علي بابا
سنڌي ڪهاڻيءَ جي نڪ جي
ڦُلي جهڙو
شوڪت لوهار
هن پنج ڪروڙ خاندانن ۾ انسان ٿي
جيئڻ ڪيڏو ڏکيو هوندو. اِها ڳالهه ڪنهن انسان کان ئي پڇي سگهجي ٿي. چاهڻ جي باوجود
ڪن ماڻهن کي خريدي نه سگهبو آهي، ڪي بي مُلها ماڻهو املهه ٿيندا آهن. مفادن جي
لُٻيل دنيا ۾ رهندي ڪڏهن ڪڏهن احساس جا ڪاريهر ڏنگ هڻندا آهن، اسان کي واقعي ڪنهن
به آدرش ۽ حقيقي سچي ۽ سادي سلوڻي ماڻهو جي ضرورت ڪو نه آهي، اسان وٽ اهي ئي
اگهامجي وڃن ٿا، جيڪي خوشامد ڪرڻ، ڪي شارٽ ڪورس ڪيل ۽ ڪي ته وري عالماڻيون ڊگريون
حاصل ڪيل هوندا آهن.
