڪي ماڻهو ستا پيا هئا ۽ ڪي وري کٽن تي
ويهي، ڀت کي ٽيڪ ڏيو اکيون ٻوٽيو ويٺا هئا.
ٿورو پرڀرو، ڇھ ست ماڻهو هڪ ٿَلهي تي ويهي جوا کيڏي رهيا هئا. روڊ جي ٻئي ڀر،
ڳوٺ جي رئيس جو ڀڳل بنگلو به پري کان ڏسڻ ۾ پئي آيو.
انهن ستل ماڻهن ۾، هڪڙي کٽ تي جمال
فقير آهليو پيو هو. سُتي سگريٽ پئي پيتائين. اسانجي گروپ ۾ هڪ همراھ جي ساڻس سٺي دعا
سلام هئي، انهي کي ڏٺائين ته اٿيو ۽ اچي کيڪاريائين. وڏا وار ۽ ڊگھي ڏاڙهي، سانورو،
قد جو ڊگھو ۽ سنهڙو، آواز ٿورو خشڪ، لُنڊي قميص ۽ ويڪري ڪانچ. پيرن ۾ کُڙي وارو سينڊل
پاتل هجيس. گڏجي چانهن پيتيسين ۽ خير جا حال احوال ڪري اٿڻ لڳاسين ته ٻانهون ٻڌي چيائين
’سائين لنگر ڪري وڃو‘... پر لنگر ڪرڻ جيترو وقت نه هو.
ڪجھه هفتن کانپوءِ جمال فقير جي
ڳوٺ ۾ پوليو جي ويڪسين پيارڻ جي ڪيمپ لڳي. ڳوٺ ۾ ٻي ڪا مناسب جاءِ ڪا نه هئي جتي مايون
پنهنجا ٻار کڻي اچن، تنهنڪري پوليو ڪيمپ سيڌي جي دڪان اندر هنئي وئي هئي. انهي دڪان
سان گڏ جمال فقير جي اوطاق هئي. دڪان اندر ماين جي ڏاڍي رش هئي سو جمال فقير جي پٽ
اسانکي چيو ته سائين اچو ته اوطاق تي هلي ويهون، بابا به اتي ايندو.
سائين جمال جي اوطاق جو هي ڪچو ڪمرو
اندران ننڍڙي خانقاھ جهڙو هو. ڪمري ۾ هڪڙي ڪنڊ کان يڪتارو پيو هو ۽ ٻئي پاسي هڪ صندل
تي ترتيب سان ڪتاب سٿيا پيا هئا. ڪتابن مٿان ٽپڙي پيل هئي. ڀتين تي ڪجھه مرشد ٽائيپ
ماڻهن جون تصويرون لڳل هيون. هيٺ زمين تي رليون وڇايل هيون جتي اسان وڃي ويٺاسين. ڪجھه
دير بعد جمال فقير به آيو، نمي مليو ۽ دعا سلام بعد انهي ساڳئي دوست سان ڪچهري ڪرڻ
لڳو. مان خاموشي سان ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌندو رهيس. ائين ڳالهائيندي ڳالهائيندي ٻنهي
ڄڻن ۾ صوفي مت جي باري ۾ ڪا ڳالھه نڪتي، جنهن تي مون هڪڙو جملو چئي پنهنجي راءِ ڏني.
منهنجي ڳالھه ڏاڍي ڌيان سان ٻڌائين، هيٺ منهن ڪري مشڪيو ۽ اکيون پيار سان ڀرجي ويس.
اهو جملو ڪو اهڙو پاس ورڊ هو... يا انهي ۾ شايد ڪو پيغام هو جو فقير کي لڳو ته اسان
هڪڙي ئي ’اسڪول‘ جا هم سبق آهيون. جمال فقير سان تنهن ڏينهن هڪ ڊگھي ڪچهري ٿي..
انهي دوران سندس گھران ماني آئي
ته ڏاڍي عزت ۽ شفقت سان، زور ڀري، اسانجا هٿ ڌوئاريائين. پاڻ ماني صفا گھٽ کاڌائين
(صوفي گھٽ کائين، گھٽ پيئن، گھٽ ڳالهائين، گھٽ سمهن). روان فارسي ۾ هڪ ڪافي ٻڌايائين،
انهي جو ترجمو پڻ ڪري ٻڌايائين. پاڻ به شاعر هو ۽ پنهنجي چونڊ شاعري ٻڌايائين پر سندس
خيال هو ته اسانکي پنهنجي ذاتي تشهير ۽ ٻڌندڙن مٿان پنهنجي شاعري مسلط ڪرڻ بدران، سنڌ
جي مڃيل شاعرن جو ڪلام ماڻهن تائين پهچائڻ گھرجي.
جمال فقير سان هن ڪچهري ۾ ڏاڍو ڌيان
سان ڳالهائڻو پيو هوم، ڇاڪاڻ ته سندس ڪجھه ڳالهين مان مونکي محسوس ٿيو ته هي فقط ڪو
لوڪ ڳائڻو ناهي؛ کيس اوائلي ايراني ۽ سنڌي صوفين، ويدانت، تفسير، حديث، تصوف ۽ صوفي
مشن جي باري ۾ ڪجھه اڪيڊمڪ، ڪجھه ڪتابي، ڪجھه ٻُڌل ۽ ڪجھه ذاتي تجربي پٽ-اندر ڄاڻ هئي.
صوفي منٺار فقير راڄڙ جو طالب هو. منٺار فقير ۽ جمال فقير ۾ قدر مشترڪ هي به هئي ته
ٻنهي جا وڏڙا هندستاني ڪڇ مان لڏي آيا هئا. انهي هجرت جا سبب ته خدا کي خبر آهي ته
ڪهڙا هئا پر 1899 ۾ جمڙائو ڪئنال ۽ 1932 ۾ سکر بيراج ٺهيا ته هندستاني ڪڇ مان پورهيت
قبيلن جي وڏي آبادي سنڌ لڏي آئي هئي (سنڌ ۾ ڪئنال ۽ کوھ کوٽڻ لاءِ لوڪل مزدور نه ملندو
هو). ٻيو، ڪڇ ۾ زلزلا ۽ ڏڪار ايندا رهندا هئا ۽ ماڻهو اتان ڀڄي سنڌ ايندا هئا.
اڄڪلھه ته صوفي ازم ڪمرشلائز ٿي
ورلڊ بينڪ جو ڪو پراجيڪٽ ٿي ويو آهي، جو آمريڪا سمجھي ٿو ته درگاھ ڪلچر ۽ راڳ رنگ کي
گلوبل جهاد خلاف استعمال ڪري سگھجي ٿو ۽ مغربي ڊونر ايجنسين جي کيسن مان پيسا تڳائڻ
لاءِ جتي ڪٿي صوفي فورم ٺهي ويا آهن؛ پر آڳاٽي سنڌي معاشري ۾ صوفي ميوزڪ، ماڻهن کي
ريڊيڪلائز ڪرڻ جي هڪ وسيلي طور، سياسي ۽ فڪري موقف جي پرچار لاءِ استعمال ٿيو. سنڌين
جي شناخت ٺهڻ جي مرحلي ۾، سوين سالن تائين، صوفي راڳ اسان جي اجتماعي حافظي ۾ جذب ٿيندو
رهيو ۽ سنڌ جي ساهت، سڀيتا ۽ معاشري جو هڪ خاص تعارف ٺهيو.
خيرن سان...جناح صاحب جي زيرنگراني،
ملت اسلاميه جي هن پائيدار قلعي ٺهڻ بعد، پاڪستان جي ننڍين قومن تي جنهن قسم جو کوکلو
۽ خالي، جُڙتو ۽ جعلي، فسطائي ڪلچر مسلط ڪيو ويو آهي، خدا جو شڪر آهي جو سنڌ جو صوفي
راڳ، انهي يلغار مان اتفاق سان بچي ويو آهي. اها هن فن جي، سنڌي ٻولي جي منفرد خوبي
آهي، تنهنڪري پاڪستان ٺهڻ بعد پهريون ڪم اهو ڪيائون جو سنڌي ۽ گجراتي ٻولين تي ڪراچي
۾ بندش وجھي، ست سيڪڙو آبادي جي اردو ٻولي کي سموري ملڪ ۾ ’نافذ‘ ڪيائون.
آمريڪا ۾ نسل پرستي خلاف آفريڪي
شيدين جي مزاحمت ۾ ميوزڪ جي ڪردار کان توهان واقف هوندئو. شيدين جي ايجاد ڪيل انهي
راڳ کي بِلُوز چئجي ٿو ۽ انهي جي پاڙ يا ماخذ، بائيبل آهي. ساڳي ريت، سنڌي صوفي راڳ
جو گرنٿ وري شاھ جو رسالو آهي. شيدين جي بلوز ميوزڪ جا موضوع نسل پرست غلامي، جيل،
ڪارو رنگ ۽ شيدين جي مجموعي تذليل رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪلاسيڪل صوفي ادب جا موضوع به ماڻهن
جي داخلي اذيت، ذهني انتشار، تنگ نظر عقيدن ۽ مذهبي اسٽبلشمنٽ کان بيزاري جو اعلان،
فوجي حملا، ڀاڄ، تارڪ الدنيا فرد، ورڪنگ ڪلاس بغاوتون، هجرت ۽ قتل عام آهن.
چون ٿا ته آڳاٽي سنڌي معاشري ۾ عدم
تشدد جو هڪ محرڪ ڳوٺن وچ ۾ واپار لاءِ ماحول ميسر ڪرڻ هو، ڇاڪاڻ تـه سنڌ ۾ هزارين ورهيه
اڳ به قبائلي جهيڙا ٿيندا هئا ۽ ماڻهو ڳوٺن کان ٻاهر نه نڪري سگھندا هئا. اهڙي محفوظ
سماج جي ضرورت هئي، جتي ماڻهو هڪڙي شهر کان ٻئي شهر سلامتي سان اچي وڃي سگھن. تنهنڪري
ٻڌ مت زور ورتو.
پوءِ وري ٻارهين صدي ۾ منگولن جا
ولر اوناڙون ڪندا ايشيا مٿان لٿا. منگول جنگين دوران ئي پليگ جي بيماري به ماڻهن سان
وڏو وئل ڪيو. هڪ تاتاري ماراماري، مٿان موذي مرض، سو ايران، موجوده افغانستان ۽ سينٽرل
ايشيا جا ماڻهو، ارڪو ترڪو ڦُرائي، پنهنجا شهر ڇڏي ڀڳا، ايشيا مان وڏي هجرت ٿي ۽ پناهگير
ماڻهن جو هڪ زبردست بحران پيدا ٿيو. اعتزاز احسن جي ’دا انڊس ساگا‘ ۾ آهي ته انهن غريب
الوطن ماڻهن جي اڪثريت انڊس ماٿري ۾ پناھ ورتي. اسانجو قلندر شهباز به اهڙن فوجي حملن
۽ پليگ جي آزار سببان، آذربائيجان مان هتي سنڌ پهتو هو. سنڌ ۾ پندرهين صدي تائين به
غير مسلم اڪثريت هئي. انهن مسلمان درويشن ۽ هندو سنتن، متضاد مذهبن ۽ فرقن وچ ۾ ڪامن
گرائونڊ ڳوليا، پنهنجو فڪري بنياد مذهبن جي وحدت تي رکيائون ۽ سنڌ ۾ وسيع تر سياسي
۽ معاشرتي نبيرو آندائون. ورڪنگ ڪلاس ماڻهن جي اڪثريت مسلمان ٿي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ماڻهن
کي مذهب مٽائڻ جي ترغيب نه ڏني ويندي هئي.
انهي ڏينهن پنهنجي اوطاق ۾ ڳالهيون
ڪندي جمال فقير آمريڪي دوري جا احوال به ٻڌايا هئا. چوڻ لڳو اسانجي ڳوٺ جو رئيس، آمريڪا
۾ رهندو آهي. مان نيويارڪ ۾ ڪنسرٽ مان ڳائي واندو ٿي کيس فون ڪيم. کيس ٻڌايم ته آمريڪا
آيو آهيان ته حيران ٿي پڇيائين ته فقير تون هتي ڪيئن؟ چيومانس توکي دولت آمريڪا پهچايو
آهي ته اسان فقيرن وٽ به ته ڪو علم آهي جنهن هتي پهچايو اٿم. رئيس پڇيو ته اهو ڪهڙو
علم اٿئي؟ چيومانس ته انهيءَ جي پاڙ ڌرتي ۾ اونهي آهي. هي ڪو سطحي علم ناهي جو نلڪي
وانگر گيڙجي ۽ ٻاهر نڪري اچي.“
ويدانتي سنت چوندا آهن ته ماڻهو
جيئن سوچيندو، ڳالهائيندو ۽ ڪندو، اهڙو ئي پاڻ بنجندو ويندو. جمال فقير جهڙو ڳايو،
اهڙو ئي پاڻ بڻيو. هو خود هڪ آئيڊيا ۽ پراچين سنڌ جو پيغام هو.
سائين جمال کي انهي ننڍڙي خانقاھ
جي ڀر ۾ ئي رکيو اٿن جتي هٿ ڌوئاري ماني کارائي هئائين ۽ اسان هڪ ڊگھي ڪچهري ڪئي هئي...
(جمال فقير جي چاليهي تي لکيو ويو)
No comments:
راءِ ڏيندا