; سنڌي شخصيتون: ماسي، سدوري، قربائتو، ڪردار، منظور، ڪوھيار،
Showing posts with label ماسي، سدوري، قربائتو، ڪردار، منظور، ڪوھيار،. Show all posts
Showing posts with label ماسي، سدوري، قربائتو، ڪردار، منظور، ڪوھيار،. Show all posts

17 July, 2016

ماسي سدوري - منظور ڪوھيار

ماسي سدوري
قربائتو ڪردار
منظور ڪوھيار
عبدالرحيم ڪلهوڙي جي ڳوٺ جو ذڪر نڪتو، ته هڪ اهڙو قربائتو ڪردار ياد اچي ويو، جنهن جي قرب جو احساس اڃا تائين ذهن ۾ ٻيرن جي خوشبوءِ ۽ کجيءَ جي ڏوڏن جي مٺاڻ مثل تازو آهي. اهو ڪردار هيو، ماسي سدوريءَ جو. سچ پچ ته ماسي سدوري، رڳو نالي جي سدوري نه هئي، پر لڳندي به سدوري هئي. ٻاجھاري ٻولي، منهن ۾ نيمڪ، چپن تي مرڪ، ڪڻڪ رنگي، سنهڙي، ڦڙت جھڙوڪر ڇيهل. ماسي سدوري هئي، ته منهنجي نانيءَ جي سنگتياڻي، پر اَمان جو اُن کي ماسي سڏيندي هئي، سو اسان ٻارن جي به ماسي هئي.