; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد - احمد علي تنيو

26 December, 2011

ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد - احمد علي تنيو


ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد
عظيم رهبر جي عظيم نياڻي
احمد علي تنيو
اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته 21 هين مارچ 1940 تي ”سن“ جي سيد گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ نياڻي، اڳتي هلي سنڌ، شاهه لطيف جي پيغام، سيد جي فڪر ۽ سنڌي ادب کي دنيا جي آڏو پنهنجي تحقيق سان پڌرو ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪڍندي ۽ پاڻ پتوڙيندي. جيجي درشهوار کي سن ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ کانپوءِ سندس علم حاصل ڪرڻ جي شوق کي ڏسي کيس ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان بي اي 1967ع ۾ ڪئي. فلسفي ۾ ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان 1969ع ۾ ڪئي. فارسي سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي مان 1972ع ۾ ڪيو. ان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ وئي، جتي هن ايم اي سائوٿ ايشين اسٽڊيز يونيورسٽي آف انگلينڊ مان 1977ع ۾ ڪئي. فيلڊ آف اسپيشلائيزيشن پي ايڇ ڊي شاهه لطيف جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان 1984ع ۾ ڪئي.


ياد رهي ته جيجي درِ شهوار سيد پهرين سنڌي نياڻي هئي، جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪو هڪ تمام وڏو اعزاز آهي.
تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هتي اچي جيجي 1985 کان 1991ع تائين ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدن تي فائز رهي. ان کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه عبداللطيف چيئر جي ڊائريڪٽر به رهي. فنڊن جي شديد کوٽ ۽ حڪومتي تعاون نه هجڻ جي باوجود ان دؤران جيجيءَ پنهنجي تحقيق ۽ لکڻ واري ڪم کي جاري رکيو ۽ چيئر تي هوندي هيٺ ڄاڻايل ڪتاب مرتب ڪيائين ۽ ڇپرايائين:
۱ - شاهه جو رسالو (اردو، فاسي، انگريزي ۽ عربي ۾ ترجمي تي مشتمل).
۲ - ڪشف الابيات.
۳ - شاهه لطيف شاعري اور فڪر.
۴ - شاهه لطيف جي موسيقي
۵ - تحقيق جو طريقيڪار
۶ - شاهه لطيف ڪي ڪهانيان
۷ - شاهه لطيف جي ببليو گرافي.
جيجيءَ جو شمار، رڳو سنڌي ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽ يونيورسٽي جي ماهر تعليم ۾ ئي نٿو ٿئي پر هوءَ وڏي سماج سڌارڪ به هئي. هن ”آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن“ ٺاهي، جنهن جي پاڻ چيئر پرسن به رهي. ان دؤران جيجي ڪراچي جي ڳوٺن ۾ غريبن لاءِ فلاحي ادارا ٺاهيا ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ ٻوڏ جي دؤران، متاثرين ۾ سيڌو ورهايو ۽ مفت علاج جون ڪئمپون لڳرايون ۽ ٻيون به ڪافي سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون.
سائين جي ايم سيد کانپوءِ، جيجي ڏاڍي اُداس ۽ ويڳاڻي رهندي هئي ۽ آخر ۾ بيمار رهڻ لڳي. نيٺ 26 هين ڊسمبر 1997ع تي لاڏاڻو ڪري وئي.

No comments:

راءِ ڏيندا