; سنڌي شخصيتون: اڪبر خان لغاري - محمد اشرف ملاڻو

13 March, 2017

اڪبر خان لغاري - محمد اشرف ملاڻو

اڪبر خان لغاري
ڪاڇي جي عوام دوست شخصيت
محمد اشرف ملاڻو
جيئن ته سنڌ سونهاري ڪيترا ئي وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن ۾ عالم، ڏاها، اديب ۽ شاعر شامل آهن، انهن ماڻهن ۾ رئيس اڪبر خان لغاري به ڳڻجي ٿو، جنهن جو تعلق جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي سان آهي. رئيس اڪبر خان لغاري 9 سيپٽمبر 1939ع تي ڳوٺ حاجي خان لغاري تعلقي جوهي ۾ سردار علڻ خان لغاري جي گهر پيدا ٿيو.


جيئن ته هڪ سياسي سماجي ۽ برادريءَ جي چڱي مڙس جي حيثيت سان سڃاڻپ رکندو هو، تنهن ڪري سندس سياست ۾ شروع کان ئي دلچسپي هوندي هئي. سندن والد علڻ خان جا انصاف وارا فيصلا به سڄي علائقي ۾ مشهور هئا. سياست ۾ دلچسپي هئڻ ڪري اڪبر خان 1979 وارين بلدياتي چونڊن ۾ تعلقي ڪائونسل جوهي جو چيئرمين چونڊيو ويو، انهيءَ دور ۾ هن جوهي شهر توڙي تعلقي ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا. تنهن کانپوءِ 1985 وارين غير جماعتي چونڊن ۾ پاڻ جوهي واري صوبائي تڪ تان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به چونڊيو. رئيس اڪبر خان تعلقي چيئرميني ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر واري دور ۾ جوهي ۾ سوئي گئس فراهم ٿي، شهر ۾ بوائز هاءِ اسڪول، گرلز هاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج جون عمارتون ٺهيون ۽ انهي وقت ۾ اهي فنڪشنل به ٿيون. رئيس اڪبر جي دور ۾ جوهي کي واٽر سپلاءِ اسڪيم به ملي جڏهن ته بيسڪ هيلٿ يونٽ جو بنياد به سندس ئي دور ۾ پيو. ان کانسواءِ جوهي تعلقي جي ننڍن وڏن ڳوٺن کي روڊ ۽ بجلي سميت ٻيون بنيادي سهولتون مهيا ٿيون، جن ۾ ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن جا روڊ ڳوٺ حاجي خان جو روڊ، مشهور درگاهه گاجي شاهه وارو روڊ ۽ واهي پانڌي وارو روڊ جيڪو کير ٿر جبل تي قائم گورک هل اسٽيشن تي وڃي ٿو. اهي سڀئي روڊ به سندس ئي ڪوششن سان ٺهيا. هي جيڪا گورک هل اسٽيشن جي اڄڪلهه سڃاڻپ ظاهر ٿي آهي، انهي جو سهرو به رئيس اڪبر جي محنتن عيوض حاصل ٿيو آهي.
جيئن ته اڄ سندن ٽئين ورسي آهي، ان حوالي سان هي سٽون کيس خراج عقيدت طور پيش ڪجن ٿيون. سنڌ ۾ جيڪڏهن رئيس اڪبر جهڙا ايم پي اي، ايم اين اي سينيٽر ۽ تعلقي توڙي ضلعي ڪائونسل جا چيئرمين ۽ ناظم چونڊجن ته سنڌ مختصر عرصي ۾ پئرس بڻجي سگهجي ٿي، پر پوءِ به مختصر بجيٽ ۽ محدود وسيلن آهر رئيس اڪبر خان پنهنجي دور ۾ جوهي تعلقي اندر ۽ دادو ضلعي جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ به ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا، جنهن عيوض اتي جو عوام ساڻس دلي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري ٿو. اسان جو ساڻس 87-1986 کان وٺي جيڪو رشتو جڙيو اهو آخر تائين قائم رهيو.
رئيس اڪبر خان لغاري سنڌ جي انهن ٿورڙن پڙهيل لکيل سياستدانن مان هو جن کي صحيح معنيٰ ۾ سنڌ ڌرتي جو درد ڏک ۽ تڪليف محسوس ٿيندي هئي يا آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو 1983ع واري ايم آر ڊي واري تحريڪ دوران جيل به ويو، کيس حيدرآباد سينٽر جيل ۾ رکيو ويو، جتي ڳچ عرصو قيد ۽ صعوبت واري زندگي گذاريائين. اسان رئيس اڪبر جي ڪيترن ئي ڪمن ۽ ڪارنامن کان چڱيءَ ريت واقف آهيون، تنهن ڪري ئي دعويٰ سان چئي سگهون ٿا ته سندن محنت عيوض ئي هن جي پونيئرن جو مستقبل روشن آهي ۽ اهي به پنهنجي وڏن جي نقشِ قدم تي هلي علائقي جي ۽ برادري جي ماڻهن جي تمام گهڻي خدمت ڪري رهيا آهن ۽ اميد آهي ته اهو سلسلو جاري ساري رهندو.








No comments:

راءِ ڏيندا