; سنڌي شخصيتون: شاهه نصير، گل مورو، نوشھروفيروز، پارو واھ، زاھد رڄپر،
Showing posts with label شاهه نصير، گل مورو، نوشھروفيروز، پارو واھ، زاھد رڄپر،. Show all posts
Showing posts with label شاهه نصير، گل مورو، نوشھروفيروز، پارو واھ، زاھد رڄپر،. Show all posts

10 July, 2016

شاهه نصير

شاهه نصير

صوفي شاعر

گل مورو


هيڪر ويهه اچي، نوشهري ۾ نصير چوي...

صوفي شاهه عنايت شهيد، ڀٽائي، سامي، سچل جو صوفياڻو فڪر ۽ شاعري هند توڙي سنڌ ۾ دنيا جهان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تصوف واري فڪر يعني انسانيت واري فڪر سان اڄ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، اهو ئي پيغام کڻي هند ۽ سنڌ جو صوفي شاعر شاهه نصير، جنهن ساهتي پرڳڻي جي شهر نوشهروفيروز ۾ ۱۲۲۳ هجري ۾ ان وقت جي ناليواري صوفي شاعر عبدالحي نقشبندي جي گهر ۾ جنم ورتو. اهو ئي سندس والد عبدالحي نقشبندي جهوڪ ميرانپور جي صوفي شاعر ۽ تصوف جي پرچارڪ فضل الله قلندر جو دوست بڻيو ۽ ان جي وفات کان پوءِ صوفي شاهه نصير سندس اها واٽ جيڪا شاهه عنايت شهيد واري فڪر مان سندس والد کي نصيب ٿي هئي، اهو ئي پيغام کڻي جهر جهنگ ۾ نڪري پيو، جنهن جي شاعري سنڌي، اردو، فارسي، سرائيڪي اڄ به ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي، جنهن ۾ سندس مشهور صوفي ڪلام آهي ته: