معراج محمد خان
کاٻي ڌر جي اصول پرست سياستدان جو لاڏاڻو
رياض سهيل
معراج محمد خان جو خواب ملڪ تي مظلوم
۽ پيڙهيل ماڻهن جي حڪمراني هئي ۽ هو اهو خواب اکين ۾ کڻي ئي دنيا ڇڏي ويو. ان خواب
جي پورائي لاءِ هن ايوب خان ۽ جنرل ضياءُ الحق کان علاوه ان پيپلز پارٽيءَ کي به ڇڏي
ڏنو هو، جنهن جي منشور ۾ سندس سوچ ۽ فڪر جو به نچوڙ شامل هو.
