ناليوارو براڊڪاسٽر - يادگيرين جا سيلاب ايند رهيا
علي عمران سمون
چوويھين فيبروري ۲۰۰۸ع، وقت صبح
۸ لڳي ۴۵ منٽ، موبائيل جي بيل مسلسل وڄي رهي هئي ۽ آخرڪار منهنجي اک کلي ئي وئي.
موبائيل اسڪرين تي نالو لکيل هو ريڊيو حيدرآباد جي هڪ پراڻي ٻڌندڙ دالي شهر جي
حافظ محمد رحيم ڍلو جو ۽ ڪيتريون ئي ڪالون ڪرڻ کانپوءِ آخرڪار هو مون کي ننڊ مان جاڳائڻ
۾ ڪامياب ٿي ويو، بنا ڪنهن تمهيد ٻڌڻ جي چيائين ته؛ سائين توهان ريڊيو ٻڌو پيا؟
مون چيو؛ نه .... تنهن تي هن چيو؛ ”سائين صبح مهراڻ پروگرام هلي پيو ۽ پروڊيوسر
عرفان علي انصاري پروگرام ڪندي ٻڌايو آهي ته ريڊيو جو ناليوارو براڊڪاسٽر محمد
انور هڪڙو رات لاڏاڻو ڪري ويو آهي.“ ان کان پوءِ هن جيڪو ڪجهه چيو سچ پڇو ته مون
کي بلڪل ياد ناهي. مون ٻه ٽي فون ڪري ان خبر جي تصديق ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي دوست اي ڪي
سومري کي فون ڪئي ته هو اچي ته گڏجي اوڏانهن هلون جتي سائين انور هڪڙي جي
رهائشگاهه آهي، يعني حسين آباد.
تقريبن اڌ ڪلاڪ ۾ هو مون وٽ
پهتو ۽ پوءِ اسان ٻئي حسين آباد روانه ٿياسين، ان دوران آئون ڪيترن ئي دوستن کي
فون ڪري اهو اطلاع ڏئي چڪو هوس. حسين آباد حيدرآباد ان ڏينهن واقعي سوڳوار هئي، ڇاڪاڻ
ته نه صرف هڪ عظيم براڊڪاسٽر پر پاڙي جي هڪ معزز، هر دل عزيز ۽ سماج سڌارڪ شخصيت
جي پڻ موڪلاڻي ٿي هئي، محمد انور هڪڙو صاحب پنهنجي پاڙي ۾ بيحد قدر جي نگاهه سان ڏٺو
ويندو هو، سڀني جي ڪم ايندو هو ۽ انهن سان بيحد رلي ملي رهندو هو، سڄو پاڙو سندس
آخري سفر ۾ سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ موجود هو، ريڊيو جا سمورا براڊ ڪاسٽرز، ڪمپيئرز،
انائونسرز ۽ ٻيو عملو موجود هو، ڪهڙن جو ذڪر ڪري ڪهڙن جو ڪجي.
منهنجو ننڍپڻ جو دوست مختيار
نظاماڻي اها خبر ٻڌي ٽنڊي محمد خان کان آيو هو ۽ ايندي ئي مون کي ڀاڪر پائي زور
زور سان روئڻ لڳو پر سندس سڏڪا انهن کوڙ سارن سڏڪن ۾ گم ٿي ويا جيڪي هڪڙي صاحب جي
دوستن، عزيزن، مٽن مائٽن ۽ خاص طور تي سندس جوان اولاد جا هئا.
حسين آباد جي قديم عيدگاهه ۾
سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ کيس اتان کان ڪجهه پنڌ جي مفاصلي تي واقع ناگو
شاهه جي قبرستان ۾ جڏهن مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو، ان وقت احساس ٿيو ته اڄ
اسان هڪ بهترين صلاحيتن جي مالڪ براڊڪاسٽر، هڪ هڏ ڏوکي انسان ۽ هڪ دلبر دوست کي هميشه
لاءِ وڃائي چڪا آهيون... محمد انور هڪڙو هڪ اهڙو براڊ ڪاسٽر هو جنهن ريڊيو جا
تقريبن سڀئي پروگرام ڪيا، ۽ جڏهن به وٽس ڪو پروگرام ايندو هو ته سندس صلاحيتن جو عڪس
ان ۾ نظر ايندو هو”تبديلي زندگي جي علامت آهي“ جي فلسفي تي هلندڙ هڪڙي صاحب جي هر
پروگرام ۾ نواڻ محسوس ڪبي هئي، ايتري قدر جو ريڊيو تان هڪ ئي وقت ”سنڌي اردو“ جي گڏيل
پروگرام جو ڪامياب تجربو به ”رنگ ترنگ“ جي صورت ۾ هَڪڙي صاحب ئي ڪيو.
ماضي ۾ ريڊيو جي ”ڊرامي“ جو هڪ
بهترين دور به گذريو آهي، جيڪو ڪيترن ئي براڊڪاسٽرن کان ٿيندو شيخ ابراهيم،
جهانگير قريشي ۽ پوءِ انور هڪڙي تي اچي ختم ٿي ويو، ان دور جي ڊرامن سامعين ۾ بيحد
مقبوليت ماڻي، جن کي اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو. محمد انور هڪڙي پڻ ڊرامه پروڊيوسر جي
حيثيت ۾ ڪيترائي مشهور ۽ معروف ڊرامه پروڊيوس ڪيا. ڪيترن ئي نون آوازن کي متعارف ڪرايو،
نه صرف ايترو پر ڊراما لکندڙ پراڻن ساٿين کي ٻيهر گهرائي انهن کان ڊرامو لکرايو ۽
گڏوگڏ نون لکندڙن جي حوصله افزائي ڪندي کين ڊرامه ليکڪ بنايو. آرٽسٽن سان سندس
آفيس ڀريل هوندي هئي، سندن هٿن ۾ ڊرامن جا اسڪرپٽ هوندا هئا، گونج هوندي هئي.
بلاشبه اهو ريڊيو جي ڊرامي جو هڪ بهترين دور هو جنهن جو سندس ويندي ئي خاتمو اچي
ويو.
اڄ وري ذهن جي سليٽ تي انهن پراڻين
يادگيرين جا سيلاب ايندا پيا وڃن ۽ هڪ هڪ ٿي سمورا منظر ڪنهن ڊرامي جيان هلندا پيا
وڃن. ڇاڪاڻ ته ٺيڪ 9 سالن کانپوءِ وقت جي ترتيب ۾ اڄ وري اهو ڏينهن موٽي آيو آهي،
جنهن ڏينهن تي هن عظيم انسان ۽ هڪ بهترين براڊ ڪاسٽر کي سندس لاڏاڻي کانپوءِ مٽيءَ
ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ سمهاريو ويو هو. هميشه جيان اڄ به سندس لاءِ اها ئي دعا
آهي ته شال رب پاڪ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي.
محمد انور هڪڙو
عظيم براڊ ڪاسٽر
علي عمران سمون
اڄ ۲۳ فيبروري آهي ۽ وقت جي ترتيب ۾ ايندڙ هي هڪ
اهڙي تاريخ آهي، جيڪا پنهنجي آمد سان اندر ۾ يادن جا انيڪ دروازا کولي ڇڏيندي آهي.
هن تاريخ سان جڙيل آهن براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا جي هڪ وڏي نالي سائين محمد انور هڪڙي
صاحب جون يادون. محمد انور هڪڙو جنهن جو بنيادي تعلق شڪارپور سان هو پر هن دورانِ
ملازمت حيدرآباد ۾ اچي مستقل سڪونت اختيار ڪئي. ريڊيو تي بحيثيت پروڊيوسر سندس آمد
ٿي ۽ پوءِ سينئر پروڊيوسر ۽ پروگرام مئنيجر جي عهدي تائين جو سفر ڪندي ٻين به ڪيترين
ئي ريڊيو اسٽيشنز تائين سفر ڪيائين. ان دوران ريڊيو مٺي جو جڏهن آغاز ٿيو ته هڪڙو
صاحب اتان جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر هو ۽ هڪ خاموش اسٽيشن جو آغاز ڪندي کيس ٿر جي
ماڻهن جي مقبول ترين ريڊيو اسٽيشن بنايائين. ڇاڪاڻ ته جڏهن هڪڙو صاحب اتي بحيثيت
اسٽيشن ڊائريڪٽر مقرر ٿيو هو، تڏهن مٺي ريڊيو جو اڃا باقاعده آغاز نه ٿيو هو. ريڊيو
مٺي جو مائيڪ خاموش هو، ٿر واسين تائين ڪو به آواز نه پهتو هو. محمد انور هڪڙي
صاحب جي ذاتي ڪوششن سان ريڊيو مٺي تان نشريات جو تڪڙو آغاز ٿيو ۽ جڏهن اتان ٿر
واسين کي پهريون ڀيرو مخاطب ڪيو ويو ته ٿر جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ان نشريات کي ڀليڪار ڪيو
ويو. ريڊيو مٺي تان نشريات جو باقاعده آغاز ڪندي سائين محمد انور هڪڙي صاحب ٿر واسين
جي ضرورت ۽ مزاج جو خيال رکندي کوڙ سارا نوان پروگرام شروع ڪيا، جن ٿر واسين جي
دلين کي موهي وڌو. انهن ۾ ٿر ۾ ڳالهايون ويندڙ تقريبن سڀني ٻولين ۾ پروگرام شامل
هئا. جڏهن ته شاگردن، نوجوانن ۽ خواتين لاءِ الڳ پروگرام هئا. ڳوٺاڻن ڀائرن لاءِ
الڳ پروگرام رکيا ويا ته علم ادب سان چاهه رکندڙن لاءِ وري ادبي پروگرامن جو آغاز ڪيو
ويو. مطلب ته هر عمر ۽ مزاج جي ماڻهن جو خيال رکندي انور هڪڙي صاحب ريڊيو مٺي جي
نشريات کي جاري رکيو. هڪڙي صاحب مٺي ريڊيو تان واپسي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ريڊيو
حيدرآباد تي پروگرام مئنيجر جي چارج سنڀالي ۽ طبيعت جي سخت ناسازيءَ جي باوجود پروگرامن
جي بهتري لاءِ پنهنجون مڪمل صلاحيتون استعمال ڪندي انهن ۾ نکار آندو. پاڻ ڪيترائي
نوان پروگرام پڻ شروع ڪيائين ۽ موجود پروگرامن ۾ بهتري آڻيندو رهيو. سائين محمد
انور هڪڙو صاحب ڪافي وقت بيمارين سان جهيڙيندو رهيو. بيمارين سندس جسم کي ضرور
جهوريو پر سندس حوصلن ۽ همت کي ڇُهي به نه سگهيون. سندس عزم، همت، حوصلو ۽
پروگرامن جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جو جذبو ڪڏهن به جهڪو نه ٿيو. آخرڪار ۲۳ فيبروري ۲۰۰۸ تي رات جو ۱۰:۳۰ وڳي هي عظيم براڊ ڪاسٽر هميشه لاءِ اسان کان موڪلائي
ويو. اڄ سندس ۱۱ هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
محمد انور هڪڙو
براڊ ڪاسٽر
شاهزيب انور هڪڙو/حيدرآباد
ٽيويھين فيبروريءَ
جو ڏينهن جڏهن به ايندو آهي ته، سنڌ واسين جي ذهنن ۾ محمد انور هڪڙي جو نالو ضرور ايندو
آهي. خاص طور تي ريڊيو جي دنيا سان تعلق رکندڙ، سينيئر پروڊيوسر، پروگرام مئنيجر ۽
اسٽيشن ڊائريڪٽر طور پنهنجي زندگيءَ جا ۲۲ سال ريڊيو
کي اَرپيندڙ هن شخص ۲ جون ۱۹۵۲ع ۾ شڪارپور اندر محمد عثمان هڪڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. پنهنجي ابتدائي
تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ، حيدرآباد ۾ پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ جوائن ڪيو.
جنهن بعد ۱۹۸۵ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ۾ پروڊيوسر جي حيثيت
سان ڪم جي شروعات ڪيائين ۽ سنڌ جي مختلف ريڊيو اسٽيشنز تي پنهنجيون صلاحيتون مڃرائي
سنڌ جي جهر جهنگ ۾ ناماچاري ماڻيائين.
منهنجو والد محمد انور هڪڙو تعليم جي حوالي سان
ڪڏهن ڪڏهن سختيءَ سان پيش ايندو هو. هميشه اسان کي پڙهڻ جي تَلقين ڪندو هو ۽ چوندو
هو ته ڪتابن سان دوستي ڪريو، ڪتابن جهڙو ڪو دوست ناهي هوندو. سيارو هجي يا اونهارو
بابا هميشه صبح جو سوير اُٿندو هو، تنهن کانپوءِ هو وهنجي ڪري قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو
هو ۽ اسان کي به سختيءَ سان چيل هو ته، روزانو تلاوت ڪندا ڪريو.
هن ريڊيو تي ڪيترو ئي نئون ٽئلينٽ متعارف ڪرايو.
جن ۾ ڪمپيئر، انائونسر ۽ ڊرامه آرٽسٽن جي صورت
۾ ڪيترا ئي نوان آواز ريڊيو کي ڏنا. ريڊيو تي بابا وٽ شاگردن ۽ نوجوانن جا پروگرام
گهڻو وقت رهيا. بزمِ طلبه، يونيورسٽي مئگزين ۽ سنڌي ڊرامن ۾ سندس متعارف ڪرايل ڪيترا
ئي آواز لکين سماعتن تائين پهتا. مختيار نظاماڻي، شهناز علي احمد، شهزادي ڪنول، نعمان
شاهد، فرزانه خاصخيلي، نوشابه ظفر ۽ ٻيا کوڙ سارا آواز سندس ئي شفقت سان ريڊيو جي مائيڪرو
فون تائين پهچي سگهيا.
ڪجهه وقت بعد سندس ٽرانسفر مٺيءَ ۾ ٿيو، جتي
هن اسٽيشن ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون. پر اتي سندس طبيعت خراب
ٿيندي رهي. شوگر، بلڊ پريشر ۽ هيپاٽائيٽس سي سندس جسم تي مڪمل قبضو ڪري ورتو هو. ان
جي باوجود هن ڪڏهن به همٿ نه هاري ۽ پنهنجو ڪم سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪندو رهيو.
طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪرايوسين. اها ڪاري رات اسان جي
لاءَ تمام ڏکي رات هئي، ڇو جو ڊاڪٽر اسان کي چيو ته، ”هينئر صرف دُعا ڪم ايندي، بس
دعا ڪريو.“ اها رات گذري. نئون سج نمودار ٿيو. منهنجيون اميدون ان سج سان هيون، ته
هاڻي بابا اکيون کوليندو ۽ مون سان ڳالهائيندو. پر نه...! اهي اميدون صرف اميدون ئي
رهجي ويون. سڄو ڏينهن گذرڻ تي آيو پر بابا اکيون نه کوليون.
رات جا ساڍا ڏهه ٿيا ته ڊاڪٽر مون کي آءِ سي
يو وارڊ جي ٻاهران سڏائي اندر گهرايو ۽ چيو؛ ”الله جي امانت هئي سا هن ڏانهن وئي، توهان
همٿ رکو“. بس ان وقت مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ۽ آئون ڳوڙها ڳاڙيندي بابا جي چهري
کي ڏسندو رهيس ته بابا سڪون سان سُتل هو. پر ڊاڪٽر ائين ڇو پيو چئي، منهنجي دل ۽ ذهن
اها ڳالهه تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هئا. ان ڏينهن منهنجو پيءُ، منهنجو استاد ۽ منهنجي
درسگاهه مون کان دور ٿي وئي.
No comments:
راءِ ڏيندا