; سنڌي شخصيتون: وڏيرو ملهه پالاري - شمس پالاري

09 December, 2011

وڏيرو ملهه پالاري - شمس پالاري


وڏيرو ملهه پالاري
ٽن صدين جو شاهد
 شمس پالاري
ٽن صدين جي سفر جي اوکي واٽ تي هلندي، سنڌ جي تاريخ کي باب بنائي ويندڙ قدآور خوبين جو مالڪ وڏيرو ملهه خان پالاري هاڻي اسان وٽ نه رهيو آهي. ٽن صدين ۱۸۰۰، ۱۹۰۰، ۲۰۰۰ سال جي تاريخ، هن شخص کي گهڻو ڪجهه ڏنو ۽ گهڻو ڪجهه ورتو. ۱۲۶ سالن جي ڄمار رکندڙ ملهه پالاري، پنهنجي برادريءَ جي سردار گهراڻي سان تعلق هئڻ باوجود، ملڻ وقت محبت ۽ پيار جي ڄڻ پالوٽ ڪندو ھيو. سادگي پسند ۽ مهان نواز هو. سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد سان سندس دوستي ۱۹۳۶ع کان شروع ٿي. سائين جي ايم سيد جي ويجهن ساٿين مان هو.


سري، ڪوهستان جو هڪ ننڍڙو شهر آهي، جنهن جي سڃاڻپ جو اهم ڪردار، ملهه خان پالاري رهيو. ڀلوڙ اُٺن جو شوق رکندڙ ملهه خان پالاري کي، جي ايم سيد سان دوستي ڏاڍي مهانگي پئي. دوستي نڀائڻ ڪا آسان ڳالهه نه هئي. هن سختيون سر تي کنيون پر آخر تائين دوستيءَ کي بي مثال ڪري ڇڏيو. پنهنجي برادري ڪاڻ هن الائي ڪهڙين مصيبتن کي منهن ڏنو. هن پهاڙن آڏو ٽڪر کاڌا پر همت نه هاريائين. وڏيرو ملهه پالاري اوطاق جي حوالي سان نهايت مشهور هو، جتي بنا ڪنهن مت ڀيد جي هر آيل جو آڌر ڀاءُ ڪندو هو. اُٺ جي سواري، شوق هيس. سري مان اٺ تي غيبي ديرو وڃي، ان وقت جي سردار غيبي خان چانڊيو سان، ملندو هو. وڏيرو ملهه خان پالاريءَ جا، مخدوم طالب الموليٰ، سيد قادر ڏنو شاهه شيرازي، سردار ملڪ سڪندر خان ۽ بلوچستان جي مختلف سردارن کان علاوه، لاڙ ۾ تمام گهڻا دوست هئا. ڪچهرين دوران، پراڻي دؤر جي قصن ۽ واقعن بابت، تفصيل سان ذڪر ڪندو هو. سري ڪلو کوهر ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۾ ڪوهستان جي واپاري طبقي سان تعلق رکندڙ هندو برادري جي ماڻهن کي تحفظ ڏئي، پنهنجي علائقي مان ڪنهن کي لڏپلاڻ ڪرڻ نه ڏنائين. اڄ به انهن شهرن اندر، وڏي تعداد ۾ هندو برادري رهائش پذير آهي.
۱۲۶ سالن جي ڄمار ۾، مٿي تي پٽڪو ۽ ۱۶ والن جي شلوار ۽ اصلي سنڌي قميص ڦتي پائيندو هو. وڏيري ملهه خان پالاريءَ ٻه شاديون ڪيون، جنهن مان ۳ پٽ ۵ نياڻيون ٿيس. منجھانئن هڪ پٽ فوت ٿي ويو آهيس، جڏهن ته ٻه پٽ؛ دانشور اديب در محمد پالاري ۽ ۹۵ ورهين جو رضا محمد پالاري حال حيات آهن. ملهه پالاريءَ جي پوٽن، ڏوهٽن ۽ پڙ پوٽن جو ڪل تعداد ۸۰ آهي. پاڻ ۱۸۸۵ع ۾ پيدا ٿيو ۽ ۲۰۱۱ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. کيس سري ڀرسان، اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا