; سنڌي شخصيتون: شيخ اياز - تنوير احمد سيٺار

29 December, 2011

شيخ اياز - تنوير احمد سيٺار


شيخ اياز
تنوير احمد سيٺار

شيخ اياز
سنڌ جي مهان قوي شاعر شيخ اياز 2 مارچ 1923ع ۾ شڪارپور جي شيخ محلي ۾ غلام حسين شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم، شڪارپور جي نيو ايرا اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ قانون واري ڊگري ڪراچي مان حاصل ڪئي. ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران شيخ اياز پنهنجي اسڪولي استاد کيئلداس فاني، دوستن ارجن شاد ۽ نارائڻ شيام جي صحبت ۾ شاعريءَ جو سفر شروع ڪيو.
ورهاڱي کان پهرين شيخ اياز جي انگريزن خلاف لکيل نظم ”ڳائي انقلاب ڳائي“ رام پنجواڻي ڳائي کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ڪيو. ڪراچي ۾ رهڻ دوران 1948ع ۾ شيخ اياز جي محمد ابراهيم جويو سان دوستي ٿي، جنهن سبب شيخ اياز جي سنڌ ڌرتي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري سان دلچسپي وڌي. 

شيخ اياز جو پهريون شعري مجموعه ”ڀئونر ڀري آڪاش“ 1963ع ۽ سندس پهريون خطن جو مجموعو ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ 1964ع ۾ شايع ٿيو. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ قومپرستيءَ وارن خيالن سبب، هو سنڌ جي قومي شاعر طور سامهون آيو. شيخ اياز جي ڄاڻايل ڪتابن کانپوءِ ”وڄون وسڻ آيون“ کان ”ڪاري رات ڪنهنگ“ تائين، سندس هن وقت تائين 50 شعري مجموعه شايع ٿي چڪا آهن.
سال 1955ع ۾ پهريون ڀيرو شيخ اياز شاهه عبداللطيف رحه جي رسالي جو سنڌي مان اردو زبان ۾ترجمو ڪري سندس پيغام دنيا تائين پهچايو. سکر ۾ وڪالت ڪرڻ کانپوءِ 1990ع ڌاري شيخ اياز سکر مان منتقل ٿي، ڪراچي ڪلفٽن جي پرنس ڪامپليڪس ۾ رهائش اختيار ڪئي.
هو پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ روزاني برسات ۾ ايڊيٽر رهيو. انهيءَ دوران هن سنڌي ٻولي ۾ بي پناهه نثر ۽ نظم لکيا. ثقافت کاتي پاران شيخ اياز جي ڪيل سموري سرمائي کي 22 جلدن ۾ شايع ڪرايو ويو.
شيخ اياز دل جي عارضي ۾ مبتلا هو، جنهن جو هن روس ۽ لنڊن جي اسپتالن ۾ علاج ڪرايو.
سال 1997ع ۾ 24 ۽ 25 ڊسمبر واري رات، شيخ اياز کي دل جي شديد تڪليف ٿي ۽ کيس ڪراچي ڪلفٽن جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي 28 ڊسمبر تي آڌي رات جو هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. جنهن کانپوءِ 29 ڊسمبر تي سندس مڙهه کي ڀٽ ڌڻي جي نگري ۾ ڪرار ڍنڍ جي ڪناري مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سنڌ جي مهان قوي شاعر شيخ اياز کي1965ع واري جنگ ۾، نارائڻ شيام لاءِ محبت ڀريو نظم لکڻ تي، ان وقت جي آمر ايوب خان جيل ۾ وڌو. قيد دوران شيخ اياز ساهيوال جيل جي ڊائري جي نالي سان جيل ڊائري به لکي. شيخ اياز جي قيد دوران، ان جيل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو به قيد هو. ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 1976ع ۾ شيخ اياز کي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. جنهن عهدي تي شيخ اياز 1978ع تائين رهيو.
گڏ ڪيل معلومات موجب، شيخ اياز هڪ لاجواب شاعر طور پاڻ مڃرائڻ سان گڏ هڪ بهترين وڪيل به هو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر واري عهدي کانپوءِ، شيخ اياز وڪالت شروع ڪئي. شيخ اياز پنهنجي وفات کان ڪجهه سال اڳ تائين، سکر ۾ وڪالت به ڪندو رھيو. کيس ڪرمنل ڪيسن جو بهترين وڪيل سمجهيو ويندو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا