; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو - رحيم بخش جمالي

13 December, 2011

پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو - رحيم بخش جمالي


پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو
سنڌ جي حال جي مهان شخصيت ۽ صدارتي ايوارڊ يافته
 رحيم بخش جمالي
انسان دوست، انسان ذات جي بي لوث خدمت ڪندڙ، مسيحا، پروفيسر، ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جي شخصيت، ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي سومرا خاندان جي اهم شخصيت، شهيد الله بخش سومرو جي فرزند حيدر بخش عرف مٺو خان سومرو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر يونس سومرو، هن وقت پرائيوٽ طور انڪل سريا ۽ لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ آرٿيوپيٽڪ سرجن طور انسان ذات جي خدمت ۾ رڌل آهي ۽ سندس جو ماٽو انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي.



ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو 17 آگسٽ 1946ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور جي ڍونگ واري ڪاسائي محلا مان حاصل ڪئي. اسلامي تعليم، دين پور محلا ۾ قائم مدرسه اشرفيه عربيه مان حاصل ڪئي. 7 سالن کان پوءِ ڪوئٽيا ۾ گرامر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي ڊبل امتحان ڏئي، چوٿين ڪلاس ۾ داخل ٿيو. ڪراچي جي مشهور سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان به تعليم حاصل ڪيائين. شڪارپور جي مشهور سي اينڊ ايس ڪاليج مان 1966ع ۾ انٽر فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. 1972ع ۾ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ڪيائين. 1971ع واري جنگ دوران هو 3 سال فوج ۾ پڻ رهيو. ڏيڍ سال آءِ ايس آءِ ڪوئٽيا ۾ ڊاڪٽري جا فرائض سرانجام ڏنا. 75-1974ع ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جي حڪومت دوران ميڊيڪل آفيسر رهيو. 1975ع ۾ آرمي ڇڏيائين ۽ 1976ع ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو. جتي ساڍا اٺ سال تعليم حاصل ڪرڻ کان علاوه مختلف سروسز به ڪيائين. هڏن جي بيمارين جي ڊگري (ايف آءِ سي ايس) جيڪا دنيا ۾ وڏين ۾ وڏي ڊگري شمار ٿئي ٿي سا حاصل ڪيائين ۽ هڏن جي بيمارين جو ماهر سرجن بڻيو. وطن واپس ورڻ کان پوءِ 1984ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏنائين. 7 سالن بعد 1990ع ۾ پروفيسر ٿيو. 2007ع ۾ 21هين گريڊ ۾ رٽارئر ٿيو.

ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو. ناليوارن ملڪن روس، آمريڪا، چائنا، جپان، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ به وڃي پڙهائي ڪري ڊگريون ورتيون. سندس چوڻ آهي ته؛ روس ۾ پوليو ۾ مبتلا ڪيترن ئي ڇوڪرين جو علاج ڪيو. پوليو ۾ مبتلا هجڻ ڪري انهن ڇوڪرين جي شادي ٿيڻ ناممڪن هئي. تنهن ڪري انهن جو ن ڄنگهون ٺاهي کين پيرن تي بيهاريو آهي ۽ ڪيترن جا ئي گهر آباد ڪرايا.

ڊاڪٽر يونس حيدر مڃتا طور صدارتي ايوارڊ رکندڙ آهي. ڪئي ڀيرا ڪراچي ۾ دنيا جي ماهر هڏن جي ڊاڪٽرن کي ملندڙ لائيف اچيومينٽ ايوارڊ حاصل ڪيا. سارڪ ملڪن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڏن جي ماهر ڊاڪٽرن جو صدر پڻ رهيو، جيڪو وڏو اعزاز ليکيو وڃي ٿو. هن وقت پاڪستان جي مشهور آرٿيوپيڊڪ ڊاڪٽرن ۾ سندس ۽ ڊاڪٽر محمد علي شاهه جا نالا سرفهرست آهن.

سال 2006ع ۾ هڏن جي ماهر ڊاڪٽرن لاءِ جاپان ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪئي.

ڊاڪٽر يونس حيدر پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي صحت جون جديد سهولتون فراهم ڪرڻ واسطي، شڪارپور ۾ 20 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان هڪ جديد اسپتال تعمير ڪرائي رهيو آهي، جيڪو پنهنجي نوعيت جو نمايان منصوبو هوندو. سندس جو چوڻ آهي ته؛ زير تعمير اسپتال ٻن سالن اندر مڪمل ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته؛ شروعاتي طور تي اسپتال ۾ غير ملڪي ماهر ڊاڪٽر خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ مقامي ڊاڪٽرن کي ٽريننگ پڻ ڏيندا.

سياسي حوالي سان ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جو چوڻ آهي ته؛ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان خانداني واسطا هئا. کانئس وڏي اميد هئي. اليڪشن دوران ڀٽو صاحب جي مان مدد ڪئي ۽ ون يونٽ دوران نارا جيل به ويس. جڏهن ته موجوده ملڪ جي صدر آصف علي زرداري جي به ڊيوٽي ڏني آهي.

هن چيو ته؛ ڪراچي ۾ رهندي پوري زندگي ۾ مون وٽ ايندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کان مان ڪڏهن به ڪو نه پڇيو آهي ته اوهين ڪير آهيو؟ ۽ نه ئي ذات پات جو ڪو فرق رکندو آهيان.

هن چيو ته؛ 80 سيڪڙو غريب ماڻهو، جيڪي بلوچستان ۽ اندروني سنڌ سان واسطو رکندڙ آهن، انهن جي ڀرپور نموني مدد ڪري رهيو آهيان. جنهن ۾ صحت، روزگار فراهم ڪرڻ ۽ وس آهر مالي مدد به ڪئي آهي.

ڊاڪٽر يونس حيدر کي شڪارپور جو ايڌي سڏڻ جي جواب ۾ هن چيو ته ؛عبدالستار ايڌي کي ته ماڻهو لائين لڳائي چندو ڏيندا آهن. ان کي وسائل آهن . جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي وسائل ڏنا يا ڪنهن بين الاقوامي امدادي ادارن ۽ مخير حضراتن تعاون ڪيو ته زير تعمير اسپتال کي جديد ڪري عوام کي مفت سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

هن جو چوڻ آهي ته؛ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ دوران، شڪارپور کي بچائڻ ۾ اسان به ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترن ئي ٻوڏ ستايل خاندان کي کاڌ خوراڪ ۽ صحت جو سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ رهائش به ڏني ۽ ٻوڏ دوران ضلعي انتظاميه سان شهر کي بچائڻ جي سلسلي ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪيوسين. هن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته وقت جي حالات کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم ضروري آهي ۽ سنڌي عوام ٻارن کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارن.

No comments:

راءِ ڏيندا