; سنڌي شخصيتون: يوسف سنڌي، ڊاڪٽر فهميده حسين، رکيل مورائي، جامي چانڊيو، پروين موسيٰ ميمڻ، رياض ڪلھوڙو، حسيب ناياب،
Showing posts with label يوسف سنڌي، ڊاڪٽر فهميده حسين، رکيل مورائي، جامي چانڊيو، پروين موسيٰ ميمڻ، رياض ڪلھوڙو، حسيب ناياب،. Show all posts
Showing posts with label يوسف سنڌي، ڊاڪٽر فهميده حسين، رکيل مورائي، جامي چانڊيو، پروين موسيٰ ميمڻ، رياض ڪلھوڙو، حسيب ناياب،. Show all posts

26 September, 2016

آغا سليم

آغا سليم
ڊاڪٽر فهميده حسين
آغا سليم سان منهنجي پهرين ملاقات ستر جي ڏ هاڪي ۾ ان وقت ٿي هئي جڏهن آئون ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ”سنڌي اردو بول چال“ پروگرام ڪندي هئس. پروگرام جي رڪارڊنگ مرحوم زاهد قلباڻي ڪندو هو جيڪو تنهن زماني ۾ اتي اسٽاف آرٽسٽ هو.
آغا صاحب پنهنجي مخصوص شڪارپوري انداز ۾ جھيلار سان مون کي ڪڏهن ”بابلي“ ڪڏهن ”ڇوڪرڙي“ ته ڪڏهن نالي سان سڏيندو هو ۽ هو سدائين چوندو هو ”تون سراج جي ڀيڻ آن معنيٰ منهنجي ڀيڻ آن“ هميشه پيار سان ڳالهائيندو ۽ گهڻي عزت ڏيندو هو ۽ چوندو هو ”ما کي خبر ڪا نه هئي ته جيترو سراج هوشيار آهي اوتري سندس ڀيڻ به هوشيار هوندي، سچ ٻڌاءِ اهي گرامر جا سبق تون پاڻ لکندي آن يا سراج کان لکائيندي آن!“ پوءِ کلندو هو بابلي دل ۾ نه ڪجان، ائين ئي ڀوڳ ٿو ڪيان“.