مائي ڀاڳي
ٿر جي ڪويل (سندس ورسيء تي کيس
ڀيٽا)
محمد سليمان وساڻ
ٿر جتي نازڪ دليون، جانٺا جسم ڏينھن جي سختين سامھون اڏول رات جي ٿڌڪار ۾ ڏھرن
۽ ڀٽن جي ڀر ۾ ڪنن تي ھٿ رکي ڪڏھن ٽيجون الاپين ته ڪڏھن ورساڙو ۽ ڪجلئي ٻول جا چئي
پنھنجي اميدن ۽ آسن کي مظبوط ڪري ايندڙ اڀرندڙ سج سان سيني ساھڻ جون تياريون ڪن. زندگي
نھايت سخت آھي تيز ٻرندڙ سج ۽ سالن جو سوڪھڙو مقابلي لاءِ ھر وقت موجود آھي ان ۾ زندگي
کي ڏورڻ ۽ ان جي مشڪلن کي مڙس ٿي مقابل ٿيڻ جو احساس شامل آھي ۽ اھوجذبول تڏھن وڌيڪ
وڻندڙ ۽ ھانو کي ٺاريندڙ لڳندو آھي جڏھن ٿر جي ٿڌين راتين ۾ پر انھين ڀٽن مان ڪوئل
جي ڪوڪ وانگر ڪو اوچتو آواز اسرندو ھو ۽ اھو ڏھرن توڙي ڀٽن کي پنھنجن سرن ۾ سمائي سرھو
ڪري ڇڏيندو هو.
