فقير محمد لاشاري
علم ادب ۽ سماج جو
سونھون
فقير محمد سنڌي
فقير
محمد لاشاري صحافت ۽ ادبي صحافت جي اهميت کي چڱي ريت ڄاڻي ورتو هو، پنھنجي اوسي
پاسي سياسي، سماجي، مذهبي حالتن جو پورو پورو ادراڪ رکندڙ باشعور سجاڳ ذهن جو مالڪ،
جنھن هر وقت پاڻ سان گڏ معاشري کي سجاڳ رکڻ جو حوصلو ڏيڻ ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪامياب
ٿيو.
فقير
محمد لاشاري رُڃَ جھڙي سماج ۾ جتي سياسي ڪشمڪش هجي، مذهبي انتھا پسنديءَ
جو راڄ هجي، جاگيردار سماج جي عتابن جي خلاف بغاوت جي صورت ۾ قلم جي ذريعي پنھنجي
جدوجھد کي لکڻين ۾ نمايان انداز ۾ پيش ڪيو. صحافت جي ميدان ۾ تمام ٿورا نالا آهن
جن خوداريءَ سان پنھنجي فرض کي سرانجام ڏنو، انھن ۾ فقير محمد لاشاريءَ جو نالو
نمايان طور تي نظر اچي ٿو.
فقير محمد لاشاري غلاميءَ واري جمود کي ٽوڙي صحافت جي مينارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات هڪ ڪري دل ۽ جان سان محنت ڪري هڪ تندرست سوچ متعارف ڪرائي، اهو ايئن ته جيڪي فقير محمد لاشاريءَ جا لکيل ڪالم، ڪھاڻيون جنھن معاشري ۾ اڃا وڌيڪ سگهه جو واڌارو ڪيو، سماج کي ڪٿي به ڪمزور ٿيڻ ڪونه ڏنو. الاتاس ”مقامي ماڻهن جي چوڻي“ ڪتاب 1982The myth of Lazy native man conclon- ۾ هڪ جڳهه تي لکي ٿو ته، ”ماڻهو فطري طور سست ۽ ڪاهل نه هوندو آهي، جڏهن هو پنھنجون بنيادي ضرورتون حاصل ڪري وٺندو آهي ته ان جي خواهش هوندي آهي ته هو اضافي شيون به حاصل ڪري ۽ تحفظ جي حال ۾ انهن مان لطف اندوز ٿئي. پر جيڪڏهن ڏاڍ جي مضبوط جڪڙ ان کان ان جي ڪمائي کسي وٺي ۽ ان جي بدلي ۾ کيس ڪجهه به نه ملي ته پوءِ هو سست ۽ ڪاهل ٿي پوندو آهي. هو فقط پنھنجو روز مرهه جون ضرورتون حاصل ڪندو آهي. اها بيحسي ايندڙ نسلن ۾ دائمي ٿي ويندي آهي. ان حد تائين جو اها انهن جي عادت بڻجي ويندي آهي.
فقير
محمد لاشاريءَ اهڙي موذي مرض ۾ وڪوڙيل قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ مور جي رڙ جو سھارو وٺي
روزاني اخبار ”جاڳو“ ۾ ايڊيٽوريل لکي ڪافي هٿرادو اسپيڊ بريڪر ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب
ويو، يا وري ايئن به لکيائين ته ”پرڏيھي پاليسي جي نئين اُڏام جيڪو ۱۰-آگسٽ ۱۹۹۱ع جو لکيل آهي، ان جو ٿورو حصو
اوهان جي نظر ڪندس ته، ”آمريڪا جي نئين عالمي نظام پاڪستان کي ڏهاڳ ڏئي ڇڏيو آهي،
جڏهن افغانستان ۾ اسان وارو ”جھاد“ جاري هو، تڏهن ڀرپور هُشي پئي ڏنائون پر هاڻي پڇن
ئي ڪونه ٿا. ”ڪڏهن پنھون ٿي ڌوتم ڪپڙا، هاڻي جت نه نين پاڻ سين.“
فقير
محمد لاشاري وٽ صحافت جو قلم هر وقت بلند رهيو، ملڪ جي هر مسئلي تي هن دل کولي
لکيو، جيڪو اڄ جي دور ۾ صحافت ان پاسي کان ڪنَ لاٽارَ ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾
عوامي مسئلا ڪر کڻي بيٺل آهن، انصاف ملڪ مان جلاوطن ٿي چڪو آهي، سنڌي صحافت به ڄڻ
جلاوطني جي تياري طرف قدم اڳتي وڌائڻ شروع ڪيو آهي. بيوروڪريسي ڪاموراشاهي،
جاگيردار ۽ ڀوتار سڄي صحافت کي پھنجي ميراث سمجهي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي قوم تي
نفسياتي وار مٿان وار ڪري رهيا آهن. منھنجي ملڪ ۾ ڄڻ ميرٽ جي ماءُ مري وئي آهي.
يتيم ٻارن جي پيءُ ڪرپشن سان شادي ڪئي آهي، جنھن ڪري سڀني ٻارن جو مستقبل داءَ تي
لڳل آهي. اهو ان لاءِ ته صحافت جو مورال صفا هيٺين سطح تي ڪري پيو آهي.
صحافت
قوم جو آئينو آهي، ان جي آئيني کي ڪير ڪيترو ٿو صاف ڪري اها ڪٿ هن ملڪ جا فرد ۽ سڄاڻ
انسان ئي ڪندا آهن. فقير محمد لاشاري جي دور ۾ صحافت کي شھيد ٿيڻ جو شوق هو، هاڻي
اها صحافت غازي بڻجي پنھنجا سڀ اختيار ٻين جي وس ڪيا آهن، پاڻ آرائشي زندگيءَ مان
مزو وٺي رهيا آهن.
فقير
محمد لاشاري جاڳو جي ايڊيٽوريل ۾ باصلاحيت ٿي پنھنجو موقف پيش ڪيو جنھن ۾، پاڪستان
جي قسمت ٻاهرين هٿن ۾ ڇو؟، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ، قومي تعليم سان دشمني، قوم سان
دشمني، پوليس کي ماڻهن مارڻ جي اختيار جو فرمان، پاڪستان، مذهبي منافرت جي جنت،
اسيمبليون ۽ هيروئن جا اسمگلر، سنڌ جي آدمشماري جو نئين سر اعلان ۽ خدشا، ايم ڪيو
ايم بابت وڌيڪ انڪشاف، اهڙا ڪافي ايڊيٽوريلس آهن، جن مسئلن تي فقير محمد لاشاري ان
وقت قلم کنيو، اهي مسئلا اڄ هن ملڪ لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن. دنيا جو هر فڪر
شرپسنديءَ کي روڪي ٿو ۽ انساني زندگيءَ کي امن بخشڻ جي پرچارڪ ڪري ٿو. علامه اقبال
جو شعر ٿو ياد اچي ته:
جب تڪ
نه هو سهل تجهه په زمين ڪي هنگامي،
بُــــري هـــي
مــسـتـيءِ انـديـشـه هـاءِ
افـلاڪي.
يعني
”اي انسان جيستائين تو پنھنجي زمين جي هنگامن کي پنھنجي لاءِ آسان نه بڻايو آهي،
دنياوي زندگيءَ جا مسئلا حل نه ڪيا آهن، تيستائين تنھنجي آسماني عقيدن ۽ انديشن جي
مستي بيڪار ئي نه پر خطرناڪ پڻ آهي.“
فقير
محمد لاشاري پنھنجي زندگيءَ جي سفر ۾ سدائين سماج جو سونھو ٿي رهيو. تاريخ جي ورقن
۾ لاشاريءَ جو رت ست به شامل آهي. جيڪو ۱۹۸۵ع ۾ ”سگهارو هماليا ۽ هيڻا ماڻهو“، ”ڌرتتيءَ جي دانھن“ ۱۹۸۸ع، ”سنڌ جا سور“ ۱۹۸۸ع، ۽
”سنڌ: پيپلز پارٽيءَ کان ڄام صادق تائين“ ۱۹۹۳ع جھڙا انمول ڪتاب لکيا. فقير محمد لاشاري ٻاهرين ملڪن جا سفر به ڪيا جن ۾
آمريڪا، برطانيا ۽ نيپال شامل آهن، جنھن سفر تي لاشاري ويو انهن بابت ڪافي مواد
قوم جي ورثي ۾ شامل ڪيائين. فقير محمد لاشاري ۹- ڪتابن جو خالق هو.
فقير محمد لاشاري
سنڌ جو نرالو صحافي
ابراهيم لاشاري
اسان
جي سر زمين سنڌ جيڪا هميشه سکي ستابي رهي آهي اسان جي سنڌڙي هيرن ۽ جواهرن، ماڻڪن
۽ موتين سان هميشه جرڪندي رهي آهي. باشعور، بيدار ۽ باوقار قومن جو سرمايو ان جا
اعلي اديب، عالم، فاضل، محقق، اهل قلم، شاعر ۽ بيباڪ صحافي هوندا آهن. انهن جو قدر
۽ قيمت جو ڪو به ڪاٿو ڪري نٿو سگهجي. اهي بي بها موتي ۽ اڻلڀ انسان هر وقت هر
زماني منجهه پنهنجا پنهنجا جرڪيدار جوهر پيا ڏيکاريندا آهن. هن رنگ به رنگي دنيا
منجهه ڪيترائي اهڙا انسان ٿي گذريا آهن جن پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي
خدمت ۾ گذاري آهي اهڙن عظيم انسان منجهان وارهه تعلقي جي ڳوٺ گاجي کهاوڙ جي عظيم
پيءُ محمد حسن لاشاري جي گهر منجهه ۴ سيپٽمبر
۱۹۵۱ع اڱاري جي ڏينهن پرهه ڦٽي مهل
هڪ روشن ڏيئي فقير محمد لاشاري جي نالي سان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. سندس امڙ
جو نالو صغران خاتون لاشاري هو. فقير محمد لاشاري پنجن سالن جي عمر جو مس ٿيو. ته
سندس والد صاحب ڦرهي هٿ ۾ ڏئي کيس گاجي
کهاوڙ جي پرائمري اسڪول داخل ڪرايو جتي سندس بهترين ۽ باڪمال استاد مصري خان
زبردست تربيت ڪئي، جنهن جو تعلق ميروخان تعلقي سان هو. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ فقير محمد لاشاريءَ گاجي کهاوڙ مان ۱۲
ڪلوميٽر پنڌ ڪري وارهه هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان هن
سال ۱۹۶۸ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان سٺن
نمبرن ۾ پاس ڪري ورتائين. مئٽرڪ جي تعليم دوران سندس محنتي استاد محمد ابراهيم چانڊيي
سندس زبردست نموني تربيت ڪئي.
سال ۱۹۶۸ع ڌاري فقير محمد لاشاري سهولتون نه هئڻ باوجود هي گاجي کهاوڙ جو واحد
شاگرد هو جو روزانو انگريزي اخبار (ڊان) گهرائي پڙهندو هو. فقير محمد لاشاري تعليم
کي اڳتي وڌائيندي انٽر ڪامرس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي منجهان ڪري ورتي. ڪاليج واري ئي
زماني ۾ ۾ هن کي سياست جو رنگ لڳي ويو. سندس ان زماني ۾ واسطو ترقي پسند تحريڪ سان
ٿيو. سال ۱۹۷۲ع ڌاري فقير محمد لاشاري درس ۽
تدريس جي شعبي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان سلهاڙجي ويو. ان زماني ۾
گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي منجهان ۱۹۷۲ع بي اي
پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اڪانامڪس سال ۱۹۷۴ع۾ پاس ڪيائين، ۽ سال ۱۹۷۹ع ڌاري
قانون جي ڊگري ايل ايل بي پڻ حاصل ڪيائين. ان دور ۾ فقير محمد لاشاري پيو سياسي
بحث ڪندو وتندو هو سندس سياست سان بي انتها دلچسپي هئي. جنهن ۾ سوشلزم، مارڪسزم، شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو صاحب، پيپلز پارٽي، ون يونٽ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي دليلن سان
بحث پيو ڪندو هو. سندس سوچ ترقي پسند هوندي هئي، هن تمام گهڻي ڪوشش ڪري نوجوان نسل
کي پيري مريدي، وڏيراشاهي ۽ ٻين اهڙين خراب ريتن رسمن جي خلاف پرچار ڪري انهن جي
اثر کان آجو ڪيو ۽ واقعي هن جي پرچار جو اثر به ٿيو. جو ان زماني ۾ گاجي کهاوڙ جي
مقامي وڏيري لاشاري فقير محمد جي اهڙي پرچار پسند نه آئي. جلدي پنهنجو اثر ڏيکاريندي
مقامي وڏيري کي لاشاري صاحب مٿان ڪافر، ڪميونسٽ، ملحد،جهڙا بيڪار غلط الزام هڻي ان
زماني ۾ تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کي درخواستون ڪري، سندس مٿان انڪوائري ڪرائي
مگر ايماندا آفيسرن سياسي دٻاءَ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڏهيسر صحافي فقير محمد
لاشاري صاحب جي حق ۾ رپورٽ ڏئي فيصلو ٻڌايو جتي وڏيرا شاهي مات (شڪست) کائي ويئي.
ان
زماني منجهه هي پختي حوصلي وارو عظيم
انسان بيباڪ صحافي سال ۱۹۷۴ع ڌاري
گاجي کهاوڙ جي معزز شخصيت محمد هاشم لاشاري جي نياڻي محترمه عزت خاتون لاشاري سان
شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو، ڏک ۽ سک جو جو هڪ جيون ساٿي ملي ويو. هي اتي خاموش نه ويٺو
هن زندگي جا ڪيترا ئي رخ ڏٺا ۽ ڌرتي جا ڏک، سک سٺا فقير محمد لاشاري صاحب سڄي
حياتي پاڻ ۽ پنهنجي قوم سان ڪمٽيڊ رهيو. فقير محمد لاشاري سال ۱۹۷۶ع _۱۹۷۷ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي عهدي
تان استعفي ڏئي، ڪراچي جو رخ ڪري ڪراچي منجهه ڪمپر هينسو هاءِ اسڪول عزيز آباد ۾
سنڌي لينگويج ٽيچر مقرر ٿيو. شروع شروع ۾ لاشاري صاحب وارهه اسٽيشن لاءِ اخبارن ۾
رپورٽنگ ڪندو هو، پوءِ اتان ئي صحافتي لڏي ۾ لاڳاپا وڌي ويس. پوءِ هن جلد مضمون لکڻ
شروع ڪيائين، تنهن کانپوءِ هن ادب، رسالن، اخبارن ۾ (فقير محمد لاشاري) جي نالي
سان داخل ٿي سڄي سنڌ ۽ اديبن ۾ پنهنجو نالو ڪڍرايو. هن ان زماني ۾ پنهنجي سوچ ۽
قلم جي تيز دار سان هڪ هٽي وارن اديبن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو. هن جي قلم هيٺ
سنڌ جون سياسي حالتون، دنيا جا فلسفا، هاري، مزدور، غريب ماڻهن جا ڏک ۽ سور، تڪليفون
۽ ان جي حل جا رستا شامل هئا. فقير محمد لاشاري صاحب کي شروع شروع ۾ وڏن اديبن
برداشت نه ڪيو مگر هن جي ڏاهپ جو جذبو اعلي ۽ اتم هو. هن جي گفتار ۽ قلم جي سچائي،
جملن جي نواڻ ۽ ادب جا اعليٰ گر ۽ تحريرون۽ تقريرون ۽ ملڻ جو انداز، نياز نوڙت
وارو روپ هڻي هنڌ ڪري، سنڌي ادب ۽ اديبن ۾ معتبر ۽ ڏاهي شخصيت ۽ بيباڪ ٿي اڀريو. هن
اعلي لڇڻن جي مالڪ محسوس ڪيو ته قلم جي سچائي جي قيمت هن جي نالي کي ڪيتري بلندي
تي پهچايو.
هن سال
۱۹۷۷ع ڌاري هلال پاڪستان (اخبار) ۾
سب ايڊيٽر طور شامل ٿيو، ائين ئي سنڌي صحافت ۽ ادب جو شاندار سنگم ۽ سڀني صحافتي
گرن جو ڄاڻو هماليه جبل کان به وڌيڪ سگهاري شخصيت بڻجي سامهون اچي ويو. ان کان ٿورو
عرصو اڳ فقير محمد لاشاري صاحب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران (مختيار ڪاري) جي پوسٽ
لاءِ لکت جي امتحان ۾ پاس ٿيو، ان زماني منجهه سموري سنڌ جي (ٻه هزار اسي
)اميدوارن منجهان فقير محمد لاشاري صاحب (ٽيون نمبر) آيو مگر وقت جي سرڪار کيس
سياسي سبب جي ڪري هن کي مختيارڪاري جو آڊر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ائين ئي سنڌي
صحافت کي فقير محمد (ف_م _لاشاري ) جي نالي سان هڪ سگهارو قلمڪار ملي ويو. جنهن اچڻ شرط روايتي صحافت جا سڀ در (ٽرينڊ)
بدلائي سنڌي صحافت کي نون لاڙن ۽ گرن سان روشناس ڪرايو. تنهن بعد سماجي جوڙجڪ ۾
صحافت جي حيثيت تسليم ٿيڻ لڳي. فقير محمد لاشاري صاحب سال ۱۹۷۹ع ڌاري هلاپاڪستان ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ سال ۱۹۸۱ع ۾ هلال پاڪستان انتظاميا هفتيوار (هلال پاڪستان مئگزين) ڪڍڻ شروع ڪيو ته
فقير محمد لاشاري صاحب ان جو انچارچ مقرر ٿيو. ان هفتيوار مئگزين جا اندازن ۵۰_۵۲ پرچا ظاهر تي ڇپجي پڌرا ٿيا،
جيڪي سنڌي ادب ۽ صحافت جو هڪ شاندار ۽ اعلي سنگم پڻ ثابت ٿيا. ان زماني ۾ فقير
محمد لاشاري صاحب هلال پاڪستان جي انتظاميه کان ماهوار مخزن ڪڍڻ جي منظوري ورتي ان
جو پهريون پرچو سال ۱۹۸۲ع ۾ پڌرو
ٿيو جيڪو ڏيڍ سال کن اهو سلسلو جاري رهيو. ان مخزن مقبوليت به ماڻي اخبار کي ڪافي
فائدو به رسيو مگر اخبار انتظاميا کيس گهربل آزادي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، مگر ان مخزن
لاشاري صاحب کي به بلندين تي پهچائي ڇڏيو هو. فقير محمد لاشاري خاموش ٿي نه ويٺو.
جڏهن سال ۱۹۸۹ع ڌاري ڪراچي مان پهرين مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ
سنڌي اخبار (عوامي آواز) جاري ٿي عوامي آواز انتظاميا کيس اخبار جو (چيف ايڊيٽر
مقرر ڪيو
هن
هلال پاڪستان اخبار ڇڏي اچي عوامي آواز جي سٿ ۾ شامل ٿيو ). ٿوري عرصي ٽن مهينن
منجهه اخبار کي وڏي بلندي تي پهچائڻ ۾ فقير محمد لاشاري صاحب سڀ گر استعمال ڪري
اخبار ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ اخبار کي وڏو فائدو رسيو. ان زماني ۾ فقير محمد
لاشاري اخبار جي ٻين تبديلن مان هن جي خاص شيءِ هئي (ايڊيٽوريل) جيڪي عوام ۽
نوجوان طبقي ۾ تمام گهڻا مقبول ٿيا. هن بيباڪ صحافي فقير محمد لاشاري (عوامي آواز)
سان سال ڏيڍ ساٿ رهيو. هي بيباڪ صحافي بي روزگار بڻجي ويو مگر هي بنهه خاموش نه ويٺو.
بيروزگاري جي ان زماني ۾ سندس تيز ۽ سچائي واري ذهن ۾ هڪ نئين اخبار ڪڍڻ جو خيال
من ۾ تري آيس، ڪجهه دوستن سان گڏجي ڀٽائي پبلشنگ هائوس جو بنياد رکي روزانو (جاڳو)
اخبار نالي سان شائع ڪرائي پهرين جنوري ۱۹۹۱ع ڌاري هن اخبار جو پهريون پرچو ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو، جنهن جو آخري گهڙي
تائين (ف_م _لاشاري) باني ايڊيٽر رهيو. فقير محمد لاشاري صاحب صحافتي دنيا واري
زماني منجهه سال ۱۹۸۷ع کان۱۹۸۹ع تائين هلال پاڪستان ورڪرس يونين جو صدر، رهيو ۽ سال ۱۹۸۷_۸۸ع سال ۱۹۸۹ع تائين ڪراچي پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جو ميمبر پڻ رهيو. ان کان علاوهه سنڌي
ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو سال ۱۹۷۹ع کان
سال ۱۹۸۷ع تائين لڳاتار ۸ سال سيڪريٽري به رهيو. دراصل هو سچ جو ساٿاري ۽ صحافت جو امين هو ڪنهن به ڏک،
غم، مصيبت بحث ۽ پريشاني منجهه فقير محمد لاشاري مرڪ ۽ سوڀ سان سرشار هوندو هو
فقير محمد صاحب سنڌي ادب ۽ صحافت کي هڪ زندهه
حقيقت سان روشناس ڪرايو، ساهتي لڏي جي هن عظيم انسان قلم کي ڪڏهن به ڪاروبار
جو ذريعو نه بڻايو سندس قلم هميشه روشن خيال باضمير ۽ ترقي پسند سوچ جي مالڪ ماڻهن
لاءِ انڌيرن ۾ اتساهه جي روشن لاٽ رهيو. سڄي زندگي ۾ هن ڏک ڏسي ڌڪ کائي اڳتي وڌيو،
افسوس ڪرڻ جو نالو هن جي من اندر هيو ئي ڪو نه، هو هميشه اڳتي وڌڻ جو نعرو کڻي گاجي کهاوڙ کان گو جر خان تائين اڳتي وڌندو
رهيو. هي عظيم انسان سنڌي ادب کي ڪيترائي ڪتاب ڏئي ويو جن منجهه ڪتاب؛ سنڌ جا سور،
ڌرتتيءَ جي دانهن، سگهارو هماليه-هيڻا ماڻهو، سنڌ-پيپلز پارٽي کان ڄام صادق علي
تائين، ڇپر جا سونهان، رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي رڙ. ان کان علاوه ۸۰۰ کان مٿي مضمون مقالا سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن جي زينت بڻيا. هي ڀلوڙ بيباڪ صحافتي دنيا جو روشن ستارو، بي ڌڙڪ،
بهادر، سچ جو ساٿي، سچو اديب پنهنجي صحافتي ذميوارين جي سلسلي ۾ تاريخ ۱۷ جولاءِ ۱۹۹۳ع تي ۴۱ سال ۱۰ مهينا ۽ ۱۳
ڏينهن زندگي جا گذاري ڇنڇر ڏينهن هميشه هميشه لاءِ پنجاب
صوبي جي شهر گوجر خان وٽ گاڏي کي ٽڪر لڳ سبب حادثي ۾ شهيد ٿي ويو. صحافتي دنيا جي
هن روشن ستاري کي سندس اباڻي قبرستان گاجي
کهاوڙ تعلقي وارهه ۾ دفن ڪيو ويو. سندس تربت مٿان هڪ عاليشان مقبرو پڻ اڏيل آهي.
سندس اولاد منجهان هڪ پٽ محترم سارنگ لاشاري ۽ ٽي نياڻيون هڪ گهر واري ۽ ٽن ڀائرن غلام مصطفي لاشاري، غلام مرتضٰي لاشاري، ۽ محمد
سچل لاشاري کان علاوه هزارين دوستن کي اڄ ڏينهن
تائين سوڳ ۾ ڇڏي ويو. سندس پٽ سارنگ لاشاري ۽ نياڻي نصرت لاشاري پڻ پنهنجي والد جي
سوچن ۽ خيالن جا ترجمان پڻ آهن. هن بيباڪ صحافي جي ڪيل ڪمن کي اڄ به ادبي ۽ صحافتي
دنيا ۾ بهترين نموني سان ساراهيو وڃي ٿو. اڄ ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۷ع تي سندس ۲۴ ورسي وڏي عقيدت سان ڳوٺ گاجي کهاوڙ (وارهه) کان علاوه سڄي سنڌ جي مختلف
شهرن منجهه ملهائي ويندي.
فقير محمد لاشاري
هڪ آدرشي انسان
رڪ سنڌي
سنڌي صحافت ۾ نوان
۽ ترقي پسند لاڙا متعارف ڪرائيندڙ ۽ سنڌ جي صحافت جي مٿي جي موڙ محترم فقير محمد
لاشاريءَ کي مرحوم لکندي ذهن ڀنواٽيون کائي رهيو آهي ۽ دل ڪنهن اٿاهه سمنڊ ۾ ٻڏندي
محسوس ٿئي ٿي. ان ڪري مان فقير محمد لاشاريءَ کي مرحوم لکڻ بدران “سدا حيات” چوان
ٿو. اسان کي خواب خيال ۾ به ڪو نه هيو ته هيءُ محبتن ۽ پنهنجائپ جون جهوليون ڀري
ورهائيندڙ شخص اسان کان ائين اوچتو موڪلاڻي ڪري هليو ويندو.
اڃا ڪالهوڪي ته
ڳالهه هئي، هن سنڌي صحافت جي ميدان ۾ قدم رکيا، پنهنجي لاءِ الڳ ۽ مانائتي جاءِ
پيدا ڪيائين. سنڌي ماڻهن کي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مهاڏو اٽڪائڻ جي شعوري واٽ ڏسيائين،
صدين کان پيڙهيل ماڻهن کي پنهنجي سگهه جو احساس ڏياريائين. پر جڏهن سندس خواب
تعبير جي ويجهو اچڻ لڳا ته هن ڏکئي سفر ۾ اسان کان بنا موڪلائي هليو ويو.
هن آدرشي انسان سان
منهنجي پهرين سڃاڻپ سندس لکڻين ذريعي ٿي. “هلال پاڪستان” جي هفتيوار ادبي ميگزين ۾
سندس سنڌ جي سياست، ادب، ثقافت بابت ڇپجندڙ مضمون ۽ تجزيا سندس ڏيهان ڏيهه سڃاڻپ ۽
انفراديت جو سبب بڻيا. پر جڏهن وري “عوامي آواز” ۾ کيس چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ته
هن جي شعوري سگهه، سياسي تجزئي نگاري ۽ تنقيد جي ميدان ۾ سنڌ جي نوجوان نسل جي
سونهين جو ڪردار ادا ڪيو. پر عوامي آواز به سندس اُڃ اجهائي نه سگهي. هن ارڏي مڙس
دستوري ضابطن ۽ پابندين کي پنهنجي ڏات لاءِ هاڃيڪار سمجهندي، نيٺ اچي “جاڳو” جي تخليق
ڪئي.
اهو لاشاري صاحب ئي
هو، جنهن مون جهڙي اڻ ڄاڻ ۽ صحافت جي “ص” کان به اڻ واقف ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾ پير
پائڻ جو شرف بخشيو. جيئن ئي پاڻ عوامي آواز ۾ چيف ايڊيٽر جي جاءِ سنڀاليائون ته مان
به پهرين ئي ڏينهن ۾ سندس رهبريءَ هيٺ عوامي آواز ۾ اچي سندن سٿ ۾ شامل ٿيس. ۽ پوءِ
هن نماڻي، شرميلي ۽ انتهائي حساس انسان جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ کي ٺاهڻ، سماج کي سمجهڻ
۽ ماڻهن کي پرکڻ جو موقعو مليو. فقير محمد لاشاري، جيڪو وڏي دل گردي وارو انسان هيو،
تنهن مون سميت اخبار جي مڙني ڪارڪنن کي سڳن ڀائرن کان به وڌيڪ قرب ڏنو. سندس پنهنجن
جونيئر ساٿين سان هميشه وڏي ڀاءُ وارو ورتاءُ رهيو. جيتوڻيڪ پاڻ هيڏي اعلى پائي جو
مفڪر، دانشور ۽ اديب هيو، پر ڪڏهن به ان جو ڏيکاءُ نه ڏنائين. سدائين پنهنجي
سٻاجهي روئي سان قافلي جي سرواڻي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو. سندس ئي سرواڻيءَ هيٺ ڪيترا
ئي ننڍا نيٽا نوجوان ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ والارڻ لڳا. اڄ سنڌي صحافت
جي دنيا ۾ جيڪا نوجوان صحافين جي کيپ نظر اچي ٿي، اُن کي ان منزل تي رسائڻ ۾ ٻين سميت
لاشاريءَ جو به وڏو هٿ هيو.
جڏهن پاڻ “جاڳو” جي
تخليق ڪيائين ته ان کي ماءُ بڻجي ننڍڙي ٻار وانگر تاتيندو ۽ نپائيندو رهيو. سندس اهو
تخليق ڪيل ٻار اڃا الهڙ جوانيءَ کي مس رسيو ته پاڻ کيس ڇورو ڇنو ڪري ويو. ڪنهن کي
به خبر ڪا نه هئي ته لاشاريءَ جهڙو شهزادو مڙس ههڙي ڦوهه جوانيءَ ۾ جاڳو سميت پنهنجن
ننڍڙن ٻچن ۽ پنهنجي سٿ جي ساٿين کي اوچتو هينئن ڇڏي هليو ويندو.
ڇنڇر جو ڏهاڙو هو،
مان آزاد ڪشمير جي دوري تان واپس ٿي جاڳو پهتس. دوستن ٻڌايو ته پاڻ خميس ڏينهن اوچتو
لانگ مارچ جي خبرن هٿ ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ويو آهي. مون کي سندن ان اوچتي روانگيءَ
تي ڏاڍي حيرت ٿي. ڇو جو جڏهن به مان موڪل تي ويندو آهيان ته پاڻ گهڻو ڪري آفيس نه
ڇڏيندا آهن. هڪ ڏينهن اڳ ئي مان مظفر آباد مان ساڻن فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
هن اهڙي ڪنهن به پروگرام جو ذڪر نه ڪيو هو. اٽلندو مون کي چيو هئائون ته اوهان ڀلي
آرام ۽ سڪون سان موٽجو. هتي اهڙي تڪڙ ڪانهي. پاڻ ان وقت اهو به چيو هئائون ته اتان
جا رستا ڏنگا ڦڏا اٿو، پنهنجو خيال رکجو. پر ڪهڙي خبر ته اهي ڏنگا ۽ ڦڏا رستا اسان
جو هي دلبر ساٿي اسان کان کسي وٺندا. آچر جي رات جو دير تائين مان سندس فون جو
انتظار ڪندو رهيس. ڇاڪاڻ ته پاڻ پاڪستان جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ هوندا هئا، وس ڪري اخبار
۾ اسان سان ضرور رابطو ڪندا هئا. ان ڏينهن اخبار لاءِ “ليڊ” جي خبر ته ملي چڪي هئي
پر “سپر ليڊ” جهڙي خبر نه هئي. مان دوستن کي ٻڌايو ته اڄ سپر ليڊ کان سواءِ ئي
اخبار ڪڍون ٿا. اسان کي ڪهڙي خبر ته ان ڏينهن لاشاريءَ جو لاڏاڻو خبر بڻجي اسان
مٿان وڄ جيان ڪڙڪندو ۽ پوءِ ٿيو به ائين. فون جي گهنٽي وڳي، اسان جي اخبار جو جنرل
مينيجر اشوڪ ڪمار مون وٽ پيسٽنگ روم ۾ ڀڄندو آيو. “يار! رڪ، غصب ٿي ويو.” هو اهي
لفظ چئي سُن ٿي ويو. مان سندس گهٻرايل چهري کي تڪيندو رهيس ۽ پوءِ جڏهن ٿوري
ساهيءَ کان پوءِ هن اها منحوس خبر ٻڌائي ته وڻ وڄي ويا. سڄي ماحول تي سڪتو طاري ٿي
ويو. اسان کي “سپر ليڊ” ته ملي وئي، پر اخبار ۽ ان جو سٿ ڇورو ڇنو ٿي ويو. سنڌ جي
صحافت بيوهه بڻجي وئي. ڇاڪاڻ ته ان جو شهزادو ۽ گهوٽ ان کي وڇوڙو ڏئي چڪو هيو.
(ڇپيل، روزانو
جاڳو ڪراچي، جولاءِ ۱۹۹۳ع )
ف م لاشاري
اڻ-موٽ ايڊيٽر - اخبار
سندس ايڊيٽوريل سبب پڙھي ويندي ھئي...!
ھمسفر گاڏھي
سترھن جولاءِ ۱۹۹۳ع جو ڏينهن منھنجي زندگي ۾ ڏک ڀريو ڏينهن
ھو، جاڳو اخبار جي آء آء چند ريگر روڊ ويجھو مشهور محل بلڊنگ ۾ آفيس۾ ويٺو هئس جو
سائين فقير محمد لاشاري جي پنجاب ۾ حادثي سبب فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو. ڪا دير ته گومگو
واري ڪيفيت ۾ رھيس، نيٺ دل تي پٿر رکي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پيو. لاشاري صاحب منھنجي
صحافتي استادن مان ھڪ ھئا.عجيب اتفاق آھي جو ھن يادگار تصوير ۾ منھنجا ٽيئي صحافتي
استاد سائين فقير محمد لاشاري، سائين انور پيرزادو ۽ سائين عبدالرحمان نقاش گڏ
موجود آهن، ھاڻي سنڌي صحافت ۽ ادب جا اھي ٽيئي املھ ھيرا ھن جھان ۾ نه رھيا آھن پر
سندن يادگيريون ذھن۾ اڄ به تازيون آهن. لاشاري صاحب جھڙو سنڌي صحافت۾ ذميوار ۽
ڪميٽيڊ ايڊيٽر ھاڻي ڳولئي به نٿو ملي. ھو ملڪ ۾ ھوندو ھو يا پرڏيھ۾ ايڊيٽوريل پاڻ
لکي فئڪس ڪندو ھو. جڏھن ته اڄڪلهه جا اڪثر ايڊيٽر، ايڊيٽوريل پاڻ لکڻ بدران
ايڊيٽوريل صفحن جي انچارج يا ڪنھن سب ايڊيٽر کان لکرائي خانه پوري ڪن ٿا، دلچسپ ڳالھ
اھا آھي ته ايڊيٽوريل ڪنھن به اخبار جي پاليسي جو مظهر ھوندو آھي پر اھي آڙيڪاپ
ايڊيٽر ان کي ھڪ ڀيرو نظر مان به نه گذاريندا آهن. ڪجھ ايڊيٽر اھڙا به ڏٺا آهن جن
کي لکڻ ھڪ سٽ به سڌي ريت ناھي ايندي پر بدقسمتي سان اھي پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي
ڪري گھمندا آهن. عام طور تي اخبارون خبرن جي ڪري پڙھيون وينديون آھن ليڪن اھا مڃتا
۽ ڀاڳ فقير محمد لاشاري جي حصي ۾ آيا جو عوامي آواز اخبار کان وٺي جاڳو تائين پڙھندڙ
اخبار جو انتظار ايڊيٽوريل سبب ڪندا ھئا ۽ اھي سرخيون پوءِ پھرين ايڊيٽوريل پڙھندا
ھئا. پنھنجي صحافتي زندگيءَ ۾ اھڙي مڃتا ڪنھن صحافي جي حصي ۾ ناھي آئي شايد اچي به
نه سگھي ڇو ته ٻيو فقير محمد ڄمڻ محال آهي. آ ساڻن عوامي آواز اخبار کان وٺي جاڳو
۾ سندن آخري سفر تائين گڏ رھيس. مون کي “ادا” ڪري مخاطب ٿيندا ھئا، سندن شفقت، ھمت
۽ صحافتي اصولن مان گھڻو ڪجھ پرايو.عوامي آواز دوران سھيل سانگي ۽ ٻين کاٻي ڌُر جي
ھمراھن سنڌ جي ھن املھ ھيري کي ڪيئن رنجايو،اھي راز سيني۾ دفن آھن،ڪڏھن ان تي
تفصيل سان ضرور لکبو، جيئن تاريخ جو رڪارڊ درست ٿي سگھي. بس اڄوڪي ڏينهن تي کين
ڀيٽا ڏيندي پاڻ کي ڀاڳ وند ٿو ڀانيان ته پنھنجي تربيت ۾ اھڙي املھ انسان جو به حصو
پتي رھيو.
ف م لاشاري
مڊل ڪلاس ۾
سجاڳي وڌائيندڙ
ڊاڪٽر ايوب شيخ
اڄ کان ۱۹ سال اڳ، ۱۷ جولاءِ ۱۹۹۳ع تي، شام جو ساڍي ڇهين وڳي، لاهور کان اسلام
آباد ويندي سنڌ جو هاڪارو صحافي، ناميارو اديب، دلير ايڊيٽر فقير محمد لاشاري المعروف ”ف م لاشاري“ پيپلز
پارٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر محمد اسماعيل اُڍيجو ۽ جڳديش ڪمار ملاڻي سان گڏ، روڊ حادثي ۾
گذاري ويو. غلام قادر پليجو زخمي ٿي پيو.
فقير محمد لاشاري جي وڇوڙي کي پورا اوڻيهه ورهيه
اک ڇنڀ ۾ گذري ويا. سندس ٻار جيئن تيئن ڏُک ۽ سُک جهولين ۾ پائي جوان ٿي ويا.
نصرت، سارنگ، تخليق ۽ رچنا بي سهاري هجڻ جا سڀ سلسلا پار ڪري هاڻي پاڻ ٻين کي
خوشيون ورهائڻ جهڙي هنڌ وڃي پهتا آهن. مان اڄ ڏسان ٿو ته مونکي فقير محمد لاشاري
جا ٻار ترقي ڪندي نظر اچن ٿا. اسان ابوظهبي ۽ قطر ۾ نصرت لاشاريءَ ۽ تخليق لاشاريءَ
کي، اماراتي شهر العين ۾ رهندي ۽ بهترين زندگي گذاريندي ڏسي خوش ٿيون ٿا. پر، انهن
اوڻويهن ورهين ۾ ڪئين تبديليون اچي ويون، حق ۽ ناحق جون ترقيون ٿيون، ڪيئي ليڊر
بدلجي ويا، ڪئين راهه ويندي قتل ٿي ويا. هڪ اهم ترين تبديلي اها پڻ ٿي آهي ته اها
ليڪ، سَنڌو، فرق وڇوٽي، تفاوت ۽ ”ڌريان ئي ڌاريا، مِٽَ مُئيءَ جا نه ٿيا“ واري
ڳالهه پڻ هضم ڪري، ليڪ مِٽائي، هر شيءِ هڪجهڙي ڪئي ويئي. سچ به ساڳيو، ڪچ به
ساڳيو. ڏينهن ۽ رات، روشني ۽ اونداهه جا سڀ سَنڌا ختم. اهو فرق ئي هو جنهن چانڊڪا
جي رهاڪو، ڪراچيءَ ۾ غريبن جي اڻ رجسٽرڊ وستين ۾ رهندڙ، فقير محمد لاشاري کي ”ف م لاشاري“
۾ بدلايو هو. ان فرق کي هن پاڻ چونڊيو هو. هن ٻن مخالف شين مان هڪ جي چونڊ ڪئي. جنهن
جي ڪري هن کي سمورين تڪليفن جي باوجود ان سودي سان پيار هو. هو، ٻن متضاد ڳالهين مان
رڳو عوام جي پسند وارو رستو وٺڻ جي سبب وڏو ماڻهو بنجڻ جي رستي تي گامزن هو. هن کي
درست ۽ غلط جي باري ۾ ادراڪ ۽ ڄاڻ هئي، ان ڪري هو لکي سگهندو هو، لکڻ ۾ ”مِڻ مڻِ”
يا ”چونڪه چنانچه“ ۽ ”اگر....مگر“
جي سموري مانڊاڻ کان پري ۽ آزاد هو. هو دليري سان پيش قدمي ڪري سگهندو هو.
’فقير محمد لاشاري لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي
وارهه جي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. هن جي ننڍپڻ ۾ ئي ڪتابن سان
دوستي ٿي ويئي هئي. ان ڪري غربت، سماجي اڻ برابرين، ڏاڍاين ۽ ڪوڙي انا جي خلاف
سندس دماغ ۾ خيال ۽ سوچون پيدا ٿيون. انهن ڪتابن وسيلي پيدا ٿيل سوچن هن کان ان
ڳالهه تي غور ڪرايو ته جيئن زرعي زمين جي پيداوار شهر جي منڊيءَ ۾ پهچائي سٺو اگهه
وٺي سگهجي ٿو، تيئن پنهنجي اهم خيالن جي مضبوطي ۽ انهن کي جاندار بنائڻ لاءِ شهرن
ڏانهن وڃڻ ضروري آهي. ان ڪري پنهنجي پروگرام جي پرچار ۽ واڌاري لاءِ هو سنڌ جي سڀ
کان وڏي شهر ڪراچي ۾ آيو. ڪراچيءَ جي ٻاهرئين لنگهه تان، جنهن کي سهراب ڳوٺ چئجي
ٿو، بس مان لهي ف م لاشاري هڪ ميل پنڌ تي عزيز آباد ۾ ڪمپريهينسوِ اسڪول ۾ ماستريءَ
جي نوڪري ڪئي. ان کانپوءِ، هن ٻن سنڌي اخبارن ۽ هڪ اردو اخبار ۾ ڪجهه مهينا ڪم
ڪيو. انهن ٻنهي اخبارن ۾ هن وڏي محنت ڪري بهادريءَ سان لکيو، جنهن ڪري عوام ۾ سندس
ناماچاري وڌنڌي ويئي. ۱۹۹۲ع ۾ هن سنڌ جي چونڊ
دانشورن سان گڏجي هڪ نئين سنڌي اخبار ”جاڳو“ جي نالي سان جاري ڪئي. ان اخبار جي
خيال، رٿا، آفيس، ڪم ڪار، نمائندن جي چونڊ واسطي سڄي سنڌ جا دورا ڪرڻ، اخبار جي
پهرين اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪرڻ تائين مان لاشاري مرحوم سان گڏ رهيس. منهنجي صبح جي ڊيوٽي کيس موٽر سائيڪل
تي گلبهار جي علائقي ۾ حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ کان جاڳو جي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي مشهور
محل آفسيٽ پريس جي بلڊنگ ۾ کڻي اچڻ هو. اخبار ۾ سراج ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، لاشاري
صاحب سميت مختلف دانشورن ڪالمز ۽ آرٽيڪلز جي صورت ۾ لکڻ شروع ڪيو. لاشاري دلير ۽
بيباڪ ايڊيٽر طور متعارف ٿيڻ لڳو.
هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن، اڃا
”فرق“ هوندا هئا، مخالف ڌر ۽ حڪمران ڌر هونديون هيون. سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق هوندو هو. عوام
خوشيءَ سان سچ جي حمايت ۾ نڪري پوندو هو. سنڌ ۾ هڪ حڪمراني جو دور شروع ٿيو. ڄام
صادق علي سنڌ جو وڏو وزير بڻيو. هڪ شخص، هيڏي سڄي سنڌ مٿان حڪمران. ان کي هروڀرو
سچ سان ڪا خاص رغبت ڪا نه هئي، جو ف م لاشاري ڏانهن راغب ٿئي. ان ڪري هڪ ڏينهن کيس
چيف منسٽر هائوس ۾ گهُرائي چيائين ته بهتر آهي ته پنهنجي قلم جو رُخ موڙي ڇڏ،
هروڀرو سرڪار مان ڪنڊا ڪڍي پنهنجي زندگي ۾ ٿوهر نه پوک. لاشاري جو حڪمرانن سان
ڪڏهن واسطو نه پيو هو، ان ڪري کيس اها سرڪاري زبان سمجهه ۾ نه آئي. هو سنڌ جي هڪ
سخي ۽ نامدار نواب ڪانڀو خان جي پُٽ سان اٽڪي پيو.
فقير محمد لاشاري، جنهن کي ڪتابن پڙهندي
جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي خلاف سماجي نظام جي منزل جي باري ۾ پتو هو، تنهن پنهنجي
قلم وسيلي سنڌ جي نوجوان ۽ خاص ڪري مڊل ڪلاس ۾ ان منزل جي واقفيت ڏيڻ لاءِ هزارين
ڪوششون ڪيون هيون. ۱۹۸۹ع ۾ گورباچوف دنيا
کي لوڏي ڇڏيو هو. لاشاري صاحب گورباچوف جو حامي به هو ته لينن جي ”راڄوڻي“ نظام جو
حمايتي به. پر سوويت يونين ۾ آيل تباهي جي ڪري دنيا ۾ پيدا ٿيل آنڌ مانڌ سندس دماغ
۾ آنڌ مانڌ ۽ ڪيئي طوفان پيدا ڪري ڇڏيا هئا. هو هڪ ئي وقت ”جمهوريت“ ۽ ”راڄوڻي
نظام“ جي جهولي ۾ لُڏندي سوچي رهيو هو.... ٻنهي مان ڪهڙو نظام ”ابدي“ آهي؟ اهو
نظام جي ابديت وارو سوال وٽس نئون سوال هو. ان جي باري ۾ هن گهڻا سوال سامهون
رکيا. گهڻن سارن ماڻهن سان ڳالهايو. رسول بخش پليجو، سراج الحق ميمڻ، محمد ابراهيم
جويو، ڊاڪٽر اسماعيل اُڍيجو ۽ ٻيا نظرياتي ماڻهو سندس سوال جا جواب ڏيندا رهيا.
اهڙي دور ۾ هن جمهوريت کي ويجهي کان ڏسڻ، ان دور جي مخالف ڌر جي اڳواڻ محترما
بينظير ڀٽو سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ ان کان گهڻيون ڳالهيون پڇڻ شروع ڪيون هيون. سندس معرفت واري ائڊريس غلام قادر
پليجو هو، جنهن کيس محترما تائين رسايو هو. هن جي علمي ۽ عملي صورتن ۾ گهڻيون تبديليون
اچي رهيون هيون. ان مشاهدي جي سلسلي ۾ هو مٿي ذڪر ڪيل دوستن سان گڏجي محترما جي ان
”لانگ مارچ“ جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ ان سفر تي نڪتو هو. کين لاهور کان جهاز ۾ اسلام
آباد پهچڻو هو. پر هوائي اڏي تي دير سان پهچڻ سبب اهو جهاز ۽ زندگيءَ ۾ ٿيندڙ اهو
نظرياتي مشاهدو اڌ ۾ رهجي ويو. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن سچ ۽ ڪوڙ ۾ سَنڌو
هوندو هو، ڪوڙ کي ڪوڙ چوڻ وارا کلئي عام سڀ ڪجهه چئي سگهندا هئا. اڄ اهي قدر ۽ قدر
شناسيون بدلجي ويون آهن. فقير محمد لاشاريءَ جي وئي کانپوءِ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي.
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پَسِيو بازاريون، هينئڙو مون لُوڻ ٿئي
(شاهه لطيف)
فقير محمد لاشاري
هڪ جرئتمند صحافي
محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته
انيڪ صحافي نظر ايندا جن پنهنجي لکڻين ۽ قلم زريعي قوم جي ضمير کي جنجهوڙيو ۽ غفلت
جي ننڊ مان اٿاريو آهي. اهڙين شخصيتن مان هڪ بيباڪ، جرئتمند ۽ بهادر صحافي فقير
محمد لاشاري به هو. فقير محمد لاشاري جي لکڻين سچ ته صحافت کي نوان موڙ ۽ نيون
راهون ڏنيون. ۴۲ سالن جي ڦوهه جواني واري عمر ۾
شهادت ماڻيندڙ فقير محمد لاشاري سچ ته پنهنجي قلم ذريعي صحافت کي جيئندان ڏئي ويو.
فقير محمد لاشاري جي والد جو
نالو محمد حسن لاشاري هو. هو ۴
سيپٽمبر ۱۹۵۱ تي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي
وارهه جي قديم ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ۽
مئٽرڪ وارهه هاء اسڪول مان ۱۹۶۸ ۾ پاس
ڪيائين. هو ڳوٺ جو واحد ماڻهو هو جيڪو ۱۹۶۸ ۾ به انگريزي اخبار گهرائي پڙهندو هو. گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۲ع ۾ بي اي پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اڪانامڪس ۱۹۷۴ع ۾ ۽ لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۹ع ۾
ايل ايل بي پاس ڪيائين. شروعات ۾ هو استاد ٿيو پر سياست ۾ گهري دلچسپي هجڻ ڪري
مدلل بحث ڪندو هو. ڪجهه وقت هن اخبارن لاءِ وارهه مان رپورٽنگ به ڪئي پوءِ اتان ئي
صحافي لڏي ۾ لاڳاپا شروع ٿيس. شروع ۾ هن سياست ڏانهن لاڙو ڪيو ۽ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ
سان گڏجي ڪم ڪيائين.
هن اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا
۽ ماڻهن سندس لکڻين کي گهڻي موت ڏني. سندس قلم ۾ هڪ لوچ ۽ سوچ سمايل هئي جيڪا
پڙهندڙ کي جلد متاثر ڪندي هئي. ۱۹۷۲ ۾
ڪراچي اچڻ کانپوء هن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي سان به پاڻ ملهايو ۽ ۷ سال سنگت سان گڏ رهيو ۽ ان سان گڏ لاشاري صاحب مختلف مضمون، ڪهاڻيون مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيون. ان دوران هن جا مضمون ۽ لکڻيون گهڻو مشهور ٿي
چڪيون هيون ۽ هاڻي هو ف م لاشاري طور مشهوري ماڻي چڪو هو. فقير محمد لاشاري پنهنجي
صحافتي سرگرمين جي شروعات هڪ اردو اخبار جي رپورٽنگ سان ڪئي، ان کانپوءِ ڪيترن ئي
اخبارن، رسالن جو ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر رهيو.
صحافت ۾ رهندي فقير محمد لاشاري
جي ادب دوستي، ادبي ڄاڻ، ڏيهه ۽ عالمي حالتن تي عبور کي محسوس ڪندي روزانو عوامي
آواز ۾ کيس چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. عوامي آواز ۾ پهچڻ شرط سندس جا ايڊيٽوريل
سنڌي صحافت جي جان بڻجي ويا ۽ هر هڪ سنجيده ادب سياست جو شعور رکندڙ سنڌين محسوس
ڪيو ته عوامي آواز اخبار به هاڻي سنڌي صحافت ۾ قابل اعتماد نالو، تحريڪ ۽ جدوجهد
جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي. لاشاري سال ۱۹۷۹ع ۾
هلال پاڪستان ۾ ملازمت ڪئي ۽ سال ۱۹۸۸ع ۾
عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد خبر پڙهي ته لاشاري عوامي آواز جي
ايڊيٽرشپ تان پاڻ استعيفا ڏني. دراصل هو آزاد سوچ ۽ ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو هيو. سندس
صلاحيتون ڪنهن حڪم جون محتاج ڪونه هيون. هن روزانه جاڳو ۾ پنهنجا ايڊيٽوريل لکيا.
اخبار ۾ اهڙا ته ايڊيٽوريل لکندو رهيو جو اڪثر ماڻهو صرف ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ ئي
اخبار خريد ڪندا هئا.
هن ادب ۾ ۸۰۰ کان وڌيڪ مضمون لکڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ادب ۾ سال ۱۹۸۵ع ۾ ”سگهارو هماليه ۽ هيڻا ماڻهو“، ”ڌرتي جي دانهن“ ۱۹۸۸ع، ”سنڌ جا سور“ ۱۹۸۸ع، ۽
”سنڌ پيپلز پارٽي کان ڄام صادق تائين“ ۱۹۹۳ع جهڙا معلوماتي ڪتاب شايع ڪيا. ف م لاشاري جي ادب جو تجزيو ڪبو ته سندس
مضمون ۽ تقرير ۾ فلسفو گهڻو هوندو. ڇاڪاڻ ته هو پئسي وارن اديبن وانگر، خيالن جي
عياشي نه ڪندو هو. پر هو هيٺئين ڪلاس جي حالتن کي دنيا جي انقلابن ۽ فلسفن ساڻ
ملائيندو، ٻڌائيندو هو. تنهن ڪري عام پڙهندڙ، شروع شروع ۾ سندس مضمون آسانيءَ سان
نه سمجهي سگهندو هو. پر لاشاري ان کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ عام حوالا ۽ تشبيهون ڏيندو
هو.
نه صرف صحافت پر هن ادبي ميدان
۾ ڪهاڻيون به لکيون. ان کان سواءِ هو هڪ بهترين نقاد پڻ هو. صحافت ۾ رهندي هن جو
قلم نه ڪڏهن رڪيو ۽ نه ڪڏهن هو پاڻ به ڪنهن طاقت اڳيان جهڪيو. کيس خريدڻ جي گهڻي
ڪوشش ٿي، هن کي ڌمڪايو ويو، لالچايو ويو پر سندس قلم آزاد رهيو. هن صحافت کي جديد
لاڙا ڏنا ۽ سچ جو ساٿاري رهيو، صداقت جو پيغام بهادري سان ڏيندو رهيو.
هن بحيثيت صحافي نيپال،
برطانيه، آمريڪا جا پڻ سفر ڪيا ۽ انهن پرڏيهي سفرن تي هن ڪتاب پڻ لکيا. فقير محمد
لاشاريءَ جا ۹ ڪتاب لکيل آهن. محترمه بينظير
ڀٽو جي لانگ مارچ جي سڏ ۾ سڏ ملائيندي ف م لاشاري، ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو، جڳديش
ملاڻي ۽ غلام قادر پليجو سان گڏ ۱۷
جولاءِ ۱۹۹۳ع تي لاهور کان اسلام آباد
ويندي، پنجاب صوبي جي شهر گوجر خان وٽ گاڏي سان حادثي جو شڪار ٿيا. جنهن ۾ اسماعيل
اڍيجو ۽ ف م لاشاري موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته جڳديش ملاڻي ۽ غلام قادر
پليجو زخمي ٿي پيا (جڳديش ملاڻي به ڪجهه ڏينهن کانپوء وفات ڪري ويو). کيس اباڻي
ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ دفن ڪيو ويو. سندس صحافتي ميدان ۾ ڪيل خدمتن عيوض ۱۹۹۵ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران ستاره امتياز ڏنو ويو.
فقير محمد لاشاري
سنڌي صحافت جو روشن باب
ابراهيم لاشاري
وارهه تعلقي جي ڳوٺ گاجي کهاوڙ
جي محمد حسن لاشاري جي گهر منجهه ۴
سيپٽمبر ۱۹۵۱ع اڱاري جي ڏينهن پرهه ڦٽي مهل
هڪ روشن ڏيئو فقير محمد لاشاري جي نالي سان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. سال ۱۹۷۲ع ڌاري فقير محمد لاشاري درس تدريس جي شعبي جي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد
جي حيثيت سان سلهاڙجي ويو. ان زماني ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي منجهان ۱۹۷۲ع بي اي پاس ڪري سنڌيونيورسٽي مان ايم اي اڪانامڪس سال ۱۹۷۴ع ۾ پاس ڪيائين، ۽ سال ۱۹۷۹ع ڌاري
قانون جي ڊگري ايل ايل بي پڻ حاصل ڪيائين. ان دور ۾ فقير محمد لاشاري پيو
سياسي بحث ڪندو وتندو هو سندس سياست سان
بي انتها دلچسپي هيس. جنهن ۾ سوشلزم، مارڪسزم، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب، پيپلز
پارٽي،ون يونٽ،۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي دليلن سان بحث پيو ڪندو هو. سندس سوچ
ترقي پسند هوندي هئي، هن تمام گهڻي ڪوشش ڪري نوجوان نسل کي پيري مريدي، وڏيراشاهي
۽ ٻين اهڙين خراب ريتن رسمن جي خلاف پرچار ڪري انهن جي اثر کان آجو ڪيو. ان زماني
۾ گاجي کهاوڙ جي مقامي وڏيري لاشاري فقير محمد جي اهڙي پرچار پسند نه آئي. جلدي
پنهنجو اثر ڏيکاريندي مقامي وڏيري لاشاري صاحب مٿان ڪافر، ڪميونسٽ، ملحد، جهڙا
بيڪار غلط الزام هڻي ان زماني ۾ تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کي درخواستون ڪري،
سندس مٿان انڪوائري ڪرائي پر ايماندار آفيسرن سياسي دٻاءَ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري
فقير محمد لاشاري جي حق ۾ رپورٽ ڏئي فيصلو ٻڌايو ايئن اتي وڏيرا شاهي مات کاڌي. ان
زماني ۾ فقير لاشاري سال ۱۹۷۴ع ڌاري
گاجي کهاوڙ جي معزز شخصيت محمد هاشم لاشاري جي نياڻي محترمه عزت خاتون لاشاري سان
شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو، فقير محمد لاشاري سال ۱۹۷۶_۱۹۷۷ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي عهدي
تان استعفي ڏئي، ڪراچي جو رخ ڪري ڪمپر هينسو هاءِ اسڪول عزيز آباد ۾ سنڌي لينگويج
ٽيچر مقرر ٿيو.
شروع شروع ۾ لاشاري صاحب وارهه
اسٽيشن لاءِ اخبارن ۾ رپورٽنگ ڪندو هو، پوءِ اتان ئي صحافتي لڏي ۾ لاڳاپا وڌي ويس.
پوءِ هن جلد مضمون لکڻ شروع ڪيا. تنهن کانپوءِ هن ادب، رسالن، اخبارن ۾(فقير محمد
لاشاري) جي نالي سان داخل ٿي سڄي سنڌ ۽ اديبن ۾ پنهنجو نالو ڪڍرايو. هن ان زماني ۾
پنهنجي سوچ ۽ قلم جي تيز ڌار سان هڪ هٽي وارن اديبن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.
هن جي قلم هيٺ سنڌ جون سياسي حالتون، دنيا جا فلسفا، هاري، مزدور، غريب ماڻهن جا
ڏک ۽ سور، تڪليفون ۽ ان جي حل جا رستا شامل هئا. فقير محمد لاشاري کي شروع شروع ۾
وڏن اديبن برداشت نه ڪيو پوءِ به هن جي ڏاهپ جو جذبو اعلي ۽ اتم هو. هن جي گفتار ۽
قلم جي سچائي، جملن جي نواڻ ۽ ادب جا اعلي گر ۽ تحريرون ۽ تقريون ۽ ملڻ جو انداز،
نياز نوڙت وارو روپ هڻي هنڌ ڪري، سنڌي ادب ۽ اديبن ۾ معتبر ۽ ڏاهي شخصيت ۽ بيباڪ
ٿي اڀريو. هن سال ۱۹۷۷ع ڌاري هلال پاڪستان (اخبار) ۾
سب ايڊيٽر طور شامل ٿيو، ائين ئي سنڌي صحافت ۽ ادب جو شاندار سنگم ۽ سڀني صحافتي
گر جو ڄاڻو هماليه جبل کان به وڌيڪ سگهاري شخصيت سامهون اچي ويو. ان کان ٿورو عرصو
اڳ فقير محمد لاشاري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران (مختيار ڪاري) جي پوسٽ لاءِ لکت جي
امتحان ۾ پاس ٿيو، سنڌ جي ٻه هزار اسي اميدوارن منجهان فقير محمد لاشاري ٽيون نمبر
آيو. پر وقت جي سرڪار کيس سياسي سبب جي ڪري هن کي ان مخيتارڪاري جو آرڊر نه ڏنو.
نتيجي ۾ سنڌي صحافت کي فقير محمد (ف م لاشاري) جي نالي سان هڪ سگهارو قلمڪار ملي
ويو. جنهن اچڻ شرط روايتي صحافت جا سڀ در (ٽرينڊ) بدلائي سنڌي صحافت کي نون لاڙن ۽
گرن سان روشناس ڪرايو. تنهن بعد سماجي جوڙجڪ ۾ صحافت جي حيثيت تسليم ٿيڻ لڳي.
فقير محمد لاشاري سال ۱۹۷۹ع ڌاري هلاپاڪستان ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ سال ۱۹۸۱ع ۾ هلال پاڪستان مئگزين ڪڍڻ شروع ڪيو ته فقير محمد لاشاري ان جو انچارچ
مقرر ٿيو. ان هفتيوار مئگزين جا اندازن ۵۰ _۵۲ پرچا ظاهر تي ڇپجي پڌرا ٿيا،
جيڪي سنڌي ادب ۽ صحافت جو هڪ شاندار ۽ اعلي سنگم پڻ ثابت ٿيا. ان زماني ۾ فقير
محمد لاشاري صاحب هلال پاڪستان جي انتظاميه کان ماهوار مخزن ڪڍڻ جي منظوري ورتي ان
جو پهريون پرچو سال ۱۹۸۲ع ۾
پڌرو ٿيو جيڪو ڏيڍ سال کن اهو سلسلو جاري رهيو. ان مخزن مقبوليت به ماڻي اخبار کي
ڪافي فائدو به رسيو هن سال ۱۹۸۹ع ڌاري
ڪراچي مان پهرين مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ سنڌي اخبار عوامي آواز جاري ٿي عوامي آواز انتظاميا کيس اخبار جو چيف ايڊيٽر مقرر
ڪيو، هن ٿوري عرصي ٽن مهينن منجهه اخبار کي وڏي بلندي تي پهچائڻ ۾ فقير محمد
لاشاري صاحب سڀ گر استعمال ڪري اخبار ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ اخبار کي وڏو فائدو
رسيو. ان زماني ۾ فقير محمد لاشاري اخبار جي ٻين تبديلن مان هن جي خاص شيءِ هئي
”ايڊيٽوريل“ جيڪي عوام ۽ نوجوان طبقي ۾ تمام گهڻا مقبول ٿيا. ڪجهه دوستن سان گڏجي
ڀٽائي پبلشنگ هائوس جو بنياد رکي روزانو ”جاڳو“ اخبار نالي سان شائع ڪرائي پهرين
جنوري ۱۹۹۱ع ڌاري هن اخبار جو پهريون پرچو
ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو، جنهن جو آخري گهڙي تائين (ف م لاشاري) باني ايڊيٽر رهيو. فقير
محمد لاشاري صاحب صحافتي دنيا واري زماني منجهه سال ۱۹۸۷ع کان۱۹۸۹ع تائين هلال پاڪستان ورڪرس
يونين جو صدر، رهيو ۽ سال ۱۹۸۷_۸۸ع سال ۱۹۸۹ع تائين ڪراچي پريس ڪلب جي
ڪورننگ باڊي جو ميمبر پڻ رهيو. ان کان علاوهه سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو سال ۱۹۷۹ع کانسال ۱۹۸۷ع تائين لڳاتار ۸ سال سيڪريٽري به رهيو.
در اصل هو سچ جو ساٿاري ۽ صحافت
جو امين هو. ڪنهن به ڏک، غم، مصيبت بحث ۽ پريشاني منجهه فقير محمد لاشاري جي چهري
تي فاتحاڻي مُرڪ هوندي ھئي. فقير، سنڌي ادب ۽ صحافت کي زندھ حقيقت سان روشناس
ڪرايو. ساهتي لڏي جي هن عظيم انسان، قلم کي ڪڏهن به ڪاروبار جو ذريعو نه بڻايو.
سندس قلم، هميشه روشن خيال، باضمير ۽ ترقي پسند سوچ جي مالڪ ماڻهن لاءِ انڌيرن ۾
اتساهه جي روشن لاٽ رهيو.
هو سنڌي ادب کي ڪيترا ئي ڪتاب
ڏئي ويو جن منجهه ڪتاب؛ سنڌ جا سور، ڌ تتيءَ جي دانهن، سگهارو هماليه-هيڻا ماڻهو،
سنڌ پيپلز پارٽي کان ڄام صادق علي تائين، ڇپر جا سونهان، رڃ جهڙي سماج ۾ مور جي
رڙ. ان کان علاوه ۸۰۰ کان مٿي سندس لکيل مضمون ۽
مقالا سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيا.
هي بيباڪ صحافتي پنهنجي صحافتي
ذميوارين جي سلسلي ۾ تاريخ ۱۷
جولاءِ ۱۹۹۳ع تي ۴۱ سال ۱۰ مهينا ۽ ۱۳ ڏينهن زندگي جا گذاري ڇنڇر ڏينهن پنجاب صوبي جي شهر گوجر خان وٽ گاڏي کي
ٽڪر لڳ سبب حادثي ۾ فوت ٿي ويو. صحافتي دنيا جي
هن روشن ستاري کي سندس اباڻي قبرستان گاجي کهاوڙ تعلقي وارهه ۾ دفن ڪيو
ويو. سندس تربت مٿان هڪ عاليشان مقبرو پڻ اڏيل آهي. اڄ ۱۷ جولاءِ ۲۰۱۶ تي سندس ۲۳ ورسي وڏي عقيدت سان ڳوٺ گاجي کهاوڙ (وارهه) کان علاوه سڄي سنڌ جي مختلف
شهرن منجهه ملهائي ويندي.
فقير محمد لاشاري
سنڌي صحافت جو يادگار ڪردار
الطاف پيرزادو
سنڌي صحافت درٻاريت کان مزاحمت
تائين پنهنجي تاريخ ۾ ڪيئي لاها چاڙها ۽ هيٺايون، مٿاهيون ڏٺيون آهن، پر جديد سنڌي
صحافت ۾ نت نوان پيشور رجحان ۽ لاڙا متعارف ڪرائڻ جي جڏهن ڳالهه ٿيندي ته ان ۾
فقير محمد لاشاري صاحب جو نالو به سرفهرست هوندو. ائين چوڻ به غلط نه ٿيندو ته
انور پيرزادي، فقير محمد لاشاري ۽ عبدالرحمان نقاش واري لڏي سنڌي صحافت جو مورڳو
رُخُ ئي موڙي ڇڏيو. سندن ڪردار ۽ پروفيشنل ڪميٽمينٽ جي ڪري ئي سنڌي صحافت ”ڳاڙهي
جمعدار کي چنڊ جهڙو پٽ ڄائو“ واري درٻاري رجحان مان نڪري پيشور، غير جانبدار،
تحقيقي، معلوماتي ۽ مزاحمتي صحافت جي دور ۾ داخل ٿي.
سو فقير محمد لاشاري صاحب جن جي
ٽهيءَ سنڌي صحافت ۾ جيڪي روايتون قائم ڪيون، تنهن جو ئي نتيجو آهي جو سنڌي اخبارن
بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ ڪنهن جي داٻي ۾ اچڻ جي ٽنڊي بهاول وارو ڪيس وڙهيو ۽ اڄ تائين
سنڌ جي ناڻي ۽ پاڻيءَ جهڙن ٻرندڙ مسئلن تي ڄمي بيٺل آهي. نه رڳو ايترو پر ان دور ۾
صحافتي ڪيڊر تيار ڪرڻ جو ڪم به تيزيءَ سان اڳتي وڌيو.سنڌي صحافت هونئن ته قديم
تاريخ رکي ٿي پر صحافتي اصولن تي رهندي ڪردار ادا ڪرڻ وارو صحافتي ٽرينڊ حقيقت ۾
ٿيو ته هلال پاڪستان واري دور کان شروع پر ان عوج عوامي آواز اخبار نڪرڻ کانپوءِ
ماڻيو. سو اڄ به سنڌي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيائي ادارن ۾ جيڪي سينيئر دوست ڊيسڪ
تي توڙي فيلڊ ۾ ڪم ڪندي نظر اچن ٿا، تن جي اڪثريت به ان ٽهيءَ سان تعلق رکي ٿي،
جنهن ٽهيءَ کي فقير محمد لاشاري، انور پيرزادو ۽ عبدالرحمان نقاش واري لڏي صحافتي
سکيا ڏئي تيار ڪيو هو.
مون پنهنجو صحافتي سفر به جنوري
۱۹۹۳ع ۾ جاڳو اخبار ۾ پروف ريڊر طور شروع ڪيو هو. ان وقت
اخبار جو ايڊيٽر فقير محمد لاشاري هو، آئون ۽ گوذي جو سڪايل ملاحُ، جنهن کي به
تنهن وقت جاڳو ۾ ڏينهن جي شفٽ واري انچارج همسفر گاڏهيءَ پروف ريڊر رکرايو هو. ٻئي
ڏينهن واري شفٽ ۾ پروف ريڊر هوندا هئاسين، سڪايل جيئن ته سِجُ لهڻ کان اڳ ڊيوٽي
ڪري هليو ويندو هو، تنهنڪري پروف جي غلطين جو شام جو دير سان جيڪڏهن فقير صاحب
ڪنهن کان پڇاڻو ڪندو هو ته اُهو مان ئي هوندو هوس، هر شيءِ کي پروفيشنل انداز ۾
ڏسندو هو ۽ باريڪ بينيءَ سان رپورٽنگ کان ويندي، ايڊيٽوريل پيج تائين تي عقابي اک
رکندو هو. اڄ به ياد آهي ته هڪ ڀيري سمجھاڻي ڏيندي چيو هئائين ته”پروف ريڊنگ ئي
اصل ۾ اخبار جو انتهائي ڏکيو ۽ حساسُ ڪم آهي، اخبار ڪيتري به بهترين ڇو نه هجي پر
جي غلطين سان ڀريل هوندي ته ڪير پڙهندو؟!“ فقير صاحب جيئن ته هڪ ڪميٽيڊ صحافي ۽
ليکڪ هو، تنهنڪري اخبار جي هر شعبي کي پنهنجي انداز سان ڏسندو، پرکيندو ۽ پروڙيندو
هو.
مون جيئن چيو ته فقير صاحب واري
لڏي جيڪي سنڌي صحافي سيکاري تيارُ ڪيا، ان کانپوءِ ڄڻ ته صحافين جي نرسريءَ جي
تياريءَ کي ئي بريڪ لڳي وئي. هي اهي ماڻهو هئا، جن جي خواهش ۽ ڪوشش هئي ته وڌ ۾ وڌ
سنڌي صحافي پيدا ڪجن، جيڪي نه رڳو سنڌي ميڊيا پر انگريزي اردو ميڊيا ۾ به وڃي
ذميواريون نڀائن، سو اڄ توهان کي سنڌيءَ سان گڏوگڏ پوري ملڪ خاص ڪري سنڌ جي
راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ سنڌي، انگريزي توڙي اردو ميڊيا ۽ جيڪي سينيئر سنڌي صحافي ڪم
ڪندي نظر اچن ٿا، سي فقير صاحب وارن جي ٽهيءَ واري دور ۾ ئي ٺَپي تيار ٿيل نظر
ايندا.
ضيائي آمريت کانپوءِ سنڌي صحافت
۾ گهڻو ڪري کاٻي ڌر جو پڙهيو لکيو لڏو اچي شامل ٿيو هو، جن جو ملڪي، علائقائي ۽
عالمي معاملن کي ڏسڻ ۽ انهن اهميت کي پرکڻ ۽ سمجھڻ جو پنهنجو اندازو هو، نظريي سان
ڪميٽيڊ، آدرشي ۽ اصول پرست هئڻ سبب هنن اهي لاڙا سنڌي صحافت ۾ به متعارف ڪرايا ۽
پنهنجي لکڻين جي ذريعي سنڌ جو ڪيس به وڙهندا رهيا ته سنڌي ماڻهن کي به ٻڌايائون ته
دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري يا دنيا ڪيڏانهن پئي وڃي. پنهنجي پيشي سان انتها جي حد
تائين سچو هئڻ سبب بغير ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي دليريءَ سان پنهنجو موقف پنهنجي پنهنجي
لکڻين جي ذريعي پيش ڪندا هئا.
اخبار گهڻو ڪري معلومات لاءِ
پڙهي ويندي آهي ۽ پڙهندڙ مختلف معاملن تي خبرون پڙهي پاڻ کي اپ ڊيٽ رکندا آهن،پر
فقير صاحب ته ايڊيٽوريل جو ”سڌو مخاطب“ ٿيڻ وارو اهڙو رجحان وڌو جو جاڳو اخبار
ماڻهو خبرن کان وڌيڪ ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ انتظار ڪدنا هئا. ”سنڌ پيپلزپارٽيءَ کان
ڄامُ صادق تائين“ سندس ايڊيٽوريلن وارو ڪتاب ئي جيئري جاڳندي تاريخ آهي ته فقير
صاحب سنڌ لاءِ، جمهوريت لاءِ۽ اصولن خاطر ڪنهن به پهاڙ سان ٽڪرائڻ کان نه ڪيٻايو.
اڄ جڏهن سنڌ فقير محمد لاشاريءَ جهڙي ڪميٽيڊ پٽ جي ورسي ملهائي رهي آهي ته سنڌي
صحافين تي لازمي بڻجي ٿو ته اهي پنهنجي ڪردار تي نظر ثاني ڪن ته ڇا اهي انهن
پيشيور اصولن تي عمل پيرا آهن جن جا بنياد فقير محمد لاشاريءَ واري صحافي ٽهيءَ
وڌا هئا.
گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن اِهي رڻ جا.
فقير محمد لاشاري
وجود ئي وڻڪارَ
جامي چانڊيو
مونکي
زندگيءَ ۾ جن ماڻهن سان بيحد محبت رهي آھي، انهن ۾ هڪ خاص حيثيت سنڌ جي هڪ
يگانيءَ، بهادر، ڏاهيءَ ۽ تخليقيءَ شخص فقير محمد لاشاريءَ جي آهي، جيڪو پنهنجو
قلميءَ نالو ن-م-لاشاري لکندو هو. اڄ هُن جي اٺاويهين ورسي آهي، پر اڄ به هُن جو
مُرڪندڙ ۽ جرڪندڙ چهرو ۽ ساڻس هڪ دوست ۽ ڀاءُ جو قربت ڀريو احساس ائين تازو آهي،
جو لڳي ٿو شام ٿيندي ئي، هُو پنهنجين ڏاهپ ڀرين ڳالهين جا تاڪيا کوليندو ۽ سج هن
جي ڳالهين جي ڳهر ۾ ئي لهي ويندو. مُون سندس وفات کانپوءِ وارو چهرو نه ڏٺو هو، ان
ڪري ڪڏهن هڪ پل لاءِ به نه مڃيم ته ڪو هُو هن جهان ۾ نه رهيو آهي ۽ سندس سدا ملوڪ
چهرو ابدي خاموشيءَ جي ڳنڀيرتا جي مجسم صورت بڻجي ويو هوندو. انسان رڳو هڏ چم جو
مجسم ناهي، انسان احساس، ڪيفيت، ڏاهپ، تخليقيت، زنده دليءَ جي زنده صورت به آهي، ۽
اها ڪنهن جي هڏ چم جي صورت مٽائڻ سان فنا ٿي نه ٿي سگهي. ائين فقير محمد لاشاريءَ
جي زنده وجود جي احساس ۽ سندس يادن کي مُون ڪڏهن به پنهنجي اندر ۾ مئل محسوس ناهي ڪيو،
منهنجي هن سان محبت هن جي زنده احساساتي وجود جي گهاٽي وڻ کي مسلسل پاڻي ڏيڻ سندس
يادن کي ڪڏهن به سُڪڻ ناهي ڏنو ۽ هميشه زنده پئي رکيو آهي.
اسان
جي ٽهيءَ کان اڳ واري کيتر ۾ هڪ ٽمورتي سدائين منهنجي اتساهه جو سبب رهي آهي ۽
انهن ٽنهي سان هڪ گهرو دلي ۽ دوستيءَ جو تعلق به رهيو ۽ اها ٽمورتي هئي. فقير محمد
لاشاري، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ جاويد ڀٽُو، ٽئيءَ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي غير معمولي ماڻهو،
يگانا ۽ ڏاهپ جا ڀنڊار ۽ سنڌ جو ڪيڏو نه الميو آهي، جو اهي ٽئي املهه ماڻڪ ڪُمهلو
ويا هليا.
اهو ڀاڳ
به منهنجي حصي ۾ آيو، جو انهن ٽنهي جي وچ ۾ جيڪو ۽ جيترو به رابطو ۽ تعلق رهيو،
اهو منهنجي ڪري هو. محبت ٻرڙي ۽ جاويد ڀٽي جون مون وٽ سڄي سڄي راتين جون طويل علمي
۽ فڪري ڪچهريون، ائين قمبر ۾ مون وٽ محبت ۽ فقير محمد لاشاريءَ جون نه کٽندڙ ڪچهريون
۽ ڪراچيءَ ۾ جاڳو اخبار ۾ جاويد ڀٽي کي اڪثر فقير محمد وٽ وٺي ويندو هوس. هڪ ٻئي
جو بيحد احترام ڪندا هئا. دل چوندي آهي، ته ڪاش اهو تعلق ڊگهو عرصو هلي ها ۽ انهن
جي ڊگهن ڊگهن مڪالمن مان ڏاهپ جا ڪي نوان آبشار وهن ها ۽ سنڌ جو فڪري وجود وڌيڪ
سيراب ٿئي ها. حادثا ۽ اڻ وڻندڙ اتفاق سنڌ جي اهڙي ڀاڳ آڏو وڏو بند ٿي بيهي رهيا ۽
اهو الميو منهنجي دل ۾ هميشه هڪ ڪانَ وانگر کتل رهندو. ڪاش ائين نه ٿئي ها!
۴ سيپٽمبر ۱۹۵۱ع تي وارهه تعلقي جي ڳوٺ گاجي
کهاوڙ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ فقير محمد هڪ عام زندگيءَ گذاريندي، عام
ماحول ۾ تعليم حاصل ڪندي ۽ زندگيءَ جي انيڪ مرحلن ۽ تجربن مان گذرندي جيڪا خاص ڏاهپ،
علميت، تخليقيت ۽ مڻيا حاصل ڪئي، اسيءَ جي ڏهاڪي ۽ نوي جي ابتدائيءَ سالن ۾ اها سنڌ
جي انقلابي عوامي صدا بڻجي اٿي. هُو ڪجهه وقت اسڪول جو استاد به رهيو، هُو ڊاڪٽر
ارباب کهاوڙ سان گڏ وطن دوست انقلابيءَ پارٽيءَ جي بانيڪارن مان به هو ۽ هُو
بنيادي طور هڪ اديب ۽ نقاد هو، پر هُن پنهنجين سمورين صلاحيتن ۽ تجربن کي آدرشن جا
واهڙ هڪ ڌارا ۾ وهائي اچي عوامي صحافت ۾ گڏ ڪيا هئا. جيتوڻيڪ هُن کان اڳ سنڌي
صحافت سراج ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ هڪ باڪمال دور ڏسي چڪي هئي، ۽ سنڌ لاجواب ۽ بي حد
قابل ۽ محنتي صحافي به پيدا ڪيا هئا، پر سنڌي صحافت فقير محمد لاشاريءَ کان اڳ ۽
پوءِ اهڙي عوامي ۽ عوام دوست توڙي جرئتمند صحافت جو دور نه ڏٺو. هن جو قلم هڪ
انقلابي علم هو، هن پنهنجي قلم کي هڪ اهڙي عواميءَ اسٽيج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو،
جنهن ذريعي هُو روز پنهنجي سماج سان ڳالهائيندو هو، عوام دشمن حڪمرانن کي للڪاريندو
هو، هر ڪوڙ، ڏاڍ ۽ انياءَ سان پير تي ڏونڪو هڻي، انهن سان مهاڏو اٽڪائيندو هو. هن
جي قلم ۾ رڳو عوامي مزاحمت نه هئي، پر غير معمولي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ادراڪ هو.
اهو پڻ سبب هو جو ماڻهو اخبار ۾ خبرن کان به اڳ سڀ کان پهرين هن جو اداريو پڙهندا
هئا. فقير محمد لاشاريءَ جا لکيل اهي اداريا، اخباري ليک ڪٿي هئا، اهي ته سوچون، ڀُڻڪا
۽ واڪا هئا، مزاحمتي للڪارون هيون، عوام جي جذبن جي باغيانه ۽ مزاحمتي ترجماني
هئي، پنهنجي سماج جي رهبري ۽ سونهائپ هئي. ڇا هن لاءِ اهو اعزاز گهٽ هو ته سنڌ جو
هر باشعور ماڻهو صبح جي شروعات فقير محمد جي لکيل ادارين جي ادراڪ ۽ مطالعي سان ڪندو
هو. هن جا ليک مونجهارن ۾ واٽُون ڪڍي ڏيندا هئا، مايوسين کي باشعور اميدن جي جوت ۾
تبديل ڪري ڇڏيندا هئا. ان لحاظ کان فقير محمد هڪ فرد نه پر هڪ لقاءُ هو.
فقير
محمد لاشاريءَ جو سياسيءَ ۽ سماجيءَ شعور غير معمولي طور پُختو، معروضيءَ ۽ تدبيرن
سان سلهاڙيل هو. اسيءَ ۽ نوي جي ابتدائيءَ سالن جي سنڌ جي سماج جي معروضيت ۽
موضوعيت کي گهري ادراڪ سان سمجهڻ لاءِ فقير محمد لاشاريءَ جي مضمونن ۽ ادارين
ذريعي به سمجهي سگهجي ٿو، هُن ۾ هڪ باڪمال سياسي مفڪر ۽ سماجي سائنسدان ويٺل هو،
جنهن پنهنجي اظهار جو ميدان صحافت کي چونڊيو هو. فقير محمد جي عوامي صحافت سچ پچ
به عوام ۽ سماج لاءِ گهري شعور جي صحيفي کان گهٽ نه هئي، ۽ اهو ئي سندس غير معمولي
مقبوليت جو هڪ وڏو سبب هو. هن وٽ رڳو ايذاءَ تي ماتم ۽ قلمي منظر ڪشيءَ ۽ سطحيءَ
مزاحمت نه هئي، پر هن وٽ ادراڪ هو، تدبيرون هيون، جرئت هئي ۽ هن جي ضمير ۾ انقلابي
عوامي ۽ قومي شعور هو، جنهن جو اظهار هُو پنهنجي ذهن، احساس ۽ شعور کي ڌوڏيندڙ لکڻين
سان ڪندو هو.
فقير
محمد بنيادي طور هڪ اديب هو. هن ڪهاڻيون لکيون، ادبي ۽ فڪري مضمون لکيا، سفرنامو ۽
ڪالم لکيا. اهو ئي سبب آهي، جو هُو جتي پنهنجي صحافتيءَ ادب سبب عوام ۾ مقبول هو،
اُتي هو پنهنجي غير معمولي ادبي ۽ تخليقيءَ صلاحيتن سبب شيخ اياز، سائين محمد
ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، سوڀي توڙي سراج الحق ميمڻ کي بيحد ويجهو هو. سائين
جويو صاحب اسان کي سدائين هن جا مضمون پڙهڻ جي تلقين ڪندو هو. شيخ اياز ۽ سراج
صاحب هن کي پنهنجن دوستن ۾ شمار ڪندا هئا ۽ فقير محمد لاشاريءَ جون پليجي صاحب سان
فڪر انگيز ڪچهريون باڪمال هونديون هيون، جن ۾ اڪثر مان به موجود هوندو هوس. اهو
فقير محمد لاشاري هو، جنهن پليجي صاحب لاءِ لکيو هو ته سندس سوچڻ جي رفتار پنهنجي
سماج کان تمام تيز آهي، ان ڪري سنڌي سماج رسول بخش پليجي جي خيالن جي تيز وهڪري کي
پوري طرح پڄي نه ٿو سگهي. مون کي ياد آهي ته پليجو صاحب اهو پڙهي ڪي پهر خاموش ٿي
ويو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ ان ئي شام فقير محمد لاشاري، ڪامريڊ سوڀو، يوسف شاهين گڏجي آيا
هئا ۽ هڪ بي مثال ڪچهري ٿي هئي، ڪاش اهي ڪچهريون رڪارڊ ٿين ها.
فقير
محمد لاشاريءَ هڪ سٺو ۽ منفرد نقاد هو، هن جو لطيف سائينءَ جو مطالعو نهايت باڪمال
هو، هو هر ڳالهه ۾ لطيف سائينءَ جا مثال ڏيندو هو، ۽ هن جا ٺهڪندڙ بيت ٻڌائيندو
هو. هن جو سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ ادبي توڙي فڪري تنقيدي شعور مارڪسزم جي بنيادي
تربيت ڪري بيحد گهرو، وسيع ۽ منفرد هو. هن جون سموريون ادبي لکڻيون هڪ وڏي جلد ۾
شايع ٿيڻ گهرجن ته جيئن هن جو ادبي پورهيو نئين نسل ڏانهن منتقل ٿئي ۽ نئون نسل
پنهنجي هن املهه ماڻڪ کي سڃاڻي سگهي. هو هڪ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار هو، پر هن ۾
شاعريءَ جي پرک جي غير معمولي صلاحيت هئي. فقير محمد لاشاري رڳو نالي ۾ فقير نه
هو، پر پنهنجي سڀاءَ، ڪردار، آدرشن ۽ وَڙَ ۾ به هڪ فقير هو. اندر ۾ جيترو پيچيده
هو، ظاهر ۾ ايترو ئي سادو هو. ڪچهرين جو مور، سفر جو دلبر ماڻهو، سماج لاءِ هر وقت
بي چين ۽ چهري تي سدائين اطمينان بخش مُرڪ سندس سڃاڻپ هئي. ڏکيا ڏکيا موضوع قلم
ذريعي کڻندڙ فقير محمد هڪ بيحد رومانٽڪ، جماليت پسند ۽ فطرت پسند شخص هو. اهو ئي
سبب آهي جو هن جو معاشي حال فقيراڻو هو پر هو اندر جو بيحد امير شخص هو.
سنڌ جي
هن يگاني شخص کي جن جن ماڻهن ڏٺو، ساڻس ڪچهريون ڪيون، کيس پڙهيو، اهي کيس ڪڏهن به
نه وساري سگهيا آهن ۽ نه وساري سگهندو. هو اسان جي تصور ۽ دلين تي اڄ به ائين
تازگيءَ سان مسڪرائي رهيو آهي، جيئن هو ملڻ ۽ موڪلائڻ وقت مسڪرائيندو هو.
(فقير محمد
لاشاري تي گذريل سال ۲۰۱۶ع ۾ ڏھاڙي
ڪاوش ۾ شايع ٿيل - ڀائو درمحمد ٻرڙو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
فقير محمد لاشاري
جرئتمند ۽ ذميدار صحافي
هدايت منگي
لاڙڪاڻي
ضلعي سياست سان گڏ ننڍي کنڊ ۾ ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ به اهڙا اعليٰ ڪردار وارا ماڻهو
پيدا پئي ڪيا آهن جن جي نانءَ کي تاريخ ڪڏهن به وساري ڪا نه سگھندي. ادب، سياست ۽
صحافت، ٽنهي ميدانن ۾ اهڙو اعليٰ هڪ ڪردار اسان جي ماضي قريب جي سنڌ ۾ ملي ٿو جيڪو
آهي فقير محمد لاشاري.
فقير
محمد لاشاري وارهه تعلقي جي ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ هڪ پورهيت لاشاري ڪٽنب جي گھر ۾ جنم
ورتو. گاجي کهاوڙ هلندڙ صديءَ جي شايد وچڌاري ٻوڏن کان پوءِ ان هنڌ قائم ٿيو جتي
سنڌو تهذيب جي مٽجي ويل موهين جي دڙي سان نسبت رکندڙ هڪ وستيءَ جي دڙن تي ماڻهو
اچي ويٺا. گاجي کهاوڙ جي دڙي تي هيءُ ڳوٺ اولھ واري اوائلي شاهي سڻڪ جي اوڀر ۾ اڏيو
جنهن جي اولھ ۾ ڪُشان دور جي هڪ ٻوڌي اسٽوپا جو هڪ نشان تازوئي ۵-۶ سال اڳ مٽجي ڊهي ويوآهي، پر ان جا فوٽو گراف پاڻ وٽ محفوظ آهن.
فقير
محمد لاشاري ثانوي تعليم دوران ئي سنڌ اندر هلندڙ سياسي هلچلن ۾ سرگرم ٿي ويو جتي
کيس سنڌي ڪھاڻيڪارن ۽ نقادن جو حلقو ميسر ٿي ويو. نوان ۽ جديد ويچار رکندڙ ڪھاڻيڪار
ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي صحبت ۾ فقير محمد ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيون ۽ سياست بدران
اندر جي اڌمن کي ادب معرفت وڌيڪ زوردار انداز ۾ ظاهر ڪري سگهڻ جي احساس سان هو ڳوٺ
جي ماستري ڇڏي ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ کان وڃي نڪتو، جتي ادبي ۽ صحافي سرگرمين
کيس تدريسي شعبي ۾ هوندي پاڻ ڏانهن اهڙو ڇڪي ورتو جو هو ادب ۽ صحافت جو هڪ اهم ٿنڀ
ٿي اڀريو.
روزاني
هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر رهي، عالمي صحافت جي ميسر مواد جو مطالعو ڪندو هو.
پنهنجي سماج بابت اهڙو سنجيده ٿي ويو جو بعد ۾ ڪھاڻيون لکڻ به ڇڏي ڏنائين ۽ فقط
مضمون نگاري، تقريرون ۽ تنقيدي نشستن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريائين.
مطالعي
جي شوق ۽ ڪراچيءَ ۾ عالمي ادب جي شاهڪارن جي دستياب هجڻ سان گڏ نهايت سرگرم ادبي
سنگت جي حلقن فقير لاءِ اظهار جا سڀ دڳ کولي ڇڏيا ۽ هڪ سب ايڊيٽر طور وڌيڪ ڪم ڪرڻ
بدران نئين اخبار ”عوامي آواز“ جو پهريون ايڊيٽر ۱۹۸۹ع ۾ بڻيو، پر اتي به پرائي اداري جي احساس سان رهي نه سگھيو ۽ پنهنجي حلقي
سان گڏجي بنھ نئين اخبار ”جاڳو“ جاري ڪيائين، جتي هن پنهنجي ليکي صحافت جا نوان
مثال ۽ روايتون قائم ڪندي سچ گوئيءَ تي عام سنڌي ماڻھوءَ کي به هيرايو. جيتوڻيڪ
فقير جاڳو ۾ ڪارڪنن جي هڪ مظبوط ٽيم جوڙي نه سگھيو البته مضمون، مقالن ۽ ادارتي نوٽن
جي حوالي سان سندس مختصر دور يادگار رهيو، ڇو ته هن لکڻ جا سڀ حجاب ٽوڙي نئون عزم
۽ اتساهه سڄي سنڌ جي پڙهئي لکئي عوام ۾ پيدا ڪري ڇڏيو. سراج الحق ميمڻ کان پوءِ
اهي فقير جا ئي اداريا هئا جن ماڻهن ۾ پڙهڻ جو ٻيهر شوق اڀاريو. کانئس اڳ انتهائي
جرئتمندانه اداريه فقط سراج ۽ شمشير الحيدريءَ جي نالن سان منسوب هئا. سنڌ جي نئين
نسل فقير جي آزاد فڪر جي پوئواري ڪندي سندس ادارين جا ڪتاب ڇپرايا، البت هو ادبي
سرگرمين کان ڪٽجي ويو.
جولاءِ
۱۹۹۳ع ۾ ملڪ اندر سياسي هلچل جو
مشاهدو ڪرڻ هو لاهور ويو جتان جو سارو لقاءُ ڏسي هڪ ٽئڪسيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد اسماعيل
اڍيجو، غلام قادر پليجو ۷ جڳديش
ملاڻي اسلام آباد وڃي رهيا هئا ته هڪ حادثي ۾ سواءِ غلام قادر پليجي جي، ٻيا سڀ
همسفر ڊرائيور سميت موت ڳڙڪائي ورتا.
شديد
صدمو آڻيندڙ ان حادثي کي اڄ پنج سال ٿي ويا آهن. سماج اڃا وڌيڪ اڍنگو ٿي ويو آهي،
پر فقير جهڙو جرئتمند صحافي ڪونهي جيڪو سنڌي صحافت کي ذميدار بنائي. فقير جو مڙهه
لطف الله ميمڻ صحافي ۽ مون گڏجي ايڌي ايمبولنس وارن کان موهين جي دڙي هوائي اڏي تي
شام جي ڳاڙها ڳوڙها ڳاڙيندڙ هڪ ڳنڀير گهڙيءَ وصول ڪيو هو. سندس ڳوٺ پهچي اسان
محسوس ڪيو هو ته سنڌي سماج اجگر جاکوڙ ۽ ويڙهاند کانپوءِ جو هيءُ ذهانت ۽ نئين فڪر
جو ٿنڀ پيدا ڪيو هو سو مٽيءَ حوالي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو چارو ئي نه رهيو هو.
”. . . . . .
. . . . . . . . . هونداسي حيات، مرڻا اڳي جي مئا. “
(عزيز منگيءَ
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹
جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
فقير محمد لاشاري
اياز لطيف دايو
منهنجي
لاء بيحد ڏکوئيندڙ خبر آهي، ڇاڪاڻ تہ ڪراچي جهڙي مصروف ترين شهر ۾ فقير محمد
لاشاري کانپوءِ جيڪي دلي محبتون مليون، اهي پياري جان وٽان مليون، ڄڻ ڪالهہ جي ڳالهہ
آهي، جڏهن هو ڪاوش ڪراچي جي آفيس مان اٿي بمبئي هوٽل جي چانهه پياريندو هو، ڪچهري ڪندو
هو، پيار ڏيندو هو، اهو تعلق ادا فيض سومري ۽ ڀاءُ رياض شاهد دايي جي توسط سان
انهيءَ وقت کان وٺي جڙيو، جڏهن رمپا پلازا ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جون دستوري گڏجاڻيون
ٿينديون هيون، هڪ ڀيري فقير محمد لاشاري گڏجاڻي جي مون کان صدارت ڪرائي هئي تہ
سموري رات خوشي ۾ جاڳي گذاريو هيم، انهن گڏجاڻين ۾ انور پيرزادي، بدر ابڙي، هدايت
منگي ۽ جان خاصخيلي جو ڇا تہ اتساهہ هوندو هو، ڪجهه عرصو اڳ وڇڙي ويل رحمان
خاصخيلي به ساڳي محبتن جو سفير هو، جنهن سان وڏي ڀاءُ جي پاڪستاني ڪوارٽر جي ويجهو
سندس پرائمري اسڪول ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون، جان خاصخيلي سنڌ جو تمام وڏو شاعر، ڪهاڻيڪار،
صحافي ۽ ليکڪ هو، جنهن وٽ ڪو ادبي غرور نہ هوندو هو، جنهن وٽ قلم جو تقدس هو، جنهن
قلم کي وئشيا جي جسم وانگر ڪڏهن وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
مورچي جو هڪ اهم سپاهي هو، جيڪو خاموشي سان پنهنجي حصي جو شاندار پورهيو ڪندو
رهيو، ۽ اڄ سندس وال تي اوچتو سندس وڇوڙي جي خبر ڏسي نيڻن ۾ يادن جا ڪڪر تري آيا
آهن، اڄ مان ڪراچي ۾ آهيان پر ڪراچي مان سوڳ جون گهڙيون کڻي واپس وڃي رهيو آهيان،
جان خاصخيلي سان مسلسل رابطو رهيو پر هاڻي اهو رابطو رڳو روح کي واس ڏيندو رهندو.
(اياز لطيف
دايو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹
جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
فقير محمد لاشاري
(وڻجاري جي ڊائري - آتم ڪٿا
نمبر ۲۰)
اميرالدين ابڙو
ان ريل
جا پڙاڏا منهنجي روح جي پس منظر ۾ گونجن ٿا، جيڪا ۱۹۸۹ ۾ ڪراچي کان لاهور وڃي رهي هئي جتي قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڌي
ادبي سنگت جو جٿو گڏ هو. هن ريل جي هڪ ئي گاڏي ۾ مون سان گڏ منهنجا دل گهريا دوست
هئا، جن ۾ فقير محمد لاشاري، شاهه محمد پيرزادو، عطيه دائود، رئوف نظاماڻي ۽ فيض
سومرو قابل ذڪر آهن. فقير جو بهادرن وارو چهرو سندس ادبي ۽ صحافتي ذوق سان يادن جا
ميڙ کڻي اچي ٿو. مون کي ريل ۾ ٿيل ڪچهريءَ جا سمورا مڪالما ياد ناهن، پر اهو ياد
آهي ته شاهه محمد گهٽ ڳالهائيندو آهي ۽ مرڪندو گهڻو آهي تنهن ڪري فقير محمد ان کي
چيو، تو هميشه ماکي جيان لڳندو آهين. شاهه محمد جي شخصيت اڳتي هلي تمام شانائتي ٿي
۽ سندس دوستي زندگيءَ جي ڪيترن پهلوئن ۾ تمام سهڻا رنگ پئدا ڪيا.
ڪانفرنس
جي دوران الهه داد ٻوهيو پڻ اسان سان گڏ هو ۽ ڪيئي نشستن ۾ اسين تقريرن کي ڇڏي گهمڻ
ڦرڻ نڪري ويندا هئاسين، آئون، شاهه محمد، عطيه ۽ فيض سومرو اڪثر نڪري ويندا
هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن فيض سومرو ۽ عطيه ته ڪڏهن ڪيئن نڪري ويندا هئاسين. هڪ دفعي فيض
۽ عطيه جڏهن واپس اچي رهيا هئا، اسين پنڊال ۾ موجود هئاسين ۽ الهه داد ٻوهيو پڻ
موجود هو ته کين اڪيلو ايندي ڏسي، الهه داد ٻوهيي چيو ته پوءِ شادي ڇو نه ٿا ڪري ڇڏين.
سندس
ان جملي تي عطيه تمام گهڻو رد عمل ظاهر ڪيو ۽ رد عمل ظاهر ڪرڻ جي ڳالهه به هئي. هي
ڪو رومن مملڪت جو زمانو ڪونه هو جڏهن بادشاهت جي دوران غلاميءَ جا تصور گهرائي سان
دنيا ۾ موجود هئا. هي ترقي پسند ادب جي هڪ ڪڙي هئي جتي اسان ڪانفرنس ۾ موجود
هئاسين پر ٻوهيو صاحب پنهنجي انهيءَ غلامانه سوچ جو اظهار ڪيو. پوءِ چيائين ته مون
ڀوڳ ڪيو. ياد رهي ته انسان جيڪي ڀوڳ ڪندو آهي اهي به معاشري جي اوثر ۽ سندس شخصيت
مان نڪري نروار ٿيندا آهن. وڏيرڪي سوچ جا ڀوڳ به وڏيرن جهڙا ٿين ٿا ۽ وڏيرن جي کل ڀوڳ
جو حصو ٿي وڃن ٿا. عطيه جي گرمي ڪجهه ڪلاڪ رهي ۽ انهي واقعي کي به مان نه وساري
سگهيو آهيان.
انهيءَ
سفي اسان جي دوستيءَ ۾ اضافوڪيو ۽ فقير سان جيڪي هلال جي دفتر ۾ ملاقاتون ٿينديون
هيون، اهي هر خميس تي وري شراب جي هڪ محفل ۾ وڌيڪ رونق اختيار ڪرڻ لڳيون. هو
منهنجو ايترو دل گهريو دوست هو، جو آئون پنهنجي عشق جا سمورا قصا هن سان ڪندو هوس.
هڪ وقت هو جڏهن مون پنهنجي مڱڻي ٽوڙي ڇڏي هئي تڏهن مون کي بابا وارن چيو هو ته
اسين تو کي گهر ۾ نه ٿا رکي سگهون. مان ڪراچيءَ ڪي پي ٽي ۾ نوڪري ڪندو هوس پر صدر
جي ڪنهن هوٽل ۾ اچي رهيو هوس. ٽن ڏينهن جي رهائش کان پوءِ فقير اتي آيو ۽ چيائين
توهان ٽپڙ کڻو ۽ منهنجي گهر هلي رهو.
اسان
جو هڪ دوست اسان کي سامهون وارو گهر ڏيئي ويو آهي، تون اتي رهي سگهين ٿو.
مان جڏهن
پهرئين دفعا فقير جي گهر پهتس ته جيڪو پسيم، سو بيان ڪرڻ مشڪل آهي، هي همراهه هڪ ڪمري
واري گهر ۾ رهندو هو جنهن جي باٿ روم ۾ ڪڙو لڳل ڪونه هو. هي اهو زمانو هو جڏهن
فقير جاڳو لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو. روز مختلف ماڻهن سان ملڻ ويندو هو. سندس ساٿ ڏيڻ
وارن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، غلام قادر پليجو، رسول بخش پليجو، سراج، ۽ ٻيا ڪامورا
شامل هئا جن جا نالا مون کي ياد ناهن ۽ انهن جي حيثيت ڪامورڪي وڌيڪ هئي ۽ ادبي يا
صحافتي گهٽ هئي. صرف اشفاق ميمڻ جو نالو ياد آهن جنهن سان بعد ۾ منهنجي به ملاقات ٿي.
سندس ڪنهن دوست هڪ ڪمري واري گهر جي سامهون وارو بنگلو کيس رهڻ لاءِ ڏنو هو جتي هاڻ
هن جا ٻار پڻ رهي رهيا هئا.
فقير
استاد جي حيثيت ۾ ڪراچي آيو ۽ صحافت ۾ سندس داخل ٿيڻ جو سبب سندس انتهائي تخليقي
صلاحيتون هيون جيڪي سندس جيءَ کي جنجهوڙينديون رهنديون هيون. سنڌ جي ماڻهن سان جيڪا
زوراوري ٿئي ٿي، انهيءَ جو اظهار سندس ايڊيٽوريلز ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو جڏهن هو عوامي
آواز جو ايڊيٽرٿيو. منهنجي پهرين ملاقات وقت ته هو سنڌ سجاڳ جو ايڊيٽر هو جنهن جو
مالڪ امداد صاحب آهي جيڪو هن وقت لنڊن ۾ رهي ٿو ۽ ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي آهي.
عوامي
آواز جو دور سندس پهريون اڳتي قدم هو. ڪنهن وقت ۾ هلال پاڪستان کان سوءِ ڪا اخبار
نه هئي، عوامي شايد پهرين پرائيويٽ اخبار هئي جنهن جو تصور فقير انهيءَ جي مالڪن
کي ڏنو. سنڌي صحافت ۾ اخبارن جو تمام گهڻو ڪردار رهيو آهي. جيڪڏهن اهي اخبارون نه
نڪرن ها ته هن وقت جيڪي سنڌي صحافت جي اهميت آهي، سا ٽي وي چئنلز سميت ايتري مقبول
نه هجي. انهيءَ اخبارن جي لشڪر کي سامهون آڻڻ ۾ فقير جو وڏو ڪردار آهي، بلڪ ائين
چوڻ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي صحافت کي روشن بنائڻ ۾ فقير هڪ چنڊ جي حيثيت رکي ٿو.
عوامي
آواز جي مالڪن سان سندس ملازمت واري حيثيت هئي پر سندس طبيعت ۾ جيڪا ان تڻ هئي سا
کيس جاڳو جي طرف کڻي ويئي. جاڳو ۾ ڪجهه ماڻهن حصو وڌو، خاص حصو شايد غلام قادر
پليجي جو هو جو فقير جي گذاري وڃڻ کان پوءِ انهيءَ جي مالڪي سندن حوالي ڪئي ويئي.
جاڳو جڏهن وجود ۾ آئي ته فقير جي مقبوليت جي ڪري ته بظاهر بهترين اخبار سمجهي
ويندي هئي پر سرڪيوليشن تي نظر رکڻ واري پروفيشنلز ان ۾ نه جي برابر هئا، فقير
سياست تي نظر رکندي ايڊيٽوريل تي زيادهه ڌيان ڏيندو هو باقي سرڪيوليشن جو ڏانءُ نه
هن کي ايندو هو نه ئي هو ٻه ئي ڪم هڪ ئي وقت ڪري سگهيو ٿئي. ايڊيٽر ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي
سفارشي وٽس پهچي ويندا هئا ۽ نمائندگي حاصل ڪرڻ لاءِ چڪر ڪاٽيندا رهندا هئا.
نمائندي
کي ڪابه پگهار نه ملندي آهي بلڪ هن کي نمائندگي ملڻ تي هار پارايا ويندا آهن
هن هڪ ڏينهن
مون کي چيو. اهو حال آهي بدعنوانيءَ جو صحافت ۾ ته بغير پگهار جي نمائندگي ملڻ تي
مبارڪون ملن ٿيون تنهن جو مقصد آهي ته اخبارن ۾ جيڪي خبرون هلن ٿيون، توهان سوچيو
ته اهي ڪيتري حقيقت تي مبني هونديون.
مان
عوامي آواز ۾ به سب ايڊيٽر هوس، جاڳو ۾ به سب ايڊيٽر طور رهيس. فقير سان دوستي
تمام گهڻي گهري هئي پر پگهار نه ملڻ جي ڪري نوڪري ڇڏي ويس. اهو حال هن وقت تائين
اخبارن جو آهي ته پگهارون کائي وڃن ٿا. پگهار ورهائڻ وارو هڪڙو دوست انتهائي مڪار
طبيعت جو ماڻهو هو جنهن جي شڪل ڏسندي ئي دل نه چوندي هئي ته انهيءَ کان پگهار جو پڇجي.
حساس طبيعت ماري ڇڏيو هو مون کي.
جاڳو ڇڏڻ
جي ڪري ٻيو ڪو افسوس ڪونه هو پر اهو هو ته موٽندي مهل اڪثر آئون فقير سان سندس گهر
تائين ويندو هوس يا وري بوٽ بيسن تي ويهي گڏجي ماني کائيندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي جي
محبوبائن کي ياد ڪندا هئاسين يا وري انهن جو حال احوال ڪندا هئاسين. سمنڊ کيس تمام
گهڻو پسند هو ۽ انهيءَ جي لهرڻ ۾ اڪثر گم ٿي ويندو هو. اسان سمنڊ تي به ڪيئي دفعا
پنڌ واسطي گهمندا رهياسين جو ٻنهي جون محبوبائون جدا جو ٿي ويون هيون.
سند
گهر وارن ۾ نصرت لاشاري، امڙ، سارنگ، رچنا ۽ تخليق سان تمام گهڻا ويجها تعلقات
رهيا جو لاشاري صاحب سان دوستيءَ نه پر محبت جو تعلق هو. کين شاباس هجي جو انتهائي
غريب حالت ۾ مون جهڙي عاشق کي گهر ۾ رهايائون.
جڏهن
گهر کان جدا ٿيل هوس ته ٻيو ڪير ته گهر مان مون سان ڪونه ڳالهائيندو هو، صرف بابا
فون ڪندو هو يا وري آئون کيس فون ڪندو هوس. ان وقت بابا سکر ۾ سينئر سول جج هو. جڏهن
ڪجهه ڏينهن بابا جي فون نه ايندي هئي ته آئون فقير جي فون استعمال ڪري فون ڪندو
هوس جيڪا تمام مهنگي هئي، انهيءَ تي کيس تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي پر مون ۾ چوريءَ
جي عادت هئي سو آئون چوريءَ واري فون کان رهندو ڪونه هوس.
سندس
موت مون لاءِ ائين ئي هو جيئن پنهنجي پهرين گهر واري ياسمين جو موت ٿيو. ٻنهي سان
آئون هڪ جيترو پيار ڪندو هوس ۽ ٻنهي جو موت لاڳيتو ٿيو. صرف ڇهن مهينن جو فرق هو.
مون زندگيءَ تمام گهڻن دوستن کي وڃايو آهي جن جي اڻ هوند جو خال ڀرجي نه سگهيو
آهي. نه ئي وري ڪڏهن ڀرجي سگهندو.
(اميرالدين
ابڙو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹
جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
ف م لاشاري
ڪجھ يادون
رئوف نظاماڻي
آئون
گھڻي عرصي کان فقير محمد لاشاري سان پنهنجي ذاتي تعلق متعلق تفصيل سان لکڻ چاهيان
پيو پر الائي ڇو لکي نه سگھيس. سندس وفات کان فوري پوءِ سندس ويجھي دوست، جنهن سان
منهنجو به سندس حوالي سان تعلق هو، عبدالرحيم سمون، جيڪو ان وقت ڪي اي ايس سي ۽ هاڻي
ڪي اليڪٽرڪ ۾ انجنيئر هو، مون کي ڏه هزار روپيا ڏنا ته ان مان لاشاري تي ڪو سٺي
نموني پروگرام ڪرايو. اهي پئسا مون ان وقت سنگت ڪراچي جي سيڪريٽري رزاق سهتو جي
حوالي ڪيا. انهن پئسن مان انهن ڪراچي جي ڪنهن هوٽل ۾ اهو پروگرام ڪرايو جنهن ۾
انهن مون کي به مضمون پڙهڻ لاء چيو هو. اهو مضمون خبر ناهي ته ڪٿي هليو ويو. ان
کانپوء تفصيل سان ڪا شي لکي نه سگھيو آهيان.
فقير
سان منهنجو تعلق ان ريت قائم ٿيو. ان وقت اسان ڪجھ دوست سنڌي عوامي تحريڪ کان ڌار ٿي
ڊاڪٽر ارباب جي وطن دوست ۾ شامل ٿيا هئاسين. فقير ان وقت ڊاڪٽر ارباب جو ويجھو
دوست ۽ وطن دوست جي اهم ڪارڪنن ۾ شامل هو. هو پارٽي جو نظرئي دان سمجھيو ويندو هو.
اهڙي ريت منهنجو ساڻس تعلق جڙيو. اسان ۾ هڪ ڳاله اها گڏيل هئي ته اسان ان سياسي
جماعت ۽ ان جي اڳواڻن مان مطمئن نه هئاسين ۽ وقت سان گڏوگڏ ان کان لاتعلق ٿي ويا
هئاسين.
فقير
شروع ۾ ڪراچي آيو ته اسڪول ۾ استاد هو ۽ پوء اها نوڪري ڇڏي صحافت ۾ آيو ۽ هلال پاڪستان
جوائن ڪيائين. اسان جي تعلق جو هڪ حوالو اهو به هو. ڇاڪاڻ ته لکڻ وغيره جي حوالي
سان منهنجو به هلال سان واسطو هو ۽ اتي اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو. هڪ ٻيو حوالو سنڌي
ادبي سنگت هو. اهڙي ريت اسان جي دوستي ٿي جيڪا سندس گذاري وڃڻ تائين قائم رهي.
فقير
پنهنجي خاندان ۽ گھر وارن سان لاڳاپيل ماڻهو هو. هو جيتوڻيڪ ڪراچي اڪيلو آيو هو پر
سندس واسطو پنهنجن ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن سان لاڳيتو هوندو هو. مون کي ياد آهي ته جڏهين
سندس وڏو پٽ بيمار هو ته ان وقت سندس گھر وارا ڳوٺ ئي رهندا هئا پر هو ان کي ڪراچي
وٺي آيو هو ته جيئن ان جو مناسب علاج ٿي سگھي. سندس اهو پٽ بيماري وگھي گذاري ويو
۽ هو گھڻي عرصي تائين ان جو ڏک کڻي هلندو رهيو. ساڳي ريت جڏهين هو پنهنجن ٻارن کي ڪراچي
وٺي آيو ته سندس پنهنجي ٻئي پٽ سارنگ ۽ ڌيئرن نصرت ۽ تخليق وغيره سان گھڻو لڳاء
هوندو هو. هو انهن سان هڪ پي کان وڌيڪ دوست وارو ورتاء ڪندو هو. انهن سان ويهي ڪچهري
ڪندو هو، سافٽ بال سان ڪرڪيٽ کيڏندو هو. ساڳي ريت سندس پنهنجي زال سان عزت ۽ پيار
وارو رويو هوندو هو. ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ پنهنجي زال کي مار ڪڍڻ مردانگي ۽ ان کان وڌيڪ
زال سان مڙس جو پيار ڪري سمجھيو ويندو آهي. هو ٻڌائيندو هو ته يار ڳوٺ وارا چوندا
آهن ته هن کي ته پنهنجي زال سان پيار ئي ناهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهين مٿس هٿ ناهي
کنيو. هو پنهنجن روين ۽ ورتاء ۾ هڪ متوازن ۽ مهذب ماڻهو هو.
اها
سندس شخصيت جي ڇڪ هئي ته سندس گھڻا خاص طور ذاتي دوست اهو چاهيندا هئا ته هو رڳو
سندن لاء مخصوص هجي ۽ سندن هوندي ٻئي ڪنهن کي وقت نه ڏئي. منهنجو جيئن ته ساڻس گھڻو
وقت گذرندو هو ان ڪري مون پاڻ ان ڳاله کي محسوس ڪيو. هو چوندو هو ته يار اهي ماڻهو
دوست ۽ زال ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿا ڪن ۽ سندن اها خواهش آئون پوري نه ٿو ڪري سگھان.
فقير
جو سنڌي ادبي سنگت سان هڪ ڊگھو تعلق رهيو. منهنجي خيال ۾ ڪراچي اچڻ کانپوء جلد ئي
هو سنگت سان لاڳاپجي ويو هو. هو گھڻو عرصو ڪاروباري ڪاميٽي جو رڪن ۽ اٽڪل ست سال ڪراچي
شاخ جو سيڪريٽري رهيو. آخري وقت ۾ هو گھڻو سرگرم نه رهيو هو. ان سلسلي ۾ اسان جي
اها گڏيل ڪوشش هوندي هئي ته سنگت جي معاملن کي افهام و تفهيم سان هلائجي. ان ئي
حوالي سان غلام حسين رنگريز جي سنگت جي سيڪريٽري جنرل هئڻ واري دور ۾ اسان ٻيئي گڏجي
رنگريز سان ملڻ لاء ميرپور بٺوري ويا هئاسين ۽ وٽس رات رهيا هئاسين. اهڙي ريت هڪ ڀيري
سنگت جي هڪ سالياني ڪانفرنس ۾ گڏجي حيدرآباد وڃڻ ٿيو هو. ڪانفرنس کانپوء رات ڊاڪٽر
الهداد ٻوهئي جي گھر رهيا هئاسين.
اسانجو اهو تعلق ادبي نوعيت جو به هو ۽ ذاتي
نوعيت جو به. اسان ٻنهي جو هڪٻئي جي گھرن ۾ اچڻ وڃڻ هوندو هو ۽ اسان جي گھر وارن
کي ان جي چڱي ريت خبر هوندي هئي.
ائين ٿيندو
هو ته ڪٿي اسان مان ڪنهن هڪ کي به وڃڻو هوندو هو ته ڪوشش اها هوندي هئي ته ٻيئي گڏجي
وڃون. اهڙو هڪ پروگرام سنگت گھوٽڪي پاران فقير سان رٿيو ويو هو. اهي سڀ اسان ٻنهي
جا گڏيل دوست هئا ۽ انهن جو اهو اصرار به هو ته اسان ٻيئي اچون. اتي اسان ٻيئي گڏجي
وياسين. پروگرام سان گڏ دوستن شهر جي آسپاس مومل جي ماڙي ۽ ٻيون جيڪي ڏسڻ ۽ گھمڻ
جهڙيون جايون هيون اهي به ڏيکاريون. هڪ ڀيري اداره امن و انصاف پاران ملتان ۾ هڪ
ورڪشاپ رکيو ويو هو جنهن ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي حوالي سان منهنجو مضمون به
شامل هو. اداري وارن کي مون خاص طور چئي فقير جو نالو ان ۾ شامل ڪرايو. ان پروگرام
۾ اردو جا مختلف اديب ۽ شاعر شامل هئا جڏهين ته اسلم اظهر لاهور مان آيل هو. ان
وقت شاليمار ايڪسپريس ملتان تي اسٽاپ ڪندي هئي. اداري وارن پارلر ۾ سڀني جي بڪنگ ڪرائي
هئي. ان سفر ۾ خاص طور اردو شاعر قمر هاشمي جي مزاحيه شاعري ۽ ٽوٽڪن مان سڀيئي سڄو
رستو مزو وٺندا رهياسين. ملتان ۾ اسان کي اداري جي هاسٽل ۾ رهايو ويو جتي کاڌي
پيتي وغيره جا وقت مقرر هئا ۽ سڀني کي ان شيڊول مطابق هلڻو پوندو هو. . هتي رحيم
بخش آزاد، جيڪو اداري جو ملازم ۽ ان جي رسالي جفاڪش جو ايڊيٽر هو اسان سان گڏ هو.
آزاد جا ملتان جي سرائيڪي اديبن وغيره سان واسطا هئا. فارغ وقت ۾ اسان ٽيئي ڄڻا
مختلف ماڻهن سان ملڻ لاء نڪري ويندا هئاسين. اهي ٻه ٽي ڏينهن اسان جي لاء يادگار
هئا ۽ سٺيون ۽ خوشگوار يادون کڻي ريل ذريعي ئي ڪچهري ڪندا واپس موٽياسين.
ان
دوران دادو ۾ عبدالله مگسي جي ڪتاب تي پروگرام هو جنهن ۾ مون کي ۽ فقير کي دعوت ڏني
ويئي هئي. پروگرام ان ريت ٺهيو ته اسان ٻيئي يوسف شاهين جي گھر پهتاسين جتان سندس
گاڏي ۾ معمار ڪامپليڪس ۾ تاجل بيوس جي گھر آياسين. اتان اسان دادو پهتاسين.
پروگرام کانپوء رات دادو ۾ رهياسين. تاجل اتان شايد خيرپور هليو ويو. اسان ٽيئي ڄڻا
واپس آياسين. رستي ۾ نوري آباد وٽ يوسف شاهين جي ڪارخاني تي بيٺاسين جتي هن اتي ڪم
ڪار جو جائزو ورتو ۽ اهڙي ريت اسان واپس ڪراچي آياسين.
ڪجھ
وقت کانپوء فقير ڪنهن ڪانفرنس ۾ انگلينڊ ويو. اتان موٽڻ کان پوء مون کي فون ڪيائين
ته يار بدين هلڻو آهي. ٽنڊو باگو جي سنگت ليڪچر جو پروگرام رکيو آهي. اسان ٻيئي
ليمارڪيٽ تان بس ۾ بدين لاء روانا ٿياسين. بس جو ٿڪائيندڙ سفر هو. بس جيئن ئي بدين
شهر ۾ داخل ٿي ته اتي بس مان لهي پياسين. اسان کي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گھر وڃڻو
هو. پڇا ڪندا اتي پهتاسين. اسان جي رهائش اتي هئي. رات جو آڪاش سان گڏجي ٽندو باگو
۾ سنگت جي پروگرام ۾ وياسين جتي ٻين دوستن سان گڏ شمشيرالحيدري به موجود هو. رات
جو دير سانِ موٽي بدين ڊاڪٽر آڪاش جي گھر آياسين. ٻئي ڏينهن ڪراچي واپسي جو
پروگرام هو پر آڪاش جي اصرار تي هڪ ڏينهن اتي وڌيڪ رهي پياسين. ان رات آڪاش اسان
کي تلهار کان شادي لارج وٺي هليو جتي هن اسان کي هڪ فنڪار سان ملايو جنهن کي شايد
صدارتي ايوارڊ مليو هو. سندس نالو مون کي وسري ويو آهي. جھنگ ۾ آسمان هيٺان ويهي ڪچهري
ڪئيسين. واپسي ۾ تلهار ۾ آڪاش جي هڪ ڊاڪٽر دوست سان ڪچهري ڪري بدين آياسين جتان ٻئي
ڏينهن حيدرآباد رستي، جتي ابراهيم جوئي سان ڪچري ڪئيسين ۽ موٽي ڪراچي آياسين.
۱۹۸۹ ۾ لاهور ۾ جمهوريت پسند مصنفين جي ڪانفرنس ۾ سنڌي اديبن جو جيڪو وفد ويو
هو ان ۾ به اسان ٻيئي شامل هئاسين. ان ڪاندرنس ۾ مون جمهوريت ۽ ثقافت جي عنوان سان
مضمون پڙهيو هو.
سندس
جاڳو ۾ وڃڻ کانپوء اسان جو ملڻ گھٽجي ويو هو. بهرحال پوء به هڪ تعلق هوءِ ملاقات ٿيندي
رهندي هئي. هڪ ڀيري بدر ابڙي فون ڪيو ته فقير جي طبيعت ٺيڪ ناهي. ان وقت فقير
معمار ڪامپليڪس جي ويجھو رهندو هو. اسان ٻيئي گڏجي اتي وياسين. طبيعت ٺيڪ نه هئڻ
جي ڪري هو گھر ۾ ئي هو. بهرحال اسان اتي ساڻس ڊگھي ڪچهري ڪئي ۽ ماني به کاڌيسين.
اهو شايد ۱۸ مئي ۱۹۹۳ جو ڏينهن هو. ٻن مهينن کانپوء ۱۸ جولائي ۱۹۹۳ تي جيئن آئون آفيس وڃڻ لاء
گھران نڪتس پئي ته بابا، جنهن جي هٿ ۾ هلال پاڪستان هئي، مون کي ٻڌايو ته توهانجو
دوست ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو آهي.
(رئوف نظاماڻيءَ
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵
جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا