دريانومل
مذهبي مت ڀيڌ کان مٿڀرو
محمد صالح ميمڻ
هر سٺي انسان جي چڱائين جو احساس ان جي وڇوڙي کانپوءِ شدت سان ٿيندو
آهي. ان ڪري به جو جڏهن چڱو ڪردار موڪلائي ويندو آهي ته ان جي کوٽ محسوس ڪئي ويندي
آهي. ماتلي ۾ ڪاروبار ڄائي ترقي ڪري اڳتي وڌندڙ سيٺ دريانومل جي وڇوڙي واري ڏينهن
تي جڏهن ان جو مڙهه سندس اباڻي شهر ٿاڻو بولاخان پهچڻ وارو هو ته ماتلي شهر مان هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ ٽيڪسيون بڪ ٿي ٿاڻي بولا
خان پهتيون. سندس آخري رسمن ۾ جيڪي جذباتي منظر
ڏٺا ويا اهي سڀ هن جي ڀلي ڪردار جي مڃتا جا ثبوت آهن. 9 ڊسمبر 2011ع تي ڪراچي جي
هڪ اسپتال ۾ زندگي جي جنگ موت کان هارائيندڙ 70 سالن جي دريانومل، ٿاڻي بولاخان
کان جڏهن هاڻوڪي بدين ضلعي جي ننڍڙي شهر ڪڙيو گهنور ۾ آيو هو ته ان کي مڇن جي ساوڪ
به اڃا نه آئي هئي. ٻن ڪپڙن ۾ ڪڙيو گهنور پهتو. هن نوجوان پنهنجي ڪاروباري ڪيريئر
جي شروعات هڪ ننڍڙي مزدور جي حيثيت سان ڪئي. مزدوري مان پيسا گڏ ڪري ڪڙيو گهنور ۾
ذاتي ننڍڙي ڪاروبار جي ابتدا ڪيائين. اهو زمانو هو جڏهن ٽنڊو غلام حيدر ۽ تلهار جي
وچ واري علائقي متارو بس اسٽاپ کان، مين روڊ کان ڪڙيو گهنور ڏانهن نڪرندڙ رستو،
رڳو هڪ پيچرو ئي نه هو پر ان رستي جو هڪڙو اڌ وارياسو ۽ ٻيو اڌ ڪلراٺو هو. جنهن
مان ان زماني ۾ رڳو بيل گاڏيون ئي هلي سگهنديون، برساتن جي موسم ۾ ڪلراٺو حصو سمنڊ
جو ڏيک ڏيندو هو ۽ گرمين جي موسمن ۾ رستي جو وارياسو حصو تڪليف ڏيندڙ بڻبو هو. دريانومل
ڦوهه جواني ۾ پنهنجي ننڍڙي دڪان جي مال جي خريداري لاءِ ڪڏهن ڪڏهن متاري بس اسٽاپ
تان بس ۾ چڙهڻ لاءِ ڪڙيو گهنور کان پيدل نڪرندو ۽ ٻن اڍائي ڪلاڪن جو ڏکيو پنڌ هن
لاءِ ان زماني ۾ گهڻو ڏکيو نه هو. ڪڙيو گهنور ۾ ڪاروباري ترقي کانپوءِ سيٺ دريانو
ماتلي ۾ ٽنڊو غلام علي روڊ تي ان زماني ۾ انتهائي ويران ۽ غير آباد علائقي ۾ آزاد
رائيس مل جي نالي سان ننڍڙو ڪارخانو قائم ڪري محنت ۽ ايمانداري سان ان کي مچايو. تڏهن هو سيٺ دريانومل سڏجڻ لڳو. سندس ڪاروبار کي اڃا جوڀن مس عطا ٿيو هو ته
ذوالفقار علي ڀٽو طرفان سمورن ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري عمل تحت سيٺ دريانومل سان اهو سين پيش آيو جو ڪارخاني تي قبضي لاءِ پهتل فورس سيٺ دريانومل
کي هينگر ۾ ٽنگيل قميص به پائڻ ۽ کڻڻ ڪو نه ڏني، سندس بئنڪ اڪائونٽ به سيز ٿي چڪا
هئا. هو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاروباري حوالي سان زيرو واري پوزيشن تي هليو ويو ۽ کيس ٻيهر
نئين سر محنت ڪرڻي پئي، ان زماني تائين سيٺ دريانومل پنهنجي ڪاروباري ايمانداري
روين ۾ اعتدال ۽ واسطن ۾ سچائي سان دوستي جي هڪ سٺي حلقي جو ماڻهو به بڻجھي ويو ۽
جنهن حلقي ان جي سپورٽ ۾ وسان نه گهٽايو، ٿوري ئي عرصي ۾ هي ايماندار ۽ محنتي
ماڻهو هڪ دفعو ٻيهر پنهنجن پيرن بيهڻ ۾
ڪامياب به ٿي ويو. 50 کان 60 سالن جي عرصي دوران 2 ڀيرا ٻڙي واري پوزيشن کان اڳتي وڌڻ جي شروعات ڪندڙ ڪو به ماڻهو جڏهن ڪاروباري دنيا
۾ پنهنجو نالو ۽ ناڻو ڪمائي ۽ پنهنجي سماجي حيثيت کي پنهنجي ذاتي ڪردار سان ٻين
لاءِ غير تڪراري رکي وڃي ته هڪ زندگي ۾ اهڙيون ڪاميابيون مثالي بڻجي وڃن ٿيون. سياست کان هميشه پاسيرو رهندڙ، ڪاروبار ۾ ناجائز نفعي خوري کي پسند نه ڪندڙ ۽ وياج
کي خراب سمجهندڙ سيٺ دريانومل ڪاورباري دنيا ۾ ايمانداري سان ترقي جو اهڙو مثال
ڇڏيو آهي، جنهن کي هن جي زندگي ۾ به ساراهايو ويندو رهيو هو، جنهن تي ٻين گهڻن
واپارين کي هميشه رشڪ رهندو آيو هو، سيٺ دريانو
ننڍڙي رائيس مل مان محنت جي بنياد تي ڪمائي، ايترو گهڻو اڳتي وڌيل شخص ثابت ٿيو جو
هو زميندار به بڻيو ته پيٽرول پمپن ۽ سي اين جي اسٽيشن جو مالڪ به ٿيو.
سيٺ دريانومل ان طرح جي محنتي ۽ خوددار شخص هو جو ڳالهه ڪندا آهن ته
مال سان ڀريل ٽرڪ خالي ڪرڻ جي هڪ موقعي تي جڏهن سندس ڪارخاني جي مزدورن هڙتال ڪئي
ته هن اڪيلي سر مال جي پوري ٽرڪ پنهنجو ڪلهو استعمال ڪري خالي ڪئي ۽ ڪنهن جي به
پرواهه نه ڪئي. هو ايترو اصول پسند ۽ فيصلن ۾ پختو شخص هو جو هڪ دفعي جڏهن سندس
هڪڙي معصوم نياڻي هن جي سامهون هن جي سگريٽ جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي وات ۾ وجهي
دکائڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن کان هن سگريٽ پيئڻ، هميشه لاءِ ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو
۽ ان فيصلي تي قائم رهيو. هو دوستيءَ ۾ ايترو ته مخلص هو جو سندس هڪ دوست ٽنڊي محمد خان شهر واسي سيٺ عبدالعزيز خواجه هن کي پنهنجو
تازو ڄاول ننڍڙو پٽ ڏئي ڇڏيو، جنهن سان سيٺ درياني جي پٽ جو اولاد نه هجڻ جي ڪمي
وارو احساس پورو ٿيو. ان ننڍڙي ٻار کي سيٺ دريانومل پنهنجي گهر ۾ رهائي پڙهائي
اڳتي هلي سنڌ جو نالي وارو پوليس آفيسر اي ڊي خواجه بڻايو.
اهو سيٺ دريانومل جو پيار ئي هو جو اڄ اي ڊي خواجه خود چوي ٿو ته؛ هن
کي سيٺ دريانومل پنهنجي حقيقي پيءُ کان به وڌيڪ پيار ڏنو. جڏهن ته اي ڊي خواجه جو
حقيقي پيءُ سيٺ عبدالعزيز خواجه ڪنهن گهٽ اهميت وارو ماڻهو نه هو.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سيٺ عبدالعزيز خواجه پنهنجي زمين جي وچ ۾
پنهنجي ڪمدار جي زمين جو ننڍڙو ٽڪر ان کان مناسب اگهه تي خريد ڪرڻ يا ان جي بدلي ۾
ان کان وڌيڪ زمين ان کي ٻئي پاسي کان ڏيڻ لاءِ تي زور ڀريو ته ڪمدار اها شڪايت اي
ڊي خواجه سان ڪئي ۽ چيو ته هو پنهنجي
زمين وڪڻڻ يا ان جي بدلي ۾ ڪا ٻي زمين نٿو وٺڻ چاهي، ان تي اي ڊي خواجه پنهنجي
پيءُ اڳيان اها ڳالهه رکي ته توهان ڪمدار کان سندس 2 اڍائي ايڪڙ زمين ڀلي وٺو پر
آئون اها 30، 35 ايڪڙ زمين ڪمدار کي لکي ٿو ڏيان جيڪا توهان منهنجي نالي ڪئي آهي. پٽ جي ڳالهه جي اهڙي انداز کي ڏسي سيٺ عبدالعزيز خواجه جيڪو خود به خانداني ۽ شريف
ماڻهو هو تنهن پنهنجو ضد ڇڏي ڏنو ۽ پٽ کي شاباس ڏني.
اي ڊي خواجه ۾ اهڙي نوعيت جو احساس ۽ فضليت سيٺ دريانومل جي تربيت ۽
پيار جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو هو. اي ڊي خواجه 93-94ع ۾ جڏهن بدين ضلعي جو ايس پي ٿي
آيو، تڏهن هن جي پروفيشنل ڪردار سان پوليس کاتي جي آفيسرن جي هڪ نئين تعارف جي شروعات ٿي. اي ڊي خواجه کي پوليس کاتي ۾ سٺي ڪردار
سان مليل عزت ۽ شهرت کي ڏسندي ٻيا ڪيترا ئي ايماندار پوليس آفيسر پيدا ٿيا. اي ڊي
خواجه جي مذڪوره ايمانداري واري گڻ جي پس منظر ۾ به سيٺ دريانومل جي شفقت، تربيت ۽
پيار شامل هو. ماڻهو ڀلي چون ته اي ڊي خواجه کي دولت جي نه پر شهرت جي ضرورت هئي.
ڇا اهو ڪو ننڍڙو گڻ آهي جو ڪو پوليس آفيسر پيسن کي ٺڪرائي ماڻهن جي ڀلي ۽ بهتري
لاءِ ڪم ڪري عزت جو رتبو حاصل ڪرڻ واري سوچ کي ترجيح
ڏيندڙ هجي. سيٺ دريانومل پٽ جي اولاد کان محروم هو. اي ڊي
خواجه ئي هن پنهنجو اهڙو روحاني پٽ بڻائي پڙهائي اهڙو مقام ڏياريو، جنهن مقام کي
سيٺ دريانومل ان کي ڏسڻ گهريو ٿي. اهڙي صفت تمام گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي جو اهي
جنهن کي جهڙو ڏسڻ گهرندا آهن، ان کي اهڙو بنائڻ
به گهرندا آهن. سيٺ دريانومل اي ڊي خواجه کي جنهن مقام تي ڏسڻ گهريو ٿي، ان کي اهو
مقام به ڏياريو ۽ اي ڊي خواجه ان سوچ ۽ مقصد کي سمجهي، موٽ ۾ اهڙو ڪردار بڻجي
ڏيکاريو، جنهن جو مثال نه ٿو ملي. اهو ئي حقيقي پيار، مقصد سان سچائي ۽ بهتر تربيت
جو مثالي نتيجو آهي، جيڪو سيٺ دريانومل ۽ اي ڊي خواجه جي روحاني رشتي مان ٻه طرفو
ظاهر ٿيو. چوندا آهن ته سچائي جو پيمانو ۽ معيار اهو آهي جو اها هميشه قائم رهندي
آهي. جيڪا سچائي قائم نه رهي اها سچائي نه هوندي. محبت ۽ عزت خيرات يا همدردي ۾
ملندڙ شيون ناهن هونديون. اهي نج اهليت تي حاصل ٿيندڙ اعزاز آهن. جيڪو سيٺ درياني
۽ اي ڊي او خواجه جي پيءُ ۽ پٽ جي روحاني رشتي ۾ عيان رهيو ۽ اڳتي لاءِ به اهو
مثال ڳائبو رهبو. سيٺ دريانومل طبعي طور تي هاڻ موجود نه رهيو آهي پر ان جو چڱو
ڪردار مثال بڻجي هميشه زنده رهڻو آهي ۽ رهندو.
سيٺ دريانومل اهڙو ماڻهو به هو جو هن پنهنجي ٺاهيل ملڪيت جو هڪڙو حصو
پنهنجي ئي زندگيءَ ۾ اي ڊي خواجه جي نالي ڪيو ۽ ٻيو حصو پنهنجي حقيقي
وارثن ڀائرن ۽ ڀائيٽن کي ڪيترا ئي سال پهرين سونپي ڇڏيو ۽ ڀائيٽن کي پنهنجي وسيع
ڪاروبار جو مالڪ بڻائي، انهن کي پنهنجون جايون ڏئي ڇڏيون. انھن مان به ماڻهن کي
اها ساڳي خوشبوءِ محسوس ٿئي ٿي، جيڪا سيٺ دريانومل مان ماڻهن کي محسوس ٿيندي هئي.
سيٺ دريانومل کان ماتلي ۾ ٻيا واپاري يا شخصيتون وڌيڪ مالدار هوندا
پر سيٺ دريانومل ان حوالي سان به گهڻن کان مٿڀرو نظر اچي ٿو جو ماتلي شهر ۾ سڀ کان
وڌيڪ انڪم ٽيڪس ادا ڪندڙ واپاري شمار ٿيندو آيو آهي. ان مان ان جي ملڪ ۽ رياست سان
سچائي کي به ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو ۽ چئي سگهجي ٿو ته؛ هو نهايت گهڻو محب وطن
پاڪستاني به هو. آزاد ڪشمير ۾ زلزلو هجي يا سنڌ
۾ ٻوڏ يا برسات متاثرين جي سهائتا جا معاملا هجن، سيٺ درياني اهڙن معاملن ۾
هميشه سرڪار ۽ خاص طور تي متاثر ماڻهن جي مدد جو حق ادا ڪيو.
هو هر سال غريب مسلمانن کي عمري ۽ حج تي پنهنجي خرچ سان موڪليندو
رهيو، اهڙو سلسلو هن ڪيترن ئي سالن کان جاري رکيو هو. هن سال دوران به هن ٻن غريب
مسلمانن کي حج تي موڪليو، ان سلسلي ۾ به هن جو طريقڪار هميشه مثالي رهندو آيو،
جنهن کي به هو حج يا عمري تي موڪليندو هو، ان جي
پاسپورٽ ۽ ويزا کان وٺي سمورا ڪم پاڻ پنهنجي هٿ سان ڪرائيندو هو. جيڪو غريب مسلمان
حج يا عمري تي ويندو هو ان کي ڪراچي ايئرپورٽ تي پاڻ وڃي ڇڏي ايندو هو. ان کي اتي
جو مڪمل خرچ به ڏيندو هو ۽ واپسي تي پاڻ ئي ان کي ڪراچي ايئرپورٽ تان رسيو ڪري گهر
تائين پهچائي ايندو هو. هو چوندو رهندو هو ته ان سان ان کي دلي سڪون ملي ٿو.
سيٺ دريانومل جي در تان ڪو به سوالي ڪڏهن به خالي نه موٽيو، هن جي
ڏيڻ جو انداز به نرالو ۽ مثالي هو. هو جنهن جي به مدد ڪندو هو ان جي عزت نفس جو
پورو پورو خيال رکندي، سڀني نظرن کان لڪائي ڇپائي مدد ڪندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي 500
يا هزار جي ضرورت هوندي هئي ۽ کانئس سوال ڪندو هو ته ان کي 500 يا هزار سڀني جي
سامهون ڏيڻ بدران لفافي ۾ وجهي، ڳجهي انداز ۾ ايئن ڏئي ڇڏيندو هو جو ڪنهن کي به خبر نه پوندي هئي ته ڏيڻ واري ڇا ڏنو ۽ وٺڻ واري ڇا ورتو. هو
جڏهن ضرورتمندن جي مدد ڪندو هو يا غريب مسلمانن کي حج يا عمري تي موڪليندو هو تڏهن
پڇڻ تي صحافين کي منع ڪندو رهندو هو ته کيس اهڙي ڪنهن به شهرت جي ضرورت نه آهي، ان
ڪري اهي اهڙيون خبرون شايع نه ڪرائين.
مذهي، سياسي ۽ طبقاتي ڪٽرپڻي سان ڀريل هن سماج ۾ سيٺ دريانومل ڳالهين
۾ سڌو، سچو ۽ کرو شخص به هو، پر هن جي زبان ۽ ڪنهن عمل سان ڪنهن به ماڻهو کي پهتل
ڪنهن ننڍڙي تڪليف جي ڪڏهن به دانهن سامهون نه آئي. هو بدين ضلعي جي اقليتي برادري
جو اڳواڻ به رهيو، رائيس ملز ايسوسيئيشن بدين جو سربراهه به هو ۽ سنڌ آبادگار بورڊ
جو اڳوڻو خزانچي به رهي چڪو.
راڄو خاناڻي ويجهو ڳوٺ ڀاناڻو مان گرفتار ڪري ماتلي تعلقي پوليس پوسٽ
ڦلڪارا تي پوليس تشدد ۾ مارجي ويل غلام علي خاصخيلي جي قتل جو راڄوڻي نبيرو ٿيو
تڏهن ڏند جي رقم جا پيسا 13 لک رپيا سيٺ دريانومل وٽ رکڻ لاءِ کيس امين مقرر ڪيو
ويو هو. سخت دٻائن باوجود، سيٺ دريانومل جمع ٿيل رقم سڀني جي سامهون قتل ٿي ويل
غلام علي خاصخيلي جي حقيقي وارثن ۾ ائين ورهائي جو ڪنهن کي ڪا به شڪايت نه رهي. پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ جڏهن واهن جون فارمر آرگنائيزشنون ٺاهيون ويون تڏهن
ڪوٽڙي بئراج جي مبارڪ واهه جي فارمر آرگنائيزيشن جنهن جو پهريون چيئرمين سيٺ دريانومل
کي چونڊيو ويو هو، جنهن جي ڪوشش جي نتيجي ۾ مبارڪ واهه جي فارمر آرگنائيزيشن پهرين
آرگنائيزيشن هئي، جنهن کي سيڊا ۾ رجسٽريشن ڏني وئي هئي.
سيٺ درياني مل جي محنتن، خدمتن ۽ سچائين جا کوڙا سارا داستان آهن ۽
هوندا جيڪي وقت گذرڻ سان گڏو گڏ رپورٽ ٿي سامهون ايندا رهندا، اميد ٿي ڪجي ته سيٺ دريانومل
کي هڪ سٺي ۽ مثالي ڪردار وانگر هميشه ياد رکيو ويندو ۽ 9 ڊسمبر واري ڏينهن کي ان
جي شخصيت ۽ ڪردار کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ، هر سال ملهايو ويندو.
دريانو مل
ڪوهستاني دريا دل سيٺ
ڊاڪٽر منير ڀرڳڙي/بدين
ڪوهستان جي ٿاڻي بولاخان جو هي
”گرو نانڪي“ آخرڪار جيري جي سڪڙجڻ
(Cirrhosis) جي
بيماري سبب پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي، مهينا اڳي، جڏهن هن مونکي چيو ته هو انهن
بيواهن جي مدد ٿو ڪرڻ چاهي، جن جا ”ڪمائيندڙ“ 2011ع جي برسات ۾ لڙهي ويا، يا مري
ويا آهن. پوءِ نه صرف پاڻ بلڪ غوثپور جي مکي سروانند کان به پئسا وٺرائي ڏنائين. پوءِ مون هڪ پروگرام بدين جي ”ايوان صحافت“ ۾ ڪيو. جنهن ۾ انهن بيواهن کي مدد لاءِ
”نقد رقم“ ڏني. مونکي چيائين” سٺو ائين آهي ته ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ خيرات ڏي،
پروگرام اسان ڪيو، پر هن سخي مرد جي طبيعت
خراب ٿي پئي. ۽ هن جي امداد هن جي ڀائٽي سنجي ورهائي. هو هڪ انسان دوست شخص هو. هن
وٽ مذهبي مت ڀيد جو تصور نه هو. اهڙا انسان تمام گهٽ هوندا آهن، ڪاڪو دريانو مل
ڪروڙ پتي ماڻهو هو، پر هو عام ماڻهن جي رنگ ۾ رچي ”عام ماڻهو“ ئي ٿي ويو هو. هن جي
آخري سفر ۾ هندن کان وڌيڪ مسلمانن شرڪت ڪئي. جڏهن هن جي ارٿي کي ”مندر“ ۾ رکي
اشلوڪ پڙهيا ويا. جن جو مطلب هو ته ” ڏسو عبرت جو مقام آهي.... هر ماڻهو کي ائين
اڪيلو سفر ڪرڻو آهي، ڪو به پاڻ سان مايا،
نٿو کڻي هلي ....اڪيلو ئي وڃڻو آهي“.... منهنجا ته وار ڪانڊارجي ويا. بيشڪ اهو سچ
آهي ڪير به هتان ڪجهه کڻي نٿو هلي.
سب ٺاٺ پڙا رهه
جائي گا،
جب لاد چلي گا
بنجارا.
ماڻهو سڀ ”سٺا“ ئي ڄمندا آهن، پر
”سٺائي“ تي هلڻ هر ماڻهو جي پنهنجي وس ۾ هوندو آهي.
“True goodness
springs from a man’s own heart All men are born good” (Confucius).
ڪاڪو دريانو پنهنجي عملن مان هو
هڪ ”صوفي درويش“ ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندو هو. يقينن ڌرتيءَ تي ماڻهو ڄمن ۽ مرن ٿا، پر
جڏهن سٺا ماڻهو مرن ٿا ته اسان ۽ اوهان جي اکين ۾لڙڪ اچن ٿا
هڪ درياهه جيڪو سڪي ويو
.
ڪاڪو دريانو مل
اورنگزيب ڀٽي
درياهه،
درياهه هوندا آهن. هنن جي لهرن ۾ جيون هوندو آهي، هو زندگي جي ضمانت هوندا آهن. هو
جيڪڏهن هوڙهيائي ۽ مستيون ڪري، پنهنجي ڪنارن جي ٻانهن کان آجا ٿي وڃن، تڏهن به
جيون کي قوت فراهم ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن پنهنجي رڌم سان رقص ڪندي سمنڊ ۾ لهي وڃن تڏهن به
جيون کي قوت فراهم ڪن ٿا. درياهه، درياهه هوندا آهن، سڪي ته سگهن ٿا، پر مري نٿا
سگهن.
ڪون ڪهتا هي ڪ، مين
مرجائونگا،
مين تو درياهه هون،
سمندر ۾ اتر جائونگا.
درياهه، درياهه هوندا آهن، اهي جيڪڏهن
سڪي به وڃن ته به انهن جا پيٽ ايترا ته زرخيز هوندا آهن، جو اتان ڪو پياسو مايوس
ٿي نه موٽندو.
الله ٻه جيئن، هڪ سورهه
ٻيو ڏاتار،
هو وڙهي ڪٽڪن سين، هو
اڙين جو آڌار،
توڙي ٻيڻا بار، ته به
ٻانهون ڏين ٻين کي.
درياهه سخي هوندا آهن، انسان هنن کي
بند ڪري ڪيترو به ورهائڻ جي ڪوشش ڪري، پر درياهه اميد رکي هر ايندڙ کي پياسو
موٽائي سگهن ئي نٿا. جيڪڏهن پياسي اصغر کي ڪرٻلا ۾ پاڻي نه ملي سگهيو ته ان ۾ فرات
ندي جو ڪو به ڏوهه ناهي، ان جو پڇاڻو وقت جي يزيد کان ٿيندو ۽ سخي درياهه هوندا
آهن، تڏهن ته مدني سرڪار، حاتم طائي لاءِ پنهنجي دل ۾ وڏو احترام رکندا هئا. سخي
سخي هوندا آهن، هنن وٽ مذهبي حساب سان ڪير به اتم يا حقير نه هوندو آهي هو فطرت جا
دوست هوندا آهن. هو بس اهو ڄاڻندا آهن ته اوباما کان وٺي بيجو راوڙي تائين سڀني جي
خون جو رنگ ساڳيو آهي. سڀني کي ڌڪ لڳڻ سان هڪ جيترو سور ٿئي ٿو، سڀني جا فطري عمل
ساڳيا آهن، هنن کي روحاني طرح سان يا طبقات ۾ جيڪو ورهايو ۽ وڙهايو ويو آهي ته اهو
انسان جو ڪرتوت آهي. وڏي آواز سان گجگوڙ ڪري ڳالهائيندڙ ۽ جيڪو دل ۾ اچي چئي
ڇڏيندڙ سنڌ جو سخي ڪاڪو دريانومل ڏهه ڊسمبر تي اسان کان سدائين لاءِ موڪلائي ويو.
هاڻي جيڪڏهن ڪو ضرورتمند پنهنجي نياڻي جي ڏاج لاءِ يا پنهنجي ماءُ جي ڪينسر لاءِ
ماتلي ۾ روئي ٽن قبن واري مسجد طرف ويو به ته هن کي ڪاڪو دريانو ڪو نه ملندو ۽ هن
کي روئي موٽڻو پوندو.
نه ڪو ڏسي ذات کي، نه
ڪو ڏسي شاهه،
دريانو درياهه، ڪاڪو
ڪير سڏائي.
ڪاڪي درياني جا وڏا ٿاڻي بولاخان ۾ رهندا
هئا، پر بقول ڪاڪي جي ته هو ٽنڊوغلام حيدر ۾ به رهيا. ڪاڪي انتهائي غربت واري
زندگي جو آغاز ڪڙيو گهنور مان شروع ڪيو. جتي شهيد فاضل راهو به هن جي سٺن دوستن ۾
شامل هو. ڪاڪو هڪ جرئتمند ۽ مسلسل جدوجهد ڪندڙ انسان رهيو. هن کي پهريون ڌڪ ڀٽي
صاحب جي حڪومت ۾ ان وقت لڳو جڏهن هن جو ڪارخانو قومي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ ڪاڪي کي
سندس قميص به نه پائڻ ڏني وئي. اڻ پڙهيل ڪاڪو دريانو پنهنجي ڪچهرين ۾ وڏو اهل علم
لڳندو هو. هاڻي ته هن جي انگلش به سگهي ٿي وئي هئي. هو پنهنجي ڪچهرين ۾ ضرورت
مطابق قرآن جي آيتن جا حوالا به ڏئي ويندو هو. ڪاڪو هڪ اهل دل ۽ عاشق مزاج انسان
هو، هو ڪنهن به غريب جي تڪليف برداشت ئي نه ڪري سگهندو هو. ڪنهن کي شديد تڪليف ۾
ڏسي هن جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي وينديون هيون. هڪ دفعو منهنجي هڪ غريب دوست ڪاڪي
کي فون ڪري هن کي پنهنجي مجبوري ٻڌائي هن کان ٻه هزار رپيا گهريا. ساڳئي ماڻهو
مرزا آفيس بدين کان به مدد گهري، جتان ڊاڪٽر فهميده مرزا جي پي اي ڊاڪٽر فيصل هن
کي چيو ته؛ “تون مرزا آفيس تي اچ.” هن ڪاڪي کي فون ڪري چيو ته؛ “آئون بدين وڃي
رهيو آهيان.” ڪاڪي هن کي چيو ته؛ “تون هينئر ڪٿي آهين؟” هن چيو ته؛ “آئون هينئر
انصاري شگرمل وٽ بيٺو آهيان.” ڪاڪي هن کي چيو ته؛ “تون اتي ئي بيهه! آئون ڏهن منٽن
۾ پهچان ٿو.” هيءَ ڳالهه اڄ کان ٽي سال اڳ جي آهي، جڏهن ڪاڪو صحت ۾ به ڪمزور هوندو
هو، پر ان جي باوجود به اتي پهچي ويو ۽ ان دوست کي بند لفافو ڏئي هليو ويو، جنهن ۾
ڏهه هزار رپيا پيل هئا. ڪاڪي درياني جي نيپاڄ جو تعداد هونئن ته هزارن ۾ آهي. پر
انهن مان هڪ جنهن پنهنجو پاڻ کي ملڪي ليول تي مڃرائي انصاف جي ميدان ۾ وڏي مڃتا
ماڻي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪاڪي درياني جو سپوت پٽ ثابت ڪري ڏيکاريو، اهو آهي اي ڊي
خواجه.
انسان کان ڪڏهن اڻ ڄاڻائي ۾ غلطيون به
ٿي وينديون آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڪاڪي اگر ڪٿي محسوس ڪيو ته هن کان هن جو ڪو
دوست ڪنهن غريب جي خلاف ڪو ڪم وٺي ويو آهي. ته ڪاڪو ان غريب کان روئي معافي وٺندو
هو ۽ پنهنجي ان دوست سان تعلق ختم ڪري ڇڏيندو هو.
ڪُل جڳ جي هيءَ قلندرانه صفت ڪردار
پنهنجي پهرين جنم ۾ خبر ناهي ته ڪهڙو پاپ ڪيو هو، جو ڪل جڳ ۾ هن کي ويهين ۽ ايڪهين
صدي جو ڪردار بڻجڻو پيو، اگر جيڪڏهن هي سورهين يا سترهين صدي جو ڪو ڪردار هجي ها
ته اڄ هي ڀٽائي جي عظيم ڪردار، جکرو، جادم، راهو بڊاماڻي پنرو ۽ راءِ کنگهار جهڙن
ڪردارن ۾ شامل، شاهه جو هڪ سورمو هجي ها.
ڪاڪو دريانو، مالدار ماڻهو هو ۽
سرڪاري ڪامورن ۾ هن جي هلندي پڄندي تمام گهڻي هئي. اڪثر ضلعي جا پوليس آفيسر هن کي
بابا سڏيندا هئا. پر ڪاڪي کان سندس ڪو به وڏيرو دوست غلط ڪم نه وٺي سگهندو هو.
ڪاڪي جو بظاهر تعلق هندو مذهب سان هو، پر هي هڪ عظيم صوفي هو، هن پنهنجي خرچ تي
ڪيترا ئي مسلمان حج تي اماڻيا ۽ انهن کي چوندو هو ته؛ “اتي وڃي رسول الله جي روضي
تي پهچي، پهرين پنهنجي وطن لاءِ، پوءِ پاڙيوارن لاءِ، پوءِ پنهنجي لاءِ، سڀ کان
آخر ۾ منهنجي لاءِ دعا گهرجو.”
ڪاڪو دريانو صوفي موسيقي جو تمام وڏو
عاشق هو، هو جڏهن ڀڳت ڪنور رام کي ٻڌندو هو ته لڙڪن کي روڪي ڪو نه سگهندو هو.
صنعتڪار جي حيثيت ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وانگر هو مون تي
وڏو اعتماد ڪندو هو ۽ چوندو هو ته؛ يار تنهنجي اچڻ کان پوءِ آئون بي فڪر ٿي ويندو
آهيان. منهنجون ڪاڪي سان سوين ڪچهريون ٿيون. مون آخر تائين هن ۾ هڪ تڙپ ڏٺي، اها
هي ته هو ڪوشش ڪندو هو ته ضرورت مند جي ضرورت کي، هن جي عرض کان اڳ محسوس ڪري
وٺجي، جيئن هو عرض جي شرمساريءَ کان بچي وڃي.
انسان جا زندگيءَ ۾ سٺا ۽ خراب ٻئي
پاسا هوندا آهن ۽ برقعو مٽائڻ کان پوءِ هن جا بس سٺا پاسا ئي نظر ايندا آهن، ان
حوالي سان ڪاڪي جون چڱايون جيڪڏهن ڳائجن ته پوءِ نثر ۾ هن سان نڀائڻ ۽ مطمئن ٿيڻ
ناممڪن آهي. هاڻي هن جي شخصيت ان ڪمال تي پهچي چڪي آهي جتي صرف شاعريءَ ذريعي هن
سان نڀائي سگهجي ٿو.
اڄ ته اڳي کان مٿي،
جيڏي هئي ڪالهه،
ڪاڪي سندي ڳالهه، هلندي
رهندي جڳ ۾.
No comments:
راءِ ڏيندا