; سنڌي شخصيتون: محمد بچل تنيو - فضل سليمان قاضي

15 January, 2017

محمد بچل تنيو - فضل سليمان قاضي

محمد بچل تنيو
هڪ مفڪر
فضل سليمان قاضي
سنڌ جي سرزمين تي الله تعاليٰ جي خصوصي عنايت رهي آهي جو اتي اعليٰ صفات جا انسان پئدا ٿيا آهن جن جي علم جي بصيرت ۽ علميت سان سنڌ واسيل آهي. ساڳئي وقت، سنڌ ۾ اعليٰ درجي جي محدثن، مفڪرن جو ظهور ٿيندو رهيو آهي. انهن جي تحقيق ۽ تدريس جو سلسلو سنڌ کان ٻاهر عرب ملڪن کي به منور ڪندو رهيو آهي.

دور جديد ۾ ڪافي مفڪر ۽ محقق آهن پر انهن جي شناسائي ۾ اسان کان ڪافي ڪوتاهي رهي آهي. سنڌين کليل دل ۽ فياضي جي وصف جي ترغيب ڪرڻي پوندي ته جيئن اسين پنهنجن جي همت افزائي ڪري سگهون ۽ انهن کي اهو مقام ڏياري سگهون جنهن جا هو حقدار  آهن.
مرحوم بچل تنيو هڪ يگانو انسان هو جيڪو علم جي تحقيق جي جستجو ۾ مشغول هو. هو فرصت واري وقت ۾ پنهنجي فڪر جي تشهير ڪتابن جي ذريعي ڪندو رهيو آهي. منهنجي بچل تنيو صاحب سان ملاقات اڄ کان 55 سال اڳ لاڙڪاڻي ۾ ٿي جڏهن مان بحيثيت صدر سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن، سنڌ جي شاگردن ۾ نئون شعور ۽ جاڳرتا جي حصول لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن جا دورا ڪندو رهندو هئس.
لاڙڪاڻي ۾ منهنجو قيام ممتاز کوکر جي رهائشگاھ تي ٿيندو هئو. هي باصلاحيت، قابل اعتماد، هم فڪر ۽ اعليٰ ظرف انسان هئو. هن جي ڪوشش سان ايس ايس ايف لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿي، جنهن جو صدر ممتاز کوکر هئو. هن جي ذريعي ڪيترن ئي شاگردن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون. ايس ايس ايف جي ميمبرن ۾ سنڌ جو هن وقت جو وزير جناب نثار کهڙو صاحب پڻ شامل هئو. انهن ملاقاتن ۾ بچل تنيو ۽ قربان بگٽيءَ سان پڻ سڃاڻپ ٿي. انهن ملاقاتن جو سلسلو ان وقت ٽُٽو جڏهن مون حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي. ان ڪري ايس ايس ايف جي صدارت تان استعفيٰ ڏئي ويس. ممتاز کوکر پي سي ايس جي امتحان ۾ ڪاميابيءَ حاصل ڪرڻ کانپوءِ نوڪري ۾ مصروف ٿي ويو. ممتاز کوکر خوش اخلاق، يار ويس، اعليٰ اخلاق ۽ اخلاص  وارو انسان هئو.
قرباني بگٽي ذهين، فقير صفت، دانشور هئو. سندس ڪمائيءَ جو گهڻو حصو ڪتابن جي خريداري ۾ صرف ٿيندو هو، نه صرف گفتار جو صاحب هئو پر بهترين ليکڪ، دانشور، محقق ۽ نقاد هئو. هن سان ملاقاتون پڻ لاڙڪاڻي ۾ ممتاز کوکر جي معرفت ٿينديون رهنديون هيون. سدائين ڪوٽ پائيندو هئو، مٿي تي جناح واري ٽوپي، جيڪا تيل سان ڀريل هوندي هئي. روينيو کاتي ۾ نوڪريءَ جي باوجود ايمانداري ۽ ديانتداري سان پنهنجي فرض جي ادائگي ڪندو رهيو. مان هن جي شخصيت ۽ علميت کان ڪافي متاثر هئس. هن مونتي ٿورو ڪندي مون لاءِ ڪتاب Law & Politics پڻ خريد ڪيو ۽ ان تي هڪ جامع تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون لکيو. منهنجي لاءِ جيڪي هن تعريفي لفظ ان مضمون ۾ لکيا، تنهن جو ٿورو لکي نه ٿو سگهجي. مرحوم کي الله تعاليٰ ان جو اجر عطا ڪري. ممتاز کوکر، هڪ غير معمولي شخص هئو ۽ پراعتماد  هوندو هئو.
لاڙڪاڻي ۾ ممتاز سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر هئو ۽ وڏي تعداد ۾ شاگرد سندس گرويدا هئا. بيحد لائق، فائق انسان هئو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ٽريني آفيسر پروگرام ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪيائين. نيشنل بئنڪ ۾ آفيسر مقرر ٿيو. پر اتي جو ماحول کيس ميسر نه آيو. نيشنل بئنڪ مهاجرستان هئو، جنهن ۾ مقامي ماڻهن کي قبول ڪرڻ جي سهپ نه هئي. ان ڪري ممتاز نيشنل بئنڪ  جي آفيسري تان استعفيٰ ڏني. پوءِ پي سي ايس جو امتحان ڏنو ۽ ان ۾ پڻ خاص ڪاميابي حاصل ڪيائين. مون غير معمولي ڏکين تقاضائن جي ڪري حيدرآباد ۾ وڪالت کي خير باد چئي پاپوليشن پلاننگ ۾ ڊسٽرڪٽ ايگزيڪيوٽو آفيسر جي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. منهنجي پهرين پوسٽنگ سانگهڙ ۾ ٿي. جتي ان وقت هڪ اردو ڳالهائيندڙ سي ايس پي ڊپٽي ڪمشنر صلاح الدين هئو. هن کي منهنجي انگريزيءَ ۾ پروگرامن جي وضاحت ڪرڻ ۽ سوٽ پائڻ تي بڇان لڳندي هئي. جيئن ته سانگهڙ ۾ نئين آفيس کلي هئي. ان ڪري مون 20 جاين مان 15 نوڪريون مقامي فردن کي ڏنيون. جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر موصوف ڏمرجي پيو ۽ منهنجي خلاف انور عادل پاپوليشن پلاننگ سيڪريٽري کي ڊي او لکيو ته فضل قاضي کي سانگهڙ مان هٽايو وڃي جو هو Anti ڪاررواين ۾ ملوث آهي. اهو سراسر، بي بنياد ڪوڙو الزام هئو. مونکي هٽائڻ لاءِ ان کان بهتر الزام هن وٽ موجود نه هئو. مون کي سانگهڙ مان هٽائي سنڌ بدر ڪري رحيم يار خان ۾ ڊسٽرڪٽ ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو.
ممتاز، جيڪو ان دوران اسسٽنٽ ڪمشنر جي تربيت لاءِ پڻ سانگهڙ ۾ تقرر ٿيو ۽ مون کي قائم دين ڏهر ضلع اسپتال جو سول سرجن ۽ سپرينٽينڊنٽ ڊاڪٽرن وارو هڪ بنگلو الاٽ ڪيو. ڏهر صاحب هڪ پرخلوص فياض دوست هئو. جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. سانگهڙ ۾ ڊاڪٽر ڏهر سان منهنجي ۽ ممتاز جي ڪافي رقابت ۽ رفاقت رهي. ممتاز ٽريننگ مڪمل ڪري سکر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو. ممتاز، سکر مان مون وٽ رحيم يار خان ايندو رهيو، ۽ منهنجون ساڻس سکر ۾ ملاقاتون رهيون. سکر ۾ هن وٽ هڪ مهاجر، جنهن کي تيل جو گهاڻو هئو، تمام گهڻو ايندو رهندو هئو ۽ فائدا حاصل ڪندو رهندو هو. هي شخص هلندي هلندي سکر ۾ سکر ٿي ويو. سکريو اڄ اهم سياستدان ۽ کنڊ جي ڪارخاني جو مالڪ آهي.
جتي اهڙي قسم جا ماڻهو هر قسم جا حربا استعمال ڪري امير ماڻهو ٿي وڃن ٿا انهن وٽ الائي ڪهڙو جادو آهي جو ناممڪن کي ممڪن بنائي بلندي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. پر سنڌي پاڪستان جي آزاد رياست جي گذريل 60 سالن ۾ محتاج ۽ مسڪين نظر اچن ٿا. سر ودياڌار سورج پرساد نائپال V S Naipaul پنهنجي ناول Bend in the River ۾ لکيو آهي ته؛ دنيا اهڙي آهي جنهن ۾ ماڻهو جيڪي حقير آهن ۽ جيڪي پاڻ کي حقير رکندا، انهن لاءِ ڪو به مقام نه آهي. ايرڪ فروم پنهنجي انگريزي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته بنيادي طور تي ”وجود“ جا ٻه پهلو آهن جن دائرو ” خودي“ ۽ دنيا سان آهي ٻن مختلف ويچارن جي اندازن جي فوقيت اثر انداز ٿئي ٿي ۽ اهو فرد جي سوچ، احساسن ۽ عمل مان ظاهر ٿئي ٿو. زندگيءَ جو منطق حرڪت ۾ سمايل آهي. پنهنجي وجود کي سمجهندي پنهنجي سوچ، احساس ۽ عمل  جي مطلب کي سمجهي سگهجي ٿو. جيئن مان چوندو رهندو آهيان.
بچل صاحب فارغ وقت ۾ به وقت ضايع نه ڪيو، پر چڱي ڪرت ۾ استعمال ڪيو. جنهن جو ثبوت سندس لکڻين مان ظاهرآهي، ڊگهي عرصي تائين اسان جو تعلق ڪٽيل رهيو. ڪراچيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت طرفان ڪنهن ڪيس ۾ سائين آيل هئو. ڪافي سالن کان پوءِ وري ملاقات ٿي. سندس ڪراچي ۾ Additional Advocate General جي تقرري کانپوءِ ملاقاتون ٿينديون رهيون  مرحوم بچل تنيو مقناطيسي شخصيت جو مالڪ هيو. پنهنجي ماضي ۾ شاگرد تحريڪن ۾ پڻ شامل رهيو ۽ڪاليج جي اسٽوڊنٽ يونين ۾ نائب صدر رهيو. لاڙڪاڻي جي ڪامرس ڪاليج ۾ ڪافي سالن تائين انگريزي جو ليڪچرر رهيو. سندس ڪتاب Legacy of Bhitai انگريزي ۾ قابل قدر تصنيف آهي. سولي انگريزي ۾ شاھ صاحب جي شاعري جي تشريح ڪئي وئي آهي. شاهه صاحب جو ڪلام سنڌين جو لازوال ورثو آهي. هن ڪتاب جي خاصيتن ۾سولي ۽ مختصر نموني بيان جي ڪيفيت اصول ۾ سمايل آهي. جنهن جي ڪري شاھ جي ڪلام جي مختلف پهلوئن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. جن پهلوئن تي ليکڪ لکيوآهي تن ۾ شاھ صاحب جي زندگي، شاھ صاحب ۽ حب الوطني، شاھ صاحب ۽ انسانيت، شاھ صاحب ۽ سنڌي ثقافت، شاھ صاحب ۽ سماجي هم آهنگي، شاھ  صاحب ۽ زندگي شامل آهن. انساني جو غرض ان جي علميت جي ڪاوش ۾ سمايل آهيون. شاھ صاحب فرمايو آهي ته
ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي
شاھ عبداللطيف انقلاب جو نقيب آهي پر اسان سنڌي هن جي مفهوم کي سمجهي نه سگهيا آهن  صوفي ازم ۾ ئي انسان انقلاب شامل آهي.
شاھ صاحب فرمائي ٿو
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلب ۾،
پاڻان ڏوھ چڙهن، جيئن ورق ورائين وترا.
پنهنجي انگريزي ڪتاب Legacy of Bhitai  ”ڀٽائي جو ورثو“ ۾ ليکڪ لکي ٿو ته  ڪتاب جو مهاڳ علي احمد بروهي صاحب لکيو آهي جيڪو پنهنجي دورو جو هڪ ڏاهو شخص هئو. بچل جي هي تصنيف قابل داد آهي. شاھ صاحب جي شاعري عالمي انسانيت جو هڪ شاهڪار آهي.  ظالمن جي ظلم جو انت ته ٿيڻو آهي. ان جو بقا ناممڪن آهي.  شاھ صاحب فرمائي ٿو ته آخر اختيار انهن وٽ اچڻو آهي جيڪي هن وقت ان کان محروم آهن
متو آهين مڇ ٿلها ٿو تونا هڻين،
تو جاڀائين اڇ، تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا

رسوم پرستي کان پاسو ڪرڻ جي ترغيب ڪري ٿو شاھ صاحب فرمائي ٿو ته :
نماز ۽ روزا اي پڻ چڱو ڪم
اهو ڪو ٻيو فهم جنهن جا پسجي پرين کي

ان پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
دغا تنهن جي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان
منهن ۾ مسلمان، اندر اذر آهين
شاھ صاحب سماجي صورتحال جي عڪاسي ڪندي چيو ته
ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو
لڳي ائين ٿو ته شاھ صاحب موجوده صورتحال جي اڳ ڪٿي ڪري ويو آهي  شاھ سنڌ کي ورجائي ٿو چوي
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي ته ملي.

پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن
شاھ صاحب فرمائي ٿو ته
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
متان ٿئي اونداھ، پر نه لهين پرينءَ جو.

شاھ لطيف سنڌ جو عظيم انقلابي شاعر آهي جنهن جون رمزون سمجهيو ڪي سمجهن، سرڪاري طور تي اها روش ۽ ڪوشش رهي آهي ته سنڌين کي سنت صوفي جي ترغيب ڏئي ان اصلي سماجي تبديليءَ کان پري رکيو وڃي ڇو ته جيڪڏهن شاھ جو پيغام سمجهي سنڌي اٿي پيا ته نئون نظام رائج ٿي ويندو ۽ موجوده مدي خارج نظام جو خاتمو ٿيندو. شاھ جي رسالي ۾ صرف هڪڙو پيغام لکيل آهي ته ”سنڌي اٿو“ مختصر بهترين ڪتاب آهي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته اهو ڪتاب ڇپائي سنڌ جي شاگردن کي مفت پڙهڻ لاءِ ڏنو وڃي ته جيئن شاھ جي ورثي کان واقف ٿي سگهن.
بچل صاحب خود اعتمادي سان پنهنجي انداز بيان سان پنهنجي فڪر کي قلمبند ڪيو آهي اها سندس اڪيلي ۽ ذاتي ڪاوش آهي جيڪا قابل تحسين آهي. پر سنڌين ۾ اڃا اهو فياضي ۽ مڃتا جو  جذبو ڪارفرما نه ٿيو آهي. هتي مان مناسب سمجهان ٿو ته اها ڳالهه ڏيان جيڪا جرمن فلاسافر Schopenhauer پنهنجي ڪتاب Wisdom of life ۾ ڏاهن جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته
شاھ لطيف کي اڃا اهو مقام پاڪستان ۾ حاصل نه ٿيو آهي جنهن جو هو مسحق آهي. جنهن ملڪ ۾ سنڌين کي ئي خسيس سمجهيو وڃي ٿو ته ان ملڪ ۾ انهن جي آفاقي عظيم شاعر کي ڪهڙو مقام حاصل ٿيندو. ايڇ.ٽي.سورلي پنهنجي ڪتاب Musa Purragans جيڪو Aberdeen University Press ڇاپيو هئو. هاڻي ناياب ۽ اڻ لڀ آهي. ڪن سنڌين وٽ ان جي ڪاپي موجود آهي ته ان جي فوٽو ڪاپي ڏيڻ کان عاجز آهي، سنڌين علم دوستن ۾ اها عجيب روش آهي ته توهان کي ڪنهن به صورت ۾ ڪتاب جي فوٽو ڪاپي عنايت نه ڪندا. مون Aberdeen University مان اهو ڪتاب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو اتي Out of Print آهي. سنڌ سرڪار نامدار جي ثقافت کاتي کي گهرجي ان ڪتاب ڇپائڻ جي ڪوشش ڪن. ايڇ ٽي سورلي هڪ انگريز آءِ سي ايس آفيسر سنڌ ۾ پنهنجي نوڪريءَ دوران Shah of Bhit ڪتاب لکيو جيڪو Leagress Ous آهي.
سورلي جو Musa Purvagans  ۾ دنيا جي عظيم شاعرن جو تقابل ڪيو آهي. صاحب موصوف هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته شاھ لطيف ٻه سو سال اڳ 1782 ۾ وفات ڪئي پر اڄ ڏينهن تائين سنڌ جو Burnes آهي. منهنجي خيال ۾ شاھ عبداللطيف نئون ملڪ جنهن کي پاڪستان چيو وڃي ٿو ان جو عظيم شاعر آهي. هو پاڪستان جو قومي شاعر نه آهي ان جا تاريخي ۽ سياسي سبب آهن. جيڪي علمي ۽ ادبي تقاضائن کان الڳ آهن. اڄ ڪالهه ٻيو هڪ شاعر پاڪستان جو قومي شاعر آهي پر  اها هڪ ٻي حقيقت آهي.
بچل براين کان بچيل هڪ درويش صفت قابل اعتماد، دوست نواز فرض شناس ۽ سچ جي حقيقتن جي پرچار ڪرڻ وارو شخص هو. سنڌي ۽ پارسي جي اشعارن جو عمبار هن جي ذهن ۾ محفوظ هو ۽ بر وقت ضرورت ۽ موقعي جي مناسبت سان انهن جو اظهار ڪندو رهندو هو، زندگي جو ڪافي عرصو تعليم جي تبليغ ۾ موثر انداز ۾ صرف ڪيو آهي. ڪاليج ۾ تدريس جي سلسلي جي ڪري هن جا ڪافي شاگرد اڄ به هن جا معتقد آهن.
ڪاليج جي پروفيسري ڪرڻ کانپوءِ، وڪالت طرف سندس توجهه رهيو. وڪالت ۾ ديانتداري، ايمانداري ۽ خلوص سان فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. ڪافي عرصي تائين سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جي عهدي تي فائض رهيو. ڪڏهن لاڙڪاڻو، ڪڏهن سکر ۽ ڪڏهن وري ڪراچي ۾ حڪومت جي قانوني مشير ۽ معاون جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. در حقيقت بچل کي ڪافي عرصو اڳي، حڪومت طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ گهربو هئو. اسان جي ملڪ ۾ ”سفارشي نظام“ رائج آهي، جتي افراد جي ذاتي علميت، ۽ قابليت کي خاص اهميت نه ڏني ويندي آهي. بدفضيلت افراد اعليٰ عهدن تي سفارش ۽ سياسي تعلقات جي بنيادن تي فائز ٿي ويندا آهن. ملڪ ۾ سفارشي قبضا گروهه جي ٻيگهي متي پئي آهي. پاڪستان جو شل خدا خير ڪري، جو ملڪ مفاد پرستن جي ور چڙهي ويو آهي. ڪا اميد نظر نه ٿي اچي. شايد جرمني ۽ جاپان وانگر نئين منزل حاصل ٿي سگهي. بچل صاحب هڪ محقق هو. هن سنڌي انگريزيءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي ڇپجي چڪا آهن. جن ۾ سندس فڪر ۽ تشريح ٿيل آهي. سندس علمي، بصيرت ۽ دانش جي باعث ڪجهه ڪتابن تي تعارفي نوٽ لکيا ويا آهن. جن ۾ هڪ “Quaid speak to students” جيڪو پروفيسر محمد يوسف يڪجاءِ ڇپايو آهي. ان جي Foreword ۾ بچل لکي ٿو ته:
ترغيب، ڪري ٿو ته فڪر ۽ عمل ۾ فقدان نه هئڻ گهرجي، عمل جي ذريعي ئي فڪر جي تعبير ۽ تڪميل ٿي سگهي ٿي. فڪر جو اظهار حروف ذريعي ٿي سگهي ٿو. ڪارلايل لکي ٿو ته جهڙي طرح بدن لاءِ ڪپڙا ضروري آهن. ساڳئي طرح خيالن جي اظهار لاءِ حروف ضروري آهن.
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مٿس جناح جي وجود جي ڪري ئي پاڪستان جي آزاد رياست حاصل ٿي، هن ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو پر افسوس جو جن جي لاءِ هن پاڪستان ٺاهيو تن هن جي قدر شناسي نه ڪئي. بچل صاحب قائداعظم جي عظيم ڪارنامي ۽ همت تي خيالن جو اظهار ڪندي، مٿي ذڪر ڪيل تعارف ۾ لکيو آهي.
افسوس ته مسلمانن جي سوچ صرف پنهنجي ذاتي مقصدن ۽ حصول ۾ هئي ته پاڪستان ۾ جاوا ڪندا بکيا، ڏکيا ماڻهو ٿوري عرصي ۾ ڪروڙ پتي ٿي ويا ۽ اصلي سنڌي ڏسندا رهجي ويا. تازو هڪ اهم ڪتاب جيڪو هندستان ۾ پهريان ڇپيو هئو سو آڪسفورڊ طرفان پاڪستان ۾ ڇاپيو ويو آهي. ان جو عنوان آهي. Sender and National Jinnah، اهو ڪتاب Arif Javed سک پروفيسر خاتون لکيو آهي. ان ڪتاب ۾ هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن آفيسرن جون عجيب ۽ مخصوص سوچون ۽ ويچارن جو ترجمو ڪندي لکيو آهي ته:
جناح صاحب جي اعزاز ۾ ميجر جنرل شاهه حامد پنهنجي گهر تي دعوت جو انتظام ڪيو. اتي هڪ آفيسر جناح کان پاڪستان ۾ ترقي جي امڪانات بابت پڇيو. جنهن تي مسٽر جناح ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ”توهان مسلمان پاڻ ته آسمان جو سوچيو ٿا پاڻ وري تمام هيٺ هليا وڃو ٿا. توهان سنجيده ۽ مستحڪم رويو اختيار ڪرڻ کان قاصر آهيو“. پاڪستان اڃا وجود ۾ نه آيو هئو ته هندوستان جي مسلمانن کي ترقي حاصل ڪرڻ جي ڦڙڦوٽ هئي. جيت جاويد سندس مذڪورا ڪتاب ۾ مزيد لکيو آهي ته:
”مان پاڪستان ۾ سنجيدا، مستحڪم،مذهب کان بالاتر نظام قائم ڪرڻ گهران ٿو. ان لاءِ مون کي توهان جهڙن بااصول ۽ ايماندارن قائدين جي مدد جي ضرورت آهي. مان غفار خان جيڪو آزادي جي حمول جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جو ساٿي هئو. ان کي چيو ته پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مون کي تنهنجي شرڪت جي ضرورت آهي جو مان چئني طرفن کان ”چورن“ ۽ ”لچن-ڪميڻن“ جي گهيري ۾ آهيان. انهن جي ذريعي مان غريب مسلمانن لاءِ گهڻو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان، جن کي ڪافي نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي“.
پاڪستان ۾ جمهوريت قائم ۽ دائم ٿي نه سگهي آهي. نوڪر شاهي ۽ فوجي حڪومتون new brands نون نمونن جي تشريح ڪنديون رهيون آهن. جمهوريت جي اصلي خصوصيت ۽ اهميت قانون جي بالادستي جي حڪمراني رهي. قانون جو اطلاق سڀني طبقن مان يڪسان ۽ مساوي هئڻ گهرجي. آزادي فڪر ۽ تشريح جو عمل ڪار فرمان هئڻ گهرجي. انهن اصولن کان سواءِ، جمهوريت لغوي ۽ بي معنا آهي.
جمهوريت پاڪستان ۾ حقيقت جي بدران هڪ ڏند ڪٿا وانگر نمايان رهي آهي. اسلامي اتحاد جي نالي ۾ اسلامي اخوت جي منافي رهي آهي. ان نظام ۾ اڪثريتي عناصر جو غلبو رهيو آهي. جيڪي پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق بيٺڪي راڄ واريون پاليسيون ملحقا صوبن تي نافض ڪيون آهن.
مسلم شميم جي ڪتاب ”نظرياتي تصادم“ ۾ بچل تنيو صاحب اظهار خيال ڪندي لکي ٿو ته: ”مسلم شميم ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، هن جي نظم ۽ نثر جي خوشبو ان جي اقتدار جي نقيب آهي۔۔۔ مسلم شميم سان منهنجي راه رسم ۽ رقابت ڪم و پيش نصف صديءَ تي محيت آهي..هيءَ پنهنجي نظرياتي ۽ آدرشن جي سلسلي ۾ ڪڏهن به تذبذب جو شڪار ناهي ٿيو، هن جو انسان دوستي تي ايمان ۽ سنڌ جي ڌرتي سان سندس عشق هن جي تخليات ۽ نگارشات جو سرچشمو آهي“.
بچل صاحب جي مفڪر جي حيثيت سندس انگريزي م لکيل ڪتاب Vision and Views مان عيان آهي. جنهن ۾ مختلف پهلوئن تي فڪر جي اپٽار ڪئي آهي .
بچل صاحب وسيع  سوچ ۽ فڪر جو مالڪ لڳي ٿو ۽ سچ جي تلاش ۾ سرگر دان رهيو آهي، هڪ اهم مضمون  آهي، جنهن سٺي نقا جي قلم سان خفائق کي وائکو ڪيو آهي. اسان وٽ ڪيترا ئي قلم ڪار، اديب ۽ سرڪاري آفيسر صاحب وقت جي خوشامد ۾ مشغول رهن ٿا ته متان ڪجهه حاصل ٿئي پر ذهن جي اندر ۾ ابليس ويٺل آهي ۽ آخر ۾ ابليس ئي انهن جو انت ڪندو. ملڪ ۾ مارشل لا ڇو ٿو لڳي ملڪ ۾ 30 سالن تائين فوج جي حڪومت قائم رهي آهي.انگريزن جي دور حڪومت ۾ جنرل جيپ سرڪاري ڪم سانگي استعمال ڪندا هئا پر هاڻي ........... ۽ ٻيا جنرل ڪار ۾ گهمن ٿا جنهن جي قيمت ڪروڙن ۾ چئي وڃي ٿي. زندگي جي مفهوم جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته
سچ جي پروڙ ۽ پرک ۾ زندگي جو مقصد سمايل آهي.
”شعور جي عظمت جو پڙاڏو“
ذوالفقار علي ڀٽي متعلق بچل تنئي لکيو آهي ته:
”ذوالفقار علي ڀٽي جي شهرت گونا گون وڌندي وئي. ڪرءِ ارض کانپوءِ، سياسي افق تي رنگين لڪير-انڊلٺ واقع ٿي. ڀٽو آيو، ماڻهن تي سحر جا نقش ڇڏي ويو. جيڪي اسان جي تاريخ جي صفحات جو ورثو ۽ ميراث آهي“.
هن ڪتاب ۾ جن پهلوئن تي فڪري تشريح ڪئي آهي.... ڪيو وڃن جيڪو انگريز حڪومت جي ماتحت هيٺ رهندو. اهڙي طرح سان پنجاب جي بالادستي قائم رکڻ مقصود هئو. علاما اقبال مسلمانن جي متحد علائقي جو اهو نقشو پيش ڪيو.
ان سلسلي ۾ Iqbal  Singh اقبال سنگهه علاما اقبال تي سندس لکيل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته
”مارشل لا جو بنيادي مقصد آهي موجوده انتظامي ۽ سياسي نظام کي برقرار رکڻ مخصوص مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۽ غريبن کي غريب رکڻ.
پاڪستان ۾ نون نالن سان اهڙي قسم جو نظام رائج رهيو آهي. عوام ايترو ته مفلس، يوس ۽ بيحال رهيو آهي ”پاڪستان پائندا باد ۽ جيئي سنڌ“ تي لکين مضمون اهم حقائق تي مبني آهن. هڪڙي لحاظ کان ”ون يونٽ“ جو تصور پهريائين علاما اقبال سندس 1930ع واري مسلم ليگ جي ڪانفرنس جي خطاب ۾ ڪيو هئو. هن انگريزن کي اها تجويز ڏني هئي ته: اهي علائقا جن ۾ مسلمان اڪثريت جون رياستي حڪومتون قائم آهن انهن کي گڏي جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، NWFP ۽ بلوچستان جي شموليت سان هڪ نئون نظام قائم. اهو چوڻ وڏي سادگي ٿيندي ته اقبال پاڪستان جي منصوبي جو باني هئو. اها هڪ حقيقت آهي ته پنهنجي زندگي ۾ هن  جو فڪر ان کان مختلف هئو.”جناح کي 21 جون 1937ع ۾ هڪ سال سندس وفات کان اڳ هن لکيو ته هندستان۾ امن ۽ صلح قائم ڪرڻ لاءِ هندستان ۾نسلي، مذهبي ۽ ٻولي جي بنيادن تي ردو بدل ٿئي“.
”پاڪستان جي اسڪيم بابت اقبال ايدورڊ ٿامس کي مارچ 1934ع ۾ خط لکي وضاحت ڪئي ته مون تازو توهان جو منهنجي ڪتاب تي تبصرو پڙهيو آهي، جيڪو شاندار آهي جنهن ۾ توهان منهن جي لاءِ نيڪ خاهشات جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن لاءِ مان شڪر گذار آهيان. پر توهان هڪ غلطي ڪئي آهي جيڪا ڪافي غلط آهي.توهان مون کي پاڪستان اسڪيم جو باني لکيو آهي. پاڪستان منهنجي اسڪيم نه آهي. اسڪيم جنهن ۾ مون تجويز 1930ع ۾ هندستان مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ڪئي هئي اها هڪ مسلم صوبي ٺاهڻ جي هئي، جنهن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هجي ۽ اها هندستان جي North-West ۾ هجي.اها هندستان جي وفاق جي نطام جو حصو هوندي. جڏهن ته پاڪستان اسڪيم جي تجويز هيٺ مسلمان صوبن جي مشترق وفاقي نظام هڪ مختلف ۽ الڳ حڪومت انگلينڊ سان واسطي ۾ رهي. (xiii:p) ”چيو وڃي ٿو ته آخري وقت تائين اقبال ان سوچ جو هئو“.
4 مارچ 1934 وارو مراسلو جيڪو سر محمد اقبال ايڊورڊ ٿامس کي لکيو جنهن ۾ پاڪستان جي اسڪيم جي وضاحت ڪئي، اهو علي ڳڙهه ۾ 1979 ۾ انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ۾ جيڪو حسن احمد جيڪو علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي شعبي سياست سان منسلڪ هو. ان جي صفحي 80 تي مذڪوره خط پڻ شامل آهي. سر محمد اقبال مسلم ليگ کي 1930ع واري خطاب ۾ فرمايو ته
مسلمان اڪثريتي صوبن جي وفا جو تصور مان ”ون يونٽ“ جي اسڪيم جي تعميل ٿي، مشرقي پاڪستان جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ parity يڪسانيت جو اصول ايجاد ڪيو ويو. مشرقي پاڪستان جي 50% اڪثريت کي برابري جي اصول هيٺ 50% سيڪڙو ڪرڻ لاءِ ون يونٽ ٺاهيو ويو. هاڻي وري پنجاب جي 54% اڪثريت ملڪ جي ٻين صوبن تي غالب آهي. موجوده پاڪستان هڪ واحد صوبي جي آدمشماري،انتظامي آفيسر شاهي، فوج ۾ نمائندگي ٻين سڀني وفاقي صوبن کان اڪثريت ۾ آهي. هن وقت قومي اسيمبلي ۾ پڻ مسلم ليگ نواز گروپ جي اڪثريت آهي. ان ڪري ڪا تعميري سياسي، قانوني، سماجي ۽ اقتصادي تبديلي جو ڪو به امڪان نه آهي. وفاقي حڪومت ۾ پنجابي آفيسرن جو تعداد ڪنهن به صورت ۾ 80% کان گهٽ نه آهي. فيصلا ڪندڙ ادارن جا سڀ سربراهه پڻ پنجاب جا آهن. 100 سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جو ڪو به سربراهه سنڌ مان نه آهي. پنجاب جي هر لحاط کان اڪثريت جي ڪري سڀ فائدي مند قبضا ان جي حق ۾ ٿين ٿا. بچيل تنيي صاحب ون يونٽ جي 14 سال دور حڪومت ۾ جيڪي ڪلور سنڌين سان ٿيا، ان جو ذڪر پاڪستان ”پائندا باد ۽ جيئي سنڌ واري مضمون ۾ درج آهي. بچل لکي ٿو ته
وفاق ۾ شامل صوبن جي مرضيءَ جي خلاف زور ۽ زبردستي، دغا ۽ فريب سان ون يونٽ نافظ ڪيو ويو ۽ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا سي سڀ طلسمي نظر جو فريب هئا.
مالياتي طور تي سنڌ جي حڪومت وصائل ۾ 30 ڪروڙ فاضل ۽ اضافي هئا برعڪس ان جي پنجاب جي حڪومت 90 نوي ڪروڙن جي مقروض هئي.
مغربي پاڪستان جي حڪومت ۾ سنڌ مٿان عائد ڪيل ڍلن جا اگهه-rates پنجاب کان وڌيڪ هئا.
سنڌ جون زمينون غير سنڌين ۾ ورهايون ويون.
سنڌ ۾ نوڪريون مقامي ماڻهن جي بجاءِ ٻين صوبن جي شهرين کي ڏنيون ويون.
سنڌين کي محروم ڪري هيٺانهون ڪيو ويو.
بچل تنيي جي سوچ ۽ فڪر جو دائرو ڪافي وسيع ٿو لڳي جيڪو سندس لکڻڻ مان ظاهر آهي.
دور جديد ۾ سنڌين لاءِ حالتون سازگار نه آهن. ائين چئجي ته
”زندگي جو وجود انتهائي سختي واري مشق ٿي ويو آهي“. عجب دور آهي جنهن ۾ شاهه لطيف جو شعر ان جي عڪاسي ڪري ٿو.
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي
پلو ۾ پائي سچ، آڇيندي لڄ مران.

No comments:

راءِ ڏيندا