علي نواز تڳر
ھڪ انسان دوست استاد
مظهر خاصخيلي
جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ جنم وٺي ٿو، ان کي هڪ نه هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏي موت جو
مزو چکڻو پوي ٿو. پر ڪي موت اڻ مندائتا ٿيندا آهن، اهي جيءَ کي جهوري وجهندا آهن. ائين
ئي ۱۸ اپريل تي فقير صفت ماڻهو ۽ تعليمي ماهر استاد علي نواز جي وڇوڙي وڍ وڌا آهن.
سندس موت هزارين دلين کي جهير وجهي ڇڏيا آهن ۽ نوشهروفيروز باءِ پاس ڀرسان سندس ڳوٺ
گل محمد تڳر ۾ جڏهن سوين ماڻهو مختلف برادرين سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي سياسي پارٽين
۽ تنظيمن جا اڳواڻ سندس جنازي ۾ جڏهن شامل ٿيا هئا ته ان وقت هر ماڻهو ائين اوڇنگارون
ڏئي روئي رهيو هو ڄڻ علي نواز تڳر ان جي گهر جو ڀاتي هجي. اهو رشتو ڪي ڪي ماڻهو جوڙيندا
آهن جنهن رشتي کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، ۽ اهڙو ماڻهپو گهٽ ماڻهن ۾ ڏسڻ لاءِ ملندو
آهي، جن لاءِ هر اک روئندي هجي ۽ هر دل دانهون ڪرڻ تي آتي هجي. اهي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ
۾ ڪامياب ماڻهو ليکيا ويندا آهن. استاد علي نواز تڳر کي گهڻي ڀاڱي نوشهروفيروز جي آسپاس
جي ڳوٺن جا پڙهيل لکيل نوجوان ۽ ٻهراڙي جا ڳوٺاڻا سائين علي نواز ڪري سڏيندا هئا. اڄ
جڏهن هو اسان سڀن وٽ جسماني طور موجود ناهي، ان وقت ان جي ڪمي محسوس ڪجي ٿي. ڇو ته
اسان نوشهروفيروز ضلعي جا رهواسي، ان استاد علي نواز جهڙي ٻاجهاري ماڻهو کي ٻيهر ان
ديس تان ڪيئن ورائي وٺي اينداسين، جنهن ديس تي هيڪر ڪير به ويو ته اتان ٻيهر واپس ناهي
وريو ۽ سائين علي نواز به اهڙي ڏوراهين ديس تي جسماني طور موڪلاڻي ڪري هليو ويو آهي.
