جمال الدين فقير
جيڪو پڻ جدا ٿي ويو
نواز ڪنڀر
ھو سُر وکيرڻ کان اڳ ۾ ئي سنڌ، صوفيت،
سادگي ۽ فقيري جو ٻاھريون تعارف پنھنجي وضعداري سان دنيا آڏو ڪرائي ڇڏيندو ھو ۽ ڳائيندي
جھڙوڪر ھو سنڌ جي دکن ۽ دردن جي ڪھاڻي بيان ڪري ڇڏيندو ھو. ميندي رتا ڳاڙھا وڏا وار،
مڇون ۽ ڏاڙھي، گيڙو رتا ڪپڙا ۽ انھن رنگن سان ڀيچ کائيندڙ سندس چمڙي، ھن جي پنھنجي
تعارف جا اھڃاڻ ھئا. ھو تمام مٿين سُرن تي ڳائڻ مھل ڄڻ ته واڪا ڪري ڪنھن سان مخاطب
ھوندو ھو، ويٺلن کي ڪجھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، ٻڌندڙن جو ڌيان ڪنھن خاص ڳالھ ڏانھن
ڇڪائڻ جي جُستجو ڪندو ھو، اھا ڳالھ، اھو درد، اھا پيڙھا جيڪا اڪثريت ڪڏھن به سمجھي
نه سگھي! سندس اندر جو درد، جيڪو ھو دنيا آڏو انھيءَ طريقي سان نروار ڪرڻ جي ڪندو ھو.
اھو شخص جنھن کي دنيا جمال الدين فقير جي نالي سان سڃاڻندي ھئي، پر ھو پاڻ لاءِ چوندو
ھو ته فنڪار ھڪ الڳ شي آھي ۽ فقيري الڳ. آئون فنڪار نه، فقير آھيان. پر دنيا سندس اھو
پيغام صحيح طرح سمجھي نه سگھي!
