گل محمد بلوچ
باباءِ پورهيت - لڏي ڏور
ويا ڏيان ڏوراپا ڪن کي
ڪامريڊ محمد عرس سيلرو
5 جولاءِ 1977ع تي شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اونڌو ڪري ضياءَ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري
حڪومت تي قبضو ڪيو، انهيءَ دور ۾ لاڙڪاڻو ليبر فيڊريشن جو وڏو زور ۽ اثر هو.
فيڊريشن سان لاڳاپيل
مزدورن فيصلو ڪيو ته مزدور اڳواڻن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، جنهن لاءِ شهدادڪوٽ ۾
ملا مسافر بلوچ جيڪو ان وقت رائيس فيڪٽري يونين جو جنرل سيڪريٽري هو، ان کي
اميدوار مقرر ڪيو ويو، جنهن جي اليڪشن مهم گل محمد بلوچ هلائي. گل محمد بلوچ
پنهنجي تقريرن ۾ مذڪر مونث جو خيال نه رکندو هو، سندس تقرير ماڻهن کي پسند ايندي
هئي. جنهن جلسي ۾ گل محمد هوندو ته ماڻهو کيس شوق سان ٻڌندا هئا. انهيءَ اليڪشن
مهم دوران گل محمد شهر کانسواءِ ٻهراڙين جي هارين ۾ عام ماڻهن ۾ مقبول ٿيو ۽ پوءِ
اها اليڪشن 11 سالن لاءِ ملتوي ٿي وئي.
1978ع ۾ مان سران ورڪرز
يونين جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي مزدورن ۾ ڪم جو آغاز ڪيو، انهيءَ ڏينهن ۾ گل محمد
سان ويجهڙائپ ٿي. گل محمد ٻڌايو ته مان اصل خاران جو هئس ۽ اسان خانه بدوشي جي
زندگي گذاريندا هئاسين ۽ بروهي قبيلا سردين ۾ سنڌ ۾ اچي مختلف قسم جو پورهيو ڪندا
هئا. اهڙي ريت خاراني پڻ هتي سردي جي مند ۾ ايندا هئا. هن ٻڌايو ته 13-14 سالن جي
عمر ۾ ئي مان شهدادڪوٽ (سنڌ) ۾ رهي پيس ۽ هندو واپارين جي دڪانن تي جهلي هلائيندو
هئس، ڇو ته ان وقت بجلي نه هوندي هئي. ان بعد مون رائيس مل ۾ محنت مزدوري ڪرڻ لڳس،
ان وقت وڏيرو رائيس فيڪٽري يونين جو صدر هو. 1970ع ۾ مزدورن پنهنجي مطالبن لاءِ
هڙتال ڪئي ته وڏيرو مزدورن کي ڇڏي ڀڄي هليو ويو، ان هڙتال جي اڳواڻي گل محمد بلوچ
پاڻ ڪئي ۽ انهيءَ کانپوءِ مزدورن گل محمد کي پنهنجو صدر چونڊيو جيڪو بعد ۾ تاحيات
صدر رهيو. 1978ع ۾ لاڙڪاڻو ليبر فيڊريشن هڪ تحريڪ هلائي. اها تحريڪ الائيڊ مل کي هلائڻ
جي لاءِ هئي، الائيڊ مل پرائيويٽ ڌاڳي جي مل هئي، ان کي کولرائڻ لاءِ سڄي لاڙڪاڻي
اندر وڏي تحريڪ برپا ٿي، تحريڪ کي طاقت ڏيارڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو ته روزانو 4
مزدور پاڪستاني چوڪ لاڙڪاڻي ۾ گرفتاري ڏيندا، جنهن تحريڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو
شهدادڪوٽ جي مزدورن حصو ورتو، ڇو ته 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ ٻيڙي جي صنعت کي وڏو زور
هوندو هو ۽ ٻيڙي مزدور به يونين ۾ منظم هوندا هئا. انهي تحريڪ ۾ شهدادڪوٽ جي سران
ورڪرز يونين، ٻيڙي ورڪرز يونين ۽ رائيس فيڪٽري يونين جي مزدورن وڏي پئماني تي
گرفتاريون پڻ ڏنيون، جنهن ۾ گل محمد بلوچ پاڻ به گرفتاري ڏني ۽ 7 مهينا جيل ۾
رهيو. ضياءَ شاهي، لاڙڪاڻو ليبر فيڊريشن جي تحريڪ کي شهيد ڀٽي جي حمايتي تحريڪ
سمجهي، انهن جي ورڪرن تي تمام گهڻو تشدد ڪيو، اهي پورهيت هلڻ کان هلاڪ هئا، انهن
سان جيل ۾ ملاقات ڪرڻ وياسين ته اهي سخت تشدد کي منهن ڏئي رهيا هئا، ان کانپوءِ گل
محمد کي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ جيل ۾ رکيو ويو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
صاحب پنهنجي حڪومتي دور ۾ شهدادڪوٽ جي اندر ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪپڙي جي مل
لڳرائي، جنهن لاءِ 78ع ۾ مزدورن جي ڀرتي شروع ٿي ۽ 79ع شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائل مل ۾
مزدور يونين جو بنياد وڌو ويو، انهيءَ ڏينهن ۾ عبدالعزيز عباسي، چاچو مولا بخش
خاصخيلي ۽ شهيد نذير عباسي يونين جا ڪاغذ ٺاهڻ لاءِ آيا. شهيد نذير عباسي روپوش
هوندو هو ۽ سندس نالو مشتاق شاهه طور مشهور هوندو هو، مون نذير عباسي سان گل محمد
بلوچ کي ملرايو ته نظير کي سيد سمجهي گل محمد بلوچ جهُڪي مليو، ته نذير شهيد افسوس
ڪندي چيو ته مارائي ڇڏيئي. ڇو ته نظير عباسي انهيءَ رسم کي غلط سمجهندو هو، هن گل
محمد بلوچ کي چيو ته سڀ انسان برابر آهن، پر پورهيت سڀ کان اعليٰ ۽ اتم آهي.
گل محمد بلڪل اڻپڙهيل هو،
پر سياسي خبرون خاص ڪري بي بي سي روزانو شوق سان ٻڌندو هو ۽ هن نظير جي شهادت جي
خبر به بي بي سي تي ٻڌي هئي، پر هي نظير کي مشتاق شاهه جي نالي سان سڃاڻيندو هو.
بعد ۾ مون گل محمد بلوچ کي ٻڌايو ته نظير عباسي ئي مشتاق شاهه جي نالي سان ئي ڪم
ڪندو هو ته هن کي وڏو صدمو پهتو ۽ افسوس جو اظهار ڪيائين.
گل محمد بلوچ پورهيت حقن
لاءِ مڪمل سچائي، ايمانداري سان جاکوڙ ڪندو رهيو. هو کرو، اصول پسند ماڻهو هو.
سندس تقريرون بي باڪ هونديون هيون. گل محمد ڪڏهن به ذاتي مفادن لاءِ نه وڪيو ۽ نه
وري جهڪيو. گل محمد کي سيٺن وڏيون لالچون آفر ڪيون، پر هن پورهيت جي پگهر جو سودو
ڪڏهن نه ڪيو. مل مالڪن کي جڏهن اهو يقين ٿيو ته گل محمد کي خريد ڪري نه ٿو سگهجي،
تڏهن هو گل محمد بلوچ جو مقرر ڪيل رقم ڏيڻ لاءِ تيار هوندا هئا ۽ چوندا هئا ته وڏا
توهان جي مقرر ڪيل اجرت منظور آهي، پر اسان سان پنج ڏهه روپيه رعايت ڪيو.
گل محمد کي ٻن گهر وارين
مان اولاد نه ٿي ۽ ٽين شادي مجبورن ڪرڻي پئي. 3 نياڻيون ۽ هڪ پٽ، جنهن ۾ پهريان
وڏي نياڻي نالي صغران کي پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ هي پنجن سالن جي ٿي ته ان کي مزدورن جي
جلسن ۾ وٺي ايندو هو ۽ ڪجهه وڏي ٿيڻ کانپوءِ ان کي مزدورن جي جلسي ۾ تقرير به
ڪرائيندو هو. مطلب ته هو ان حوالي سان سيڪيولر طبيعت رکندڙ هو. 2001ع ۾ هن جون
اکيون نظر کان بيهجي ويون ۽ هن کي ڪراچي وڏن ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ وياسين ته ڊاڪٽرن
چيو ته هن جون ٺيڪ ٿين ها، پر هن جون اکيون لوڪل ڊاڪٽرن خراب ڪيون آهن. جنهن تي گل
محمد چيو ته منهنجون اکيون بلڪل خراب ڪرڻ لاءِ سرمائيدارن لوڪل ڊاڪٽرن کي وڏي رقم ڏني
هوندي، هو پنهنجن ڳالهين ۾ اهڙو اظهار ڪندو رهندو هو.
هن پنهنجو سنڌ سان اهڙو
ناتو جوڙيو هو جو هن شهدادڪوٽ جي ماڻهن سان محبت ڪرڻ شروع ڪئي هئي. جڏهن به ڳوٺ
کان شهر ۾ داخل ٿيندو هو ته هر ماڻهو هن سان شوق سان ملندو هو ۽ هر ماڻهو وڏو هجي
يا ننڍو، ان کي ٻانهون ٻڌي خوش خيريت ڪندو هو. 2010ع ۾ سڄي سنڌ ۾ سيلاب آيو، انهي
سان گڏ هن جو ڳوٺ به سيلاب هيٺ آيو، هن جا گهر وارا هن سميت خاران هليا ويا. چئن
مهينن کانپوءِ شهدادڪوٽ واپس آيا مان هن سان ملڻ ويس، هن ٻڌايو ته 40 سالن کانپوءِ
پهريون دفعو خاران ويو هئس، اتان جا ماڻهو مون سان ملڻ آيا، پر نظر نه هجڻ ڪري
ڪنهن کي سڃاڻي نه سگهيس ۽ شهدادڪوٽ سنڌ جي اڪير هئي ته مان واپس وڃان ۽ هينئر مان
خوش آهيان جو پنهنجي گهر ۽ ڌرتي تي آيو آهيان. گل محمد بلوچ مزدورن جي حقن کان
سواءِ شهر جي هر مسئلي بدامني هجي يا سماجي هجي، جيڪا به شهر اندر ناانصافي هوندي
هئي، انهي جدوجهد ۾ اڳيان اڳيان ۽ اڳواڻي ڪندڙن ۾ شامل هوندو هو. آخرڪار 85 سالن
جي عمر ۾ 7 جولاءِ تي فالج جو حملو ٿيو، جهونو ٿي جهاز سٺ نه سهي سڙجي. 24 ڏينهن
لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال رهڻ کانپوءِ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 30 جولاءِ تي بيهوشي
جي حالت ۾ استپال مان هن کي کڻي خاران لاءِ ويا ۽ پهرين آگسٽ تي فوت ٿي ويو.
شهدادڪوٽ جي پورهيتن ۽ گل
محمد سان محبت ڪندڙ ماڻهن کي وڏو صدمو پهتو ۽ اڃا تائين گهڻن ماڻهن کي ان جي وفات
جي خبر نه آهي. بلوچن ٻيو دفعو بيوفائي جو ثبوت ڏنو آهي. هڪ دفعو سسئي کان پنهل کي
زبردستي جدا ڪيو، ٻيو دفعو وري گل محمد بلوچ کي چاهيندڙن کان پري ڪري خاران ۾
دفنايو ويو. جڏهن ته ان جو خمير سنڌ ڌرتي سان ملي چڪو هو.
کاروڻيان کيئي ويڙهي جپ
ويا،
سيڻ منهنجا سيد چئي هٿ هيا،
لڏي ڏور ويا ڏيان ڏوراپا ڪن
کي.
No comments:
راءِ ڏيندا