; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

02 January, 2017

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

[ولادت ۱۳۴۲ هه = ۱۹۲۳ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



زنده ليکڪن ۾ لاڙڪاڻي جو لائق رٽايرڊ استاد، پروفيسر عبدالڪريم ولد محراب خان سنديلو به آهي. سندس ولادت ۱۳۴۲ هه مطابق ۳۱ ڊسمبر ۱۹۲۳ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”محراب سنديلو“ ۾ ٿي آهي. شروعات ۾ ڪمپائونڊر ٿيو، جتان پرائمري ماستر جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ پير پاتائين. بي اي (آنرز) ايم اي (سنڌي ادب) ۽ لوڪ ادب جي موضوع تي ٿيسز (Theses) لکي، پي ايڇ ڊي (Ph: d) جون ڊگريون به ورتائين نهايت اورچ ۽ محنتي مڙس آهي، جنهن ڪري لڳاتار لوچڻ سان انگريزي استاد مان ليڪچرار ۽ اتان ترقي وٺي، ۵ اپريل ۱۹۷۹ع تي پرنسيپال جي عهدي تان رٽاير ڪيائين. هن وقت گهر ۾ آرم جي زندگي بسر ڪري رهيو آهي.


لکڻ پڙهڻ جو شوق کيس شروعات کان ئي هيو، جنهن ڪري سندس قلم مان اخبارن ۽ رسالن لاءِ مضمون گهٽ ۽ ڪتاب زياده نڪتل آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي لوڪ ادب ، لغت ۽ لسانيات تي مشتمل آهن. ”علم بديع“، ”سنڌ جو سينگار“، ”تحقيق الغات سنڌي“، ”وينجهار“، ”رهبر ديوان گل“، ”پهاڪن جي پاڙ“، ”ڏهس نامو“، ”ڪليان حسين ديدڙ“، ”ڪليات شاه محمد ديدڙ“، ”انگي اصول“، ”ابتدائي اصول“، ”ابتدائي سائنس“، ”ساميءَ جون سپون“ ۽ ”سامي ڏاتو ڪوش“ سندس تصنيفون آهن.

جناب سنديلو صاحب ڪيترن ئي درسي ڪاميٽين جو ميمبر ٻه ٿي رهيو آهي. پڇاڙيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبريءَ جا فرائض به کيس سونپيا ويا آهن. ”اسلم منزل، لڳ پاور هائوس لاڙڪاڻو“– سندس مڪمل سرنامو آهي.

 


 

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

لوڪ ادب ۽ لسانيات جو پارکو

رضوان گل

سنڌي ادب ۾ ڪيترا ئي عالم، اديب، دانشور ۽ محقق پنهنجي قلمي پورهئي سبب انتهائي مانائتي مقام تي پهتا، جن پنهنجي سموري زندگي علم و ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙن ئي مانائتن ۽ آدرشي انسانن ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان اڻ وسرندڙ خدمتون سرانجام ڏيندڙ معتبر نالو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو پڻ آهي. تاريخ ۶ اپريل ۱۹۱۹ع تي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ محراب خان سنديلو ۾ سندس جنم ٿيو. بنيادي تعليم کان پوءِ بي اي (آنرز) ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس ۱۹۵۷ع ۾ پاس ڪيائين. روزگار جي شروعات ۱۹۴۷ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪيائين. ۱۹۵۴ ۾ سنڌي ادب جي ليڪچرار طور سندس تقرري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿي. ۱۹۷۳-۷۴ع دؤران گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ پرنسپال طور مقرر ٿيو. تحقيقي ڪم ڪرڻ جي عادت هئڻ سبب هن سنڌي لوڪ ادب جي موضوع تي علامه غلام مصطفى قاسمي جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ جي عنوان تحت تمام ڀرپور ۽ پُر مغز مقالو لکي، ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. بعد ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي پاران اها ٿيسز ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ڪئي وئي.

سن ۱۹۵۱ع ۾ هڪ ناياب ڪتاب ”وينجھار“ لکيائين، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان هڪ شاهڪار جي حيثيت رکندڙ آهي. ان دؤر ۾ حڪومت پاران ان ڪتاب تي کيس انعام پڻ مليو. ان ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿيا آهن ۽ اڄ تائين ”وينجھار“ لوڪ ادب تي هڪ اهم دستاويز آهي. سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس ڪتابن مان ۱۹۵۶ع ۾ ”سامي ڌاتو ڪوش“، ”سنڌ جو سينگار“ ۽ ۱۹۵۵ع ۾ ”لغات“ جو پنجون ڇاپو شايع ڪرايو ويو. ڊاڪٽر سنديلو ٻاهرين اديبن سان خط و ڪتابت ڪرڻ ۾ اڳڀرو هو جنهنڪري وٽس ٻين ٻولين جي ادبي ڪتابن جو پڻ ذخيرو موجود هوندو هو. سندس ذاتي لائبريري نه فقط لاڙڪاڻي پر سنڌ جي نهايت اهم ۽ ڪارائتين لائبريرين ۾ شامل هئي، جنهن ۾ قلمي نسخن کان سواءِ ڪيترين ئي ٻين ٻولين جا ڪتاب پڻ موجود هئا. اها لائبريري اڄ تائين قائم آهي سنديلي صاحب جي فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلي ان کي بهتر انداز سان محفوظ پڻ رکيو آهي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لوڪ شاعرن جي ڪلام کي ترتيب ڏئي مختلف ڪتاب پڻ سهيڙيا. جن ۾ ”ساميءَ جون سپون“، ”ڪليات حسين ديدڙ“ ۽ ”ڪليات شاھ محمد ديدڙ“ وغيره شامل آهن. اهڙيءَ ريت لوڪ ادب جي حوالي سان سندس لکيل ڪتاب وينجھار، سنڌ جو سينگار، ڏهس نامو، رهبر ديوان گل، انگي اصول، ابتدائي اصول ۽ ابتدائي سائنس پڻ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن ۽ سنڌي ادب ۾ ريفرنس بڪ جي حيثيت رکندڙ آهن.

لغات جي شعبي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ڪيل خدمتون ڪنهن به ريت فراموش ڪرڻ جهڙيون نه آهن. کيس سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ فارسي، سنسڪرت، هندي، گجراتي، اردو ۽ انگريزي جي پڻ ڪافي ڄاڻ هئي. جامع سنڌي لغات جي تحقيقي ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان هڪ سال تائين ريسرچ اسسٽنٽ طور پڻ ڪم ڪيائين. سچل يادگار ڪاميٽي خيرپور پاران ڇپايل ”سچل لغات“ تي کيس گولڊ ميڊل پيش ڪيو ويو. ادبي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان پاران کيس ”ستاره امتياز“ سان پڻ نوازيو ويو. پاڻ ادب جي ٻين مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون تحرير ڪيائين، سندس ڇپيل ڪتاب ”ڏهس نامي“ کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران پهريون نمبر انعام ڏنو ويو.

تحقيقي ڪم فقط ڪتب خاني ۾ ويهي ڪتابن جي ورق گردانيءَ تائين محدود ناهي هوندو، ان لاءِ جھر جھنگ به جھاڳڻا پون ٿا ۽ انهيءَ حوالي سان لوڪ ادب بابت مواد جي ميڙي چونڊي لاءِ ڊاڪٽر سنديلو سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سگھڙن سان وڃي مليو ۽ نج پج سنڌي لوڪ ادب جي صنفن سينگار، ڏهس، مداحون، پرولي، هنر، ڏور، مولود، لوڪ آکاڻي ۽ لوڪ گيت بابت تمام گھڻو بنيادي مواد حاصل ڪيو، جن تي بعد ۾ تفصيلي طور تحقيقي ڪتاب ۽ مقالا لکيا.

ڊاڪٽر سنديلي جي شخصيت جو لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ کان علاوه هڪ تمام اهم حوالو قابل استاد، تعليمي ماهر ۽ بهترين منتظم وارو پڻ آهي. سندس نوڪريءَ جو تمام گھڻو عرصو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ گذريو، جنهنڪري ۱۹۶۴ع کان وٺي ۱۹۷۹ع تائين مسلسل تعلق درس و تدريس سان رهيو ۽ هزارين شاگردن سنديلي صاحب جي قابليت مان فيض حاصل ڪيو. نه فقط لاڙڪاڻي، پر سموري سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ هڪ اديب ۽ محقق کان علاوه قابل استاد طور پڻ هئي، جنهنڪري سڄي سنڌ ۾ کيس هڪ برک استاد واري عزت ۽ احترام پڻ ملندو رهيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي تقريباً ۲۵ ناياب ڪتاب ۽ مختلف ادبي موضوعات تي ڪيترائي بي بها مقالا ۽ مضمون پڻ لکيا، جن جي سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت آهي.

تاريخ ۵ اپريل ا۹۷۹ع تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بحيثيت پرنسپال رٽائرمينٽ وٺي پنهنجي ادبي پورهئي سان لاڳاپيل رهيو. پاڻ ۲ جنوري ۱۹۹۰ع تي وفات ڪري ويو، جنهنڪري سنڌي ادب کي ڪاپاري ڌڪ رسيو ۽ لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪنهن اداري کان به مٿاهون ۽ وڌيڪ ڪم ڪري ادب کي مالامال ڪندڙ هي شخص اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس ڪم کي هميشه ياد رکيو ويندو.


ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

لوڪ ادب ۽ لُغت جو ماهر

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

وِرهاڱي کان پوءِ جن عالمن سنڌي لوڪ ادب ۽ لُغت نويسيءَ تي ڪم ڪيو آهي اُنهن مڙني ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر مُرلي ڌر جيٽلي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي ۽ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي مٿانھان آهن. مقدار جي لحاظ کان ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. اهو سمُورو ڪم گهڻي ڀاڱي سھيڙ، ترتيب ۽ ڳولها تي ٻڌل آهي، جنھن جو ڪو مثال ناهي. سھيڙ ۽ ترتيب به تحقيق جا قسم آهن پر اصل تحقيق کان ڪُجهه گهٽ آهن. ڊاڪٽر سنديلي جو ڪم سھيڙ، ترتيب ۽ تحقيق تي ٻڌل آهي. هُن پي ايڇ _ ڊي به لوڪ ادب تي ڪئي ته مُختلف ٻيا ڪتاب به لوڪ ادب ۽ لُغت جا لکيائين جن جو ذڪر اڳتي ايندو.

سنديلو صاحب مُڪمل طور لوڪ ادب جو ماڻهُون هو. هُو اڪيلي سِر لوڪ ادب تي ڪم ڪندو رهيو. هُن کي ڪا به ٽيم نصيب نه ٿي. جيڪڏهن کيس ٽيم ملي ها ته تمام گهڻو ڪم ڪري ها.

سنڌي ٻوليءَ جي اديبن ۽ مُحققن ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مُحقق ڀاڳ ڀريا آهن جن کي سرپرستي، سھولت ۽ سٿ مليو نه ته باقي سڀني اڪيلي سِر جاکوڙ ڪئي آهي. انهيءَ جاکوڙ ۾ هُنن تن من ۽ ڌن به لُٽائي ڇڏيو. نتيجي ۾ اسان جي سماج ۽ سرڪار کين جيڪو ڏنو آهي اُهو به پڌري پَٽ آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي به اڪيلي سِر هڙان وڙان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي مالا مال ڪيو. قدر ته پري رهيو پر ادارن سندس صلاحيتُون به استعمال نه ڪيون. ڪافي سالن پُڄاڻان اسان سندس ورسيءَ تي کيس ياد ڪريون پيا. اِن سلسلي ۾ سُگهڙن جي تنظيم سلات ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي شابس آهي جن سندس ۽ نالي واري سُگهڙ ٻِيڙي فقير ڪُنڀار جي ياد ۾ اڄ ٻي جنوري ٢٠١٧ع تي سنڌي لوڪ ادب ڪانفرنس ڪوٺائي آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ جي مُختصر احوال کان اڳ سندس ڪُجهه ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا ته جيئن سندس علمي ادبي خذمتن جو وَرجاءُ ۽ نئين نسل کي اندازو ٿي سگهي.

وينجهار _ لاڙڪاڻو _ ١٩٥١ع

سنڌ جو سينگار _ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ ١٩٥٦ع

ڏَهس نامون _ اسلم منزل نزد پاور هائوس لاڙڪاڻو ١٩٦٩ع

پھاڪن جي پاڙ

ساميءَ سنديون سپون

سامي ڌاتو ڪوش

تحقيق لُغات سنڌي _ غُلام اڪبر شير محمد بلوچ سفيد بلڊنگ لاڙڪاڻو _ ١٩٥٥ع

سچل لُغات _ سنڌي ادبي بورڊ

ڪُليات حسن ديدڙ _ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ ١٩٧١ع

ڪليات شاهه محمد ديدڙ _ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ ١٩٧٧ع

ڪليات حاجي خان چنجڻي _ سنڌي ادبي بورڊ

لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو _ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو _ ١٩٨٦ع

سنديلو صاحب ٣١هين ڊسمبر ١٩٢٣ع تي ڳوٺ محراب خان سنديلي تعلقي ڏوڪريءَ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو محراب سنديلو هو.

سندس ادب سان دلچسپي شروع کان ئي هُئي. لوڪ ادب ۽ ثقافت سان لڳاءَ جو اندازو ١٩٥٦ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب) ۾ لکيل مونوگراف مان به لڳائي سگهجي ٿو جنھن جو موضوع هو ”لاڙڪاڻي جي ثقافتي تاريخ.“ اهڙيءَ ريت اڳتي هلي پي ايڇ _ ڊيءَ جو موضوع ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ رکيائين. هُن پي ايڇ ڊي علامه غُلام مُصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪئي.

هُن تعليم کاتي ۾ پنھنجي زندگيءَ جو وڏو حصو گهوري ڇڏيو. ابتدا پرائمري ماستريءَ کان ڪيائين. اُن کان پوءِ تعليم کاتي جو آفيسر، ليڪچرار، پروفيسر ۽ پرنسيپال ٿي رهيو.

هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر، ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ _ ڊيءَ جو ممتحن ۽ گائيڊ به رهيو.

ڊاڪٽر سنديلي جي علمي ادبي قد ڪاٺ جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ”ڊاڪٽر سنديلي سان ملڻ کان اڳ هڪ دفعو ١٩٦٦ع ۾ آءٌ لاڙڪاڻي ويو هُئس پر جڏهن لاڙڪاڻي ۾ سنديلي صاحب سان مليس ته سچ پچ ڄاتم لاڙڪاڻو هيءُ آهي. محسُوس ٿيو ته خانڻ چنجڻيءَ سچ چيو آهي ته مڪين ئي مڪان کي نشانبر ڪن ٿا. وڏيون عمارتون، سُھڻا سير، باغ باغيچا، تجارتي مرڪز ۽ عجائبات ته دُنيا ۾ گهڻا ئي موجُود آهن پر سُونھن سُڄاڻ ماڻهن سان آهي.“ (ڪتاب: ڪٺمال _ ص: ٢٤١ ۽ ٢٤٢)

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو همعصر هو. هُو سنڌ ۾ پھريون ماڻهو هو جنھن لوڪ ادب جي موضوع تي سڀ کان اڳ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب تي ڪم ته تمام گهڻو ڪيو آهي ۽ سندس اهو ڪم ٻه ٽي پي ايڇ ڊيون لھڻي پر ڊاڪٽر سنديلو پھريون مُحقق آهي جنھن پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري لوڪ ادب جي موضُوع تي حاصل ڪئي. ڊاڪٽر سنديلي جي لوڪ ادب سان دلچسپي شروع کان ئي هُئي. کيس اها سُتي سندس پاڙيسري سُگهڙ جلال ڀُٽي ڏني. اِن سلسلي ۾ سنديلو صاحب پاڻ لکي ٿو ”مُنھنجو پيچ پُنهونءَ سان ازل لاڪُون آهه جي مصداق لوڪ ادب سان مُنھنجو نينھن جو ناتو ننڍپڻ کان هو. لاڙڪاڻي جي تر ۾ مرحُوم جلال ڀُٽو نه رُڳو جهُونن جهُونجهارن ۽ سنوپرن سپورنجن مان هو پر وڏو سُگهڙ پڻ هو. جيتري ڪچھريءَ جي سُڌ ٻُڌ هُن کي هُئي اوتري شايد ئي ڪنھن کي هُئي. ڏور جو ته شھه ڪاريگر هو. وڏي ڳالهه اها ته جيڪي هن فن جا شاعر ۽ سُگهڙ ٿي گُذريا هُئا يا سندس وقت ۾ حال حيات هُئا تن سڀني جو ڏَس پَتو پئي ڏنائين. جلال رنگريز، جو ”لوڪ ادب“ جي فن ۾ بيمثال ۽ باڪمال شاعر ۽ سُگهڙ ٿي گُذريو آهي ۽ جنھن جي جاءِ رهائش هڪ معمو بڻجي چُڪي هُئي تنھن جو ڏَس پَتو ته هن ئي ڏاهي ڏنو هو.

جيئن ته جلال ڀُٽو پاڙيسري هو تنھن ڪري مُنھنجي ساڻس گھري ۽ گهاٽي واقفيت ٿي وئي. مُنھنجي شوق کي ڏِسي مُون کي وڌيڪ ڪيڙڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏهن به ڪچھريءَ تي ويندو هو ته مُون کي ضرُور وٺي ويندو هو. جڏهن ڪچھريءَ وارا ڪنھن مسئلي تي اختلاف راءِ رکندا هُئا ته مڙئي مُنھن سُگهڙ جلال ڏانھن ڦيرائيندا هُئا ته ڪھڙي ٿو فتويٰ ڏئي؟ مُون کي چِٽيءَ طرح ياد آهي ته غرهه جُون ١٩٤٧ع کان سندس صدري خزاني مان قيمتي موتي ميڙيندو رهيس. سندس سڄي ڏور مُون وٽ محفوظ آهي.

اهو ڪچھريءَ جو سلسلو ’سَلو انگُوران ڀلو‘ ته اڳي ئي اندر ۾ اُسريو هو جنھن کي وڌائڻ ۽ وِيجهائڻ لاءِ موقعا تاڙيندو رهيس ته جيئن وڌي وڻ ٿئي. جتي به ڪچھري ٿيندي هُئي اُتي ضرُور ويندو هُئس. اُتر سنڌ ۾ ڪاڪي پوٽا ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ سُگهڙن جي ”دُڻي“ هُئي جتي پري پري جا سُگهڙ پکين جيان پرواز ڪري اچي پرگهٽ ٿيندا هُئا. اها ئي هڪڙي دُڻي هُئي جتان سينگار مليو. سنڌ جو وڏو سُگهڙ مرحُوم جانڻ کٽي خانپوري (شڪارپور) ڏور جو شھه مور هو. اهو ئي زندهه شاعر ڏٺم جنھن وٽان ڏور، هُنر، دوراهي ۽ سينگار جا پنھنجا ٻَڌل بيت مليا. اهڙيءَ ريت ١١هين نومبر ١٩٤٧ع کان اٺين سيپٽمبر ١٩٤٩ع تائين سانگهڙ ۽ سنجهوري تعلقن جو اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر پڻ هُئس، جنھن ڪري وقتن فوقتن اسڪول جي مُعائني توڙي سالياني امتحان سانگي هر اسڪول ۾ وڃڻ ٿيندو هو جتي واندڪائيءَ جي وقت ڪوڏين سان ڪچھريون ڪندو هُئس. چوٽياري، واگهين جي ڀت، شيخ محمد وَساڻ، فقيرن جو ڳوٺ، پيرون مل، غُلام حُسين مريءَ جو ڳوٺ ۽ ڄام نندو مري تعلقي سانگهڙ ۾ مورن جي ڪچھريءَ جا مرڪز رهيا آهن. ساري سفر ۾ سُگهڙ رئيس جاڙو خان مري ڄام نندي وارو ساڻ هُوندو هو. کڏڙو، ڳاڙهو بنگلو، مير حسن شر، جهول، ڪُرڪُليون، مُريد هنڱورو، ڄام نواز علي ۽ جعفر لغاري تعلقي سنجهوري ۾ مرڪز رهيا. انهن مرڪزن کان سواءِ جتي به سُگهڙ جي ٻاڦوڙ پوَندي هُئي ته اُتي وڃڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندو هُئس. سيد روشن علي شاهه ڪرم پوريءَ (ضلعي حيدرآباد) ۽ پير بخش پنھور مَلدسيءَ (تعلقي شھداد پور) جي تعريف ٻُڌي سندن ڳوٺ مارڪا ڪرڻ ويس. (ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو)

ڊاڪٽر سنديلي لوڪ ادب جي شوق ۾ مُختلف ڳوٺ گهُميا ۽ مواد هٿ ڪيو. اهو مواد هُن ١٩٥١ع ۾ ڪتاب وينجهار ۾ شايع ڪرايو. اُن کان پوءِ ان ئي موضوع تي سندس ڪتاب سنڌ سينگار ۽ ڏهس نامون آيا.

هُن جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ _ ڊي شروع ڪئي ته ٻيھر سنڌ جي مُختلف ڳوٺن، وَستين ۽ واهڻن ۾ وڃي موتي ميڙيائين. ڪتابن مان کيس ڪو ٿورو مواد مليو. کانئس اڳ سنڌيءَ ۾ جيڪي ڪتاب اچي چُڪا هُئا اُنهن جو ذڪر هِن ريت ڪيو اٿائين.

”لوڪ ادب جي مُختلف صنفن تي ڪيترن ئي اديبن قلم کنيو آهي. ڪوڙي مل چندن مل کِلڻاڻي ڳُجهارتن جو ڪتاب ١٩٠١ع ۾ شايع ڪرايو. ڊاڪٽر دائود پوٽي ١٩٣٦ع ”سُرها گُل“ ۾ ڪن صنفن جو ذڪر ڪيو آهي. ماستر الھبچائي سمين جو ١٩٤٢ع ۾ سيرِ ڪوهستان ظاهر ٿيو جنھن ڪافي مقبُوليت حاصل ڪئي. عبدالحُسين شاهه موسويءَ ۽ مسٽر محمد ابراهيم عباسيءَ ٻه ٺاهُوڪا ڪتاب سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ ميدان تي آندا. جوان بخت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ٻيلاين جا ٻول“ ۽ ”لوڪ ادب“ اسڪيم تحت سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد کي ڪيترا ئي قيمتي ڪتاب لکي ڏنا آهن جن مان ڪي شايع ٿيا آهن ۽ ڪي اڃان زير طبع آهن. بندي به هِن ڏَس ۾ ڪي ڪتاب لکيا آهن جن جو ذڪر مٿي اچي چُڪو آهي. (لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو)

ڊاڪٽر صاحب هنديءَ، انگريزيءَ، اُردوءَ ۽ سنسڪرت جي ڪتابن مان به مدد ورتي. ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ تحقيقي مقالو تمام گهڻو شاندار آهي. هن ان ۾ سنڌي لوڪ ادب جي سڀني صنفن تي ڏاڍي سُٺي روشني وڌي آهي. ڊاڪٽر صاحب لوڪ گيتن جي جن صنفن تي تفصيل سان لکيو آهي اُهي هِن ريت آهن لولي، سھرا، ڪوڏاڻا، ٻيلڻ، ڇلڙا، مورو ۽ جمالو.

ڊاڪٽر صاحب مولُودن کي به لوڪ ادب ۾ شامل ڪيو آهي. ان کان سواءِ هُن لوڪ ادب جي جن موضُوعن کي پنھنجي تحقيقي مقالي ۾ شامل ڪيو آهي اُهي پرولي، ٻھڳڻن جا ٻول، هُنر، دراهو، سَت سُري، سينگار، ڏَهس، ڏور، جهيڙا يا مناظرا، معجزا، ٽيھه اکريون ۽ لوڪ ڪھاڻيون آهن. ڊاڪٽر صاحب جو پي ايڇ ڊي مقالو ١٩٨٦ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري شايع ڪرايو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ، ڪراچي يونيورسٽيءَ، وفاقي اُردو يونيورسٽيءَ ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبن ۾ لوڪ ادب وارن نصابي ڪتابن ۾ شامل آهي. ايم اي توڙي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارا اهو ڪتاب لازمي پڙهندا آهن. تازو ان ڪتاب جو نئون ڇاپو پيڪاڪ پبلشر ڪراچيءَ وارن شايع ڪيو آهي. اهو هڪ اهم ڪتاب آهي. سنديلي صاحب کان پوءِ يا سندس حياتيءَ ۾ جن به ٻين مُحققن لوڪ ادب تي ڪم ڪيو آهي اُنهن سمُورن ان ڪتاب مان مدد ورتي آهي ڇا ڪاڻ ته اهو ڪتاب لوڪ ادب جي سڀني صنفن تي ٻَڌل آهي.

ڊاڪٽر سنديلي صاحب ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سنڌي لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتن تي ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشيءَ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻُگهئي جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ _ ڊي ڪئي آهي جيڪا سنڌ جو ثقافت کاتو ڪتابي صُورت ۾ شايع ڪري پيو. اهو ڪم به ساراهڻ جوڳو آهي پر اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اُميد ته اسان جا علمي ادبي ادارا ۽ نئون نسل خاص ڪري مُحقق ان طرف وڌيڪ ڌيان ڏيندا.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب ٻي جنوري ١٩٩٠ع تي پنھنجي گهر اسلم منزل لڳ پاور هائوس لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو. ڊاڪٽر سنديلي صاحب کي ڪُجهه ايوارڊ به مليا جن ۾ پاڪستان سرڪار جو پرائيڊ آف پرفارمنس به شامل آهي. ڊاڪٽر صاحب هڪ شاندار لائبريري پڻ ٺاهي هُئي جيڪا سندس پونير خاص ڪري ڊاڪٽر اسلم سنديلو سنڀاليندا پيا اچن. اسلم صاحب پاڻ به هڪ ليکڪ آهي. لائبريريءَ ۾ رکيل ناياب نُسخن، ڪتابن ۽ سنديلي صاحب جي ڇڏيل ورثي تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اسان گڏجي ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪنداسين.


ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

سنڌي ”لوڪ ادب“ جو پارکو

ادل سولنگي

سنڌي ٻوليءَ جي سپورنج، لوڪ ادب، لغات ۽ لسانيات جي ماهر، محقق، اديب ۽ نقاد، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو جنم ۶ اپريل ۱۹۱۹ع ۾ ڳوٺ محراب خان سنديلي ۾ ٿيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم جي والد صاحب محراب خان سنديلي جي نالي سان قائم ”ڳوٺ محراب سنديلو“ هاڻوڪي تعلقي باقراڻي/باک راڻي، ضلعي لاڙڪاڻو جو اهم ڳوٺ آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ستر ورهين جي ڄمار ماڻي، ۲ جنوري ۱۹۹۰ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. جيئن ته منهنجو ڳوٺ محراب پور به هاڻي تعلقي باقراڻي/باک راڻي ضلعي لاڙڪاڻي جو اهم ڳوٺ آهي. اسان ننڍپڻ ۾ جيڪي وڏا نالا ٻُڌا جيڪي اسان جي تر ۽ جوءِ جا وڏا ماڻهو هيا، انهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو انهن ۾ شامل رهيا آهن. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو نالو اسان پنهنجي اسڪول جي ڪتابن ۾ پڙهيو ۽ پوءِ مختلف موقعن ۽ مختلف حوالن سان، لوڪ ادب جي پارکو هجڻ واري سڃاڻپ سان سندس نالو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمتگارن ۾ مٿانهون نظر آيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب، ننڍپڻ کان ئي علم دوست، ذهين ۽ نهايت ئي اورچ شخصيت جو مالڪ هئو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پرائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي عملي ۽ علمي سفر جي شروعات ڪئي. ڊاڪٽر عبدالڪريم مختلف تعليمي ادارن ۾ مختلف عهدن تي رهندي تعليم جي خدمت ڪئي ۽ پنهنجي ادبي سفر کي جاري رکيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، هاءِ اسڪول ٽيچر، اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ليڪچرار، پروفيسر ۽ پرنسپال جي عهدي تي رهندي ۵ اپريل ۱۹۷۹ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ريٽائرمينٽ ورتي. جنهن جو خاص سبب هيو، (۴ اپريل جو تاريخ سانحو“.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنهنجي لکڻ جي شروعات نصابي ڪتابن لاءِ سبق لکڻ سان ڪئي، اڳتي هلي ”نئون سنڌي گرامر“، ”تاريخ سنڌ“، ”اسلامي تاريخ“، ”رهبر ديوان گل“، ”رهبر روح رهاڻ“، ”انگي اصول“، ”علم بديع“ جهڙا ڪتاب لکيا جن کي تمام گهڻي اهميت، مڃتا ۽ پذيرائي ملي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بي اي ۽ ايم اي جو ممتحن رهڻ سان گڏ پي ايڇ ڊي گائيڊ پڻ رهيو، سندس وابستگي ريسرچ اسڪيمن تائين محدود نه هئي. پاڻ ڪيترن ئي ادبي ۽ تعليمي ادارن ۾ ميمبر جي حيثيت سان لاڳاپيل رهيو. اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر بورڊ آف اسٽيڊيز، ميمبر نظرثاني ڪميٽي بيورو آف ڪريڪيولم، ميمبر بورڊ آف گورنرز، سنڌالاجي، ميمبر سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر ٽه ماهي مهراڻ، ايڊيٽوريل بورڊ، ميمبر شاهه لطيف يونيورسٽي، ميمبر سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۽ ميمبر لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڄاڻايل ادارن لاءِ پنهنجون علمي ۽ ادبي خدمتون انجام ڏيندي، انهن ادارن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ نهايت ئي ڪارگر صلاحون ڏئي، انهن ادارن جي نيڪ ناميءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ”لوڪ ادب“ جي حوالي سان لوڪ شاعريءَ کي سهيڙي سوڌي ۽ سنواري نئين رنگ ڍنگ سان ترتيب ڏئي. ”ڪليات شاهه محمد ديدڙ“، ”ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي“ ۽ ”ڪليات حسين ديدڙ“ جهڙا اُملهه ڪتاب لوڪ شاعريءَ جي سٽاءَ جي حوالي سان نهايت ئي اهم حيثيت رکندڙ ڪتاب ڄاتا وڃن ٿا.

لوڪ ادب جي سلسلي ۾ سندس ٻيا ڪتاب ”وينجهار“، ”سنڌ جو سينگار“، ”ڏهس نامون“ ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ جامع ڪتاب آهي ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ جنهن جي اڀياس کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، سنڌي ”لوڪ ادب“ بابت نهايت ئي اعليٰ پايي جو ڪتاب سهيڙيو آهي جيڪو ”لوڪ ادب“ جي حوالي سان اوائلي/بنيادي ۽ معياري ڪتاب آهي جنهن ۾ ”لوڪ ادب“ جي سمورين صنفن بابت تحقيقي جائزو ڏنو ويو آهي ۽ ساڳي وقت تحقيقي ڪم جي حوالي سان هڪ نئون رستو کولي ڇڏيو آهي. ”لوڪ ادب“ جي حوالي سان هيءُ ڪتاب بنيادي ۽ اوائلي کوجنا ڪاري جو هڪڙو دستاويز آهي، جنهن کي سامهون رکي تحقيق کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ پيڪاڪ پبلشرس ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي واڌايون لهڻي جن لوڪ ادب جي سهيڙ-سنوار ۽ ٻيهر ڇپائيءَ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي.

ڊاڪٽر اسلم سنديلو ۽ ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، جنهن نموني سان لوڪ ادب. لغات، لسانيات، گرامر، صورت خطي جي معاملن سميت پهاڪن، چوڻين ۽ لوڪ آکاڻين کي سهيڙي، تحقيقي انداز سان نئين سر ڇپائي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جهولي ڀري رهيا آهن اهو نهايت ئي سونهندڙ ۽ اتساهيندڙ عمل آهي جنهن کي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جا عاشق احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“سنڌي ”لوڪ ادب“ بابت مڪمل ۽ مستند ڪتاب آهي، جيڪو وڏي جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ سان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ”لوڪ ادب“ بابت هر هڪ صنف جي تاريخي پس منظر، استعمال ۽ ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعري مان موزون مثال ڏنا ويا آهن. انوکن ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي پڻ ڏني وئي آهي، جي پڙهڻ کانپوءِ ڪابه کوٽ نه ٿي رهي، جيڪي عالم ۽ شاگرد سنڌي ٻولي ۽ ”لوڪ ادب“ بابت ٿورو گهڻو چاهه رکن ٿا، انهن کي هيءُ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي.

”ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي“ پاران جامع پروگرام هيٺ سنڌ جي اصلوڪي ادب يعني ”لوڪ ادب“ کي نئين انداز ۾ پڙهندڙن لاءِ پيش ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. جنهن مطابق لوڪ ادب جي بنيادي صنفن، پرولي، ڳجهارت، ڏور ڏهس، سينگار، هنر، مداحون، مناظرا، لوڪ گيت، ٻاراڻا ٻول، لوڪ ڪهاڻيون، پهاڪا، چوڻيون انهن بابت الڳ الڳ مڪمل ڪتاب تيار ڪيا ويندا ته جيئن نوجوان نسل کي اصل ”لوڪ ادب“ ۽ ٻولي جي ماهيت ۽ جوڙجڪ جي خبر پوي.

خوشقسمتيءَ سان مٿي ذڪر ڪيل صنفن بابت بنيادي ڄاڻ محترم سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ڏني آهي، ان کان پوءِ ئي ٻين محققن ان طرف توجهه ڏنو، جنهن ۾ مان واري سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو پلڙو ڀاري ٿو ڀانئجي.

حقيقت ۾ اها بنيادي ذميواري ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي آهي جنهن هڪ رٿا منظور ڪري، لوڪ ادب جي مختلف صنفن بابت ۴۰ ڪتاب شايع ڪيا. ان رٿا مطابق ان کي اڃا ”پهاڪن“ ۽ ”چوڻين“ تي ڪتاب آڻڻا آهن. پر ”لوڪ ادب“ جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۸۰ کان وڌيڪ ڪتاب ترتيب ڏئي سنڌي ادب/لوڪ ادب کي شاهوڪارڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

اسان جي اها پختي راءِ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، ڦهلاءَ ۽ بچاءَ لاءِ ”لوڪ ادب“ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ سٽاءَ کي جيڪي ڪجهه سمجهيو ويو آهي ان آڌار تي ان نتيجي تي پهتو آهيان ته سنڌي ٻوليءَ کي رس راءِ، ڦلدار، سهڻو، پائدار، وسيع ۽ با محاوره بڻائڻ ۾ لوڪ ادب جو ئي خاصو ڪردار رهيو آهي. اسان جو ”لوڪ ادب“ ان حوالي سان تمام گهڻو پائيدار رهيو آهي. ان جو مٽ ۽ ثاني ڏيهي ٻولين ۾ ڪونه سُجهي، ها. البت ڪنهن حد تائين هندي ٻولي ان سان برميچي سگهي ٿي، پر ان ۾ به ايتريون صنفون موجود نه آهن.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب هن ڪتاب جي ارپنا ۾ لکيو آهي ته: ”لوڪ ادب“ جي سنُوپري سپورنج ۽ علم ”لغات، جي ماهر، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نالي، جنهن سنڌي زبان، سان نينهن نڀائڻ خاطر، ساري سنڌ جو ترو تانگهي، سنڌي ادب کي اوچي پنڌ تي پهچايو آهي“. سنڌي ”لوڪ ادب“ جون پاڙون پاتال ۾ پيٺل آهن، ان جا بنياد ويدن تائين وڃن ٿا، تاريخ جي هر دور ۾باشعور، سماج سڌارڪ، سپورنج ۽ سڄاڻ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن مهل موقعي جي مناسبت سان ڪونتل ڪڏايا آهن ۽ پنهنجي گفتن سان ڪچهرين کي رس ڀريو بنايو آهي. ٻهڳڻن جا اهي ٻول، حقيقتن جو آئينو بڻجي صدين تائين گونجندا رهيا آهن، جيڪي سيني به سيني صدين جو سفر ڪري، وقت سان گڏ وڌندا، ويجهندا اسان تائين پهتا آهن، اهي سنڌي ٻوليءَ جو قيمتي سرمايو آهن، اسان کي انهن وينجهارن جي ويچارن جو نه صرف اُونهو اڀياس ڪرڻ گهرجي، پر انهن کي جديد انداز ۾ سانڍي پنهنجي نئين نسل تائين پهچائڻ گهرجي. اهڙيون ڪامياب ڪوششون سڌريل قومون ڪنديون رهيون آهن.

هن وقت تائين ٿيل تحقيق مطابق ”لوڪ ادب“ جي حوالي سان، مصري، سميري، ڪلداني، آرامي، عبراني وغيره ٻولين ۾ ڪيئي ڪتاب پڌرا ڪيا ويا آهن. انهن ۾ اهم ڪتاب حضرت سليمان جا پهاڪا (Proverbs Solomon) آهي جنهن ۾ ۳۰۰۰ کان وڌيڪ پهاڪا، چوڻيون ۽ سهڻا سخن شامل آهن، اهڙي طرح سنسڪرت ۽ چيني ٻولين ۾ پڻ ڏاهن جا قول الڳ ڪري ڇپايا ويا آهن، جن جي قدامت جو ڪاٿو ۱۰۰۰ سال قبل مسيح لڳايو ويو آهي.

يقينن اسان جي ٻوليءَ ۾ به هزارن جي انگ ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، پر جيئن ته سنڌو لکت اڃا پڙهجي نه سگهي آهي، ان ڪري اها ڳالهه خاطريءَ سان ڪري سگهجي ٿي ته انهن مان سون جي تعداد ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اسان وٽ اڄ به رائج آهن. جيئن ته چوڻيون ۽ پهاڪا هزارن سالن جي تجربن ۽ مشاهدن ۽ سماجي حقيقتن تي آڌاريل هوندا آهن، سي ڪڏهن به ختم نه ٿيندا آهن، اهي روپ مٽائيندا، نوان ويس پهريندا هر دور ۾ نئين رنگ ڍنگ سان نمودار ٿيندا آهن. ”لوڪ ادب“ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيو آهي ته ۱۹۳۰ع کان وٺي ”لوڪ ادب“ جي سهيڙڻ واري ڪم ۾ هيٺين عالمن ڪوششون ڪيون. الا بخش نظاماڻي (سنڌي ”لوڪ ادب“ جي ارتقائي تاريخ) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (ٻولاين جا ٻول) عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي (سرهاڻ)، (سڳنڌ) ايم اي بزمي (ڳجهارتون) پيتامبر داس سهجرام (پروليون) حاجي عنايت الله زنگيجو (لاڙين جون لاتيون)، محمد سومار شيخ (ڪڇين جا قول)، مريد فقير مهيري (ڳوٺاڻا بيت)، خليفو بلال الدين قريشي (سينگار)، کيمچند ڀيمو مل (پروليون)، مقبول صديقي (ڳجهارتون)، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (ڏور) ۽ ثناءُ الله ثنائي (ٽيهه اکري) مٿين ڄاڻ سنڌالاجي طرفان ڇپايل ڪتاب جي ببليوگرافي ۱۹۷۶ع تان ورتل ڄاڻائي وئي آهي.

جڏهن اڃا عام محققن جو ”لوڪ ادب“ طرف ڪاڍوئي ڪو نه هو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ”لوڪ ادب“ بابت تحقيقي مقالا لکيا. ان جي اهميت ۽ افاديت کان نه صرف عالمن، اديبن، محققن کي آگاهه ڪيو پر ان اصلي ادب  ”لوڪ ادب“ جي لاءِ ميدان هموار پڻ ڪيو، ته جيئن سڄي سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل مواد ميڙي ڪٺو ڪجي ان ڏس ۾ سائين عبدالڪريم سنديلي صاحب پنهنجي هڙان وڙان ۱: وينجهار ۱۹۵۰ع، ۲: سنڌ جو سينگار ۱۹۵۶ع، ۳: ڏهس نامو ۱۹۶۹ع، ۴: ڪليات حسين ديدڙ (سگهڙ) ۱۹۷۱ع، ۵: ڪليات شاهه محمد ديدڙ، ۶: ڪليات خان محمد چنجڻي، ۷: پهاڪن جي پاڙ، ۸: اصطلاحن جي اصليت، ۹: ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ ۱۹۸۶ع ۾ شايع ڪرايو.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، جنهن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختلف موضوعن تي نهايت ضخيم ۽ تحقيقي مقالا لکي، سنڌي ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي، لسانيات جي صنف ۾ پنهنجي قلم کي خوب ڪڏايو، سنڌي ادب جي ڪينواس  تي پهاڪن جي پاڙ، اصطلاحن جي اصليت، جهڙا مايه دار ڪتاب نمودار ٿيا، سٽاءَ ۽ ترتيب جي حوالي سان سندن ڪتاب ”مڪلي“ ٽڪري جو سير، به پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

ڊاڪٽر صاحب، جن لغت جهڙي چيڙهالي ڪم کي، پنهنجي تحقيق جو پسنديده موضوع بڻايو، ان حوالي سان سندس تحقيق جو انداز نرالو آهي. اڳتي هلي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڏنل ڏس سان سهمت ٿي، ٻه قدم اڳتي وڌي ڪري، لفظن جي پڻ بنياد تي نئين تحقيقي انداز سان ڪم ڪيائون ۽ ڪيترائي شهپاره تخليق ڪيائون، ”تحقيق لغات سنڌي“، ”سامي ڌاتو ڪوش“ ۽ ”سچل لغات“ جهڙين ناياب لغتن جي ڇپجڻ کان پوءِ ڊاڪٽر سنديلي جي مڃتا هڪ مها لغت دان جي حيثيت ۾ ٿيڻ لڳي، اشتقاق لغات لطيف ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي اها ڪاوش آهي، جنهن جي تڪميل لاءِ هميشه ڪوشان رهندا هئا ۽ آخري گهڙي تائين سلهاڙيل رهيا، ويهن سالن جي لڳاتار مشقت کان پوءِ به ”اشتقاق لغات لطيف“ مڪمل نه ٿي سگهي، کين جيڪڏهن ڪجهه وقت ملي پوي ها ته شايد، سندن زندگيءَ ۾ ئي وڏي آب ۽ تاب سان شايع ٿي پوي ها، ”اشتقاق لغات لطيف“ هينئر ڇپائي هيٺ آهي، جا تمام جلد پڙهندڙن جي هٿ ۾ هوندي ڊاڪثر عبدالڪريم سنديلو پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل اداري جي حيثيت جو حامل هئو، هن پورهيت اديب پنهنجي پونجي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج تي خرچ ڪري، سنڌي ادب جي سينڌ سنواري، ڊاڪٽر صاحب جن نه صرف لغات ۽ لسانيات جي فيلڊ ۾ پاڻ مڃايو. پر ”لوڪ ادب“ تي به نئين تحقيقي انداز سان ڪم ڪيائون، هي ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ ان جو ثبوت آهي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جي ڪيل ڪم تي جيڪڏهن سر سري نظر وجهبي ته اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته بلا شبهه، ڊاڪٽر سنديلو، لسانيات، لغات ۽ ”لوڪ ادب“ جي دنيا جو يگانو شهسوار هو، سندن ڪيل تحقيقي پورهيي کي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسڻ سان گڏ دل جي گهراين سان جڳن تائين ياد ڪندي رهندي. اسان جو هي عالم، اسڪالر، اديب، ڏاهو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عاشق ۲ جنوري ۱۹۹۰ع تي اسان کان موڪلائي ويو.

 

مددي ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“


 

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ياد ۾

ڊاڪٽر اسلم سنديلو

اسان جو شفيق ۽ محبوب پدر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو زندگي جا ۷۱ ورهيه ماڻي، تاريخ ۲ جنوري ۱۹۹۰ع تي دارالفنا کان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. دائمي وڇوڙي جي ڏک نه صرف آڪهه جي دلين ۾ گهاءَ وجهي ڇڏيو، پر سنڌ جي هر ساڃاهه وند جي اک اشڪبار هئي.

ڪاش، موت کي شل موت پوي! جو هو اهڙي مها انسان جي اکين ۾ رهيل سپنن کي اڌورو ڪري ڇڏي هَليو ويو.

بيشڪ! انسان موت کي مات ڏئي نه ٿو سگهي. زندگي ۽ موت هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، موت بنا زندگي ڄڻ اڌوري آهي. انهيءَ صداقت جو اعتراف ڪرڻو پوندو ته زندگي ۽ موت جو پاڻ ۾ اٽوٽ سٻنڌ آهي. روشني-اوندهه، وجود- عدم، رنج-خوشي، سهاڳ-ڏهاڳ پاڻ ۾ ضد هوندي به ڄڻ هڪ ٻئي جا پورائو آهن. اڪيلي سر اُهي اڌورا ۽ نامڪمل هوندا آهن.

بابا سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو به اسان جي دلين تان ڪڏهين به نه وسرندو، هن جون يادون اسان جي زندگيءَ جي هر موڙ تي، ڪر کنيو بيٺيون هونديون آهن. بقول ڀٽائيءَ جي ته: “ڏيئي ڏنگ ڏهاڳ جو، ڍوليو ڍٽ قراريو”

سائين ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي سموري زندگيءَ جو سفر پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذريو. پاڻ نه صرف هڪ عظيم آدرشي اُستاد هيو پر هڪ اڏول انسان، سچو صاف گو، ايمان ۽ توڪل وارو هو. اڪابر اڄ به چوندا آهن: “موت العالِم موت العالَم”. هن شخص جهڙو نيڪ سيرت، ڀلارو، نهٺو ۽ نماڻو انسان ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندو آهي. ڊاڪٽر سنديلي صاحب ادبي پورهيو ڪري، پنهنجي زندگي سڦل ڪئي ۽ ادب جي ڪينواس تي جيڪي ادبي شهپاره ڏنا سي اڄ به سنڌي ادب ۾ بنيادي حيثيت جا حامل آهن. صدين تائين ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ۽ ريفرينس طور ڪم ايندا رهندا.

هو لوڪ ادب، لسانيات ۽ لغات جي کيتر جو ماهر هو ۽ پنهنجي زندگي عوامي ادب جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هو علمي ۽ تحقيقي ادب جو روشن منارو هو. “وينجهار”، “سنڌ جو سينگار”، “ڏهس نامو”، “پهاڪن جي پاڙ”، “اصطلاحن جي اصليت”، “ڪليات حاجي خانڻ چنجڻي”، “ڪليات شاهه محمد ديدڙ”، “ڪليات حسين ديدڙ” ۽ “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو”، سنڌي ادب جي جهوليءَ جا املهه رتن آهن، جيڪي لوڪ ادب جي عمارت جي پيڙهه ۾ پٿر جي حيثيت رکن ٿا.

ڊاڪٽر صاحب جن لغوي دنيا جا يگانه شهسوار هئا ۽ اڄ تائين ڊاڪٽر صاحب جن جو نعمل بدل پيدا ناهي ٿيو. لغت جي حوالي سان، ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نقش قدم تي هلي، “تحقيقي لغات سنڌي”، “سامي ڌاتو ڪوش”، “سامي سندون سپون”، “سچل لغات” ۽ “اشتقاقي لغات لطيف” (اشاعت جي مرحلي ۾) جهڙا ناياب ڪتاب ڏنا جن ۾ نه صرف لفظ جو ڌاتو ڏنل آهي پر لفظ جي گهرج پٽاندڙ تاريخي اهميت به اجاگر ڪيل آهي. هي لغتون پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽ ڏسين ٿيون ته ڊاڪٽر سنديلو حقيقتن پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل اداري سمان هو.

ڊاڪٽر سنديلي جي ياد ۾ قائم ڪيل، “ڊاڪٽر سنديلو اڪيڊمي” پاران وقتن بوقتن ڪتاب ڇپرايا ويا آهن. هن ڀيري ڊاڪٽر صاحب جي هڪ صدي ۱۹۱۹ع کان ۲۰۱۹ع مڪمل ٿيڻ تي، هن سال کي يادگار بڻائيندي، سائين جا لکيل، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل سڀني ڪتابن کي ٻيهر اشاعت ۽ طباعت هيٺ آندو ويو آهي. هن سلسلي ۾ يادگار سٽاءَ جو پهريون ڪتاب “پريت جا پيچ”- (ڊاڪٽر سنديلو ڏانهن ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جا خط) پڌرو ٿي چڪو آهي ۽ پڻ ٻيا سمورا ڪتاب تمام جلد اوهان جي هٿن تائين پهچايا ويندا.

ڊاڪٽر صاحب جن داغِ مفارقت ڏئي، راهه رباني وٺي ويا پر سندن ڪيل ادبي خدمتن کي، هند- سنڌ ڌرتيءَ جا اديب، دوست، شاگرد اڄ به ساريندا رهن ٿا.


عبدالڪريم سنديلو

لوڪ ادب تي تحقيق ڪندڙ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

عبدالڪريم سنديلو ۱۳ ڊسمبر ۱۹۱۹ع تي ڳوٺ مهراب خان سنديلو، تعلقو ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، سنڌي فائينل پاس ڪري پرائمري استاد ٿيو ۽ پوءِ انهيءَ ئي دور ۾ سندس رغبت لوڪ ادب ڏي ٿي، هن محقق علم ادب کي سڄي حياتي ارپي ڇڏي، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، لکڻ ۽ لکائڻ سندس مشن هو، وڏي محنت سان بي اي، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪيائين، سندس پي ايڇ ڊي جي مقالي جو موضوع، “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” آهي.

۱۹۷۹ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپل جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪيائين، کين ۱۹۷۴ع ۾ ادبي ۽ تحقيقي خدمتن تي صدارتي ايوارڊ “تمغهءِ امتياز”، ڏنو ويو، ان کانسواءِ سچل ايوارڊ، پاڪستان رائيٽرز گلڊ ايوارڊ ۽ ٽيڪسٽ بڪ ايوارڊ ۽ ٻيا اعزاز مليا هئن، سندن وفات ۲ فيبروري ۱۹۹۰ع ۾ ٿي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو کين مڃتا ڏيندي لکي ٿو ته:

“خيرپور کان پري دريا پار لاڙڪاڻي جو واسي ڄڻ حامي جي تصوير، ادب ۾ شاعريءَ جو پارکو ۽ لغت ۾ به يگانو خاص طور هندي ۽ سنسڪرت جو ڄاڻو هو”. (۱)

ڊاڪٽر سنديلو جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ گهڻو تعداد لوڪ ادب، لغت ۽ سنڌي اساسي شاعريءَ جو آهي، ته درسي ڪتاب به لکيائون، جيئن علم بديع، انگي اصول، تاريخ سنڌ، اسلامي تاريخ، سنڌي نائين ۽ ڏهين جو ڪتاب آهن، سنڌ جي لوڪ ادب ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي کين وڏي ڄاڻ هئي، سندن اهم ڪتابن ۾ “وينجهار” (۱۹۵۰ع) آهي.

هن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي سڀني صنفن جو تعارف ڏنل آهي، هيءُ ايم اي جي نصاب تي مقرر ۽ مستقل چپجندڙ ڪتاب آهي، فقط ۱۹۶۰ ۾ هن ڪتاب جا ۸ ڇاپا ڇپيا ۽ پوءِ به شايع ٿيندو رهيو آهي) “سنڌ جو سينگار” ۱۹۵۶ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو، جنهن ۾ سينگار جي شاعرن جا بيت ڏنل آهي ته مهاڳ ۾ هن صنف جي جامع انداز ۾ وصف ڏنل آهي، “علم بديع”، “تحقيق لغات سنڌي”، “پهاڪن جي پاڙ” (۱۹۶۶ ۾ ڇپيو، هن ۾ الفابيٽ جي حساب سان ۱۲۲ پهاڪن جو وچور ڏنل آهي، هر پهاڪي جي حقيقت، واقعو، پس منظر ۽ تاريخي حڪايت ڏنل آهي) “ڏهس نامو” (۱۹۷۹ع) ۾ پڻ لوڪ ادب جي صنف ڏهس جا بيت ڏنل آهن.

ڪليات حسن ديدڙ، “ساميءَ سنديون پسون”، “سامي ڌاتو ڪوش”، (۱۹۷۸ع) ٻنهي ڪتابن ۾ ساميءَ جا چونڊ سلوڪ ٻه سئو تائين ڏنل آهن ۽ گڏ منجهه آيل هندي، سنسڪرت ۽ ٻين ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي، اصطلاحن جي اصليت (۱۹۸۷ع)، “تحقيق لغات سنڌي”، “سچل لغات” ۱۹۸۴ع “ڪليات حاجي خان چنجڻي” ۱۹۸۶ع “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو”، ۱۹۸۶ع ۽ ٻيا ڪتاب آهن.

لوڪ ادب جو تحقيقي جائزوڊاڪٽر سنديلي جو پي ايڇ ڊي جو تحقيقي مقالو آهي، جنهن جي سَندَ کين ۱۹۷۵ع ۾ ملي ۽ هيءُ مقالو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جولاءِ ۱۹۸۶ع ۾ شايع ڪيو جو ۴۵۵ صفحن جي ڪرائون سائيز ۾ ڇپيو ۽ لوڪ ادب جي موضوع تي هڪ معياري ڪتاب شمار ٿئي ٿو، ايم اي ۽ پي سي ايس ۽ سي ايس ايس جي نصاب ۾ شامل آهي، ڪتاب ۾ آيل عنوان هن ريت آهن، لوڪ ادب، پرولي، ٻهڳڻن جا ٻول، هنر، دراهو، ست سري، سينگار، ڏهس، ڏور، جهيڙا يا مناظرا، مداحون ۽ مناجاتون، معجزا، ٽيهه اکريون، مولود، لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪهاڻيون جي عنوان سان آهن، ڊاڪٽر صاحب معجزي جي حقيقت ٻڌائيندي لکي ٿو ته:

“معجزو عربي معجزة جنهن جي معنيٰ اهو ڪم، جنهن جي ڏسڻ سان انسان هڪدم مڃڻ تي عاجز ٿي پوي يا ايئن کڻي چئجي ته اهو ڪم جو انساني قوت کان ٻاهر هجي”، اڳيان لکي ٿو ته،

“شاعرن، معجزن سان گڏ ڪرامت جو به بيان ڪيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تعجب خيز ڳالهه ڪرڻ، يعني اهڙي ڳالهه جا ڏسندڙ جا ڪپاٽ کولي ڇڏي، ڪرامت عربي (ڪرامة) مادو: ڪرم فياض يا سخي ٿيڻ ڀلا جيڪڏهن ڪنهن اڙيل جو ڪنهن وٽان ڪم ٿئي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي سخا ٿي سگهي ٿي، جناب بادشاهه پيران پير رح جو ٻڏل ٻيڙي تارڻ وارو حيرت انگيز ڪارنامو ڪرامت تحت ٿيو ۽ مالڪن کي ساٿ سلامت مليو”، جمال شاعر موجب ته:

ڏور ڏٺ ڳولڻ، آهن ڪم سپورنجن جا،

هنر ۾ حرفت گهڻي، تنهن وڌ دراها،

سينگار سياڻپ ٿو گهري، ڪي هجن ڳولاوا،

معجزا نبين جا ٿيا، ڪرامتون وليا.

لوڪ ادب جي باري ۾ لکي ٿو ته، “لوڪ ادب کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، پهريون نثري حصو ۽ ٻيو نظمي حصو. نثري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون ۽ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري لوڪ ڪهاڻين ۾ نه فقط عشق ۽ الفت جا داستان سمايل آهن پر منجهن سورويرتا ۽ شجاعت، همت ۽ همدردي جا سوين مثال ملندا، اهي نه رڳو ريجهه رهاڻ ۽ واندڪائي جي وندر جو سهائيندڙ سامان آهي پر بس پس پرده سمجهه ۽ سياڻپ جا سبق آهن.

لوڪ شاعري ڪيتري به پراڻي هوندي ته به نت نئين پئي لڳندي، مطلب ته لوڪ ادب ۾ اڳين جي امانت سمايل آهي، جنهن ۾ اصليت ۽ صداقت آهي، جنهن کي ٻڌڻ سان دل کي راحت ۽ طبع کي فرحت اچيو وڃي. (۲)

لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي هڪ ملهائتي تصنيف آهي، جنهن ۾ ڪافي لوڪ صنفن جي اپٽار ۽ تفصيل ڏنل آهي، پاڻ پنهنجي استاد ۽ پاڙيسري لوڪ ادب جي ماهر جلال کٽيءَ کان جيڪو هن ادب جو گڻ سکيو تنهن تحريري طور هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ سندن هن تصنيف سان لوڪ ادب ۾ هڪ اهم اضافو ٿيو.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو کي ڪيترين ٻولين تي عبور حاصل هو، خاص طور پاڪستان ۽ هندوستان جي جدا جدا ٻولين جو هن اڀياس ڪيو هو، سندن شخصي ڪتب خاني ۾ ۲۰۰ کان ۳۰۰ فقط ڊڪشنريون آهن، سندن تحقيق ۽ تنقيد جو معيار بلند آهي، ساميءَ تي ڪيل سندن ڪم اهميت جوڳو آهي، چوي ٿو ته،

“سامي، مانک ديهي، انساني جامي تي وڏو زور ڀريو آهي، ساميءَ جون تشبيهون ساديون پر پياريون آهن،

سندن تشبيهن ۾ معنيٰ جو درياهه موجزن آهي.

جن کي رهت رتي، آئي ساڻ عشق جي،

تن کي لکي ڪينڪي، سامي واءُ تتي،

پاڻي پران پتي، سيتل رهن سڀاءُ ۾. (۳)

سنديلو صاحب جا “پهاڪن جي پاڙ” ۽ “اصطلاحن جي اصليت” ڪمائتا ڪتاب آهن. جن ۾ هن پهاڪن ۽ اصطلاحن بابت تحقيق ڪري پوءِ نتيجي مطابق احوال ڏنو آهي. جيڪي به اصطلاح پيش ڪيا آهن، انهن جي افاديت ۽ تاريخي حيثيت به ڄاڻائي اٿن، مطلب ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جون سنڌي علم ۽ ادب ۾ خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن.

حوالا:

جوڻيجو جبار، ڊاڪٽر، “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۴ع.

سنديلوعبدالڪريم، ڊاڪٽر، “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ۱۹۸۶ع، ص-۲۸۶.

ساڳيو حوالو، ص- ۲ ۽ ۳

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي ڀيٽا

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ڪنهن بہ تعارف جو محتاج نہ آهي. هو هڪ ئي وقت لوڪ ادب، لسانيات، لغات ۽ لطيفيات جو مهاڄاڻو آهي. وٽس ڪيترين ئي ٻولين جون لغاتون هيون. هن جو پهريون ڪتاب "وينجھار" لوڪ ادب جي صنفن تي آڌاريل آهي. هو جتي بہ ويو، اتان جو ذڪر پنهنجي ڪيترن ئي مضمونن ۾ ڪيو آهي. وينجھار لوڪ ادب جو بنيادي ڪتاب آهي. اهڙيءَ طرح ڪيترائي مقالا لوڪ ادب جي ميدان تي آندائون. وينجھار ۾ پرولي، ڳجهارت، دراهو ۽ ٻيون ڳچ جنسون داخل آهن. وينجهار ڪتاب پڙهڻ سان لوڪ ادب جي جنسن جي ڄاڻ ملي ٿي. ان کان علاوه لسانيات ۾ بہ پاڻ ملهايو اٿس. ڊاڪٽر سنديلي صاحب کان اڳ عبدالحسين موسوي صاحب جا سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڪتاب لوڪ ادب جي صنفن جو ڏَسُ ڏين ٿا، پر جيڪا پذيرائي وينجھار کي ملي سا ڪنهن ٻئي ڪتاب کي نہ ملي. وينجھار جا اڄ تائين ٻارنهن، تيرهن ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جو لسانيات ۾ بہ چڱوچوکو ڪم ٿيل آهي. ڪتاب وينجھار کان پوءِ لوڪ ادب جي سهيڙ تي ڌيان ڏنو ويو. اهڙيءَ ريت لغات تي پڻ خاصو نور نچوئيائين. لغات تي پھريون ڪتاب "تحقيق لغات سنڌي" آهي. جنهن کي ڪيترائي ناميارا عالم ۽ اديب واکاڻي چڪا آهن. هن لغات کان پوءِ ئي سنڌي ادبي بورڊ جي معرفت لغات تي ڪم ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ لغات جا ترتيب وار پنج جلد ڇپرايا ويا. ان مان ظاهر آهي تہ لغات ۾ پهريون ۽ بنيادي ڪتاب تحقيق لغات سنڌي آهي. هن کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب سچل لغات لکي. ساميءَ جي لغات سنديلي صاحب جي ڪاوشن ۽ ڪوششن ۾ شامل آهي. ساميءَ سنديون سپون ۽ سامي ڌاتو ڪوش لکي، ساميءَ جي پستڪن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ لکيائين. پاڻ هڪ خاموش اديب ۽ ڏاهو هو. اصطلاحن جي اصليت تي بہ کناکيڙ ڪئي اٿس،تہ ٻئي پاسي وري پهاڪن جي پاڙ تائين پهتل ڀانئجي ٿو. ان کان علاوه ڏهس جي زمين ۾ سندس ڪتاب ڏهس نامو هڪ بھترين ڪتاب آهي،جنهن ۾ هڪ شيءِ جا ڏھ نالا ڏئي ڏهس کي پروڙڻ ۽ سمجهڻ ۾ نروار ڪيو اٿس. ان کان علاوه لوڪ ادب جي شاعرن ۽ سگهڙن جا ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرايا اٿس،جن ۾ حسين فقير ديدڙ، شاھ محمد ديدڙ ۽ خانڻ چنجڻيءَ جا نالا نمايان آهن. اهڙيءَ ريت آخوند عبدالرحمان تي بہ مقالا ملن ٿا.

لوڪ ادب سان وڏو نڀايائين ۽ لوڪ ادب تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪيائين. سندس اهو ڪتاب "لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو " لوڪ ادب جي صنفن ۾ بهترين ڪتاب تصور ڪيو وڃي ٿو. لطيفيات تي بہ سندس ڪافي ڪم ٿيل آهي. لطيف جي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ "اشتقاقي لغات لطيف" لکيائين. ڊاڪٽر صاحب جا مٿيان چارئي موضوع خاص پسند جا موضوع ھئا،جن جي زمين کي کيڙي، ٻوهر ٻاهر ڪڍي صاف جنسون ادب کي ارپيائين. هن وقت سندس لائق فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلو پنهنجي والد جي ٻاريل لاٽ کي سنڀاليون ٿو اچي. جيئن شروعات ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب اسلم سنديلو اڪيڊمي جو بنياد وجهي ڪتاب شايع ڪندو هو تيئن وري اسلم صاحب والد صاحب جي نقش قدم تي هلندي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊميءَ جو بنياد وجهي سندس ڇڏيل ڪتاب ڇپرائيندو رهي ٿو. اميد تہ اسلم صاحب سڀ ڪتاب ادب جي دنيا پڌرا ڪري پوءِ ڪو سک جو ساھ کڻندو.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪتاب وينجھار کي پڙهڻ سان مون بہ لوڪ ادب جو موضوع چونڊيو. جنهن جي ڪري ڊاڪٽر سنديلي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي لوڪ تي ڪيل ڪم جي حوالي سان تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ ڊيءَ جي سند سنڌ يونيورسٽيءَ مان ورتي. آخر ۾ آئون سنڌي ماڳ، محققن ۽ شاگردن کي اهو چوندس تہ لوڪ ادب کي سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جا ڪتاب پڙهڻ نہ وسارئين.

 

(ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي ڀيٽا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا