; سنڌي شخصيتون: پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا - غلام محمد گرامي

13 December, 2011

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا - غلام محمد گرامي


پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا
غلام محمد گرامي

سنڌي ادب جي برک ليکڪ ۽ صوفي اهل قلم پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، شڪارپور ۾ 30_ ڊسمبر 1965ع تي پرلوڪ پڌرايو.
پاڻ شڪارپور ۾ 1898ع ۾، هڪ مشهور شاهاڻي خاندان ۾ جنم ورتائين. اڃا اٺن ورهين جي ڄمار جو هو ته سندس والده وفات ڪئي. والده جي وفات کانپوءِ، سندس زندگيءَ ۾ عجيب ڦيرو آيو. سندس  خيال ويدانتي ۽ صوفياڻا هئا. ننڍي عمر کان وٺي، صوفين، درويشن، سامين ۽ جوڳين جي سنگت ۾ رهي، پاڻ ۾ روحاني رنگ پيدا ڪيائين. صوفين ۽ درويشن جي صحبت جي اثر ڪري اجائي ٺٺ ٺانگر ۽ شان شوڪت کان هميسه بيزار رهيو. شاهوڪارشاهيءَ  کان  نفرت هوندي هيس، ۽ طبيعت سادگيءَ ۽ فقيريءَ ڏانهن مائل هيس.
1913ع ۾، شڪارپور ايڪڊميءَ مان بمبئيءَ جي ميٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ 1919ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ جي بي.اي. پاس ڪيائين، ان کان پوءِ ستت، برهمچاريه هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ هيڊ ماستر ٿي ڪم شروع ڪيائين. اتي ٻه سال ساندهه رهيو. ان کان پوءِ قومي اسڪول ۾ ٻيا ٻه سال ڪم ڪيائين. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو جو وائيس پرنسپال مقرر ٿيو.
سندس علمي ۽ ادبي زندگيءَ جو آغاز رسالي “سنڌوءَ” کان ٿيو. پاڻ “سنڌوءَ” جي شروعاتي ڇهن مهينن تائين، 1930ع ۾، ايڊيٽر ٿي رهيو.


ان کان پوءِ روهڙيءَ مان هڪ ماهوار اخبار “روشني وڌيڪ روشني” ڪڍيائين. ان جو به ڇهه مهينا کن ايڊيٽر ٿي رهيو.
سندس لکيتن جو ٻيو دۇر “مهراڻ” جي قديم دۇر 1946ع کان شروع ٿيو. 1947ع ۾ سندس هڪ ڪتاب “سائين قطب شاهه جهانيه پوٽه” شايع ٿيو. اهو ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان ۾ تصوف ۽ ويدانت جي اپٽار نهايت سليس ۽ وجد آور انداز ۾ ڪيل آهي. سندس قلم جي جولاني، ۽ خيال جي رواني درياءُ جي اٿل وانگر آهي.
ان بعد ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن 1955ع ۾ “مهراڻ” رسالي جو ٻيو دۇر شروع ٿيو، تڏهن پاڻ مستقل طور سان “ادب لطيف” جي عنوان هيٺ بهترين علمي مضمون لکندو رهيو. “ادب لطيف” ۾ زندگيءَ جي گونان گون مسئلن کي ٽئگور ۽ خليل جبران جي اسلوب ۽ انداز ۾ بيان ڪندو رهيو. سندن انهن “ادب لطيف” وارن شهپارن جو جرمني زبان ۾ ترجمو ٿيو، ۽ اتي جي ريڊيو اسٽيشن تان وقت بوقت نشر ڪيو ويو. ساڳيءَ طرح سندس اهي مضمون آمريڪا ۽ جرمنيءَ ۾ انگريزي ۽ جرمن زبانن ۾ پڻ شايع ڪيا ويا.
ان طرح سندس مضمون مشهور سالن_شاعر حيدرآباد، مارئي حيدرآباد، فردوس هالا، نئين زندگي ڪراچي، اديون ڪراچي، روح رهاڻ حيدرآباد، کان سوا3، روزانه “عبرت” ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس مقالن جي گڏ ڪرڻ جو ڪم، سندس فرزند پروفيسر لجپت ڪري رهيو آهي.
1964ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب، “ايسر آکاڻي” شايع ٿيو. جنهن تي “پاڪستان رائٽرس گلڊ” پاران ٻه سئو رپيا انعام مليو. اهو ڪتاب پنهنجي مواد توڙي پيشڪش جي لحاظ سان شاهڪار آهي. سندس انداز بيان جي جدت ۽ ندرت، تتبع ۽ تقليد کان بالا آهي.
ان سلسلي ۾، آخري وقت تائين، “ساميءَ” جي شخصيت ۽ شلوڪن تي ڪم ڪندو رهيو. اٽڪل چار هزار کن سلوڪ گڏ ڪيائين. انهن جي صحت ۽ سمجهاڻيءَ لاءِ سالن جا سال محنت ڪندو رهيو. افسوس جو اهو شاهڪار مڪمل نه ٿيو آهي. پنهنجي پويان لائق فرزند پروفيسر لجپ گاڌي ۽ پوٽو  نريندر ڇڏيو اٿس.
پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز فار رليجن جو ميمبر به ٿي رهيو ۽ 1964ع ۾ فلاسافيڪل ڪانگريس حيدرآباد ۾ مستقل ڊيليگيٽ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿي، فلاسافيءَ تي علمي مقالو پيش ڪيو هئائين، جنهن کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو.
30_ ڊسمبر 1965ع تي، تمام ٿوري علالت کان پوءِ هن فاني دنيا کي ڇڏي  وڃي سرڳواس ٿيا.

No comments:

راءِ ڏيندا