; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي

30 December, 2011

ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي


ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي
سنڌ ۽ سنڌيت جو خدمتگار
 
پنهنجي سڄي حياتي سنڌ، سنڌين ۽ سنڌيت لاءِ ارپيندڙ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي حيدرآباد جي مشهور عامل خاندان ۾ 25 ڊسمبر 1889ع تي گدواڻي گهٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس پڙڏاڏو ديوان مولچند سنت هو. کيس پٽ جو اولاد ٿيو ته ان جو نالو پرتاب راءِ رکيائين، جنهن کي 5 پٽ ۽ 5 نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس ٽيون نمبر پٽ اڳتي هلي ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻيءَ جي نالي سان سڄي ننڍي کنڊ ۾ مشهور ٿيو. چوئٿرام ننڍي هوندي کان ئي محنتي هوندو هو. هن پرائمري تعليم پاڙي جي سنڌي اسڪول مان حاصل ڪئي. 1908ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري بوبڪن ۾ ماستر ٿيو. 1909ع ۾ حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول ۾ داخلا وٺي، ڊاڪٽري پڙهڻ شروع ڪيائين. خانداني اثر سبب، پاڻ ننڍي هوندي کان ئي طبعيت ۾ سنت هو.


جڏهن هندستان جي مختلف شهرن کان ساڌو سنياسي سنڌ ۾ آيا ته انهن ڦليليءَ واري رستي مهراج شنڪر دت آشرم جي جاءِ ۾ ”سناتن سڀا“ کولي ته چوئٿرام به ان ۾ سرگرم ٿي ويو. برهمچاري هئڻ سبب کيس ان آشرم ۾ سرور آيو ۽ هو اتي ئي رهڻ لڳو. ان آشرم ۾ تعليم سان گڏ تربيت ۽ قومي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو درس به ڏنو ويندو هو.
چوئٿرام 1913ع ۾ ايل ايس پي ايس جو امتحان ڏئي ڊاڪٽر بڻجي ويو ۽ کيس حيدرآباد جي پسگردائيءَ واري تعلقي ۾ ڊاڪٽر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس مقرري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ٿي.
سنڌ جي ڪانگريسي ڪارڪن آچاريه ڪرپلاڻيءَ سان ويجهڙائي هئڻ سبب هن سياست ۾ پير پاتو ۽ 1915ع ۾ نوڪري ڇڏي سياست ۾ اچي ويو. هو 1916ع ۾ پهريون ڀيرو آل انڊيا ڪانگريس جي لکنو واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سيٺ هرچندراءِ وشنداس، جيرامداس دولترام سان گڏ ويو. اتان واپسيءَ تي هن سنڌ جو دورو شروع ڪيو. هو 1918ع ۾ ڪانگريس ڪميٽي حيدرآباد جو صدر چونڊيو ويو. هو ڊسمبر 1919ع تي امرتسر پنڊت موتي لعل نهروءَ جي صدارت هيٺ ٿيل ڪانگريس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڌ مان خاص طور ٽرين ڪرائي ويو هو. کيس 1920ع ۾ ڪانگريس سنڌ جو صدر چونڊيو ويو ۽ ورهاڱي تائين ان عهدي تي برقرار رهيو.
اپريل 1921ع ۾ مهاتما گانڌي سنڌ جي دوري تي آيو ته ڊاڪٽر گدواڻي، سڄي سنڌ ساڻس گڏ گهميو. 18 مارچ 1922ع تي مهاتما گانڌيءَ کي 6 سال سزا آئي ته ساڳئي سال ڊاڪٽر صاحب کي به سزا آئي. 1929ع ۾ جڏهن سائمن ڪميشن ڪراچيءَ جو دورو ڪيو ته ڊاڪٽر چوئٿرام احتجاج لاءِ هزارين نوجوان تيار ڪيا، جن شهر جي ڀتين تي ”سائمن گو بيڪ“ جا پوسٽر هنيا. هن انگريزن کي ڀڄائڻ واري جدوجهد ۾ سرگرم ٿي حصو ورتو ۽ جيل جون سختيون به برداشت ڪيون.
بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ، جيڪا پهرين سنڌ اسيمبلي جُڙي، ان ۾ 7 ڪانگريسي ميمبر چونڊجي آيا. جڏهن ته ٽنڊي محمد خان مان چونڊيل ڪانگريسي ميمبر ديوان بهادر هيرانند کيم سنگهه جي ديهانت سبب خالي ٿيل سيٽ تي، ڊاڪٽر صاحب سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ الله بخش سومري جو مددگار رهيو.
سال 1940ع ۾ لاهور اندر ڪيل تقرير سبب 18 مهينا ٽيپ جي سزا ملي. 9 آگسٽ 1942ع تي ڪانگريس ”هندستان ڇڏيو“ نعرو هنيو. ان تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب وڏي جدوجهد ڪئي. سڄي سنڌ ۾ ڪانگريسين خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي ته چوئٿرام کي به 13 آگسٽ 1942ع تي ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيو ويو. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ بند هئڻ دوران هن انقلابي شاعري به ڪئي.
انگريزن جڏهن هندستان کي ورهائڻ جو اعلان ڪيو ته سنڌ جا هندو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا. چوئٿرام گدواڻي 30 جون 1947ع تي سنڌ ڪانگريس جي اجلاس ۾ صلاح ڏني ته سنڌي هندو، هندستان هجرت ڪن. پر اجلاس ۾ سندس راءِ، اڪثريت راءِ سان رد ڪري، هندن سنڌ ۾ رهڻ جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ مرڪزي ڪانگريس کي گذارش ڪئي ته ورهاڱو قبول نه ڪيو وڃي. هندستان جي ورهاڱي سبب، ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو دلبرداشته ٿيو ۽ هن هندستان ۾ سنڌين کي رهائڻ لاءِ دهلي ۽ ٻين شهرن جا دورا به ڪيا. 4 آگسٽ 1947ع تي آچاريه ڪرپلاڻي سنڌ ۾ آيو ته هن به سنڌين جي لڏپلاڻ جي حمايت ڪئي ۽ ائين سنڌ مان لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.
آگسٽ 1947ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڪوئيٽا ۾ هندن جو قتلام شروع ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب پاڪستان جي وزيراعظم لياقت علي خان سان گڏجي ڪوئيٽا ويو ۽ اتي هندن جي حالت ڏسي زارو قطار روئڻ لڳو. نوابشاهه جي ڊپٽي ڪمشنر مسعود کدرپوش پاران ڪرايل هندن جي قتلام جي ڪري هو نومبر 1947ع تي بمبئي هجرت ڪري هليو ويو. هن عملي طور اتي سنڌي پناهگيرن جي مدد ڪئي.
سرڪار کان ڪو به عهدو نه ورتو ۽ سنڌين کي وسائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيائين. سنڌي پناهگيرن کي سهولتون نه ڏيڻ جي معاملي تان هن جا ڪانگريس سان اختلاف ٿي پيا ته هو ڪانگريس کان به پاسيرو ٿي ويو.
ڊاڪٽر صاحب سادگي پسند ماڻهو هو ۽ سڄي عمر شادي به نه ڪيائين. هن پنهنجي سڄي حياتي سنڌ، سنڌين ۽ سنڌيت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. سنڌ جو هي عاشق 12 سيپٽمبر 1947ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سرڪار ممبئيءَ ۾ هڪ روڊ ساڻس منسوب ڪيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا