شمشير
هڪ ادارو هئو
ابورافع
سنڌي
ٻوليءَ جي نرالي تخليقيار، سائين شميشر الحيدريءَ جي چوٿين ورسي سگا پاران آرٽس
ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جي سهڪار سان منظر اڪبر هال ۾ ملهائي وئي، شميشير
سائين کي اسان کان جدا ٿئي چار سال گذري ويا، پتو ئي نه پيو آهي، برابر چئين سالن
جو عرصو گذري ويو آهي پر هو اسان کان ڪٿي وسريو آهي؟ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪيل
هن جون خدمتون ته سدائين رهيون آهن.
