; سنڌي شخصيتون: شيخ اياز - رضوان گل

26 December, 2011

شيخ اياز - رضوان گل


شيخ اياز
ڌرتيءَ جو مهان شاعر
رضوان گل

ڌرتيءَ جي سونهن نظارن ۽ آسمان تي اڏامندڙ پکين کان ويندي ڪائنات جي وسعتن تائين هر روز ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا، سوال جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ سوچون جيڪي ئي انسان کي شعور بخشن ٿيون، انهن سوچن جي سفر تي ڪي ڏاها ڏات ڌڻي ايترو ته اڳاهان نڪري ويندا آهن جن لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي سوال ئي سوال هجن ٿا، اهڙا سوال جن جي جوابن لاءِ هو رات ڏينهن سوچن جي گِهري سمنڊ ۾ گم رهن ٿا ۽ پوءِ انهن سوچن جي سمنڊ مان جڏهن ڪي موتي کين ملن ٿا ته اهي خوبصورت لفظن جي صورت ۾ شاعريءَ جو روپ ڌاري اچن ٿا. جيڪي شاعر اهڙا شعر سرجن ٿا جن سان قومون بيدار ٿين ٿيون منجهن جرئت، همت ۽ حوصلي سان گڏ نئون ولولو پئدا ٿئي ٿو اهي ئي دراصل حقيقي طور عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪندڙ هجن ٿا، اهڙا شاعر ئي تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙن ئي امر انسانن ۾ مهَان ڪوي شيخ اياز جو نالو تمام گھڻي اهميت وارو آهي جنهن تي لکڻ جي جرئت ڪرڻ جي به ڪنهن امتحان کان گھٽ نه آهي جو درياهه کي ڪوزي ۾ سمائڻ ڪو چرچو ناهي. ڇا لاءِ ته جيڪي ماڻهو دنيا کي بدلائڻ جا حوصلا رکن ٿا سي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ اياز خود به چيو:


ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
   گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي
اهڙي گِهري چيخ ٿين  ٿا
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي   
ڪير آهي جيڪو اياز جي عظمت جو انڪاري هجي، سندس مهانتا ۽ مانَ جو گواهه ته هر شخص آهي. پر شيخ اياز فقط هڪ شخص نه هو، پنهنجي وجود ۾ هو هڪ تحريڪ هو، سندس شاعريءَ جي فڪري لاٽ مان نڪرندڙ روشنيءَ جي ڪرڻن کيس جيون ۾ ئي اها مڃتا ڏياري جنهن لاءِ خاص طور اسان جهڙن سماجن ۾ صديون پراڻو ٿيڻ شرط هوندو آهي. بر صغير جي عظيم ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض هڪ تقريب ۾ روسي سفارتڪار کي چيو هو ”شيخ اياز مون کان به وڏو شاعر آهي“، تنهن تي هن وراڻيو: ”فيض صاحب اها ڳالهه ته اوهان رات به ڪئي هئي.“ فيض چيو؛ ”ها! اها ڳالهه مون رات به ڪئي هئي پر وري ان ڪري ورجايان ٿو جو متان تون سمجھين ته فيض رات نشي ۾ هو، هن وقت آءٌ هوش ۾ آهيان ۽ چوان ٿو ته اياز مون کان وڏو شاعر آهي.“
سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جيڪا جدت ۽ نواڻ آندي سا تازي هوا جي جھوٽي مثل هئي، ڪابه نئين تخليق جڏهن ڪو تخليقڪار سرجي ٿو ته سندس اها خواهش هجي ٿي ته اها لکڻي مڃتا ماڻي، پر اصل مڃتا ۽ دائميت ان ئي تخليق کي ملي ٿي جا پنهنجي اندر معيار ۽ ڪشش رکندڙ آهي، ان جي معياري هئڻ جو دليل اهو ئي هوندو ته اها پڙهندڙن وٽ موجود رهندي جيئن اياز جي هڪ هڪ سٽ اڄ به اسان پنهنجي هينئين سان هنڊايون ٿا، محفلن، ڪانفرنسن، سيمينارن، عوامي جلسن جلوسن کان ويندي ادبي ميڙاڪن تايئن اياز جي شعرن جي گونج اڄ به هر هنڌ موجود آهي ۽ جھر جھنگ ۾ شيخ اياز جي گيتن کي ڳاتو وڃي ٿو ۽ اها ئي تخليق جي دائميت آهي جنهن سان خود تخليقڪار به زندهه رهي ٿو، جيڪا لکڻي وقت جي دز جي ور چڙهي وڃي سا تخليقڪار جي موت سان گڏ ئي دفن ٿي وڃي ٿي.
سنڌ جي ناليواري برک دانشور ۽ اياز جي ساٿي محمد ابراهيم جويي لکيو ته: ”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو آهي، ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اهي ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي دؤر جي ڪايا پلٽ جا دائي ۽ اٽل سبب بنبا آهن“.
شيخ اياز انساني جذبن، امنگن ۽ احساسن جي ڳالهه ڪندي انساني ويساهن جي ڳالهه به ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي، جو چيائين:
جي تون وڙهندي ماريو ويندين،
هن وستيءَ تان واريو ويندين،
دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو،
پر ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.
سن ۱۹۶۵ع ۾ سنڌ جي حقن جي جاکوڙ واري ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪري سکر جيل ۾ قيد ڪيو ويو، ان بعد ۱۹۶۸ع ۾ هن کي ساهيوال جيل موڪليو ويو جيستائين ايوب جي حڪومت هئي تيستائين اياز قيد ۾ رهيو. ۱۹۷۰ع ڌاري پاڻ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ شيخ مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش ٺهڻ تائين اياز کي مسلسل جيل اندر قيد رکيو ويو.  شيخ اياز جي پهرين شادي بيگم زرينا سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ ۳ ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي پيدا ٿيون. ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪيائين، جنهن مان به کيس ۳ ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايا.
سن ۱۹۷۶ ڌاري  شيخ اياز کي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ جتي هن چئن سالن تائين ڪم ڪيو. ۽ انهن ئي چئن سالن ۾ اياز کي زندگيءَ جا ڪيترا ئي اهڙا تجربا به ٿيا جي هو ٻين هنڌن تي شايد ائين حاصل ڪري نه سگهي ها، يا وڪالت واري شعبي ۾ ڪم ڪندي کيس اهڙا مشاهدا ٿي نه سگھن ها، ان دؤران کانئس ڪيترائي ويجھا دوست يار به ناراض ٿيا ڪي نوڪريون نه ملڻ تي ته ڪي خود وائيس چانسلر واري آڇ قبولڻ تي. سن ۱۹۶۲ ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀؤنر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، ۱۹۶۳ ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ۱۹۶۳، ۱۹۶۴ع ۽ ۱۹۶۸ ۾ وقت جي آقائن پاران ضبط ڪيا ويا پر انهن اڻ ڄاڻن کي اها ڄاڻ ئي نه هئي ته خوشبو تي پابنديون مڙهڻ بيوقوفي کان وڌيڪ ڪجهه به نه هوندو آهي. ڪنهن به وڏي شاعر جي لکڻين جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ بعد ئي سندس تخليق ڪيل شعر جي روح تائين پهچي سگھبو آهي ۽ پوءِ ئي ان تي ڪا به حتمي راءِ قائم ڪري سگھبي آهي، آفاقي شاعريءَ جو مفهوم هر شخص وٽ پنهنجو پنهنجو هجي ٿو پر مجموعي طور تي آفاقيت جي معنى کي مختصر طور سمجهجي ته اها لکڻي جيڪا ڪنهن خاص سماج يا ملڪي حدن جي محتاج نه هجي ۽ ان ۾ هر خطي جي ماڻهن جي جذبن جي نمائندگي نظر اچي ته اها ئي لکڻي امرتا ماڻي ٿي. اياز چيو:
اسانجون وفائون نه ساحل نه ڪشتي
اوهانجون ادائون نه ٻوڙيو نه تاريو
زمين جا  ستارا هئا  لڙڪ پنهنجا
اسان رات روئي پرهه کي پڪاريو
ڪٿي آهين تون اي نظامِ محبت
صديون ساهه منهنجي سڪي توکي ساريو
تو ڳوڙهن ۾ ڳوڙهو وڃي ڏس ته توکي
پتو  پئي اسانکي آ ڪنهن  مُرڪ ماريو
اردو ادب جي ناليواري ليکڪا فهميدا رياض لکيو ته: ”اياز جي شاعريءَ کي اوهان جيڪڏهن پورو پڙهي وٺو ته توهان چئي سگھو ٿا ته بر صغير ۾، رڳو پاڪستان ئي نه بلڪه پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پوري بر صغير ۾ ان جي مختلف زبانن ۾ جيڪي شاعر پئدا ٿيا آهن، غالبن اياز جي مقابلي جو، هن جي جوڙ جو ٻيو ڪوبه شاعر پئدا نه ٿيو آهي“
شيخ اياز جنهن جو اصل نالو مبارڪ علي، هو غلام حسين شيخ جي گھر ۾ ۲ مارچ ۱۹۲۳ تي شڪارپور ۾ پئدا ٿيو، پرائمري تعليم هندو سنڌي اسڪول شڪارپور ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور نيو ايريا هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي، بعد ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين جتي ان وقت ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جي سنڌي شعبي جو شاگردن مان چونڊيل ايڊيٽر هو، اتان فارغ ٿي قانون جي ڊگري ايل ايل بي ورتائين جنهن جي بنياد تي وڪالت اختيار ڪيائين. کيس لکڻ واري ڪرت ننڍي هوندي کان ئي هئي جو هن ابتدائي ڪلاسن ۾ پڙهندي به پنهنجي استادن کان شاعريءَ ۾ رهنمائي پي ورتي، سندس پهريون غزل بعنوان ”مردِ خدا“ شڪارپور مان شايع ٿيندڙ رسالي ماهوار ”سدرشن“ ۾ شايع ٿيو. شيخ اياز اهو شاعر هو جنهن روايتن کي ٽوڙي نوان بنياد وڌا اهڙا بنياد جن سان ادب جي ديوار کي هڪ نئون رنگ ۽ ڍنگ مليو، اياز صرف گذريل صديءَ جو شاعر نه پر هو ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين ڇانيل رهندو ڇا لاءِ ته سندس تخليق ۾ ساهه آهي سندس لفظ جيئرا آهن سندس احساسن جي ڪوملتا ۽ لفظن جي خوشبوءَ کي هر ماڻهو محسوس ڪري ٿو ۽ اهو ئي سندس فن ۽ تخيل جو ڪمال آهي.
شيخ اياز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڀؤنر ڀري آڪاس“، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”وڄون وسڻ آيون“، ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“، ”لڙيون سج لڪن ۾“، ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“، ”پن ڇڻ پڄاڻان“، ”واٽون ڦلن ڇائنيون“، ”چنڊ چنبيلي ول“، ”رڻ تي رم جھم“، راڄ گھاٽ تي چنڊ“، ”جھڙ نيڻا نه لهي“، ”سُر نارائڻ شيام“، ”الوداعي گيت“، ”ڪاري ڪهنگ“، ”مينهن ڪڻيون“، گيڙو ويس غزل“، ”ڪونجون ڪُرڪن روهه تي“، ”گھاٽ مٿان گھنگھور گھٽا ۾“، ”چنڊ ڳليون“، ”هرڻ اکي ڪيڏانهن“، ”سورج مکي سانجھ“، ”سر لوهيئڙا ڳڀيا“، ”ننڊوليون“، ”ڪتين ڪر موڙيا“، ”هينئڙو ڏاڙهون گل جيئن“، ”اڀر چنڊ پس پرين“، ”اٿي اور الله سان“، ”اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني“، ”بڙ جي ڇانون اڳي کان گھاٽي“، ”اڪن نيرا ڦليا“، ”جر ڏيئا جھمڪن“، ”تون ڇپر تون ڇانون“ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شامل آهن. ساڳي طرح سندس ڪهاڻين، آتم ڪهاڻين، ڊائري جي ورقن ۽ اردو شاعريءَ جا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾: ”سفيد وهشي“ ڪهاڻيون، ”پنهل کانپوءِ“ ڪهاڻيون ۽ خط، ”بوءِ گل نالائي دل“ اردو شاعري، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ خط، جڳ مڙيوئي سپنو“ آتم ڪهاڻي، ”ساهيوا جي جيل ڪهاڻي“ ڊائري، ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ منظوم ڊرامو، ”انٽرويو ۽ تقريرون“ (ٻه ڀاڱا)، ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ڪراچيءَ جون راتيون“ ڊائري، ”حلقه ميري زنجير“ اردو شاعري، ”رساله شاهه عبداللطيف“ ترجمو، ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ آتم ڪهاڻي (پنج ڀاڱا) ۽ ٻيا شامل آهن.
شيخ اياز تي گھڻو ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي پر مستقبل ۾ هن تي اڃا به گھڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويندو جو ايندڙ دؤر اياز جو دؤر آهي. نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي اياز تي راءِ ڏيندي لکيو: ”شيخ اياز جر شاعريءَ تي موجوده دؤر جي سڀني شاعرن کان گھڻو لکيو ويو آهي، هو هن دؤر تي گھڻو اثر به ڪري رهيو آهي، اياز سنڌي شاعريءَ جي روايت سان، پنهنجي جدت سميت جَڙيل آهي. ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ جا سڀ رنگ فقط اياز ۾ نظر اچن ٿا. اياز هڪ پرگو شاعر آهي. هن جو جيڪو ڪائنات جو اڀياس آهي، سو کيس انهيءَ قابل بنائي چڪو آهي، جو هو پوپٽ جو پيرو کڻي اهو ٻڌائي سگھي ٿو ته ان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا گل آيا.“
نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار قمر شهباز لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن مون تي جذباتيت جو الزام نه هنيو وڃي، ته جيڪر مان حقدار کي حق ڏيڻ خاطر اهو چوڻ جي جسارت ڪريان ته ڀٽائيءَ کان پوءِ اياز تائين سنڌ ڪوبه اهڙو راڳي پئدا نه ڪيو، جو سنڌ واسين جي دلين جي تارن کي اهڙي شدت سان جھنجھوڙي جو تن تن تڙپي اٿي، من من ماندو ٿي وڃي، ماڻهو ماڻهو مچلي پوي. شاهه جي وسايل چڻنگ کي ڀنڀٽ ۾ بدلائڻ صرف ئي صرف اياز جو ئي ڪمال آهي“
اياز سنڌ جي جديد شاعريءَ واري آسمان تي چنڊ مثل آهي. هن جا بيت، نظم، آزاد نظم، دوها، ڏيڊ سٽا، وايون، گيت، هائيڪا ۽ نثر ۾ ڪهاڻيون، خط وغيره اڄ به سندس آواز بڻجي اسان سان مخاطب آهن جنهن لاءِ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو اياز جا ڳڻ ڳائيندا رهندا جو هن سڄي عمر سنڌيت لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت جاکوڙيو ۽ هر ميدان تي کلي مزاحمت ڪئي، راتين جون ننڊون ڦٽائي قومي سجاڳيءَ لاءِ سڏ ڪيا، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جو نالو انتهائي معتبر، مٿاهون ۽ مانائتو آهي جنهن کي تاريخ ثابت ڪري چڪي آهي پر اياز کي سٺيءَ ريت سمجھڻ ۽ پرکڻ لاءِ اڃا وقت کپي، مستقبل ۾ اياز تي اڃا به گھڻو ڪم ٿيڻو آهي جو هيل تائين اسان اڃا شيخ اياز جي عظمت جو ڪاٿو ئي ناهيون ڪري سگھيا، هن جي شاعريءَ تي ايندڙ دؤر جا محقق ريسرچ ڪري سندس لڪل خوبين تي روشني وجهندا ته هو ڪيترو عظيم هو ۽ ان جي عظمت کي اسان ڪيتري حد تائين ڄاتو آهي، هن پنهنجي حياتيءَ جو گھڻو وقت سکر ۾ گذاريو، آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ وڃي ترسيو جتي دل جي بيماري سان به جنگ جوٽيندو رهيو. اياز ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي لاڏاڻو ڪيو، کيس ۲۹ ڊسمبر تي ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ جي ڪناري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.






ڌرتيءَ جي سونهن نظارن ۽ آسمان تي اڏامندڙ پکين کان ويندي ڪائنات جي وسعتن تائين هر روز ڪيترا ئي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا. سوال جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ سوچون جيڪي ئي انسان کي شعور بخشن ٿيون، انهن سوچن جي سفر تي ڪي ڏاها ڏات ڌڻي ايترو ته اڳاهان نڪري ويندا آهن، جن لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي سوال ئي سوال هجن ٿا. اهڙا سوال جن جي جوابن لاءِ هو رات ڏينهن سوچن جي گِهري سمنڊ ۾ گم رهن ٿا ۽ پوءِ انهن سوچن جي سمنڊ مان جڏهن ڪي موتي کين ملن ٿا ته اهي خوبصورت لفظن جي صورت ۾ شاعريءَ جو روپ ڌاري اچن ٿا. جيڪي شاعر اهڙا شعر سرجن ٿا جن سان قومون بيدار ٿين ٿيون منجهن جرئت، همت ۽ حوصلي سان گڏ نئون ولولو پيدا ٿئي ٿو، اهي ئي دراصل حقيقي طور عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪندڙ هجن ٿا، اهڙا شاعر ئي تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙن ئي امر انسانن ۾ مهان ڪوي شيخ اياز جو نالو تمام گھڻي اهميت وارو آهي. اياز تي لکڻ جي جرئت ڪرڻ به ڪنهن امتحان کان گھٽ نه آهي جو درياهه کي ڪوزي ۾ سمائڻ ڪو چرچو ناهي. ڇا لاءِ ته جيڪي ماڻهو دنيا کي بدلائڻ جا حوصلا رکن ٿا سي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ اياز خود به چيو:
ڪي  ماڻهو  تاريخ  ٿين  ٿا
گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي
اهڙي  گِهري  چيخ   ٿين  ٿا
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
جا   دنيا   کي   بدلائي   ٿي

ڪير آهي جيڪو اياز جي عظمت جو انڪاري هجي، سندس مهانتا ۽ مانَ جو گواهه ته هر شخص آهي، پر شيخ اياز فقط هڪ شخص نه هو، پنهنجي وجود ۾ هو هڪ تحريڪ هو، سندس شاعريءَ جي فڪري لاٽ مان نڪرندڙ روشنيءَ جي ڪرڻن کيس جيون ۾ ئي اها مڃتا ڏياري جنهن لاءِ خاص طور اسان جهڙن سماجن ۾ صديون پراڻو ٿيڻ شرط هوندو آهي. برصغير جي عظيم ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض هڪ تقريب ۾ روسي سفارتڪار کي چيو هو ”شيخ اياز مون کان به وڏو شاعر آهي.“ تنهن تي هن وراڻيو: ”فيض صاحب اها ڳالهه ته اوهان رات به ڪئي هئي.“ فيض چيو ” ها! اها ڳالهه مون رات به ڪئي هئي پر وري ان ڪري ورجايان ٿو جو متان تون سمجھين ته فيض رات نشي ۾ هو، هن وقت آءٌ هوش ۾ آهيان ۽ چوان ٿو ته اياز مون کان وڏو شاعر آهي.“
سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جيڪا جدت ۽ نواڻ آندي سا تازي هوا جي جھوٽي مثل هئي، ڪابه نئين تخليق جڏهن ڪو تخليقڪار سرجي ٿو ته سندس اها خواهش هجي ٿي ته اها لکڻي مڃتا ماڻي، پر اصل مڃتا ۽ دائميت ان ئي تخليق کي ملي ٿي جا پنهنجي اندر معيار ۽ ڪشش رکندڙ آهي. ان جي معياري هئڻ جو دليل اهو ئي هوندو ته اها پڙهندڙن وٽ موجود رهندي. جيئن اياز جي هڪ هڪ سٽ اڄ به اسان پنهنجي هينئين سان هنڊايون ٿا، محفلن، ڪانفرنسن، سيمينار، عوامي جلسن جلوسن کان ويندي ادبي ميڙاڪن تائين اياز جي شعرن جي گونج اڄ به هر هنڌ موجود آهي ۽ جھر جھنگ ۾ شيخ اياز جي گيتن کي ڳاتو وڃي ٿو ۽ اها ئي تخليق جي دائميت آهي، جنهن سان خود تخليقڪار به زنده رهي ٿو. جيڪا لکڻي وقت جي دز جي ور چڙهي وڃي سا تخليقڪار جي موت سان گڏ ئي دفن ٿي وڃي ٿي.
سنڌ جي ناليواري برک دانشور ۽ اياز جي ساٿي محمد ابراهيم جويي لکيو ته: ”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو ڪرشمو آهي، ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اهي ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي دؤر جي ڪايا پلٽ جا دائي ۽ اٽل سبب بنبا آهن.“
شيخ اياز انساني جذبن، امنگن ۽ احساسن جي ڳالهه ڪندي انساني ويساهن جي ڳالهه به ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ ڪئي آهي، جو چيائين:
جي تون وڙهندي ماريو ويندين،
هن وستيءَ تان  واريو  ويندين،
دودا !  تنهنجو  ساهه  ته  ويندو،
پر  ماڻهوءَ  جو ويساهه نه ويندو.
سن ۱۹۶۲ ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، ۱۹۶۳ ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، ۱۹۶۳، ۱۹۶۴ع ۽ ۱۹۶۸ ۾ وقت جي آقائن پاران ضبط ڪيا ويا، پر انهن اڻ ڄاڻن کي اها ڄاڻ ئي نه هئي ته خوشبو تي پابنديون مڙهڻ بيوقوفي کان وڌيڪ ڪجهه به نه هوندو آهي. ڪنهن به وڏي شاعر جي لکڻين جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ بعد ئي سندس تخليق ڪيل شعر جي روح تائين پهچي سگھبو آهي ۽ پوءِ ئي ان تي ڪا به حتمي راءِ قائم ڪري سگھبي آهي. آفاقي شاعريءَ جو مفهوم هر شخص وٽ پنهنجو پنهنجو هجي ٿو، پر مجموعي طور تي آفاقيت جي معنى کي مختصر طور سمجهجي ته اها لکڻي جيڪا ڪنهن خاص سماج يا ملڪي حدن جي محتاج نه هجي ۽ ان ۾ هر خطي جي ماڻهن جي جذبن جي نمائندگي نظر اچي، ۽ اهڙي ئي لکڻي امرتا ماڻي ٿي. اياز چيو:
اسان جون وفائون نه ساحل نه ڪشتي،
اوهان جون ادائون نه ٻوڙيو نه تاريو.
زمين جا  ستارا هئا  لڙڪ پنهنجا،
اسان رات روئي پرهه کي پڪاريو.
ڪٿي آهين تون اي نظامِ محبت،
صديون ساهه منهنجي سڪي توکي ساريو.
تو ڳوڙهن ۾ ڳوڙهو وڃي ڏس ته توکي،
پتو پئي اسان کي آ ڪنهن  مُرڪ ماريو.
اردو ادب جي ناليواري ليکڪا فهميده رياض لکيو ته: ”اياز جي شاعريءَ کي اوهان جيڪڏهن پورو پڙهي وٺو ته توهان چئي سگھو ٿا ته بر صغير ۾، رڳو پاڪستان ئي نه بلڪه پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پوري بر صغير ۾ ان جي مختلف زبانن ۾ جيڪي شاعر پيدا ٿيا آهن، غالباً اياز جي مقابلي جو، هن جي جوڙ جو ٻيو ڪوبه شاعر پيدا نه ٿيو آهي.“
شيخ اياز تي گھڻو ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي پر مستقبل ۾ هن تي اڃا به گھڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويندو جو ايندڙ دؤر اياز جو دؤر آهي. نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي اياز تي راءِ ڏيندي لکيو: ”شيخ اياز جي شاعريءَ تي موجوده دؤر جي سڀني شاعرن کان گھڻو لکيو ويو آهي، هو هن دؤر تي گھڻو اثر به ڪري رهيو آهي. اياز سنڌي شاعريءَ جي روايت سان، پنهنجي جدت سميت جَڙيل آهي. ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ جا سڀ رنگ فقط اياز ۾ نظر اچن ٿا. اياز هڪ پختو شاعر آهي. هن جو جيڪو ڪائنات جو اڀياس آهي، سو کيس انهيءَ قابل بنائي چڪو آهي، جو هو پوپٽ جو پيرو کڻي اهو ٻڌائي سگھي ٿو ته ان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا گل آيا.“
نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار قمر شهباز لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن مون تي جذباتيت جو الزام نه هنيو وڃي، ته جيڪر مان حقدار کي حق ڏيڻ خاطر اهو چوڻ جي جسارت ڪريان ته ڀٽائيءَ کان پوءِ اياز تائين سنڌ ڪوبه اهڙو راڳي پيدا نه ڪيو، جو سنڌ واسين جي دلين جي تارن کي اهڙي شدت سان جھنجھوڙي جو تَن تن تڙپي اٿي، مَن من ماندو ٿي وڃي، ماڻهو ماڻهو مچلي پوي. شاهه جي وسايل چڻنگ کي ڀنڀٽ ۾ بدلائڻ صرف ئي صرف اياز جو ئي ڪمال آهي.“
اياز سنڌ جي جديد شاعريءَ واري آسمان تي چنڊ مثل آهي. هن جا بيت، نظم، آزاد نظم، دوها، ڏيڊ سٽا، وايون، گيت، هائيڪا ۽ نثر ۾ ڪهاڻيون، خط وغيره اڄ به سندس آواز بڻجي اسان سان مخاطب آهن. جنهن لاءِ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو اياز جا ڳڻ ڳائيندا رهندا، جو هن سڄي عمر سنڌيت لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت جاکوڙيو ۽ هر ميدان تي کلي مزاحمت ڪئي. راتين جون ننڊون ڦٽائي قومي سجاڳيءَ لاءِ سڏ ڪيا.
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جو نالو انتهائي معتبر، مٿاهون ۽ مانائتو آهي جنهن کي تاريخ ثابت ڪري چڪي آهي، پر اياز کي سٺيءَ ريت سمجھڻ ۽ پرکڻ لاءِ اڃا وقت کپي.
هي هرڻ بانورو ڪيستائين هَڄي؟
بادلو، بوند ڪا، ريت جنهن سان رڄي!
 آءٌ سورج مکي، ڏينهن منهنجو ڏکي
تون ته اڀرين نه ٿو، اک ڇاٿي کڄي!
 آگ بن ۾ لڳي، راڌڪا ٿي رڙي
بنسري شام جي بي سُري ٿي وڄي
 او پرين! او پرين! آءٌ موٽان پيو
ڪير توکان ڀڄي! ڪيستائين ڀڄي
سِرُ اياز اڄ ڏئِي، منڌ موٽائجي
سنڌ سستي وڪي آهي ڪنهن نِرلڄي
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۷۹)
اياز جو هي غزل نه رڳو خيال جي نازڪ تند ۽ تار سان جڙيل آهي پر فني ۽ لسانياتي لحاظ کان به هي هڪ انوکو غزل آهي. لفظن جي ترتيب، بيهڪ ۽ منفرد قافيي جي استعمال هن غزل جي سونهن کي هيڪاري وڌايو آهي. ”هڄي“، ”رڄي“ ۽ ”نرلڄي“ جا لفظ سنڌي شاعريءَ ۾ ڪو ورلي ئي استعمال ٿيا هوندا. غزل ۾ نه رڳو قافيي جي ندرت آهي پر فڪري لحاظ کان به هي هڪ خوبصورت غزل آهي، پاڻ کي سورج مکي سان ڀيٽ ڏئي محبوب کي سورج سان تشبيهه ڏيڻ، راڌا جي رڙ ۽ شام جي بنسريءَ جو بي سُرو ٿي وڃڻ جون علامتون به ڪمال جون آهن.
ڌرتي چمڪي واري اڏري، رائو، ڏينهن تتو!
هرڻي هونءَ به مرڻي، پر جي ماري رڃ رڳو
جُڳ جُڳ جو جادو آ، تنهنجي سانجھيءَ ويلا لاڙ!
تل ترائيءَ تي اڏري جي، ڪونج وجھي پاڇو
(وڄون وسڻ آئيون ص ۶۵)
اياز جي هنن سٽن مان منظرَ ۽ احساسَ گڏ گڏ اڀرن ٿا. هڪ پاسي ڌرتيءَ جي چمڪ، واريءَ جي اڏار ۽ تتل ڏينهن جا عڪس پڌرا آهن ته ٻي پاسي رڃ ۾ ڊوڙندڙ هيسيل هرڻيءَ جي موت جي احساس کي سٽن ۾ عجيب انداز سان اڀاريل آهي. اهڙي طرح  لاڙ جي سانجھيءَ جي جادوگري ۽ جھيڻي جوت ۾ تل مٿان اڏرندڙ ڪونجن جي ڇايا، اياز جي شاعريءَ جي لفظي جمال جو پورو تاثر کڻي شعر ۾ هڪ خوبصورت تصوير ٺاهي ٿي. هنن سٽن ۾ لفظن جي ترتيب ۽ توازن توڙي جادو بياني ڪمال جي آهي. ”اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ وسَ ڪندي ڪابه وائڙي ۽ وئرٿ سٽ نه سرجي، پر اهڙيون سگھاريون ۽ سندر سٽون تخليق ڪيون، جن ۾ جذبي ۽ فڪر جو مناسب توازن موجود هيو.“ نه رڳو اهو پر هن جي ٻولي ان لوليءَ وانگر آهي، جنهن ۾ عجيب جادوگري آهي ۽ جيڪا ماءُ جي چپن مان ڦٽي سرور جا سوء سُر ڳوهيندي آهي.
منهنجي ڇاتي ڇولي وو!
لولي وو! لولي وو!
لالن منهنجا لولي!
اهڙي ٻولي ڪا به نه جهڙي، ٻاروتي جي ٻولي وو
لالڻ منهنجا، لولي!
(وڄون وسڻ آئيون ص ۱۷۰)
شيخ اياز جي شاعري ان مها ساگر وانگر آهي، جنهن جي پاتال تائين پڄڻ لاءِ وڏي جرئت ۽ حوصلو کپندو آهي. سندس لفظن جي موتين جي جوتي به تڏهن ئي حاصل ٿي سگھندي، جڏهن اسين پنهنجين اکين تان نظرين جون عينڪون لاهي ڏسندا سين. اياز جي شاعريءَ ۾ شعري جمال ۽ لسانياتي خوبين انيڪ آهن. حقيقت ۾ اياز جي شاعريءَ جي لفظي ۽ صوتي نظام ۽ حسناڪين پسڻ لاءِ انوکين بصارتن ۽ بصيرتن جي ضرورت آهي.


روزاني عبرت جي ادبي صفحي تان ٿورن سان کنيل

No comments:

راءِ ڏيندا