; سنڌي شخصيتون: ساڌو واسواڻي - غلام محمد گرامي

13 December, 2011

ساڌو واسواڻي - غلام محمد گرامي


ساڌو واسواڻي
غلام محمد گرامي

سنڌ جو مشهور عالم، فيلسوف ۽ آدرشي مهاپرش، ساڌو ٽي.ايل. واسواڻي 16_ جنوري 1966ع تي پوني (ڀارت) ۾ گذاري ويو.
ساڌو واسواڻي جي عالمانه شخصيت، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪي هئي. سندس نام ۽ پيغام کان مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا وافف هئا.
1940ع ۾ هڪ آمريڪي عالم ۽ سياح، پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته ڀارت جون ٽي جايون قابل ديد آهن__ تاج محل، جامع مسجد ۽ اجنتا. ان طرح ٽن ماڻهن کي ڏسڻ ڀاڳ جي نشاني آهي، رابيندرناٿ ٽيگور، گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي. اها سنڌين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
ساڌو واسواڻي، 25_ نومبر 1879ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس اعليٰ شخصيت ننڍي ڄمار ۾ ئي علم ۽ فڪر جي عالم ۾ مستغرق رهندي آئي. مزهب جي سلسلي ۾ سڀني مذهبن جو مطالعو ڪري انهن جي صالح ۽ تعميري خيالات کي قبول ڪيائين. سندس اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن ۽ خلفائي راشدين لاءِ ڏنل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سَنَد جو درجو رکن ٿا.


سندس اوائلي زندگي، تعليم ۽ اخلاقي اصلاح سان شروع ٿي. تعليم جي سلسلي ۾ پاڻ وڪٽوريا ڪاليج ڪوچ بهار، مهيندرا ڪاليج پٽيالا، ديالسنگ ڪاليج لاهور جو پرنسپال ٿي رهيو آهي. ڪلڪتي ۽ ڪراچيءَ ۾ سندس شهرت ۽ عزت، يورپ تائين پهچي چڪي هئي. ان زماني ۾ پاڻ، بين الاقوامي مذهبي ڪانفرنس برلن جي دعوت تي يورپ ويو، اتي ماديات ۽ لامذهبيت جي خلاف اخلاق ۽ روهانيت، پاڪيزگيءَ ۽ صلح پسنديءَ تي، پر اثر ۽ رقت انگيز تقريرون ڪيائين. ان وقت پاڻ ڪراچيءَ ۾ فلاسافيءَ جو پروفيسر هو.
1909ع ۾ يورپ جي مختلف علمي ادارن ۽ عالمي سوسائٽين پاران، مليل دعوت تي مختلف ملڪن ۾ تقريرون ڪيائين. سنس تقرير ۾ ويدانت ۽ تصوف جو عجيب سنگم هوندو هو. هو پريم ڀڳت هو، تنهنڪري سنسد ڪلام ۾ بجليءَ جهڙو تاثير هو. سنس اصلاحي تقريرن، يورپ جي وڏن وڏن عالمن کي روحانيت ڏانهن قريب آندو.
1920ع کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪن، ڪانگريس ۽ خلافت ۾ بهرو وٺن لڳو.
خلافت جي پاران،  انگريزن سان “قطع تعلقات” جي جڏهن تحريڪ شروع ٿي، تڏهن پاڻ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ۾ پروفيسر هو. ان سلسلي ۾ جا وڏي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي، تنهن جو پريزيڊنٽ ساڌو واسواڻي هو. ان ڪانفرنس ۾ مڪل جي سڀني ليڊرن__ گانڌي، محمد علي، موتي لال نهرو، شوڪت علي، مولانا آزاد، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تقريرون ڪيون.
اڳتي هلي، “ينگ انڊيا”، ۽ “هريجن” اخبارن ۾، جي گانڌيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿينديون هيون، تن جي پهرين  پيجن تي ساڌو واسواڻيءَ جا مضمون ڇپبا رهيا.
ان سلسلي ۾ “الوحيد” ڪراچيءَ ۾ سندس ڪافي مضمون ڇپيا، جن ۾ قرآن ۽ حديث ۽ تاريخ جي دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريائين ته هن سرڪار جي خلاف قطع تعلقات تحريڪ کي زور وڍائن مسلمانن جو مذهبي فرض آهي.
1932ع ۾ استعفا ڏيئي “ميران” جي نالي ۾ اصلاحي ۽ تعليمي تحريڪ شروع ڪيائين. سندس خيال ۽ عقيدا، امن ۽ صلح، عبادت ۽ پريم ڀڳتي4 وارا هئا. هو تصوف ۽ ويدانت جو وڏو ڄاڻو هو، ان هوندي به هو مدي خارج رسمن ۽ خيالن کي چنبڙي پوڻ جي خلاف هو. هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار لاءِ، “ميران” ٻائيءَ کي مثالي ۽ آدرشي آئينو بنائي ڪم شروع ڪيو. سندس اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به روحانيت ۽ پاڪيزگي، انسانذات جي محبت ۽ خدمت، مساوات ۽ اخوت تي هڪ روحاني رنگ ۾ رتل نصاب ۽  نظام هلايو ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جو “ميران” اسڪول هڪ آدرشي اسڪول شمار ڪيو ويو آهي، جو ساڌو  واسواڻي، ورهاڱي تائين هلائيندو رهيو.
1949ع ۾  ساڌو واسواڻيءَ پوني ۾، سنڌ وانگر “ميران” آدرشي اسڪول کوليا. ان سلسلي ۾ ميران ٻالمندر، ميران هاءِ اسڪول، ميران اليج، ميران ناري شالا، ميران اسپتال، تعريف جي لائق آهن.
ساڌو واسواڻي، علم ۽ خيال، فڪر ۽ فلاسافي، پريم ۽ شيوا جو سچو مثال هو، تنهنڪري سندس ادارن ڪڏهن به مالي مشڪلات ڪانه ڏٺي.
سندس ادارن لاءِ، سندس جنم دن 25_ نومبر تي هر  سال ڳوٿري پيش ٿيندي هئي. پهرئين ڀيري، پنجويهن هزارن جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي، پر کين مليا ٽيتاليهه هزار: ٻئي سال پنجهٺ هزار، ۽ ٽئين سال هڪ لک کان به مٿي، چوٿين سال اڍائي لکن کان مٿي. اهي رقمون، يورپ، جپان ۽ آمريڪا مان گڏ ٿيون. سنڌين ۽ ڀارتي هندن پاران امداد ون الڳ مليون.
سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جيئن “A Wake Young India”، جي سندس يورپ مان اپسيءَ تي مدراس جي مشهور Ganesh & Co ڇپايا.
ساڌو واسواڻي، ڇهاسي ورهين جي ڄمار ۾، 16_ جنوري 1966ع تي سرڳواسي ٿي ويو. شال سندس علم ۽ خيال جي دنيا مان انسانذات، سونهن ۽ سوڀيا،  پيار ۽ پريم، امن ۽ صلح جو رنگ حاصل ڪري.
سندس خيال، مضمونن، تقريرن ۽ ٻولن جي اشاعت جي سلسلي ۾  ننڍڙو رسالو “سنت مالا” اڄ تائين هلندو ٿو اچي. ان ۾ سنسد لام، “نوري” ۽ “نماڻي”، تخلص سان شايع ٿيندو رهيو آهي. بيشڪ ساڌو واسواڻي هڪ آدرشي مهاپرش هو، جنهن پنهنجي ساري حياتي، خلق جي خدمت ۾ گذاري اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا