; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر غلام قادر سومرو - پروفيسر محمد هارون سومرو

13 December, 2011

ڊاڪٽر غلام قادر سومرو - پروفيسر محمد هارون سومرو


ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم ۽ اُستاد
پروفيسر محمد هارون سومرو
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته؛ سنڌ ڌرتيءَ جي سيني تي هر دور ۾ اهڙا مانائتا ۽ ملهائتا انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن نهايت محنت ۽ مشقت، جفاڪشيءَ ۽ جانفشانيءَ سان بنا ڪنهن نمود ۽ نمائش، بغير اعلانن ۽ نعرن جي، پنھنجي قوم جي ترقي ۽ خوشحالي، تعليم ۽ تربيت ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙين ئي باصلاحيت، اَوِرچ ۽ ايماندار شخصيتن ۾ هڪ نالو، اسانجي محترم ۽ محبوب، استاد سائين غلام قادر سومري جو به آهي. سائين جن جي شخصيت ان لحاظ کان به مثالي آهي ته پاڻ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتائون ۽ هڪ مٿانهين مقام ۽ مرتبي تي پهتا ۽ اهو مثال قائم ڪري ڏيکاريائون ته قابل ۽ ڪارائتا انسان، فقط وڏن شهرن ۾ ئي نه پيدا ٿيندا آهن پر ننڍين وسندين ۽ واهڻن ۾ جنم وٺڻ وارا به پنهنجي محنت ۽ مشقت سان، اعليٰ ارفع مقام ماڻي سگهن ٿا ۽ اها روايت سنڌ اندر ته صدين کان جاري ۽ ساري آهي. مولانا ابوالحسن سنڌي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ماضي قريب ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، پير حسام الدين راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خان. اهڙا ٻيا به اڻ ڳڻيا نالا ان صف ۾ شامل آهن، جن جي علمي عظمت ۽ شهرت، سنڌ جون سرحدون لتاڙي ڏورانهن ڏيهن تائين پهتي. ڊاڪٽر غلام قادر سومرو به اهڙي ئي قيمتي مالها جو هڪ انمول موتي آهي، جنهن سڄي زندگي سنڌ اندر مختلف ميدانن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي علم جي روشني به پهچائي ته پنهنجين خداداد انتظامي صلاحيتن وسيلي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نهايت همدرديءَ سان هتان جي عوام جي رهنمائي به ڪئي ته کين اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائيندا پڻ رهيا.


ولادت ۽ ابتدائي زندگي:
استاد غلام قادر سومري جي ولادت 15 فيبروري 1933ع ڌاري ضلعي نوشهروفيروز (ان دؤر جي ضلعي نوابشاهه) اندر ٺاروشاهه ويجهو ”ڏيٿا“ نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿي. سندن والد صاحب، مرحوم نبي بخش، ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو جيڪو مالي لحاظ کان ته تمام مسڪين شخص هو پر ڪردار جي حوالي سان تمام نيڪ ۽ ايماندار هو. جيتوڻيڪ ان دور اندر غربت ۽ تعليمي ادارن جي ٿورائيءَ سبب خاص طور ٻهراڙيءَ  جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو ڇو ته معصوم ٻارن کي ميلن جا ميل پنڌ ڪري اسڪولن تائين پهچڻو پوندو هو، پر پوءِ به ڪي ٻار پيءُ ماءُ جي ڪوشش توڙي پنهنجي ذاتي شوق سبب اهي مصيبتون سهي اسڪولن تائين پهچندا هئا اهڙيءَ ريت ننڍڙي غلام قادر کي به والد صاحب ڏيٿا پرائمري اسڪول اندر داخل ڪرايو جتان هن سنڌي چار درجا پاس ڪري ٺاروشاهه جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ اتان مئٽرڪ جو امتحان سٺين مارڪن سان پاس ڪيائين سندس شمار هميشه پنهنجي ڪلاس جي هوشيار ۽ ذهين شاگردن ۾ ٿيندو هو، جنهن ڪري ننڍڙي هوندي کان ئي هو استادن جي توجهه جو مرڪز رهيو.
علمي زندگيءَ جي شروعات:
مئٽرڪ کان پوءِ ستت ئي کيس ٺاروشاهه جي ان اسڪول ۾ اندر ئي استاد مقرر ڪيو ويو جتي هن ست ورهيه ساندهه هڪ ذهين شاگرد جي حيثيت سان گذاريا هئا اهڙيءَ ريت سندس علمي زندگيءَ جو آغاز ٿيو. استاد مقرر ٿيڻ کان پوءِ به سائين غلام قادر پنهنجي شاگرديءَ واري سلسلي کي ختم نه ڪيو جيئن ته ان دور ۾ ڪاليج عام نه هوندا هئا ۽ پرائيويٽ تعليم جي به اجازت فقط استادن کي ئي هوندي هئي باقي عام ماڻهو شاگرد جي حيثيت سان ئي تعليم حاصل ڪري سگهندو ان ڪري ئي ان دور ۾ يا ته وڏن شهرن جا رهاڪو ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا هئا يا ته وري سکين ستابن گهراڻن جا اهي نوجوان جن جي تعليم ۽ بورڊنگ جا خرچ سندن والدين ادا ڪرڻ جي سگهه ساريندا هئا.
سائين جن جي استاد جي حيثيت سان پنهنجي علمي زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي ان ڪري سهولتن جو فائدو وٺندي هن پنهنجي تعليمي سلسلي کي وڌايو ۽ پوسٽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ جڏهن سنڌ اندر پي ايڇ ڊي جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته استاد غلام قادر به پنهنجي محنت سان تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تعليمي سلسلي کي توڙ رسايو.
بحيثيت استاد:
سائين غلام قادر سومري پنهنجي ڪيريئر جو آغاز استاد جي حيثيت سان ڪيو ۽ سڄي زندگي سندن واسطو تعليم سان ئي رهيو جيتوڻيڪ هو ٻين وڏن انتظامي عهدن تي به قائم رهيو پر سندن اندريون استاد هميشه زندهه ۽ متحرڪ رهيو ڇو ته جڏهن به ڪو شاگرد وٽانس ڪجهه سمجهڻ ۽ سکڻ ويندو هو ته استاد محترم نهايت کليل دل سان پنهنجي علم جي اڻ کُٽ ذخيري مان کيس مطمئن ڪري ئي موٽائيندو هو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سندس علمي فيض مان شاگرد مستفيض ٿيندا رهيا. انگريزي ۽ سنڌي ٻولين جي گرامر ۽ لغت تي کيس عبور حاصل هو ان کانسواءِ تاريخ، سوانح نگاري، سيرت سان گڏوگڏ طنز و مزاح به سندس پسنديده موضوع هئا انهن موضوعن تي هنن ڪيترا ئي ڪتاب به لکيا جن جا نالا هن ريت آهن.  ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت ، انگن جو ادبي ڪارج، .... ۽ ڌوڙيا پئجي ويا، ٽاڪوڙا، ور چڙهي وڃڻ جي پيڙاهه، سنڌيڪا انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري“ ۽ انکانسواءِ اخبارن ۾ سندس مضمون ڪالم اڪثر شايع ٿيندا رهندا هئا. هڪ استاد جي حيثيت سان سندس ڪيريئر جي شروعات ٺاروشاهه جي هاءِ اسڪول کان ٿي ۽ سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن کان علاوه هتي پبلڪ اسڪول حيدراباد (لطيف آباد) ۾ به هڪ سينيئر استاد جي حيثيت سان پنهنجون ذميوارريون نڀايون سندس پڙهائيءَ جو طريقو اهڙو ته دلڪش ۽ عام فهم هوندو هو جو هر هڪ کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندو هو. ڏکئي مان ڏکيو سبجيڪٽ به سائين اهڙي انداز ۾ شاگردن کي سمجهائيندو هو جو هر هڪ جي دماغ ۾ سندس ڳالهه گهر ڪري ويندي هئي اهو ئي سبب آهي جو استاد غلام قادر اڄ تائين پنهنجن شاگردن جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ سندن دلين ۾ زندهه رهندو ۽ اها ئي هڪ سچي ۽ ڪامياب استاد جي نشاني آهي.
سائين جن ڪجهه وقت سنڌ جي مشهور ۽ قديم علمي مرڪز سنڌ مدرسته الاسلام ۾ به بحيثيت پرنسپال به ڪم ڪيو جتي هن نه فقط اتان جي تعيليمي ۽ تدريسي معيار کي برقرار رکيو پر ان ۾ ڪيترائي سڌارا به آندا.
مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سائين ڊپٽي رجسٽرار جي ٿيو. هتي پڻ هنن نهايت ڪاميابيءَ سان پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪيو اهڙيءَ طرح هو ”قائدِ عوام“ يونيورسٽي ۾ به هڪ ڪامياب ايڊمنسٽريٽر ٿي رهيو ۽ هڪ همدرد ۽ هڏ ڏوکي آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين پنهنجن ملازمن توڙي شاگردن سان سندس رويو هميشه شفقت وارو ٿي رهيو. اهي عهدا هن نج ميرٽ جي بنياد تي حاصل ڪيا. هن ڪنهن وڏي ماڻهوءَ يا سياستدان کان مدد نه ورتي. هو تمام خوددار انسان هو جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو. هُو درسي ڪتابن جي تياري ۾ به معاون رهيو ۽ نهايت سٺي نموني پنهنجا فرائض ادا ڪيا. هن نه شراب ۽ نه نقل جو سهارو ورتو. هو جتي به رهيا اُتي پنهنجي قابليت همدردي ۽ ايمانداريءَ جا اهڙا مثال قائم ڪيا جيڪي وسارڻ جوڳا نه آهن.
استاد غلام قادر پنهنجي دور جو هڪ وڏو ماڻهو هو. حقيقت ۾ وڏا ماڻهو ٻن قسمن جا هوندا آهن هڪ Big man ۽ ٻيو Great man پهرين قسم جا ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي عزيزن لاءِ جيئندا آهن ۽ خدمت ڪندا آهن جيئن وڏو زميندار زمين ۽ ملڪيت وڌائيندو آهي ڪارخانيدار پنهنجن ڪارخانن جو عدد وڌائيندا آهن ۽ وڏا آفيسر به پنهنجي اولاد لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندا آهن پر ٻين لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ جو جذبو نه هوندو. اٿن Great man  وري زندگي ٻين جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن ٻين جون تڪليفون ۽ مسئلا حل ڪندا رهندا آهن، جيئن مسڪين جهان خان کوسو، مرحوم حيدربخش جتوئي وغيره پهرين قسم جي وڏن ماڻهن کي ٻٽو موت ايندو آهي ڇو ته موت کان پوءِ نه رڳو سندن جسم مٽيءَ ۾ دفن ٿيندو آهي پر ان سان گڏ سندن شان شوڪت سموريون خوبيون ۽ خدمتون نالو ۽ عزت به مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويندا آهن. انهن کي مرڻ کان پوءِ ڪوبه ياد نه ڪندو آهي نه ئي ڪي شاعر انهن لاءِ قصيدا لکندا ۽ نه ئي تاريخ ۾ انهن جو ذڪر هوندو.  Great man  کي هڪ ئي موت ايندو هن جو جسم ته مٽيءَ ۾ ويندو پر هن جون خدمتون، هن جا ڪارناما، هن جون قربانيون جي ٻين لاءِ ڏنيون سي ياد رهنديون ماڻهو هن لاءِ روئندا شاعر قصيدا لکندا ۽ تاريخ ۾ هن جو ذڪر ڪيو ويندو. استاد غلام قادر جو شمار به انهن ئي شخصن ۾ ٿيندو جن کي Great man  سڏيو ويندو آهي ڇو ته هنن جي زندگي پنهنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ وقف ٿيل هئي. وڏن عهدن تي رهڻ باوجود هنن غريبن واري زندگي گذاري هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندا هئا بيماري ۽ ڪمزوري جي حالت ۾ به علمي ۽ تحقيقي ڪمن ۾ پاڻ رڌل رهندا هئا ۽ جڏهن به ڪو شاگرد وٽن ايندو هو ۽ ڪڏهن به علمي سلسلي ۾ کانئن ڪا مدد گهرندو هو. ته پاڻ نهايت شفقت ۽ محبت سان مدد ڪندا هئا. آءٌ به ڪنهن ڪنهن علمي مسئلي ۾ منجهندو هوس ته رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو هوس، جتي سائين جن مرڪندڙ منهن ۽ کليل دل سان منهنجي مدد ڪندا هئا. علم جو هي آفتاب علمي خدمتون انجام ڏيندي آڪٽوبر 2005ع ۾ غروب ٿي ويو، کيس اباڻي قبرستان ٺاروشاهه ۾ دفن ڪيو ويو. سائين جن پنهنجي پويان پنهنجو خاندان ۽ هزارين شاگرد سوڳوار پويان ڇڏيا آهن.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جيءَ کي جيئارين، سي لاهوتي لڏي ويا.






ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
هڪ استاد ۽ قلمڪار
حفيظ ڪنڀر /حيدرآباد
اڄ نامياري مزاح نگار ۽ مثالي استاد، ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي ورسي آهي، هن سان منهنجي ملاقات تڏهن ٿي هئي، جڏهن هو ضعيفيءَ کي پهچي چڪو هو. ان باوجود هو پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ مصروف هو. منهنجي پڇا ڪندو، گهر تائين پهتو هو ۽ هن مون کان پڇڻ شروع ڪيو هو ته، اطلاع جي لوڪ اصطلاح “لڪڙ تار” کي اوهان جي تر ۾ ڪهڙن مفهومن ۽ معنائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو؟ ۽ پوءِ ٻيون ڳالهيون ٻولهيون، اوڀاريون، لهواريون ٿينديون رهيون. آئون هن جي ادبي، جسماني ۽ ڪيريئر جي ڄمار جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه هئس. منهنجي ڀيٽ ۾ هو پنجاهه ڀيرا وڌيڪ سنڌي ۽ انگريزيءَ جو ڄاڻو هو. مون کان وڌيڪ لکي چڪو هو، پر ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي فقيري مزاج ۽ سادي طبيعت هن کي سيکاري رکيو هو ته؛ “ماسو ملئه مال ته پوڄارا پُر ٿيئن”، پوءِ اهي نسيم نگر جا رستا ۽ چوڪ هوندا هئا، جن تي ملي ويندا هئاسون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پروگرام ۾ پڻ ! 
هو فڪشن ۽ تحقيق جي ميدان جو ماڻهو هو. هن اعزازن ۽ ايوارڊن جي خواهشن کان آزاد ٿي ڄمار جي آخري حصي کي به قلمي۽ علمي ميدان ۾سجايو ڪيو. هن کي مون منفرد موضوع ڳوليندي ڏٺو، جيڪي ڪتابن جي شڪل ۾ اڄ به لائبريرين ۾ آهن. هن جيڪا لغت ترتيب ڏني سا روايتي انداز ۾ ڪاٽ ڪوٽ، ڳنڍ ٽوپ، ڪجهه ڊڪشنريون اڳيان رکي ڊڪشنري ترتيب ڏيڻ واري سولي ڪم بجاءِ، وڌيڪ تحقيق جو گهرجائو ڪم هو. اڄ به سنڌي ٻولي جي ڪجهه Areas ۾ تحقيقي ڪم ڪندڙ ڪو به صاحب، ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي “سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت” کي نظرانداز ڪري اڌورو ڪم ئي ڪندو ۽ مڪمل تحقيق جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي. ائين ئي هن جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز جو موضوع به روايتي ۽ رواجي موضوعن کان هٽيل ۽ محنت طلب موضوع ئي هو، يعني “سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح”. انهيءَ طنز ۽ مزاح جي حوالي سان، هن لوڊشيڊنگ جي دور ۾ ڊاڪٽر غلام قادر سومري جا “اڄ ڪبيون ڳالهيون” جي عنوان هيٺ لکيل ڪالم پڙهجن ٿا ته اهي تازا توانا ٿا لڳن. ڇو ته سنڌ ۾ پوليس، چورن، مڇرن، موالين ۽ لوڊشيڊنگ جا مسئلا ۽ آزار 1989ع جيان اڄ به ساڳيا آهن. هن پنگريي جي پنگرائين جي فرياد تي لکيو ته “...اوچتو ئي اوچتو بجلي غائب ٿي وڃي ٿي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿي هيٺ وهاڻو ڏئي سمهي ٿي پوي.” ها! اڄ به بجلي انهيءَ انداز ۾ سمهڻ جي عادي آهي. پنهنجي ٽيچنگ واري طويل ڪيريئر ۾، هن بهترين استاد کي يقيناً سوين تعليمي تجربا ٿيا هوندا. هو جتي به پهتو، هن اسڪولن کي اپ گريڊ ڪرايو، امتحاني مرڪز بنايائين. هن درس ۽ تدريس جو وڏو عرصو انهيءَ تعليمي ماحول ۾ رهندي گذاريو هو، جڏهن Ghost ٽيچر يا Ghost اسڪولن جهڙا اصطلاح، تعليم جهڙي پيشي سان نه جڙيا هئا. شايد اها هن جي خوش نصيبي چئجي جو هو تعليم تي اهڙي وقت اچڻ کان اڳ ۾ ئي رٽائرمينٽ وٺي، ساڳي قلمي رفتار سان پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ آخر تائين مصروف رهيو ۽ رياضيءَ جهڙي بظاهر آزاد سبجيڪٽ جي عام ٻولي ۽ سنڌي ادب سان تعلق تي تحقيق ڪندي،سنڌي ڪتابن ۾ “سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو ادبي ڪارج” جو اضافو ڪيائين. ڊاڪٽر غلام قادر سومري جو تعليمي پروفيشن ۾ رهندي، يقينن اهڙن اهڙن ڪردارن سان به واسطو پيو هوندو، جيڪي هن جي مزاحيه لکڻين ۾ “استاد جمن” هئا. “استاد جمن ۽ معاشرو” ۾ ڊاڪٽر صاحب لکيو؛ “رٽائرمينٽ کي قريب تر، يعني ويجهڙو ٿيندو ڏسي، هو پڙهائڻ کان توبنهن تائب ٿي ويو آهي. پڙهائڻ واري بيڪار ڌنڌي کي “ان آفيشلي” يعني غير سرڪاري طرح پاسيرو رکي، هڪ نئون ڌنڌو شروع ڪري ڏنو اٿس. سندس نئون شغل آهي، تبصرو ڪرڻ! هر وقت، هر جاءِ ۽ هر موضوع تي سواءِ پڙهائڻ جي تبصرو ڪرڻ سندس ڪسب ڪمال لاجواب بنجي چڪو آهي. اخبارون ۽ رسالا وڏي شوق سان پڙهندو آهي، پڙهندو ڇا آهي!؟ بس اخبارن ۽ رسالن جو عرق ڪڍي ڇڏيندو آهي.” (مون کي به ڊاڪٽر غلام قادر سومري جيان اهڙا ڪيترائي صاحب سُجهن، جيڪي مفت جي اخبار ايتري وقت تائين پيا پڙهندا، جو اوهان کي اها اخبار آخر ۾ Donate ئي ڪرڻي پوندي ۽ هو صاحب ايڊيٽر جو نالو ۽ اخبار جا فون نمبرز پيا پڙهندا) هن جي طنز مزاح جي Inspiration به سنڌي لوڪ ادب ئي رهيو، لوڪ گيت “گندڻ گنديءَ مان...رات ڪتو کڻي ويو” کان وٺي موالين، چورن، لوهارن، سونارن جا ڪردار، هن جي قلم جي نوڪ مان پالوٽبا، مزاح ۽ مرڪون آڇيندا پنن تي پکڙبا هئا. اهي لکڻيون، اڄ به اسان جي درد ڀري زندگيءَ جي در تي، مسڪراهٽن جي دستڪ ڏين ٿيون، جڏهن اڄ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو اسان جي وچ ۾ ناهي ۽ اڄوڪو ڏينهن اسان وٽ هن جون ساروڻيون  کڻي آيو آهي.



No comments:

راءِ ڏيندا