فقير جانڻ چن
موت جي مارڻ جو مان
ناهيان
ابراهيم لاشاري
پنهنجي سنڌ ڌرتي کي
اهو اعزاز حاصل آهي هي سرزمين صوفين، فقيرن، امن، رواداري وارن جو ديس سڏيو وڃي ٿي
هن ڌرتي هر دور ۾ ڪيترن ئي املهه انسانن کي پنهنجي سيني تي جنم ڏئي پنهنجو پنهنجي
ديس جي ماڻهن جو نالو هميشه جرڪايو آهي، اهڙي طرح منهنجي شهر وارهه کي پڻ اهو شرف
حاصل آهي ته هن علائقي جي املهه انسانن جنهن ۾ عالم، اديب، شاعر، سگهڙ، ڪالم نگار،
سياستدان، صحافي، پڻ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هن ڌرتي سان گڏ پنهنجو نالو ڏيهان
ڏيهه مشهور ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي انهن
منجهان وارهه ڀرسان ڳوٺ ٿرڙي هاجران جي
فقير محمد حسن چن کي اها گهڙي نهايت خوشين جي نصيب ٿي جو سال ۱۸۹۵ع ڌاري صوفي مشن ٻار جانڻ چن جي نالي سان
سندس گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد فقير محمد حسن چن بلوچستان جي هڪ (بروهي قبيلي)
منجهان رحيم خاتون سان شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي نڪاح ڪيو هو هن صوفي فقير جانڻ چن جو ٻانگ
جو نالو (جان محمد چن) رکيو ويو مڱر فقير جانڻ چن کي مرشد وري (صادق علي) جي خطاب
سان هميشه ڪوٺيندا هئا. پاڻ شاعري ۾ تخلص
وري (جانڻ چن) استعمال ڪندو رهيو جڏهن هي صوفي صفت ٻار نصابي تعليم جي عمر کي پهتو
ته گهر وارن سندس کي ديني تعليم ڏيارڻ
خاطر مدرسي منجهه ويهاريو مسلسل (ٽي سال) هي صاحب ان مدرسي منجهه پڙهيو مڱر قرآن
پاڪ جو ڪجهه (ايميون) پڙهي پڙهڻ کان نابري واريون، مدرسي جي معلم سندس گهر وارن
سان هن جي پڙهائي جو سربستو احوال اوريو ته هي ٻار هت پڙهي نه سگهندو پوءِ جلد جانڻ سائين پڙهائي واري سلسلي منجهان هٿ
ڪڍي وڃي مال چارڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي جهنگ ۾ اڪيلائي پسند ڪرڻ لڳو، جان محمد
المعروف جانڻ چن صاحب يارهن، ٻارهن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته سندس والد ديني عالم
فقير محمد حسن چن هن دنيا مان وصال ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، جانڻ سائين پاڻ
هميشه اڪيلائي پسند ڪندا هئا انهي زماني منجهه پيرن جي پير (سيد عبدالقادر جيلاني
بغدادي رح) تي ڀروسو رکندي هر ڏکي گهڙي منجهه هميشه زبان تي (يا دستگير) جو اسم
اوچاريندي نظر آيا سال ۱۹۱۹ع ڌاري خلافت تحريڪ واري زماني منجهه مسلمان ۽ هندو هڪ ٿي انگريزن (گورن)
خلاف مخالف ٿيا هئا ته جانڻ چن سائين پنهنجي ڀاءَ بخشل چن سان انقلابي شاعري ڪرڻ
شروع ڪيائون جلد ئي شاعري جي ڪري عام خلق خدا وٽ وڏي مشوري ماڻيائين، پاڻ جانڻ
سائين ٽيهن سالن جي ڄمار کي پهتو ته وارهه تعلقي جي (کيٽاڻ) ڳوٺ جي کيٽاڻ خاندان جي معزز گهراڻي منجهان شادي وارو نڪاح ٿيو
جنهن منجهان رب سائين پنج نِاڻين ۽ چار نرينان اولاد عطا ٿيس جن منجهان ٽي نياڻيون
ننڍي هوندي رحلت فرمائي ويون پٽن ۾ فتح علي چن، شوڪت علي چن، محمدعلي چن مست ۽ هڪ
فرزند ننڍي هوندي رب سائين کي پيارو ٿي ويو هو فقير جانڻ چن پيٽ گذر لاءِ (درگاهه
حيدر شاهه تعلقه وارهه) ان جي ڀرسان هڪ هندو سيٺ جي (ڏهه جريب) زمين هارپي تي ڪري
پنهنجي زندگي جو گاڏو پئي گهليائين اسان جو ملڪ پيارو پاڪستان جڏهن آزاد ٿيو ۽
هندن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي ته هندو جڏهن ملڪ ڇڏي هليا ويا ته اها زمين سندس جي نالي
تي الاٽ ٿي مڱر زمين جي وارثي نه ڪيائين فقير جانڻ چن سائين ننڍي وهي کان ئي توڪل
تي يقين رکندڙ انسان هئا صدائين من ۾ (حق موجد) جو آواز بلند ڀائي ڪندي نظر آيا
هميشه من منجهه اهيو خيال هوندو هيس ته (اڄ ڏنو ٿين سڀاڻي به ڏيڻ وارو رب ڪريم
آهي) فقير جانڻ چن غريبن جو هڏ ڏوکي انسانيت جو علمبردار ٿي لوڪان لوڪ مشهوري ماڻيائين
جڏهن هاري تحريڪ جو پايو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وڌو ته هي فقير به ان تحريڪ جو حصو
بڻجي غريبن، هارين، مسڪين، ماروئرن جي دردن جو درمان بڻجي ان وقت جي اليڪشن منجهه ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جو چٽو پٽو ساٿ ڏنائين ان اليڪشن ۾ تر جي مشهور زميندارن حاجي خان ڪلهوڙو
۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب وڏو اثر رسوخ استعمال ڪري سندس جي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ پئسن جو
طرح طرح جون لاچون ڏئي حاصل ڪرڻ پئي چاهيو مڱر هي صوفي مشين شاعر سمورين لاچن کي ٿڏي
غريبن رهارين جي حقن جو آواز بلند ڪندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿ ڏنو، ان
زماني منجهه پنهنجي من جو آواز انقلابي شعر چئي عام خلق ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرڻ ۾
ڪامياب ويو پاڻ ان زماني منجهه هارين جي حقن جي ڳالهه ڪهڙي نه بهترين نموني ڪري
عام خلق کي ٻڌائي ٿو؛
