; سنڌي شخصيتون: مظهر ابڙي جون بي تڪلف ڳالهيون - ساجد سنڌي ۽ رضوان گل

16 December, 2011

مظهر ابڙي جون بي تڪلف ڳالهيون - ساجد سنڌي ۽ رضوان گل


مظهر ابڙي جون بي تڪلف ڳالهيون
ناليوارو شاعر، ڪهاڻيڪا، ناول نگار، ڪالم ڪار ۽ ڊرامه نگار

ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي/ رضوان گل

مختصر سوانح حيات:
نالو: مظهر ابڙو
والد جو نالو: منظور حسين ابڙو
جنم ۽ هنڌ: 25 اپريل 1971ع ڪولاب جيئل، خيرپور.
برج: ثور
تعليم: ايم.اي سنڌي ادب، ايم.اي اڪنامڪس.
پيشاوراڻي تعليم: ايم.ايڊ.
تعليمي ادارا: پرائمري اسڪول ڪولاب جيئل، مڊل اسڪول ڪولاب جيئل، هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو، ڪامپريهينسِو هاءِ اسڪول خيرپور، پاڪستان ڊگري ڪاليج خيرپور، شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
پيشو: تعليم ۽ تدريس.
ادب ۾ طبع آزمائي: ناول، ڪهاڻيون، ڪالم ۽ شاعري.


ادبي سڃاڻپ؟
شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ٽي.وي ڊرامه رائيٽر.
ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟
٭ ڌرتيءَ تي وکريل ٽانڊا (ڪهاڻيون)
٭ خوابَ ـ کوٽا سڪا (ڪهاڻيون)
٭ جيون ـ اُجاڙ رستا (ناول)
٭ سرد خاني ۾ رکيل خوابَ (ڪهاڻيون)
٭ درد جي آس پاس (شاعري)
٭ خوابن جو سفر (ناول/ ڪٿا)
اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو ٿيندو؟
٭ زرد خوابن جو درد (ناول)
٭ مظهر ابڙو جون ڪهاڻيون ( چونڊ ڪهاڻين جو ڳٽڪو)
٭ درد جي آرپار (ناول)
٭ سنڌ -راڻي! تو کي سلام ( محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان لکيل ڪالمن جو مجموعو.)
٭ منهنجي ڌرتي، منهنجا مارُو (سماجي موضوعن تي ڪالم)
مڃتا ايوارڊ/ سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽ ڪنهنجي طرفان مليا؟
٭ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح قومي صدارتي ايوارڊ
پاران : پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد.
٭ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح ايوارڊ
پاران : ”ماهوار نئين زندگي“ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، حيدرآباد.
٭ بهترين ڪهاڻيڪار ”نسيم کرل ايوارڊ
پاران : سنڌي ادبي سنگت، ضلعو خيرپور
٭ بهترين ڪهاڻيڪار ”اياز قادري ايوارڊ
پاران : سنڌي ادبي سنگت، ڪولاب جيئل.
٭ بهترين ناول نگار ايوارڊ.
پاران : ”ماهوار سوجهرو“ ڪراچي.
٭ بهترين ڪهاڻيڪار طور مڃتا شيلڊ.
پاران : سنڌي ادبي سنگت، خيرپور.
٭ بهترين ڪهاڻيڪار ”انيس انصاري“ ايوارڊ
پاران: ”انيس انصاري اڪيڊمي“ لاڙڪاڻو.
لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين تخليق ڪٿي شايع ٿي؟
لکڻ جي شروعات سال 1987 ع کان روزاني عبرت حيدرآباد ۾ هفتيوار ڪالم سان ڪئي هئم.
لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟
ڪافي سال اڳ منهنجي حياتيءَ جي هڪ حادثي، منهنجي ان تخليقي قوت کي اچانڪ ظاهر ڪيو هو جيڪا منهنجي وجود جي ڪنهن پاسي ۾ الائي ڪڏهن کان لڪيل هئي.
مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
تخيل ۽ تحرڪ پسند. مان زندگيءَ ۾ تحرڪ چاهيندو آهيان تنهن ڪري منهنجو اڄ منهنجي ڪالهه کان عجيب طرح مختلف هوندو آهي. مان پنهنجي مٿي تي اڪثر خيالن سان ڀريل هڪ ٽوڪري کڻي گهمندو آهيان. جڏهن ته منهنجي بدن جي هڪ هڪ حصي ۾، جيڪو مهنجي ذات جو تاريڪ ”برِاعظم“ آهي، هميشه محسوسات جو هڪ هجوم موجود رهندو آهي. انهن احساسن مان ڪي شيهن وانگر گجندا آهن، ڪي نانگ جيان ڪرُ کڻي بيهندا آهن، ڪي جِهرڪين مثل چهڪندا آهن ۽ ڪي بلڪل گونگا ٿيندا آهن. مان پنهنجي محبوبا سان به ان ڪري محبت ڪندو آهيان جو هوءَ پاڻ به هر روز بدلبي آهي ۽ مونکي به بدلجڻ لاءِ اتساهي، پنهنجي ۽ منهنجي بي حسيءَ کي آواز ڏيندي رهندي آهي. جيڪڏهن هوءَ هڪ هنڌ ساڪن ٿي وڃي ته پوءِ مان ڪنهن ”لوڻ دانيءَ“ سان محبت ڪرڻ وڌيڪ مناسب سمجهندس.
پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
ماڻهوءَ ۾ موجود ماڻهپي جو.
اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
محبت.
توهانجو قابل فخر ڪم؟
چئن ٻارن جو پيءُ ۽ ستن کان وڌيڪ ڪتابن جو تخليقڪار هئڻ.
دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
محبت جي.
زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
منهنجي زندگيءَ ۾ اڻ وسرندڙ واقعو تڏهن پيش آيو هو جڏهن هُن اچانڪ زماني جي ڳالهين ۾ اچي مونکي هميشه لاءِ جدائيءَ جو فيصلو ٻڌائي، منهنجي وجود جي صحرا کي وسعت بخشي هئي.
مڪمل تخليقڪار ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
هڪ اديب يا تخليقڪار جيڪڏهن ڪجهه لکي ٿو ۽ هُن جي سوچ ڪو تحرڪ پيدا ڪري ٿي ۽ اُن تحرڪ مان ڪجهه ملي ٿو ته اهو ادب آهي. ٻين لفظن ۾ آئون ائين چوندس ته تخليقڪار سماج جي اهڙي ريت ترجماني ڪري ٿو، جيڪا سماج کي هڪ وک اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. منهنجي خيال ۾ تخليقڪار، تخليقڪار ئي هجي ٿو ان کي اڻپورو يا مڪمل چوڻ واري بحث ۾ پوڻ ئي اجايو آهي.
ادبي ۽ ثفافتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهيو؟
بلڪل به نه.
زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
زندگي ڪڙاڻ سان ڀري پئي آهي. ڪڙين سچاين جا دفتر آهن، ڪهڙا بيان ڪري ڪهڙا ڪجن.
گهڻي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه تي ايندي آهي؟
منافقت تي.
ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙو آهي؟
“ادب” لفظ جي معني مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته ادب انسان کي اونداهيءَ کان روشنيءَ طرف وٺي ويندو آهي. زندگيءَ جي منجهائيندڙ مسئلن کي سامهون آڻي، انهن جو حل ٻڌائيندو آهي.
لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي؟
جيڪا هڪ ٻار کي جنم ڏيڻ واري ماءُ جي هوندي آهي.
نئين سرجندڙ ادب مان ڪيترو مطمئن آهيو؟
نئون ادب سٺو پيو سرجي.
زندگي توهان جي نظر ۾؟
زندگي هڪ ڪهاڻي مثل ٿئي ٿي، جنهن ۾ اهو نه ڏٺو ويندو آهي ته اها ڪيتري ڊگهي آهي، پر اهو ڏٺو ويندو آهي ته اها ڪيتري دلچسپ آهي. بهرحال زندگي ڏاڍي نازڪ ٿيندي آهي، اسانکي ان جي حفاظت ايئن ڪرڻ گهرجي جيئن اسان آئيني جي ڪندا آهيون. رهي ڳالهه زندگيءَ ۾ مقصد جي ته اهو هر ماڻهوءَ وٽ الڳ الڳ هجي ٿو. لهذا زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو مقصد هجي ته ان ۾ ناڪامي به سٺي لڳندي آهي.
ڏک توهان جي نظر ۾؟
ڏک، سکن جي سونهن.
خوشي توهان جي نظر ۾؟
دنيا جا اڌ ماڻهو خوشي جو مفهوم سمجهڻ ۽ خوشي محسوس ڪرڻ کان قاصر هوندا آهن، مان به انهن مان هڪ آهيان. هُونءَ به ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته خوشين تي ان وقت ڌيان نه ڏيو، جڏهن اُهي توهان جي جهول ۾هجن، پر انهن تي تڏهن غور ڪريو جڏهن اُهي توهان جو ساٿ ڇڏي وڃن.
محبت توهان جي نظر ۾؟
محبت، شاعري ۽ پيغمبري وانگر هڪ الهامي شيء آهي. محبت مون لاءِ سڀ کان لاڏلو جذبو آهي. مون وٽ ان جو تصور چنبيليءَ جي پتين ۽ معصوم ٻار جي مُرڪ جهڙو آهي. محبت ۾ ملاوٽ مون لاءِ دنيا ۾ وڏي کان وڏو پاپ آهي، پر افسوس ته ماڻهو پوءِ به محبت ۾ ملاوٽ ڪري، دل جي خسيس پڻي جهڙي گناهه جو شڪار ٿي ويندا آهن، دل جيڪا سندن اندر جي دنيا هجي ٿي.
دوستي توهان جي نظر ۾؟
هُونءَ ته دوستي ٻن جسمن ۾ وسندڙ ”هڪ روح“ جو نالو آهي، پر بدقسمتيءَ سان اڄوڪي دور ۾ اهڙي دوستيءَ جا مثال گهٽ ملن ٿا، اڄ کيسي ۾ پئسي کان وڌيڪ ڪو به ڪنهن جو دوست نه رهيو آهي.
عورت اوهان جي نظر ۾ ؟
عورت، هڪ رومانوي جانور جنهن سان فقط هيرن جواهرن ۽ خوبصورت لباس ذريعي ئي محبت ڪري سگهجي ٿي.
ڪنهن کان نفرت آهي؟
منافقت کان.
اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
اداسي منهنجي تخليقي صلاحيتن کي جاڳائي وجهندي آهي، جنهن سبب مان اداسيءَ کان وڌيڪ سٺو ساٿي ڪنهن کي به نه سمجهندو آهيان. اداس لمحن ۾ آئون اڪثر تخليقي ڪم ڪندو آهيان.
زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات؟
منهنجو اولاد.
ڪا رهجي ويل خواهش؟
مون زندگيءَ ۾ جنهن جي آرزو رکي، جنهن سان گڏ زندگي گذارڻ جي ڪلپنا ڪيم اهو مون کي ملي نه سگهيو. هاڻ وڌيڪ ڪنهن به خواهش جي پورائي جي تمنا ڪونهي.
ڪهڙي قسم جي ماڻهن کان متاثر ٿيندا آهيو؟
سچن ۽ کرن ماڻهن کان.
زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري شيءِ؟
جيڪا شيءِ سڀ کان پياري آهي، ان جو نانءُ وٺڻ به مون لئه ممنوع بڻايو ويو آهي.
جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالھ؟
ڪا به نه.
ڪنهن سفر جي تمنا؟
آئون سدائين خوابن جي سفر ۾ رهڻ وارو ماڻهو آهيان، ٻئي ڪنهن سفر لئه ڪڏهن دل نه گهريو آهي.
ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي؟
چيم نه ان جو نانءُ کڻڻ به مون لئه ممنوع آهي.
اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
تمام گهڻا، ڪنهن جا نانءَ وٺي ڪنهن جا وٺجن.
اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽ خامي؟
خوبي ڪا خاص ڪونه، خاميون تمام گهڻيون.
ٻيهر زندگي مليوَ ته؟
وري به ان جي ئي تمنا ڪبي، جيڪو هن جيون ۾ منهنجو ٿي نه سگهيو.
شادي پنهنجي پسند يا مائٽن پسند هئڻ گهرجي؟
زندگي پنهنجي آهي ته شادي به پنهنجي پسند جي هئڻ گهرجي.
ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
پنهنجو وجود تيزاب ۾ سڙندي محسوس ٿيندو آهي.
مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
دنيا تباهيءَ طرف وڌي رهي آهي.
اهو خواب جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟
خواب ته ٿيندا ئي ٽُٽڻ لاءِ آهن. پورو ٿيڻ ڪنهن ڪنهن خواب جي نصيب ۾ ٿيندو آهي.
سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي ؟
ان لاءِ ڪنهن عظيم انقلاب جي ضرورت آهي.
زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟
اسان جو سماج اهڙو سماج آهي، جتي ڪو به پنهنجي آدرشن ۽ خواهشن سان هڪ آزاد زندگي جي نٿو سگهي، هي سماج هڪ اهڙو دوزخ آهي جتي انساني جسمن سان گڏ روحن کي به زخم ڏنا وڃن ٿا. اصولن انسان کي ڪنهن قالب يا سانچي ۾ قيد ٿي رهڻ بجاءِ پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو حق حاصل هجڻ گهرجي، پر اسان جي سرد خاني جهڙي سماج ۾ اسان جيئري ئي مرندا رهون ٿا. هڪ عورت سان اوهان جيئري مرد جيان محبت ڪريو ٿا جڏهن ته ڪنهن ٻئي عورت سان بلڪل هڪ مُردي وانگر سلهاڙيل رهو ٿا. ائين روزانو مردن جو ڪيترو انگ اسان کي رستن گهمندڙ ڦرندڙ لاشن وانگر نظر اچي ٿو، جڏهن ته عورتن جو ججهو تعدا پڻ مئل مئل لڳي ٿو، هڪ اهڙي پيانوءَ وانگر جنهن جا اڌ سُر بي آواز ٿي چڪا هجن.
جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندؤ؟
وقت بها ڪر لي جاتا هي نام نشان مگر،
ڪوئي هم مين رهه جاتا هي اور ڪسي ۾ هم.

اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟
بانو قدسيه جو ناول ” راجه گده
ڪلا جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت؟
شيخ اياز.
موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
جگجيت ۽ چترا.
پسند جا نثر نگار؟
امر جليل، نورالهديٰ شاه ، عبدالقادر جوڻيجو، آغا سليم ۽ ڪافي ٻيا.
پسند جا شاعر؟
امداد حسيني، حسن درس، اياز گل وغيره.
وڻندڙ لباس؟
شلوار قميص.
وڻندڙ خوشبو؟
محبوب جي ڀاڪر بعد ساهن ۾ هميشه لاءِ رهجي ويل سندس وجود جي خوشبو .
آٽو گراف؟
مونکي ماءُ مجازَ پڃاريءَ جيئين پڃيو،
ورد وضيفا وسريا، رهي ڪانه نماز،
هينئڙو بحري بازَ چائي چنبن ۾ ڪيو.
(شاهه لطيف رح)

1 comment: