; سنڌي شخصيتون: جمال فقير، سڀئي عالَم ، هندو، مسلمان، لياقت علي، ٿهيم،
Showing posts with label جمال فقير، سڀئي عالَم ، هندو، مسلمان، لياقت علي، ٿهيم،. Show all posts
Showing posts with label جمال فقير، سڀئي عالَم ، هندو، مسلمان، لياقت علي، ٿهيم،. Show all posts

30 July, 2016

جمال فقير - لياقت علي ٿهيم

جمال فقير
سڀئي عالَم اُن جو- هندو مسلمان
لياقت علي ٿهيم
سائين جمال فقير سان مان پهريون ڀيرو جهول ڀرسان ٽي سال اڳ، هڪ هوٽل تي مليو هوس. انهي سال سنڌ ۾ ارڙي جو ڪال ڪاهي پيو هو ۽ ڌڙا ڌڙ ٻار مري رهيا هئا. مان تڏهن سانگھڙ جي هڪ غير سرڪاري اداري ۾ ڪم ڪندو هوس ۽ ويڪسين هڻڻ واري هڪ ٽيم سان گڏ رپورٽ لکڻ ويو هوس. شايد وساڻن جو ڳوٺ هو جتي ڪولهين ۽ اوڏن جي گھر گھر ۾ بيمار ٻارن جا ڪيهاٽ پئي پيا. انهي ساڳئي ڳوٺ ۾ اداري جو هڪ اسڪول هوندو هو جنهن کي هڪ پرديدار ۽ تمام خانداني مائي پنهنجي گھر ۾ هلائيندي هئي. انهي اسڪول  جي ٻارن تي اسٽوري پڻ ٺاهڻي هيم.