; سنڌي شخصيتون: نورالدين سرڪي - غلام رباني آگرو

13 December, 2011

نورالدين سرڪي - غلام رباني آگرو

نورالدين سرڪي
وڳر کان وڇڙيل
غلام رباني آگرو
نورالدين سرڪي، سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ ڄائو. روزانه “ڊان” ڪراچيءَ ۾ ڇپيل خبر موجب سندس عمر اسي ورهيه ٿي. انهيءَ حساب سان سن 1927ع ۾ ڄائو هو. اسڪولي تعليم شڪارپور ۾ ورتائين، ڪاليجي تعليم لاءِ ڪراچيءَ آيو، جتي گذر سفر لاءِ نوڪري به ڪندو هو ۽ تعليم به جاري رکيائين. “ايم اي” سان گڏ “لا” جي ڊگري به ورتائين، پر وڪالت ڳچ عرصو پوءِ شروع ڪيائين.سالن جا سال اسلاميه ڪاليج ۾ ليڪچرار طور پڙهائيندور هيو.


ماڻهوءَ جي نفسيات ٺاهڻ ۾ نسلي اثر وڌيڪ اهم آهي يا ماحول جو اثر، اهو متنازعه مسئلو آهي. اسان جي اڳوڻن عالمن مان ابن خلدون، هاڻوڪي دور جي مشرقي عالمن مان ابوالڪلام آزاد ۽ مغربي عالمن مان آلبرٽ آئنسٽائن انهيءَ راءِ جا هئا، ته “ماڻهو جيڪي ڪجهه آهي، سو پنهنجي ماحول موجب آهي.” جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه کي ڪسوٽي قرار ڏيو ته پوءِ نورالدين سرڪيءَ جي شخصيت کي شڪارپور شهر جي پس منظر ۾ به ڏسڻو پوندو.
شڪارپور جي شهر کي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ خاص اهميت حاصل آهي. ڪنهن زماني ۾ مکيه تجارتي مرڪز هو. روس مان واپاري قافلا بخارا ۽ تاشقند مان ٿيندا، افغانستان ٽپي اچي شڪارپور ۾ منزل انداز ٿيندا هئا. ايران ۽ عراق مان واپاري قافلا بولان لڪ ٽپي ايندا هئا. هندستان جا واپاري قافلا اوڀر کان ايندا هئا. اسان وٽ اتر ۾ ملتان ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد مکيه مارڪيٽ هئا. ملتان جو مال درياهه مان ٻيڙين رستي ايندو هو ۽ حيدرآباد جو خشڪيءَ رستي قافلن وسيلي. خشڪيءَ وارن قافلن ۾ اُٺن تي مال کڻي ايندا هئا. انهن قافلن جي هڪ سٺي تصوير سکر ايئرپورٽ جي عمارت ۾ ڏسي سگهجي ٿي. پاسي ۾ بار - بردار ٻيڙين جي تصوير به ٺاهي اٿن . جيڪي واپاري وکر کڻي، درياهه رستي اچي رهيون آهن. ٺيٺ واپاري ٻوليءَ ۾ چئبو ته “شهر جو وڏو چلتو هو.” ايڏي اهم تجارتي مرڪز هئڻ ڪري شڪارپور گهڻين ئي ثقافتن جو سنگم ٿي پيو.
شڪارپور اهو اؤج ۽ اقبال پوريون ٻه صديون ماڻيو. انگريزن جي حڪومت شروع ٿيڻ کان پوءِ به شڪارپور جي وڏي لئه هئي. برطانوي دؤر ۾ ڇپيل گزيٽيئرن ۾ لکيل آهي ته“سٺي ۾ سٺيون ۽ مهانگيون لعلون يا برما ۾ ملنديون هيون يا وري شڪارپور ۾.”
*
انگريزَ اسان ماڻهن کان گهڻو وڌيڪ سياڻا هئا. مٺ جيترن گورن پنهنجي عقل ۽ لٺ باٺي سان هندستان جي ڪروڙين ماڻهن کي سَٽي ڪُٽي مٿن لڳ ڀڳ ٻه  صديون حڪومت ڪئي.
سنڌ جي فاتح سر چارلس نيپئر جي عقابي اکين کان نڪي ته شڪارپور مخفي هئي ۽ نه وري حيدرآباد، ليڪن هن سوچي سمجهي، پنهنجيءَ حڪومت جي گاديءَ لاءِ مهاڻن جي هڪ ڳوٺڙي جو انتخاب ڪيو، سو هن ڪري جو سمنڊ جي ڪناري تي هو ۽ وڏو سامونڊي بندر ٿيڻ لاءِ موزون هو. ان ڳوٺ کي ڪولاچي ڪوٺيندا هئا. ڪولاچي سنڌ جي هڪ ذات آهي. سندن ڳوٺڙا ميرپورخاص کان ڪجهه مفاصلي تي آهن. مثلاَ ٽنڊو ڪولاچي، تعلقي ڪنڊياري، نوشهري فيروز ضلعي ۾، اسان جي ڳوٺ آگرن کان ميل کن تي به ڪولاچين جو ڳوٺ آهي.
لسانيات جو ڪو ماهر مثلآَ اسان جو ڊاڪٽرغلام علي الانا ٻڌائي سگهندو، ته ائين ڇو آهي ته صوتي اثرات جي سبب ڪري، يا ٻئي ڪنهن ڪارڻ ڪري، “لام” جو اُچار بدلجي “ر” جي شڪل وٺي ٿو. ڪولاچيءَ مان ڪراچي ڇو ٿيو؟ “بوٽ بيسن” وٽ اڄ به“مائي ڪولاچي روڊ” جو بورڊ انهيءَ حقيقت جي ثابتي آهي ته ڪراچيءَ جو اصلوڪو نالو“ڪولاچي” آهي.
ساڳيءَ طرح “ر” جو اچار بدلجي “لام” جي صورت وٺي ٿو. سو ڇو؟
مان حڪومت پاڪستان طرفان اديبن جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ چين جي سرڪاري دوري تي ويس. چيني ميزبانن منهنجي انهيءَ منصب ڪري، وڏيءَ عزت ۽ احترام سان هر هنڌ کي سر، غلام لباني ڪوٺيو. سرڪاري تقريبن ۾ توڙي غير رسمي دعوتن ۾، نانجنگ، بيجنگ، شانگهائيءَ، سوچو ۽ ڪئنٽن جي چيني اديبن سان تعارف ڪرائيندي، مون کي سر “غلام لباني” ڪوٺيائون. يعني هر هنڌ “ر” جي جاءِ تي “ لام” جو اُچار ڪڍيائون.
ماهوٽا به سنڌ جي هڪ ذات آهي. اسان جي ڳوٺ کان مني ڪوهه جي پنڌ تي ماهوٽا ويٺا آهن. ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ثقافت جو هڪ وڏو مرڪز قائم ڪيواٿن. ليڪن، پنهنجيءَ اڻ – ڄاڻائيءَ ڪري انهيءَ جاءِ کي “موهاٽا پئليس” ڪوٺن ٿا.
علامه آءِ . آءِ . قاضي صاحب انهيءَ ڳالهه تي احتجاج ڪندو هو، ته سنڌي ٻوليءَ جي صورت ۾ گرامر نه بگاڙيو. مثال ڏنائين ته ائين ڪونه چئبو ته “مان مورو کان ٿو اچان.” چئبو ته“موري مان ٿو اچان.”
سرچارلس نيپئر ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي ڪيو ته شڪارپور جي اهميت ازخود گهٽجي وئي. بلڪل ختم ته ڪانه ٿي، پر شڪارپور کان سکر ئي زور وٺي ويو. هونئن. تاريخي لحاظ کان حقيقت اها آهي ته جڏهن بکر جو قلعو اؤج تي هو، تڏهن کان سکرساهه پئي کنيو. ڪراچيءَ لاءِ سرچارلس نيپئر جيڪا اڳڪٿي ڪري ويو. سا حرف بحرف صحيح ثابت ٿي. ته “تون مشرق جي راڻي ٿيندينءَ.” هاڻي مهاڻن جي انهيءَ ڳوٺڙي جي آدمشماري لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ پنجاهه لک ٿي وئي آهي.
*
هر وڏي شهر ۾ ڪيئي شهر ٿين ٿا. گلستان جوهر، فيصل ڪالوني، ناظم آباد، ڊفينس سوسائٽي، سنڌ مسلم سوسائٽي، لالو کيت، نئون آباد، چاڪيواڙو، لياري ۽ ٻيون الائي ته ڪيتريون قديم ۽ جديد بستيون ڪراچيءَ ۾، “شهر در شهر” جا مثال آهن. ليڪن انهيءَ جغرافيائي تقسيم  کانسواءِ هر شهر ۾ ٻي به هڪ اهم تقسيم ٿئي ٿي. جا ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي: هڪڙا امير ٻيا غريب، هڪڙا سڃا ٻيا ساوا. هوند وارن جو جهانُ ، اڻ - هوندَ وارن کان جدا ٿئي ٿو.
سرڪي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، پليو ۽ جوان ٿيو. انهيءَ ئي شهر ۾ پاڪستان کان سؤ سال اڳ، سنڌ ورڪي سيٺين جي گهرن ۾ سنگمرمر جا صحن ۽ ڪمرن ۾ بخارا جا قالين هوندا هئا. پر سرڪي غريباڻي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ماما ڊکڻ هوندا هئا. سرڪيءَ کي سندس امڙ پورهيا ڪري پاليو، غريبيءَ جو داغ دل تي دائما رهي ٿو. ماڻهو وڏو ٿئي ٿو، پوءِ به ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري ٿو. پر انهيءَ هوندي به سرڪي “ميٺارام هاسٽل” ۾ اسان سان جڏهن ننڍپڻ جون ڳالهيون ڪندو هو، تڏهن سندس اکين ۾ شڪارپور جي اڳوڻي اؤج ۽ اقبال جو عڪس نظر ايندو هو ۽ شهر جي گهٽين ۾ ننڍپڻ جي ڏينهن جي اڪير ليئا پائيندي هئس . چوندو هو ته “لکي در” تي روز شام جو ميلو متل هوندو هو. راڌي جون چاپون ۽ سِکَ جي قلفي ڪنهن کان وسرندي؟ ڪيئن سنڌ واهه تي پڪنڪ ڪرڻ ويندا هئاسين! ننڍيءَ ۽ وڏي عمر وارا مرد ۽ زالون، هندو توڙي مسلمان، پنهنجن گهرن مان کاڌا پچائي کڻي ايندا هئا. انبن ۽ کجور جا کارا آڻيندا هئا. سنڌ واهه جي ڪپن تي گهاٽن وڻن جي هيٺان، ڪاٿي هڪڙا تاس جي پتن کي ٺاپي پيا ڏيندا هئا، ته ٻيا يڪتاريءَ جي تار ۽ ڇير جي ڇمڪي تي بيدل ۽ بيڪس جا ڪلام پيا ڳائيندا هئا. نوجوان ڳائڻا هڪڙو ڪلام ته وڏيءَ سڪ سان ڳائيندا هئا:
شڪارپور جون ڇوڪريون، او شڪارپور جون ڇوڪريون!
کائن کارائن کنڊ پتاشا، ماکيون، مصريون!
ايران جي تاريخي شهر اصفهان ۾ هڪ عاليشان ڍڪ بزار آهي. مٿان خوبصورت نموني ۾ ڪاٺ سان ڍڪيل آهي. انهيءَ وانگر، شڪارپور ۾ به ڪجهه ننڍي “ڍڪ بزار” آهي. مون ٻئي ڏٺيون آهن. پاڪستان کان اڳي، شڪارپور جي ڍڪ بزار ۾ رات جو دير دير تائين ماڻهن جي پيهه هوندي هئي. انگريزن جي زماني ۾ شهر ۾ بجلي ڪانه هئي. گولا ٻرندا هئا. بزار جي دڪانن تي جيڪا پيهه پوڪرداس جي دڪان تي هوندي هئي، سا ڏسڻ وٽان هئي. پوڪرداس هو ته برابر ڪتابن جو هڪ واپاري، پر سنڌي ادب ۽ ثقافت جي اهم انسٽيٽيوشن هو.
سرڪي ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو ته شڪارپور جون اُهي سڀ رونقون سنڌي هندو پاڻ سان گڏ کڻي هليا ويا.
*
سرڪيءَ سان منهنجي ملاقات سنه 1954ع ۾ ٿي. مان به هن وانگر ڪراچيءَ ويس. اتي پڙهندو به هئس ۽ گذر سفر لاءِ نوڪري به ڪندو هئس. اول سنڌي اخبارن “الوحيد”، “نئين سنڌ” ۽ “نواءِ سنڌ” ۾ صحافي ٿيس. پوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري مليم. وڏن سورن سان مٺارام هاسٽل ۾ رهائش لاءِ ڪمرو مليم. ڪمرو نمبر ٽيهه، فرسٽ فلور تي هو. سرڪي گرائونڊ فلور تي رهندو هو. سرڪيءَ جي ڪمري ۾ شاگردن جا ميڙا متل هوندا هئا. قسم قسم جا پکي اچي گڏ ٿيندا هئا: طوطا، ڳيرا، ڪبوتر، ڪاٺ ڪٽا، ڪانو، من موسڙا، چيها، جهرڪ، ٻٽير ۽ تتر وغيره. پر، محفل جو مور نورالدين سرڪي هوندو هو. سرڪي انسانن جي انهيءَ قبيلي مان هو، جيڪي زندگيءَ ۾ رڳو دوست ٺاهيندا آهن. سندس دوستن جي انهيءَ هجوم ۾، جيڪڏهن مان سرفهرست هئس، ته ٻئي نمبر تي نالو شمس سومري جو ايندو. شمس کي طوطو ڪوٺيندا هئا. هو شڪارپور جي ڀرسان چڪ شهر جو ويٺل هو، جتي ابو شوڪت حمزي نالي وڏو ڪو مجاهد “خلافت تحريڪ” ۾ ساماڻو هو. پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب “ اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي. شمس ڊاڪٽري پڙهندو هو. سندس دلپسند موضوع عورت ذات ۽ جنسيات هوندا هئا. سيڪس تي سڄيءَ دنيا ۾ مڃيل ماهر ۽ عالم هيولاڪ ايليس کي مرشد جو مان ڏيندو هو.
سرڪيءَ جي ڪمري ۾ هڪ وڏي وال – پينٽنگ Wall-Painting هوندي هئي. جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته اهو ڪنهن شاهڪار هندو شاگرد جو يادگار آهي، جو پاڪستان کان اڳ انهيءَ ڪمري ۾ رهندو هو. پينٽنگ هڪ عورت جي هئي. جا پريءَ جهڙي سهڻي هئي. رنگين ۽ نفيس لباس ۾، پاسيري ويٺل هئي ۽ ڪو ساز وڄائي رهي هئي. سندس زلف پريشان هئا ۽ اکيون اهڙيون خماري، جو ڏسڻ سان مير تقي مير جو شعر چپن تي پئي آيو:
مير ان نيم باز آنکهون مين
ساري مستي شراب کي سي هي
سرڪيءَ جي محفل ۾ گفتگو جا موضوع مختلف هوندا هئا. انهن ۾ ادب، صحافت ۽ سياست وڏي بحث مباحثي جو باعث بڻبا هئا. پر جڏهن شمس سومرو ايندو هو ته موضوع بدلجي ويندو هو. شمس ”عورت جي عظمت“ ۽ ”جنسيات“ تي عالمانه انداز ۾ ڳالهائيندو هو. سڀ دوست سندس گفتگو وڏي چاهه سان ٻڌندا هئا. شمس جڏهن ڳالهائي بس ڪندو هو، ته اڃايل اکڙين سان پينٽنگ واريءَ حسينه ڏانهن نهاري ڏاڍي سوز سان هڪ ڪلام ڳائيندو هو.
ناز سکيو آهين نوان، نوان ڙي نوان ، مشتاقن کي مارڻ لئه
*
ميٺا رام هاسٽل ۾ کاڌي لاءِ شاگردن جون ڪيئي ڪلبون هونديون هيون. سرڪي، شمس ۽ مان، ولي محمد واريءَ ڪلب جا ميمبر هوندا هئاسين جو وڏو بورچي هوندو هو. طرح طرح جا طعام تيار ڪندو هو. آچر ڏينهن شام جو سڀ ڪلبون بند هونديون هيون. بورچي موڪل ڪندا هئا. سرڪي، شمس ۽ مان صدر ۾ “ڪيفي جارج” تي ويندا هئاسين. هميشه آمليٽ ۽ ڊبل روٽي کائيندا هئاسين. بل سدائين سرڪي ڀريندو هو. اتان اٿي ” زيلنس“ ڪافي هائوس ۾ ويندا هئاسين، جنهن جي ڪافي مشهور هوندي هئي. ڪنهن زماني ۾ ” انڊيا ڪافي هائوس“  ڪوٺيندا هئس. اتي اردو اديبن جو مرڪز هوندو هو. سرڪيءَ جي نامور نقادَ ممتاز حسنَ سان دوستي هوندي هئي هونئن حبيب جالب سان به دعا سلام هئس. هڪ دفعي سرڪيءَ واري اسلاميه ڪاليج ۾ فيض احمد فيض آيو. سرڪي مون کي به ساڻ وٺي هليو. مخصوص ماڻهن جي نشست هئي. اول حبيب جالب فيض جو ڪلام “اب يهان کوئي نهين، کوئي نهين آئيگا” ايڏي ته دل سوز ترنم سان ٻڌايو، جو محفل ۾ موجود گهڻن ئي ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ان کانپوءِ فيض پنهنجو ڪلام ٻڌايو. مون فيض احمد فيض پهريون دفعو ائين ڏٺو ۽ ٻڌو.
سرڪي leftist خيالن جو هو. شڪارپور ڇڏي ڪراچيءَ اچڻ کانپوءِ سندس سرگرميون ڪهڙيون هيون. تن جو ذڪر ڪڏهن ڪونه ڪيائين، پرايترو ٻڌائيندو هو ته ڪجهه  عرصو Under Ground هليو ويو هو، جو ٻڌو هئائين، ته سندس گرفتاريءَ جا آرڊر ٿيا هئا. لاڙ جي پاسي، هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ٻه ٽي مهينا لڪل هو. جڏهن حالتون سازگار ٿيون ته موٽي ڪراچيءَ آيو.
“صداقت” سنڌي هفتيوار اخبار سان وابسته ٿيو، جا سرمايه داريءَ جي سخت مخالفت ڪندي هئي. ان جون گهڻيون ڳالهيون ڪندو هو. مون کي پڪ ڪونهي ته هو پارٽيءَ جو باقاعده ميمبر هو يا نه. ليڪن ”صداقت“ اخبار کان پوءِ هن “سنڌي ادبي سنگت” ٺاهڻ لاءِ تحرڪ ورتو ۽ ان ۾ ڪامياب ٿيو.
“سنڌي ادبي سنگت” جو خيال کيس ڪيئن آيو، اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. مون کي ائين سجهي ٿو ته هو leftist خيالن جو ته هو. پاڪستان کان اڳ ڪا “سنڌ ساهت سڀا” هوندي هئي . شيخ اياز، شيخ عبدالرزق راز، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ ٻيا ترقي پسند اديب ۽ شاعر ان جا سرگرم ڪارڪن هوندا هئا. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته سجاد ظهير 1936ع ۾ جڏهن هندستان ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو بنياد وڌو ته ان جو اثر سنڌ تي به پيو. “سنڌي ساهت سڀا” غالباَ  ائين ٺهي. سرڪيءَ انهيءَ سان ڪجهه قدر وابسته هو. هن پس منظر ۾ leftist سڏائڻ ۽ ”صداقت“ اخبار سان وابسته رهڻ کان پوءِ کيس “سنڌي ادبي سنگت” ٺاهڻ جو خيال آيو هوندو.
مون شيخ عبدالرزاق راز کان سنڌي ساهت سڀا واري دور جو احوال لکائي، 1956ع ۾، ماهنامي “نئين زندگيءَ” ۾ ڇپايو هو. رسالي جو ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي هو. مان سندس معاون هئس. شيخ عبدالرزاق راز، مقبول صديقيءَ، تنوير عباسيءَ ۽ رشيد ڀٽيءَ سان گهرو گهاٽو هئس. شيخ اياز سان سنگت جو آغاز ٿيو هو، پرگهرا گهٽا ڪونه ٿيا هئاسون. سرڪي به انهن سڀني جو دوست هو. بلڪ پاڻ ئي سڀ کان اول مون کي شيخ اياز سان ملايو هئائين .
سرڪي اهو ڪڏهن به ڪونه ٻڌايو ته سنڌي ادبي سنگت ٺاهڻ جو خيال کيس ڪيئن آيو؟ اهو ته پڌرو پيو آهي ته اها ترقي پسند ۽ روشن خيال نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي تنظيم آهي. جن جي اڪثريت Nationalist & Socialistآهي. سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن سان محبت اُن جي سوچ جو بنيادي انگ آهي.
بهرحال، سنڌي ادبي سنگت ڏاڍي مؤثر تنظيم ثابت ٿي ۽ سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا آندائين. سرڪيءَ جڏهن ڪراچيءَ ۾ ان جي ابتدا ڪئي ته کيس تمام سٺي موٽ ملي. سندس ساٿين ۾ عبدالغفور انصاري، احسان بدوي، دادا موتيرام رامواڻي، اياز قادري، پوهومل، رشيد ڀٽي، جمال رند، شيخ حفيظ، خواجه سليم، رشيد آخوند هن وقت ياد پون ٿا. هونئن بيشمار دوست ۽ ساٿي هئا ۽ سڀ سرگرم هئا. اسان جون هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جن ۾ شعر، افسانا ۽ مضمون پڙهندا هئاسين، جن تي حاضرين محفل تنقيد ڪندا هئا ۽ انهن جي خوبين ۽ خامين کي اجاگر ڪندا هئا. جويو صاحب ۽ سوڀو گيانچنداڻي به ڪڏهن ڪڏهن ڀيرو ڀريندا هئا. سڀ سندس احترام ڪندا هئاسين. سنڌي ادبي سنگت جو روح روان، بهرحال، نورالدين سرڪي ئي هوندو هو. سالن جا سال، “اهو ادبي محاذ” اسان جي سرگرمين ۾ اوليت جو درجو رکندو هو.
ليڪن، جڏهن سرڪيءَ ازدواجي زندگيءَ ۾ پير پاتو ۽ وڪالت شروع ڪيائين ته پاڻ ئي سنڌي ادبي سنگت کان پاسيرو ٿي ويو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته دوستن جي سڄي لڏي کان پرڀرو ٿي ويو. خانگي زندگيءَ کي اوليت ڏنائين. اجتماعي زندگيءَ کي سراسر نظرانداز ڪيائين. مثال طور سنڌ مدرسي ۾ “سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن” ڀڀڪيدار نموني ۾ ملهايو ويو. سرڪي ايڏي وڏي اجتماع ۾ به ڪونه آيو. ٺوڙهي ڦاٽڪ تي سنڌي شاگردن کي دردناڪ حادثو پيش آيو. حسين شاهه راشدي، حفيظ لاکي ۽ ڪراچيءَ جي ٻين وڪيلن سنڌي شاگردن جو ساٿ ڏنو، پر سرڪي سندن ويجهو ڪونه آيو. پير حسام  الدين راشديءَ ۽ شيخ اياز جي وفات تي سندس تڏي تي ڪونه آيو. ٻيو ته ٺهيو، سائين جي ايم سيد جي رحلت تي ئي، تڏي تي غائب هو. توڙي جو اسان سڀ سن پهچي وياسين. وٽس موٽر به هئي ۽ ڪراچيءَ کان سن ايڏو پري به ڪونه هو. سندس اها روش ڏکوئيندڙ هئي. مون ڪنهن مضمون ۾ سڪ سان سندس ذڪر ڪيو ۽ اڳوڻين سرگرمين جو ذڪر ڪندي لکيو تهNot for bread alone.
سرڪي ڪٿي اهو مضمون پڙهيو هوندو يا ڪنهن ساڻس ڳالهه ڪئي هوندي جا سندس دل ۾ رهي.
سنڌي ادبي بورڊ 1962ع ڌاري جڏهن حيدرآباد ۾ کڄي آيو ۽ سول لائينس جي بنگلي نمبر 3 ۾ ان جي آفيس هئي ته سرڪي ڪنهن ذاتي ڪم سان حيدرآباد آيو ۽ مون وٽ رات رهيو. اسان جي پوئين ملاقات سال ڏيڍ اڳ ٿي هئي مون کي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان ملڻ جي ضرورت ٿي پئي جو وڪالت جي پيشي سان وابسته هجي ۽ قانوني راءِ ڏئي. حسين شاه راشديءَ سان وڃي مليس. چڱي دلچسپي ورتائين. ساڻس ملي، وري وڃي سرڪي سان مليس. وٽس پراڻي زماني جي بلوچ ڪامريڊ عبدالله خان جمالدينيءَ جو ڀائيٽو يا ڀاڻيجو ويٺو هو. ساڻس ڪوٽيا ۾ وئڪيشن جا ڏينهن فرحت سان گذارڻ جو پروگرام ٺاهي رهيو هو. مون سان قرب سان مليو. حالي احوالي ٿياسون پاڻ ته منهنجي مسئلي ۾ هٿ ڪونه وڌائين، پر ڪنهن دوست کي فون ڪيائين ۽ مون کي چيائين ته، “وڃي ملينس.” پر مان ان شخص سان ڪونه مليس مون کان پنهنجي ڪنهن به اڳوڻي دوستن جو ڪونه پڇيائين البت پاڻ شمس سومري جو سو تمام مختصر ذڪر ڪيائين. ان ۾ به خبر ناهي ته ڇو مٿس ڪو کل ڀوڳُ ڪيائين! مون کي سندس انهيءَ روش ڏاڍو ڏکويو. ان ڪري به جو شمس هي جهان ڪڏهوڪو ڇڏي ويو هو. موڪلائڻ مهلَ کل ڀوڳُ جي نموني ۾ مشڪي وري مون کي به چيائين ته: Not  for  bread  alone
مون کيس ڪابه ورندي ڪانه ڏني. پر سندس بدليل طرز زندگيءَ بابت به پنهنجي راءِ ڪانه بدلايم. مون کي پنهنجيءَ راءِ تي محڪم رهڻ لاءِ سبب به هو. ڏاهن جو چوڻ آهي ته جسماني آسودگي بلاشبه تمام وڏي ڳالهه آهي. پر انسان لاءِ حقيقي خوشيءَ جي ڳالهه ذهني تسڪين آهي. سرڪيءَ پنهنجي آئيڊيلس کي جسماني آسودگيءَ خاطر قربان ڪيو. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ بدران ڇن جي ڇانوري کي پسند ڪيو.
*
سالن کان هاڻي منهنجو اهو نيم ٿي ويو آهي، ته ننڊ مان اٿي، ڏندڻ ڪري، هٿ منهن ڌوئي، ٽيپ رڪارڊر تي قاري عبيدالرحمٰن جي آواز ۾ قرآن شريف جي تلاوت ٻڌندو آهيان ۽ چاءِ پيئندو آهيان. ايتري ۾ هاڪر .“ڊان” اخبار ڏئي ويندو آهي. اخبار کوليم ته اندرئين صفحي تي خبر پڙهيم“نورالدين سرڪي رات گذاري ويو.”  اخبار هٿن مان ڇڏائجي ويم ۽ ڪجهه دير لاءِ هٿ پير ٺري ويم. اهو سڄو ڏينهن ڏاڍو اُداس گذريو. سانجهيءَ جو غم غلط ڪرڻ لاءِ جويي صاحب وٽ هليو ويس. ڪافي دير روح رهاڻ ڪئيسون ۽ نورالدين سرڪيءَ جون ڳالهيون ڪيونسي . غالباَ ٻئي ڏينهن، ساڳيءَ “ڊان” اخبار ۾ شمشيرالحيدريءَ جو بيان آيو. ممڪن آهي ته ٻين ڪن ادبين شاعرن ۽ سنڌي ادبي سنگت جا بيان به آيا هجن. پر مون ڪونه ڏٺا.
هفتي ڏيڍ کان پوءِ اتفاق سان وري ساڳي “ڊان” جي پرچي تي نظر پئي. سرڪيءَ جي رحلت جي خبر ورائي پڙهيم. سرڪي آسودو ٿيو، ته ڊفينس ۾ گهر ورتائين يا ٺهرايائين ۽ هاءِ ڪورٽ جي ڀرسان وڪالت جي آفيس ٺاهيائين. ڪيترن ئي ملڪن جا چڪر ڏنائين. هندستان ۾ سينئر سنڌي اديبن سان به ملي آيو. ننڍڙو ڪتابڙو به ڇپايائين. ولايت به ويو. تازو آمريڪا مان موٽيو هو. پر انهن مڙني ڳالهين جو .“ڊان” واريءَ خبر ۾ ذڪر ته ڇا ڪو معمولي اشارو به ڪونه هو. فقط ايترو لکيل هو ته: “هن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو هو.” نورالدين سرڪيءَ جي اسي سالن جي ڄمار ۾ “ڊان” جي رپورٽر کي ڪم جي ڳالهه اهائي نظر آئي ٻيو ٿيو ڀلو.
مون اخبار رکي، دل ۾ چيو ته ڳالهه ته وري به آئيڊيل جي بيٺي. سوين سال اڳ ڀلارو ڀٽائي ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪري ويو هو:
دلبر! هن دنيا ۾ وڃي رهندو واسُ.



نورالدين سرڪي
ناميارو اديب، شاعر ۽ قانوندان ڪامريڊ
ارشاد ڪاغذي
شڪارپور جي علمي ۽ ادبي سرچشمن مان سرڪيون ڀري ڪيئي انسان وڏا ٿيا، جن پنهنجي جنم ڀومي ۽ سنڌ ڌرتي جي سينڌ کي سنواريو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي ديس ڀائين جو ڳاٽ اوچو ڪيو. شڪارپور شهر علم، ادب، سياحت، ثقافت، وڻج ۽ واپار جو مرڪز رهيو آهي. هتان جي درسگاهن ۽ قابل استادن جي رهنمائي ۾ ڪيئي آدرشي انسان پڙهي ڳڙهي ۽ فيض ياب ٿي اعليٰ پد تي رسيا آهن. نورالدين سرڪي به هڪ اهڙو آدرشيواد انسان هو جنهن علم و ادب ۾ گھڻو نالو ڪمايو ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي استادن جو نالو روشن ڪيو. هڪ اهڙي واقعي جو ذڪر سائين نورالدين جي استاد هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعر کيئلداس فاني پنهنجي هڪ خط ۾ ڪيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي نماڻي تصوير دل جي افق تي تري ايندي هئي، پر خاص هڪ واقعو جو مون کان نه وسريو آهي، نه وسرندو... هڪ ڀيري نيوايرا اسڪول ۾ قاضي صاحب انسپيڪشن تي آيو هو، ان وقت اسان جو اسڪول اڪيڊمي اسڪول جي احاطي ٻاهران هوندو هو. مان توهان کي جنرل انگلش ۽ سنڌي پڙهائيندو هوس. انگريزي ٽيڪسٽ مسٽر هاسانند جي ذمي هوندي هئي. مون کان قاضي صاحب پڇيو ته ”ٽرانسليشن“ ڪير پڙهائيندو آهي؟ مون چيو؛ مان ۽ سنڌي پڻ. منهنجو جواب ٻڌي شاهه صاحب جو هڪ بيت پڙهيائين؛ ”تتي ٿڌي ڪاه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان ٿئي اونداه، پير نه لهين پرينءَ جو.“ عجيب ۽ ٽيڻو سوال پڇيائين ته انهيءَ سٽن جي جنهن کي معنيٰ اچي، اهو ان جو انگريزي ترجمو پڻ ڪري ٻڌائي. مون کي ياد آهي ته اهو هڪ يگانو شاگرد تون ئي هئين، جنهن ترجمو پيش ڪيو؛A wake, arise and stop not, till the good is reached. قاضي صاحب منهنجي پٺي ٺپري چيو؛ ”ماستر صاحب! توهان جي ڇوڪر ته غضب ڪري ڇڏيو.“ ۽ مان بيحد خوشيءَ سان گڏ فخر پڻ محسوس ڪندو رهيس ۽ اڄ به جنهن کي اهو واقعو ياد ڏياريندو آهيان ته حيرت کائيندو آهي. ان کانپوءِ سنڌو درياءَ ۾ ڪروڙين ڪيوسڪ پاڻي وهي ويو هوندو. لکين ٻيا لائق شاگرد هٿن مان نڪتا، پر تو جهڙو ذهين ۽ قابل ملڻ محال آهي. (کيئلداس جو نورالدين سرڪي ڏانهن خط ــ ڪي وسرن نه مُور (ڪجهه خط).
نورالدين سرڪي شڪارپور مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪري ڪراچي جي اين ايِ ڊي ڪاليج ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو، اُتي فقط هڪ سال تعليم ورتي ۽ وڌيڪ نه پڙهيو ۽ موٽي شڪارپور آيو ۽ سي اينڊ ايس ڪاليج مان بي اي ڪري نيو ايرا اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. ڪجھ عرصي بعد ڪراچي ويو، جتي ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪئي ۽ هو اعليٰ وڪيل بڻيو. سائين نورالدين سرڪي شاگردي جي زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽي سان واڳيل رهيو ۽ هُو ڪُل وقتي ڪارڪن جي حيثيت سان ڏينهن رات خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو، پر اڳتي هلي هو ڪميونسٽ پارٽي ۾ نه رهيو پر کاٻي ڌر جي مختلف جماعتن سان ڪم ڪندو رهيو. ميجر اسحاق جي مزدور ڪسان پارٽي ۽ فتح ياب علي خان سان پڻ سياسي ڪم ڪيو، پر سڀ کان وڌيڪ هن جيڪو ڪجهه ڪيو سو تاريخ ۾ سنهري اکرن سان درج ٿيل آهي. هن پنهنجي پوري حياتي غريبن ۽ مظلومن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. غريب شاگردن جي لڪل نموني بنا ڪنهن تشريهه جي مالي مدد ڪندو هو، شاگردن کي اسڪالرشپ پنهنجي طرفان ڏيندو هو ۽ ڪيئي شاگرد نورالدين سرڪي جي مالي سهائتا سان اعليٰ تعليم حاصل ڪري روزگار سان لڳا. ان کان علاوه نوجوان اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي اتساهيندو هو ۽ انهن جي مدد ڪندو هو. ڪيترن پبلشنگ ادارن، ڪتاب گھرن، مئگزين، رسالن ۽ ڪتابن جي ڇپائي ۾ پڻ مالي سهائتا ڪندو رهندو هو. ڪيترا ئي ڪتاب ۽ رسالا ڊزن جي حساب سان وٺندو ۽ دوستن کي تحفي ۾ ڏيندو هو، جيئن سنڌي ادب جي خدمت ٿئي، سنڌي ڪتاب وڪرو ٿين ۽ سنڌي ادارا پاڻ ڀرا ٿين. نورالدين سرڪي صاحب سياسي ڪارڪنن جا مفت ڪيس کڻندو هو ۽ هُو عدالتن ۾ پنهنجو خرچ ڪري ڪيسن جي پيشي ۾ ويندو هو ۽ ان قسم جا سوين ڪيس هن وٽ هوندا هئا، اها ڄاڻ سڀني کي آهي ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن سياسي ڪارڪن کان هڪ روپيو به ڪونه گھريو. سائين نورالدين سرڪي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجهندڙن منجهان آهي، هُو سنڌي اديب شاعر، محقق ۽ نقاد هو. هن هڪ ڪتاب ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جي نالي سان ترجمو پڻ ڪيو، ”جي تون بيت ڀانئيا“( شاهه جي شاعري مان چونڊ) نالي ڪتاب ڇپرايو ۽ هڪ ڪتاب جنهن ۾ خط شامل هئا ”ڪي وسرن نه مُر (ڪجهـ خط) شايع ڪرايو. هو فارسي جو وڏو ڄاڻو هو ۽ فارسي شاعري سان گھڻو چاهه رکندو هو. فارسي شاعري جا ڪتاب هن جي آفيس ۾ رکيل هوندا هئا ۽ پاڻ فارسي شاعري مزي سان ٻڌائيندو هو. ڪتابن سان تمام گھڻي انسيت هوندي هيس ۽ پنهنجي ليکي تمام گھڻو پاڙهو هو.
ناميارو ترقي پسند اديب، سياسي ۽ انقلابي متحرڪ ڪارڪن ۽ غريبن جو همدرد ڪامريڊ نورالدين سرڪي ۲۶ سيپٽبر ۲۰۰۷ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.



نورالدين سرڪي
هر دور ۾ زنده
تاجل بيوس
نورالدين سرڪي هر حقدار کي سماجي، سياسي ۽ فلاحي خدمتن جي حوالي سان، گهاٽي وڻ واري ڇانوَ ڏيندڙ هو. هُو ان سنڌ قوم جي اڳواڻي ڪري ويو آهي، جنهن جي تهذيب عالمي سطح تي ڏاها ۽ ماهر دنيا جي ٽن قديم ۽ عظيم تهذيبن ۾ شامل ڪري ويا آهن. سرڪي صاحب ڪيل خدمتن جي حوالي سان، ثابت ڪري ويو آهي ته انسان جي تخليق ٿيڻ جو خاص مقصد پاڻ لاءِ جيئڻ سان گڏ، ٻين لاءِ جيئڻ به آهي .جنهن کي حقوق العباد (ماڻهوءَ جا ماڻهوءَ تي حق ۽ واسطا) چيو وڃي ٿو. غريب جي سار سنڀال لهڻ، بيمار ۽ اپاهج کي بيماريءَ کان ڇوٽڪارو وٺائڻ، بيواهه عورتن جي ٻچڙن جو انگ ڍڪائڻ ۽ کين علم جي دولت سان مالا مال ڪرڻ، مظلوم کي ظالم جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ، قوم کي استحصال ڪندڙن وٽان آجو ڪرائڻ، علم، ادب، ٻولي ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، پاڻ پتوڙڻ ۽ فلاحي ادارن جي رهبري ڪري، کين فعال بڻائڻ جهڙا ڪم ۽ ڪارناما نورالدين سرڪيءَ کي هر دور ۾ جئرو ۽ جاڳندڙ رکندا. اُهو نورالدين سرڪي، جو هڪ ناميارو قانوندان، ڏاهو، سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ جو عاشق ٿي گذريو آهي، فڪري، سياسي ۽ فلاحي شعور لاءِ جاکوڙيندو رهيو ۽ ايئن تاريخ جو ماهر، سياسي ۽ قومي ڪارڪنن جو آدرش ثابت ٿيو.
نورالدين سرڪي 5 مارچ 1927ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو ۽ 26 سيپٽمبر 2007ع تي دل جو دورو پوڻ ڪري ڪراچيءَ ۾  لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 80 سال 6 مهينا ۽ 22 ڏينهن تي پهتل هئي ،کيس ڪراچيءَ جي ميواشاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.جتي مون به سندس آخري درشن ڪيو.
سرڪي صاحب 1945ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ 1953ع ۾ سي ايند ايس آرٽس ڪاليج شڪارپور مان، بي اي آنرس ۽ 1955ع ۾ ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي مان ايم اي پاس ڪرڻ کانپوءِ، لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي پاس ڪري، نوڪري ڪرڻ جي ابتدا ماستر   مقرر ٿيڻ سان ڪئي .اڳتي هلي 1957ع کان وڪالت شروع ڪيائين ۽ ايئن آخري وقت تائين وڪالت جي ڌنڌي سان ئي واڳيل رهيو. هن سياست جي شروعات 21 سالن جي عمر ۾ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شموليت ڪرڻ سان ڪئي ۽ سندس نالو سنڌي ادبي سنگت جي پيڙهه جي پٿر رکندڙن ۾ به شامل ٿيل آهي. جنهن کي 1953ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. 1972ع ۾ سرڪي صاحب نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ به شامل ٿيو هو. هن پنهنجي پوئنيرن ۾ بيوهه زال، ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ ڇڏيو آهي.
سرڪي صاحب ڪيترن شاعرن ۽ نثر نگارن کي رستو ڏيکاري، اڳتي آندو. انهن ۾ مان تاجل بيوس به شامل آهيان. منهنجو پهريون شعري مجموعو: “جڏهن ڀونءِ بڻي” ڪرم الاهي چنا جي سهڪار سان، سنگم پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران 1982ع ۾ ڇپايو ويو هو، جنهن جون مونکان ٽيهارو کن ڪاپيون وٺي، نورالدين سرڪيءَ هندستان ۾ آباد ٿيل سنڌي اديبن ۾ ورهائڻ سان گڏ، ڪجهه ڪاپيون، اتي قائم ڪيل لائبررين ۾ به رکايون هيون . جنهن ڪتاب مان اتان جي سنڌين کي ايڏي ته ادبي ۽ تخليقي خوشبوءِ محسوس ٿي هئي، جو رام پنجواڻي لٽرري اينڊ ڪلچرل سينٽر، ممبئيءَ پاران مونکي وقت جي وڏي شاعر شيخ اياز سان گڏ، ڀارت گهرايو ويو هو ۽ ايئن مان شاهه، سچل، سامي، سيمينار ۽ هنڌ- سنڌ مشاعري ۾ وڃي شريڪ ٿيو هيس . ٻيو ادبي فائدو هن ريت مليو، جو سنڌ جي ٽن شاعرن: شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ تاجل بيوس تي هن ۾ سالن جا سال تحقيق ڪري، سندن ڪردار ۽ عمل، دخل بابت معلومات گڏ ڪري، وڊيو فلم اسڪرپٽ تيار ڪري 2002ع ۾ “ڏور به اوڏا سپرين” نالي هيٺ ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر (ڀارت) پاران ڪتاب ڇپايو ويو آهي ڪتاب جو نالو به هند بابت منهنجي ڇپايل سفرنامي تان کنيو ويو  آهي، جو سفر نامو 1992ع ۾ ڇپايو ويو هو .هن ڪتاب جون جگديش لڇاڻيءَ پاران مونکي به ڪاپيون موڪليون ويون آهن، جنهن جي ٽائيٽل ڪور تي اسان ٽنهي شاعرن جون تصويرون به ڏنيون ويون آهن هاڻي ڏسئون ته ڀارت ۾ فلم جي ڪڏهن ٿي رٿا بندي ڪري رڪارڊنگ ڪئي وڃي.
آخر ۾، پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته اِها به سرڳواسي نورالدين سرڪيءَ جي ئي مهرباني آهي، جو 7 ڊسمبر 2007 تي ڀارت ويندڙ وفد ۾ منهنجو نالو به  شامل ڪيو ويو آهي . جو ڀارت جو منهنجو پنجون ادبي دورو هوندو، آخر ۾ عرب سياح ۽ محقق عمر بن حشام جا هندستان بابت ڏنل ويچارءَ ڏئي، ڪالم ختم ٿو ڪجي. جو چئي ويو آهي: “هندستان ۾ جيڪڏهن هڪ ڏينهن به رهڻ يا وڃڻ جو موقعو ملي، ته ٻئي هنڌ جي سڄي زندگيءَ کان بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته چيو ويو آهي ته اتان جي زيارت سان سُٺا اخلاق حاصل ٿين ٿا. هندستان ستارن وانگر چمڪندڙ ۽ مبارڪ ملڪ آهي.”


No comments:

راءِ ڏيندا