; سنڌي شخصيتون: اداڪار يحيٰ ڀُٽو - مصطفيٰ ملاح

12 January, 2012

اداڪار يحيٰ ڀُٽو - مصطفيٰ ملاح


اداڪار يحيٰ ڀُٽو
(سندس ياد ۾)
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي جو اداڪار يحيٰ ڀٽو، جيڪڏهن اداڪار محمد علي کي نه ڏسي ها ته ڪڏهن به شوبز جي دنيا ۾ نه اچي ها. يحيٰ ڀٽو، محمد عليءَ کان تمام گهڻو متاثر هوندو هو. ايستائين جو محمد عليءَ جون تصويرون، وهاڻي هيٺان رکي پوءِ سمهندو هو. پاڻ ان جو ايترو ته مداح هوندو هو، جو ان جا انٽرويوز ۽ فوٽو سنڀالي رکندو هو. هڪ ڏينهن هن محمد عليءَ سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي پاڻ وٽ رکيل ڪليڪشن ڏيکاري ته محمد علي حيران ٿي ويو ته ننڍي عمر جو ڇوڪرو منهنجو ايترو مداح آهي. اهڙيءَ طرح يحيٰ ڀٽو جي، محمد عليءَ سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو ۽ محمد علي جي محبت ۾ يحيٰ ڀٽو ان وٽ لاهور به پهتو. اتي محمد عليءَ هن کي فلمن ۾ اداڪاري ڪرڻ لاءِ چيو پر يحيٰ ڀٽو محمد علي کي چيو ته؛ مان صرف توهان جو مداح آهيان، مون کي اداڪاري ڪرڻ جو شوق نه آهي. يحيٰ ڀٽو، محمد علي جي محبت ۾، علي زيب فائونڊيشن جو بنياد وڌو ۽ ان جو چيئرمين رهيو. محمد علي جي صحبت ۾ رهڻ ڪري نيٺ يحيٰ ڀٽو، ريڊيو پاڪستان خيرپور تي صداڪاري جو آڊيشن ڏنو ۽ پاس ٿي ويو. اهڙيءَ طرح فني سفر جي هن شروعات ڪئي. پاڻ هر سال خيرپور ۾ اسٽيج پروگرام ڪرائيندو هو. هن ريڊيو ڊراما آرٽسٽ فورم جو بنياد وڌو ۽ پاڻ صدر بڻيو. ڊرامن جي شروعات پي ٽي وي کان ڪندڙ مرحوم يحيٰ ڀٽو چوندو هو ته؛ “منهنجي ڪاميابيءَ ۾ ريڊيو پاڪستان جو هٿ آهي ۽ ريڊيو ئي سنڌي ڊرامي جي سکيا ڏني ۽ تلفظ سنڌي گرامر کي سڃاڻڻ جو موقعو ڏنو”.


17 سالن کان فن جي دنيا ۾ ايندڙ يحيٰ ڀٽو جو ”پٿر دنيا“ ۾ تڪيه ڪلام ”موسيٰ خان جو وير، ڪاريهر تي پير“ تمام گهڻو مشهور ٿيو. خيرپور مان نفيسه شاهه ضلعي ناظمه چونڊجي آئي هئي ته ان جو پريس سيڪريٽري يحيٰ ڀٽو هو. جڏهن هو بيمار ٿي پيو ۽ هن کي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته؛ کيس هيپاٽائيٽس ٿي پئي آهي ته هن اها ڳالهه مون کي ٻڌائي پر خبر هلائڻ کان منع ڪئي. هو چوندو هو ته؛ مان پنهنجن پرستارن کي مايوس نه ٿو ڪرڻ چاهيان. فن سان عشق ۾ هن پنهنجي طبيعت جو به خيال نه ڪيو. رات ڏينهن ڊرامن جي رڪارڊنگ ۾ گذاري ڇڏيائين. هن ڪڏهن به گرمي توڙي سردي کي ڪو نه ڏٺو. خيرپور ۾ اسٽيج ڊرامو ڪرڻو هجي يا لاڙڪاڻي ۾ ”پٿر دنيا“ جي رڪارڊنگ هجي يا ڪراچيءَ ۾ ڪي ٽي اين جي ڊرامي جي رڪارڊنگ هجي پر پاڻ وقت تي پهچڻ وارو پهريون اداڪار هو. هيءُ عظيم اداڪار 12 جنوري 2011ع تي هميشه لاءِ پنهنجن مداحن کان موڪلائي هليو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا