; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ عاصم آخوند

05 January, 2017

ڪامريڊ عاصم آخوند

ڪامريڊ عاصم آخوند

نوجوان مارڪسي استاد ۽ ڪامريڊ سان گهاريل ڪجهه پلَ

سجاد ظهير



اڄ ۲ سيپٽمبر آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي نوجوان فلسفي ۽ مارڪسي استاد ڪامريڊ عاصم آخوند جي جي وڇڙڻ جو ڏهاڙو آهي. سندس وفات ۲۰۰۸ع ۾ ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ ٿي. ڪامريڊ عاصم سان اسان جي دوستي تمام گهري هئي يا نه پر اسان لاءِ اها ڳالهه فخر جوڳي رهندي ته هو جيترو به عرصو بيماري دوران اسپتال ۾ رهيو اسان سندس خدمت ۾ پيش پيش رهياسين. عاصم پنهنجي پهرين آپريشن مان گهڻو مطمئن هو. اسان عزيز آباد واري علائقي جي طبيٰ اسپتال ۾ وٽس روز حاضري ڀريندا هئاسين. آپريشن کان پوءِ پرائيويٽ روم اسان جي ڪچهرين جو مرڪز بڻيل هو. ڪراچي ۾ رهندڙ ملڪ جي ناميارن ڪميونسٽ ۽ ترقي پسندن اڳواڻن پاران ڪيل عيادتن ڪامريڊ عاصم جي بيمار ۽ بائي پاس ٿيل دل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو هيو. عاصم صحتياب ٿيڻ کان پوءِ پنهجي گهر حيدرآباد روانو ٿي ويو. گلستانِ سجاد ۾ آرامي ٿيڻ بجاءِ ملاقات لاءِ اچڻ وارن ۽ نظرياتي ساٿين کي سياست، علم، ادب ۽ فلسفو پنهجي جوهري انداز ۾ پڙهائيندو ۽ سمجهائيندو رهيو. عاصم جي بائي پاس ٿيل دل کيس سڪون سان سان ويهڻ نه ڏنو. ڪجهه ئي ڏينهن بعد هڪ دفعو ٻيهر ساڳي اسپتال ۾ پهتو. دل جو مرض هاڻي بخار جي صورت ۾ پويان لڳي ويو. سندس بخار ۱۰۰ ڊگري کان هيٺ لهڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو، عاصم بخار جي ان ڪيفيت دوران به فلسفو سائنسي انداز سان پڙهائيندو هئو ۽ اسان جهڙا سيکڙاٽ کانئس پرائيندا هئا، هو اسپتال ۾ به ان وقت ملڪ ۾ هلندڙ وڪيلن جي جمهوري جدوجهد جون ڪاميابيون ٻڌائيندو رهيو.



تحريڪ جي مخالفت ۾ ڪم ڪندڙ نشي ۾ ڌت هٿ ٺوڪيو ڪميونسٽ گروپ جي موقف کي سڌي سنئين بدمعاشي سڏيائين. ڪامريڊ جي طبيعت ۾ ڪابه بهتري نه اچي سگهي مجبورن کيس آغا خان منتقل ڪرڻو پيو. آغا خان جي ڊاڪٽرن پاران ٻڌايو ويو ته عاصم جو ٻيهر آپريشن ڪرڻو پوندو. ان ڏينهن ۱۸ آگسٽ هئي. ملڪ جي اندر تاريخ جي تمام وڏي آمر ايوب ۽ ضيا جي نسلي اولاد پرويز مشرف جي تباهي جو فيصلو ٿيئڻو هيو ٻئي طرف ساڳئي ڏينهن تي اسان جي دوست عاصم آخوند جي آپريشن جي تاريخ هئي، آغا خان جي اسپتال جي آڳر ۾ عاصم جي مداحن ۽سندس انقلابي ڪارڪنن جون قطارون هيون جتي بخشل ٿلهي، نثار لغاري، فيض ڪيريي، مختيار راهو، شڪيل ملڪ، سرتاج خان، عبدالسلام مرحوم، ناصر منصور، شيرباز، لطيف لغاري ۽ آئون پريشاني جي حالت ۾ بيٺا هئاسين ڪامريڊ عاصم اسان کي چئي رهيو هيو ته جنرل جو وقت پورو ٿي چڪو آهي سمورن دوستن کي اهو بانور ڪرائي رهيو هيو ته آپريشن اوهان جو نه پر منهنجو ٿي رهيو آهي هو موضوع مٽائي باربار مشرف جي فيصلي تي پنهنجي ڪرشماتي ۽ عقلي ڏاهپ سان بحث ڪري رهيوهيو هو اسان جي دل جي درد ۽ اڌمن کي پنهنجي دل کان به وڌيڪ محسوس ڪندو هيو. دل جو درد وساري اسان کي ۽ پنهجي امڙ کي چئي رهيو هيو ته بردبار ٿي دليري کان ڪم وٺجانءِ ائين ڳالهين ڳالهين ۾اوچتو ڊاڪٽر پاران آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي وڃڻ لاءِ سڏ ٿيو. ڪامريڊ جي اندر وڃڻ سان سڀني جي دل جي ڌڙڪڻ ويتر تيز ٿي وئي. سندس سڏڪن ۾ چور چور امڙ کي ليبر پارٽي جي ڪامريڊ ساٿياڻين عزرا پروين، زهره اڪبر، شهلا رضوان ۽ ٻين سنڀالي ورتو پر عاصم جي امڙ جي بهادري مان ائين محسوس ٿي رهيو جيئن اسان کي سنبالي ورتو هجئين. اسان سڀ دوست پريشاني ۾ ٻڏي ويا هئاسين. ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ آءُ ۽ امان ڊاڪٽرن جي ڏنل وقت مطابق عاصم کي ڏسڻ لاءِ آءِ سي  يو جو رخ ڪيوسين. ٿوري ئي پنڌ تي امان جي موبائل وڄڻ شروع ڪيو فون تي ڳالهائڻ وقت امان جا سڏڪا شروع ٿي وڃن ٿا هوءُ جلدي ۾ مونکي جواب ڏئي ٿي ته ڊاڪٽرن گهرايو آهي ته جلدي پهچ، آءَ کيس چوان ٿو ته حوصلي کان ڪم وٺو اسان ٻئي آءِ سي يو طرف تيز وکون کڻون ٿا جتي بورزوا اسپتال جو عملو اسان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. آءُ کين چوان ٿو ته سڏ ٿيو آهي امان اندر وڃي ٿي ڪجهه گهڙين بعد مرڪندي موٽي اچي عاصم جي هوش ۾ اچڻ جو ٻڌائي مون کي ملڻ لاءِ اندر موڪلي ٿي آءَ اندر عاصم جي بيڊ تي پهچان ٿو جتي مونکي مرڪندي چوي ٿو ڪامريڊ ڪهڙا حال آهن. مون لاءِ سندس اهو زندهه دلي وارو انداز سچ پچ ته ڏاڍو وڻندڙ ۽ بهادري جو سبق ڏيندڙ هيو.

عاصم صحتيابي طرف وري سفر ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کان پوءِ وري اسان جون محفلون شروع ٿي وڃن ٿيون. پرائيويٽ روم اسان لا هڪ دفعو وري سکيا گهر بڻجي وڃي ٿو. اسان سڀ عاصم وٽ گڏ ٿيندا هئاسين جتي اسان جا ڀوڳ عاصم جي دل کي باغ بهار ڪري ڇڏيندا هئا. ساڳي وقت عاصم جو منطق ۽ فلسفي واري ڪچهري هُئي. سندس هڪ هڪ جملي ۾ لينن ۽ مارڪس جهڙي عالماڻي ڪيفيت جهلڪندي نظر ايندي هئي.

اها ۳۱ آگسٽ جي شام هئي جو اسان سڀ پارٽي ڪامريڊ شهيد نذير عباسي سوشلسٽ اسڪول جا ٽي ڏهاڙا ڪاميابي سان پورا ڪري سندس مارڪسي راءِ ٻڌڻ لاءِ حاضر ٿيا هئاسين. ان وقت ڪامريڊ تمام گهڻو خوش هو اسان کان جڏهن دوستن جي نظرياتي پختگي جي باري ۾ راءِ وٺڻ لڳو مون ڀوڳ ڪندي چيو ته ڪامريڊ اوهان جي غير موجودگي ۾ اسان وڏا (بلينڊر) ڪوڙ هنيا آهن. پاڻ ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏنائين سندس ان مرڪندڙ لهجي ۾ مون ۽ نثار به ٽهڪ ڏئي سندس چهري کي وڌيڪ کيري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين ئي کلندي کلندي اسان سڀ پنهنجي پنهنجي منزل طرف وڌياسين. اسان مان ڪنهن کي به خبر نه هئي اسان سندس مرڪندڙ وڏا ٽهڪ نه ٻڏي سگهنداسين.

۲ سيپٽمبرجي ان اڀاڳي ڏينهن اسان کان ڄڻ وقت جو سقراط، مارڪس، اينگلز، لينن ۽ گرامچي جو فڪري پوئلڳ ۽ نوجوان  مارڪسي استاد وڇڙي ويندو. آ هڪ ڏينهن جي وٿي بعد، ليبر پارٽي جي آفيس (جيڪا پڻ آغا خان اسپتال سڏ پنڌ تي هئي) جتي مون کي شيرباز ٻڌايو ته ڪامريڊ عاصم جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي. آ هڪ دم پوئتي ڊوڙ پائيان ٿو. تڪڙو تڪڙو اسپتال پهچان ٿو. ان جڳهه تي بيهي رهان ٿو، جتي حسبِ معمول، اسان سڀ دوست عاصم جي امڙ سان ڪچهري ڪندا هئاسين. اتي مون کي ڪو به پارٽي ڪامريڊ نظر نٿو اچي. آ ڪامريڊ ناصر جو نمبر ملايان ٿو، جيڪو هلڪي لهجي ۾ هيلو ڪري، منهنجي اندر کي پريشان ڪري ڇڏي ٿو. مون کي چوي ٿو؛ روم ۾ اچو. آ هڪدم روم طرف ڊوڙان ٿو. اندر داخل ٿيندي ئي، مون کي امان زينت جون دانهون ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين ٿيون. امان مون کي سڏڪا ڀريندي، چوي ٿي؛ هو ته ويو هليو.

پوري ڪمري ۾ دانهون ۽ رڙيون شروع ٿي وڃن ٿيون. مان پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيان ٿو. اسان سڀ ڪامريڊ امڙ جي اڳيان بت بڻجي وڃون ٿا. موت اسان کان عاصم جي زندگي واري جنگ کٽي وٺي ٿو اسان سڀ کان وقت جو انقلابي استاد ڏور هليو وڃي ٿو. اسان ڪاعذي ڪارروائي کان پوءِ سندس مڙھ کي کڻي حيدرآباد طرف روانا ٿي وڃون ٿا.

ڪامريڊ عاصم آخوند کي اسان کان جدا ٿئي ۷ سال ٿي چڪا آهن. پر اسان جي هي دل جنهن جي هڪ هڪ حصي کي عاصم پنهنجي فلسفياڻي ڏاهپ سان جوڙي ان ۾ مارڪسزم جي سچ کي ائين اڻي ويو آهي جو ان جي اندر هزارين صدين تائين سندس منطق جي سچائي عاصم جي گهر جي چائنٺ چمندي رهندي. عاصم جدلياتي فلسفي جي اها سچائي آهي جنهن جي اڳيان سنڌ جو نوجوان نسل هميشه رقص ۽ فخر ڪندو رهندو سندس اخلاق، نوڙت، دليري، سچائي ۽ علم جي ڇاپ مارڪسزم جي پرچارڪ تائين زنده رهندي. سندس لکڻيون هميشه جهالت جي خلاف نوجوانن جي آبياري ڪنديون رهنديون.



 

ڪامريڊ عاصم آخوند

هڪ ثابت قدم انقلابي

محب لغاري

ان شخص جي وڇوڙي بابت اسان ڪڏهن خواب خيال ۾ به نه سوچيو هو ته هو ائين اسان کان جدا ٿي ويندو. آ ڳالهه پيو ڪريان امان زينت ۽ چاچي لياقت آخوند جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڪامريڊ عاصم آخوند جي، جنهن پنهنجي ننڍڙي وهيءَ ۾، ڪميونسٽ نظريي، ترقي پسند سياست جي جيڪا خدمت ڪئي اها تمام وڏي آهي. هن ۱۶ سالن جي ڄمار ۾ سنڌ دوست تنظيم کان پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪيو. هن مختصر ليک اندر سندس سموري ڪم جو احوال ته نٿو ڏئي سگهجي پر ايترو ضرور ڄاڻائجي ته جڏهن ۱۹۹۰ع ۾ سوويت يونين ٽُٽو ته سڄي دنيا پر خاص طور تي سنڌ ۽ پاڪستان جي کاٻي ڌر جي سياست تمام گهڻي متاثر ٿي ان دؤر ۾ ڪميونسٽ پارٽي جيڪا کاٻي ڌر جي اهم پارٽي هئي، ان جا اڪثر اڳواڻ سياست کان ڪنارا ڪش ٿيا. ڪن اين جي او جو پاسو ورتو ته ڪن وڃي صحافت سنڀالي. هڪ لاٿ ۽ مايوسي جو دؤر شروع ٿيو. انهي ئي لاٿ واري دؤر ۾ ڪامريڊ عاصم آخوند مارڪسزم جو گهرو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ دوستن سان ڪچهريون شروع ڪيون جن ڪچهرين جو مرڪز هو، مارڪسزم، سوشلزم ۽ پورهيت طبقي جي نجات وارو سوال. انهن ئي نظرياتي ڪچهرين جي نتيجي ۾ حيدرآباد ۾ جڙيل دوستن جي گروپ تي ڪامريڊ عاصم آخوند ۱۹۹۳ع ۾ سنڌ رنيسانس ڪلب جو بنياد وڌو. هن ڪلب جو به مکيه مقصد سوشلزم ۽ مارڪسزم جي تعليم ڏيڻ ۽ ان جو دفاع ڪرڻ هو. انهيءَ پليٽ فارم تان ۱۹۹۴ع ۾ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪارل مارڪس جي سالگرهه ملهائي وئي، جنهن کي رسول بخش پليجو خطاب ڪيو. انهي دؤران ڪامريڊ عاصم سنڌ يونيورسٽي ۾ فلاسافي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. ۱۹۹۹ع ۾ هو روس جي ڪلوگا شهر جي ماسڪو اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو، جتي هن فلسفي ۾ ايم فل ڪئي. اتي ڪامريڊ عاصم آخوند روسي ٻولي ۾ مارڪسي منطق تي ٿيسز لکي. ڪامريڊ عاصم آخوند سموري زندگي مارڪسزم، ڪميونزم ۽ سوشلسٽ نظريي جو دفاع ڪيو ۽ ان جي ڦهلاءَ لاءِ پڻ جاکوڙ ڪئي. ۲۰۰۴ع ۾ دوستن سان گڏجي آدرش مئگزين جاري ڪيائين جنهن ۾ نظرياتي مضمون هوندا هئا. ان کان سواءِ سياسي، سماجي موضوعن تي پڻ مارڪسي نقطئه نظر جي لحاظ کان تجزيا ۽ ليک شامل هوندا هئا، هن پرچي جاري ٿيڻ سان سموري سنڌ اندر ترقي پسند فڪر بابت لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي هڪ نئين کيپ پيدا ٿي.

ڪامريڊ عاصم نه رڳو لکڻ ۽ ليڪچرز ذريعي سوشلزم جو دفاع ڪيو، پر هن عملي طور تي به پنهنجو ڪردار نڀايو. هو ۱۹۹۶ع کان مئي ۲۰۰۷ع تائين ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل رهيو، توڙي جو هو هڪ زميندار گهراڻي جو فرد هو پر هن ڪڏهن به عمل جي ميدان ۾ اهو خيال نه ڪيو ته ڪيترو ڏکيو سفر طئي ڪرڻو پوي ٿو، عمل جي ميدان ۾. هڪ ننڍڙو مثال وٺون ته ۲۰۰۵ع جي ناظمي نظام وارين چونڊن ۾ سندس ئي صلاح تي ساٿين کي ڪائونسلر لاءِ بيهاريو ويو. انهن ساٿين جي اليڪشن ورڪ وارن ڏهاڙن ۾ هو يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ کان پوءِ گهر پهچي ماني کائي ساهي نه کڻندو هو ۽ سڌو اسان جي ڳوٺ واڻڪي وسي پهچندو هو. اسان ورڪ لاءِ روانا ٿيندا هئاسين ۽ هو رات جو واپس گهر ويندو هو. انهيءَ سموري الڪيشن ورڪ ۾ هن پنهنجي گاڏي استعمال ڪئي ۽ چونڊن جي خرچ ۾ پڻ چڱي مدد ڪئي. ٻيو عملي سياسي ڪردار جو مثال اهو آهي جو جڏهن ۳ نومبر ۲۰۰۷ع تي آمر مشرف ملڪ تي ايمرجنسي مڙهي ته هو سرگرم ٿي ويو. تن ڏينهن ۾ ڪامريڊ عاصم ۽ اسان سڀ دوست ڪميونسٽ پارٽي ڇڏي ليبر پارٽي ۾ شامل ٿي چڪا هئاسين. حيدرآباد ۾ ڪامريڊ عاصم آخوند سڀني کاٻي ڌر جي پارٽين ۽ گروپن جو هڪ اتحاد قائم ڪرائڻ ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. سڀني ڌرين جي سگهه ايتري نه هئي جو ڪو عملي قدم کڻي سگهجي. پر اتحاد ٺهڻ کان پوءِ جدوجهد جو آغاز ڪيو ويو ۽ ايمرجنسي خلاف سخت مؤقف اختيار ڪيو ويو ۽ پمفليٽ ۽ اسٽيڪر ڇپرائي تقسيم ڪيا ويا. انهن ڏينهن ۾ سياسي ڪارڪنن جي پويان باهه ٻريل هئي پر هن ڪامريڊ انهن ڳالهين جي ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ سندس گهر سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻيل هو.

ڪامريڊ عاصم آخوند روس ۾ تعليم دؤران اتي جي رهواسڻ الدينا سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس اولاد پڻ ٿيو. ذاتي طور تي ڪامريڊ تمام شفيق ماڻهو هو. دوستن جي ڏک سک ۾ ڪم ايندو هو ۽ ڪامريڊن جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف محسوس ڪندو هو. سندس وڏي خوبي اها هئي جو گهڻو وقت نظريي جي بابت ئي سوچيندو ۽ ڳالهائيندو هو. ڪيترا به سوال ڪرڻ تي ناراض نه ٿيندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته اڳئين جي سوال جو مطمئن ڪندڙ جواب ڏئي. هو ۲ سيپٽمبر ۲۰۰۸ع تي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ دل جي تڪليف سبب، اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. اها خبر سندس خاندان توڙي سياسي ساٿين لاءِ ڪنهن وڏي ڏک وانگر هئي. سندس وڇوڙي کان وٺي اڄ تائين اسان کيس وساري نه سگهيا آهيون.


 

عاصم آخوند

سنڌ جو ڪامياب ۽ اصل هيرو

محمد ابراهيم جويو

هڪ ڏينهَن جو آزادُ جيئڻُ، سڄِيءَ عمر جي غلامُ جيئڻَ کان بهتر آهي، ڇو ته آزاديءَ جو جيئڻُ سجايو ۽ سَڦلُ ۽ غلاميءَ جو جيئڻُ اجايو ۽ بي ثَمُر هجي ٿو. آئون پنهنجي سڀَ پَرئين سُپاهتي دوست عاصم آخوند جي ۳۳ سالن جي ننڍيءَ وهيءَ کي، سندن نِبار اُمنگن ۽ سُرتوان ارادن ۽ ڪمن کي ياد ڪندي، حياتِ انسانيءَ جِي گذاريِلَ هڪ مثالي وَهيِ سمجهان ٿو.

مونکي چڱيِءَ پر ڄاڻَ آهي ته عاصم آخوندُ پنهنجي نيڪنام ۽ نيڪدل پيءُ ماءُ- محترم لياقت علي آخوند ۽ محترمه زينت صديقيءَ جي سدوري پٽ وانگر، عزت ڪندو هو؛ پيارين ڀِيڻن؛ صنم، شيبا، ڪَنوَل ۽ صائمه جي دک سک جو ڏاڍو اثر وٺندو هو، ۽ پنهنجي نور جهڙيءَ نماڻي پرديسڻ شريڪ حيات محترمه ماَلدِينا، ۽ معصوم اولاد علي رضا، عامر ۽ ايان جو جان نثار دوست ۽ سٻاجهي پيِءُ جيان سار سنڀالَ رکندو هُو. هو پنهنجي استادن جو با ادب شاگرد، ۽ دوستن جو وفادار ساٿي هو. عام انسانن جي هيڻائيءَ ۽ غريباڻي گذر لاءِ سندس دل ڪُڙهندي ۽ روح تڙپندو هو. مون سان سندن ڄاڻ سندن ثانوي اسڪول جي آخري سالن کان ئي ٿي هئي، ۽ پوئين دم تائين قائم رهي، ۽ ان لاءِ آئون پاڻ کي خوش نصيب ٿو ڀانيان.

يونيورسٽيءَ جي تعليم کان پوءِ، پنهنجي مُنهِن بندوبست ڪري وڏي حوصلي وارو نوجَوانُ عاصم آخوندَ، پري رُوسَ ۾ وڃي تعليم ورتي. چئن سالن بعد اُتان موٽڻ کانپوءِ به هُن منهنجي لئبرريءَ جا ڪيئي چونڊ ڪتابَ، خاص طرح انگريزيءَ جا ٿِنڪرسَ لئبرريءَ جي اشاعت وارا ۽ ٻيا پڙهيا، جن مان خاص ٻه ڪتاب هڪ ”The Secular city“ ۽ ٻيو ايم. اين. راءِ جو ”Reason, Romanticism & Revolution“ به پڙهيا. اڪثر ڪتابن تي پڇاڙيءَ ۾ هو پنهنجي صحيح ۽ تاريخ سنڌيءَ ۾ لکي ڇڏيندو هو، جيئن ايم اين راءِ جي ڪتاب تي، مثلاً سندن اُها تاريخ ۱۹۹۵-۳-۱۸ع لکيل آهي.

ان وچ ۾ منهنجو ڪتاب ”Save Sindh, save the continent“ پڙهڻ کان پوءِ، پاڻ هم خيال دوستن لطيف لغاري، سيد نور محمد شاهه ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي Sindh Renaissance Club جوڙايائون ۽ ان جي مهورت تي مون کان ايم.اين.راءِ جي زندگيءَ، ڪتابن ۽ سياسي عمل بابت ۲۴-۲-۱۹۹۵ تي ليڪچر ڪرايائون، جا تاريخ، راءِ جي ۱۰۸ جنم جي تاريخ به هئي.

ملڪ روُسَ کان پنهنجي اعليٰ تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ، عاصم آخوند سنڌ يونيورسٽيءَ جي فلاسافيءَ جي شعبي ۾ ڪچي ملازمت طور ليڪچرار جي جاءِ حاصل ڪئي، جنهن سان هو آخر دم تائين واڳيل رهيو.

انساني شعور جي خيال کان، منهنجي راءِ ۾ اسان جو وڇڙيل ساٿي عاصم آخوندُ، گهڻي گهڻي آڳاٽي دور کان هلندي ايندڙ عقيده پسند علم جي مقابَلي ۾سدا وُڌِيلُ، وڌندي ايندڙَ ۽ اڄ جي سڌريل کان سڌريلَ عقل پسند علم جو قائل هو، ۽ ان طرح انسانَ جي آزاديءَ، ترقيءَ ۽ سچ جي مزيد ڳولا ۽ دريافت لاءِ عمل هجڻ طور، هو مارڪسزم جي فلسفي جو سرگرم طرفدار هو.

عاصم آخوند سنڌ جو هڪ ڪامياب ۽ اصل هيرو هو، سندن مختصر زندگيءَ جو بي مثل حب وطن ۽ انسان دوستيءَ جو ڪردارُ، پورهئي ۽ جاکوڙ وارو، اسان وٽ قومي ورثي طور ڇڏيل آهي، جنهن جو قدر ڪرڻ ۽ اُن مان لاڀ حاصل ڪرڻ اسان جو حق به آهي ۽ ترجيحي فرض به. سندس ئي جهڙي هڪ درد مند محب وطن ۽ انسان دوست جوان عمر شاعر جي انمول لفظن ۾، جو به اسان کان وڇڙي ويل آهي، عاصم آخوندُ به اسان پونيرن کان ائين چئي، اهڙو ئي ڪجهه ڪردار طلبي ٿو.

ڪجهه ڏَئي وينداسين، ڪجهه  نه کڻي وينداسين،

ٻُورُ آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين

جي رهيو عشق سلامت ته مُحابي اُن جي

جي ڌڪارِن ٿا، اُنهن کي به وڻي وينداسين

شَلَ اَبَدَ تائين رهي، رنگُ سلامت گُلَ جو

هِيرَ جان پاند ۾، خوشبوءِ کڻي وينداسين.

-تنوير عباسي


 

عاصم آخوند

جنهن جي خوابن جو محور نئين ۽ جديد سنڌ ھئي

نثار لغاري

ڪي فڪري دوست توهان جي زندگي تي گهرا نقش ڇڏي ويندا آھن، انهن دوستن ۾ اسان جو هڪ دل گهُريو دوست ۽ استاد ڪامريڊ عاصم آخوند به هو، سندس بابت لکڻ منهنجي زندگي جو هڪ افسوس ناڪ باب آھي، ڇوته هڪ مخلص دوست ۽ هڪ ئي وقت نظرياتي استاد تمام وڏا رشتا آھن. مون کي ته غم ۽ عشق جي گهري معنيٰ جي خبر ئي سندس موت کان پوءِ پئي، سندس موت جي خبر هڪ اهڙي گهري ضرب هئي، جنهن سڀ ڪجھ اٿلائي پٿلائي ڇڏيو، مون پاڻ کي پولارن بليڪ هولس ۾ لڙڪيل محسوس ڪيو. هڪ پورهيت دوست وطن دوست سنڌ دوست انقلابي ساٿي عاصم آخوند جي موت جو صدمو اسان جي ڪايا ئي پلٽي ويو. عاصم جي موت جو صدمو ايترو گهرو آھي جو سندس جنم ڏينهن تي خوش ٿيڻ ئي اسان کي وسريو وڃي، ڪڏھن هڪ سٽ سندس لاءِ لکڻ مشڪل هوندو آھي، ڪڏھن دل چوندي آھي ته ساڻس گهاريل هڪ هڪ گهڙي کي ياد ڪري ايترو لکجي جو حقيقت افسانو بڻجي پوي، سچ پچ اڄ جي دور ۾ ھو افسانوي ڪردار ئي ته هو، هو هڪ پل آيو ٻئي پل هليو ويو، انهي واقعي تي ياد اچي ويو ته هڪ هندستاني شاعر به لکيو آھي ته آئون هڪ ٻه پل جو شاعر آھيان، منهنجي هستي هڪ پل ئي ته آھي، اسين انهي پل کي بامعنيٰ ڪيئن ٿا بنايون، اهي فلاسافيڪل بحث ڪچهريون رولاڪيون، اهي سڀ ياد ڪري ڪڏھن سوچيندو آھيان ته ماڻھو ڪيترو نه بي معنيٰ ۽ ڪڏھن تمام گهڻو بامعنيٰ ٿي پوندو آھي. پنهنجو پاڻ کي فڪري طرح ھر وقت متحرڪ رهڻ متحرڪ رکڻ عاصم جي خاصيت هئي، هو مارڪسزم ۽ سنڌ جي عام ماڻھو جي مسئلن، سنڌ جي تاريخ، قومي تضاد ۽ قومي غلامي مان نجات لاءِ جيڪو ڪجھ ڪري سگهندو هو، گهاٽ پيو گهڙيندو هو، سنڌ دشمن لاءِ اهو گهاٽ گهڙڻ ئي هوندو. سنڌ جي قومي غلامي جو مسئلو هن لاءِ ايترو ئي اهم هوندو هو، جيترو مارڪسزم هو، سنڌ جي عوام جي قومي غلامي مان نجات کي سوشلزم جي سامراج مخالف جدوجهد جو تسلسل سمجهندو هو، هن هڪ دفعي چيو ته ٽئين دنيا ۾ قومي غلامي کي ختم ڪرڻ انهن غلام قومن جي ڪميونسٽ جماعتن جو فريضو آھي، ڇوته قومي غلامي مان نجات سوشلزم طرف پهرين وک هوندي. سنڌ جي سڀني ڏاهن اديبن مارڪسزم جي ويجهو رهندڙ ھر قسم جي سياسي سماجي ڪارڪن سان عاصم جا تعلقات دوستاڻا هوندا هئا، هو سنڌ جي قومي طبقاتي جدوجهد جي فڪري جدوجهد جي علامت هوندو هو، ڪنهن به جماعت ۾ ھجي، سنڌ جي قومي حقن مسئلن بابت هر وقت اڳڀرو رهندو هو، هو سماجي ۽ عوامي ڪارڪن سڏائڻ وڌيڪ پسند ڪندو هو، ليڊر يا دانشور ٿيڻ کي هو تمام اعليٰ گڻ سمجهندو هو، ان ڪري ڪڏھن به پاڻ کي وڏي ڄاڻو واري خوشفهمي ۾ نه رکندو هو. ڪامريڊ ناصر منصور چوندو آھي ته عاصم وڏو پلانر هوندو هو، سنڌ ۾ ھڪ دفعو وري جدت سان سوشلسٽ اسڪول، مذاڪرا، ليڪچر، ڪچهريون ۽ فڪري پروگرام ڪرڻ توڙي ڪرائڻ ۾ عاصم جو وڏو هٿ هوندو هو. ڇھ مئي سندس جنم ڏينهن آھي پر مون اهو سمجهيو ته سندس جنم ڏينهن تي ياد ڪرڻ به ڄڻ سندس طرفان مارڪسزم لاءِ ڪيل جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ آھي. عاصم افسوس ته باوجود هڪ تخليقي فڪري ماڻھو جي تمام ٿورو لکيو پر اهو به زبردست لکيو، هو پاڻ چوندو هو ته ابتدائي سطح تي فڪري تحريرون ئي اڳتي هلي عمل ۽ فڪر جي ڳانڍاپي وسيلي وڌيڪ حقيقت يا لينن جي بقول ٺوس معروض کي بيان جي قابل ٿينديون آھن. عاصم ننڍي عمر ۾ ئي هليو ويو، جيڪو هڪ ٻيو افسوس ناڪ پهلو هو، جيڪو اسان جي دلين جا ڳچ ڳاريندو رهندو هو، فقط ٽيٽيھ سالن جي ڄمار ۾ ھليو ويو، ڇا لکي ڇا لکان. . .!؟ خالد چانڊيو چوندو هو ته عاصم جنهن سان دوستي رکندو آھي، ان کان پري رهڻ سندس لاءِ ڏکيو هوندو آھي، اهو دوست هن مان ڦاسي ويندو هو، جيڪو کيس وڻندو هو، هو اهو نه سوچيندو هو ته اڳيون دوست کيس ڪيترو ياد ڪري ٿو، وٽس اچي ٿو، انهي کان بي نياز هوندو هو، هن جي دوستي فڪري وڌيڪ هوندي هئي، ڇوته فڪري عمل کي تيز ڪرڻ ئي سندس اهم ترين ٽارگيٽ ھوندو هو. سندس روح ۾ پنهنجو وطن سنڌ ھو، هو ماسڪو مان آيو ته اها ڳالھ اڃا شدت سان محسوس ڪندو هو ته پنهنجي ڌرتي ۽ وطن دنيا ۾ ڪٿي به ملي نٿا سگهن، توهان جو روح توهان جو وطن هوندو آھي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۶ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


عاصم آخوند

هڪ مارڪسي انقلابي ۽ دوست

نثار لغاري

ڪالهه ۶ مئي عاصم آخوند جو جنم ڏينهن هو. عاصم جيڪو خوشحال گهراڻي جو فرد هو پر علم ۽ مارڪسزم سان سندس وابستگي کيس مظلومن پورهيتن ۽ غريبن سان ڳنڍي ڇڏيو. عاصم اسان جي اڳيان ان وقت ظاهر ٿيو جڏھن سوويت يونين ٽٽي چڪو هو ۽ هر طرف اهو چؤٻول هئو ته مارڪسزم ختم ٿي ويو، پورهيت طبقي جي سياست ختم ٿي وئي.

هي ان وقت نوجوان ٽھي ۾ انهن چند فردن مان هڪ هو جن مارڪسزم جو دفاع پئي ڪيو هو هر ان ماڻھو سان گفتگو ڪندو هو جيڪو سندس ڳالهه ٻڌڻ پسند ڪندو هو پوءِ ڀلي هو ساڻس قطعي متفق نه ٿئي تمام گهڻي ڌيرج ۽ مدلل انداز سان کيس پنهنجي نقطئه نظر کان آگاهه ڪندو هو مارڪسزم جي فڪري ترويج فلسفي تي ڪچهريون سندس زندگيءَ جو اڻ ٽٽ حصو هئا

هن پاڻ کي ڪافي حد تائين ڊي ڪلاس ڪري ڇڏيو هو. هن جي مزاج ۽ طبعيت ۾ سادگي هوندي هئي. هو وڏ گهراڻو هوندي به پنهنجو رعب يا پئسي جي نمائش نه ڪندو هو نه ئي فڪري طرح تمام وڏي اعلي مقام جو ڪو رعب وجهندو هو هارين عام سادن ماڻھن سان ڪچهريون ڪندو هو مون کي ياد آھي هڪ ڀيري سندس ڊرائيور عزيز ترڪ هن کان پڇيو ته اسان جا دشمن ڪير آھن ڪٿان کان اسان کي شروعات ڪرڻ گهرجي ته ان تي عاصم کيس سمجهايو ته اسين پهرين فڪري ۽ عملي طرح جاگيردار ۽ وڏيري سان جنگ ڪنداسين پوءِ انهي کي شڪست ڏينداسين ته پوليس پوءِ فوج ۽ آخر ۾ آمريڪا پاڻ اچي ميدان تي لهندو ان جو مطلب مقامي گماشتي سرمايدار جاگيردار وڏيري ۽ پوءِ سندس طاقت فوج ۽ آخر ۾ سامراج کي شڪست ڏئي هڪ عزت وارو آزاد سماج قائم ڪنداسين سنڌي قوم جي قومي تشڪيل جو ڪم به هتي جو پورهيت طبقو ڪندو ڇو ته وڏيرو ۽ سرمايادار ڪلاس مڪمل طرح ناڪارا بڻجي چڪو آھي

عاصم ذاتي دوستي نڀائڻ وارو به هوندو هو سندس دوستي پنهنجي ڪامريڊن سان هوندي هئي جنهن کي هو وس آھر نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو هو هو هڪ سٺو دوست به هو پوءِ ڪچهريون اسٽيڊي سرڪل هئا ۽ ننڍيون جدوجهدون سوشلزم تي ليڪچر اهو سلسلو سندس زندگي جي آخري گهڙي تائين هلندو رهيو اها ۲۰۰۸ جي منجهند هئي جو هو اسان کان وڇڙي ويو فقط ۳۳ سالن جي عمر ۾ ھن وقت به منهنجي ڪيفيت اها آھي جو جئين جئين وقت گذري پيو سندس يادگيريون ۽ ڪچهريون وسرڻ بدران تازيون ٿينديون رهن ٿيون سندس اوچتو وڇڙي وڃڻ جو ڏک مرڻ گهڙي تائين رهندو

اسان گڏجي عاصم جي ايڊيٽرشپ ۾ آدرش ميگزين جاري ڪيو ته جئين وري سنڌ۾ مارڪسزم جي آبياري ڪجي ۲۰۰۵ کان ۲۰۰۸ تائين اهو سلسلو جاري رهيو افسوس ته عاصم مارڪسزم تي تمام گهٽ لکيو ۽ اهو به فقط آدرش ميگزين جي ڪري اسان ۽ ٻيو دوستن جو فڪري نظرياتي حلقو سندس محنتن جو نتيجو آھي عاصم آخوند جو خواب هڪ خوبصورت سماج جو سپنو نيٺ ساڀيان ماڻيندو ظلم استحصال ۽ جبر جون سڀ صورتون نيٺ ختم ٿينديون

سنڌ۾ جاگيرداري وڏيراشاهي کي جيستائين ختم نه ڪبو ڪنهن قسم جي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهندي هڪ جمهوري سماج به تڏھن قائم ٿي سگهندو عاصم اڪثر ورجائيندو هو هن جو چوڻ هو ته عالمي ۽ مقامي سامراجي قوتن جو ڀرجهلو جاگيردار سردار ۽ وڏيرو آھي ان کي ڪمزور ڪرڻ جي هر سياست اسان جي سياست آھي وڏيري سان وڙھڻ معنيٰ آمريڪا ۽ ھتان جي قابض ھر حاڪم سان وڙھڻ عاصم تمام ٿورو لکيو پر اهو اسان جي آدرش سٿ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ڪامران جتوئي ان ڪتاب آزادي جو فڪر تي رويو لکيو آھي

آزاديءَ جو فڪر – عاصم آخوند (ڪتاب)

“آزاديءَ جو فڪر” ڪتاب ڪامريڊ عاصم آخوند جي چونڊ لکڻين، ترجمن، انٽرويو ۽ سوالن جوابن تي مشتمل آهي. مارڪسي فڪر سان وابسطا ڪامريڊ عاصم صرف ۳۳ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، پر ٿورڙي عرصي ۾ هُو وڏو ڪم ڪري ويو. سنڌ جي ڏاهي، دانشور محمد ابراهيم جويو عاصم جي مرتئي پڄاڻان لکيو هو ته “هڪ ڏينهَن جو آزادُ جيئڻُ، سڄِيءَ عمر جي غلامُ جيئڻَ کان بهتر آهي، ڇو ته آزاديءَ جو جيئڻُ سجايو ۽ سَڦلُ ۽ غلاميءَ جو جيئڻُ اجايو ۽ بي ثَمُر هجي ٿو. آئون پنهنجي سڀَ پَرئين سُپاهتي دوست عاصم آخوند جي ۳۳ سالن جي ننڍيءَ وهيءَ کي، سندن نِبار اُمنگن ۽ سُرتوان ارادن ۽ ڪمن کي ياد ڪندي، حياتِ انسانيءَ جِي گذاريِلَ هڪ مثالي وَهيِ سمجهان ٿو.” ڪتاب جي مهاڳ ۾ لطيف لغاري لکي ٿو ته “عاصم به سنڌ جو هڪ اهڙو ئي بي انت ڪردار هو، جنهن جي سڄي شعوري زندگي هڪ خاص اعليٰ مقصد کي وقف ٿيل هئي. جنهن جي حاصلات لاءِ هو، هر پل هر گهڙي، سوچ ۽ لوچ ۾ محو ۽ مشغول هو. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هن شخص جي واتان نااميدي ۽ مايوسيءَ جو لفظ نه ٻڌو، ڪڏهن به مارڪسي فڪر ۽ عمل کان غافل نه ڏٺو. عاصم سنڌ جي موجوده تاريخ ۾ ننڍڙي ڄمار ۾ اهو نالو ڪمائي ويو، جيڪو ڪن ٿورڙن ماڻهن کي نصيب ٿيو هوندو.”

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



ڪامريڊ عاصم آخوند

(ترقي پسند اديب، سياسي اڳواڻ - جنم ڏينهن جي نسبت سان - مھراڻ جا موتي ۲۹۸)

ساجد رند

ڪامريڊ عاصم آخوند ۶ مئي ۱۹۷۵ع تي سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ جنم ورتو، ڪامريڊ جي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ۾ انھن جي والدہ محترمہ زينب صديقي جو وڏو عمل رھيو، جنهن ڪامريڊ کي مطالعي جي طرف راغب ڪيو، جنهن بعد ترقي پسند اديب سائين محمد ابراهيم جويوجي صحبت ۾ رھڻ سبب ڪامريڊ جي مطالعي ڪرڻ ۽ غور فڪر کي وڌيڪ چار چنڊ لڳي ويا.

ڪامريڊ عاصم ابتدائي تعليم پنھنجي ئي شھر مان حاصل ڪئي.

ڪامريڊ پنھنجي سياسي سفر جي شروعات ”سنڌ وطن دوست انقلابي پارٽي “ سان ڪئي، جنهن بعد ۱۹۹۶ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائون، انھي دؤران ئي پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي (فلسفي ۾) ڪري ورتائون، جنهن بعد مارڪسزم جي اعليٰ تعليم لاءِ ماسڪو (روس) ھليو ويو، جتي ”مارڪسي منطق “ جي عنوان تي ايم فل ڪيائون، روس ۾ پرڪشش ملازمت ۽ رھائش به کيس اتي دل کي نه لڀائي سگھيا، نيٺ پنھنجي وطن جي خدمت لاءِ ۲۰۰۳ع ۾ واپس موٽي آيو، واپس اچڻ بعد ڪميونسٽ پارٽي ۾ قيادت جي فقدان ۽ پارٽي جي غير فعال ھجڻ کان دلشڪستہ ٿي پارٽيءَ کان الڳ ٿي ويو، جنهن بعد مارڪسي فلسفي، نظرئي جي پرچارڪ ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ترويج و اشاعت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين، بحث مباحثن، سکڻ سيکارڻ لاءِ اسٽڊي سرڪلز، ميٽنگز ۽ سياسي سرگرمين کي زور وٺرايائون، ھڪ طرف ھو سنڌ يونيورسٽي جي فلسفي شعبي ۾ استاد طور پڙهائڻ لڳو، تہ ٻي طرف پنھنجي گھر کي به علمي، ادبي ۽ فلسفانہ بحث مباحثن ۽ ڪچھرين جو مرڪز بنائي ڇڏيائين.

ڪامريڊ عاصم ۲۰۰۴ع ۾ پنھنجي ھم خيال دوستن سان ملي سنڌ ٻوليءَ ۾ بين الاقوامي معيار جي مارڪسسٽ رسالي ”آدرش“جو بنياد رکيو (جيڪو ھاڻي ٽماھي ”سماجواد “ جي نالي سان شايع پيو ٿئي).

سال ۲۰۰۷ ۾ ڪامريڊ پنھنجي ساٿين سميت ليبر پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، جنهن ۾ پوءِ زندگيءَ جي آخري ايامن تائين وابسته رھيو، ڪامريڊ عاصم ليبر پارٽيءَ جي مرڪزي ايگزيڪٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر، پارٽي ترجمان رسالي ھفتيوار رسالي ” مزدور جدوجهد “ جي ادارتي بورڊ جو ميمبر ۽ پارٽيءَ جي يوٿ ۽ ايجوڪيشن جو سيڪريٽري رهيو، پاڻ پارٽيءَ ۾ ھڪ سرگرم اڳواڻ طور پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين.

ڪامريڊ عاصم ”اسٽالن ٽراٽسڪي جھيڙو“، ”ڪامريڊ لينن ۽ ٽراٽسڪي جي درميان پارٽي جي باري ۾ فرق“، ”ڪامريڊ اسٽالن جا سياسي طاقت ۾ اچڻ جا سبب “، ”انقلاب جو جدلي تصور ۽ مستقل انقلاب جو نظريو “، ”بيوروڪريسي ۽ اسٽالن جو دور“، ”غدارن جو قاتل، جوزف اسٽالن “ڪامريڊ لينن ۽ ملڪ ۾ سوشلزم “، ”ناظمي سرشتي جي اصليت “، ”فوجي عدليه، تضاد ۽ جمھوري تحريڪ “ جھڙن انيڪ موضوعن تي ڀرپور مدلل مضمون لکيا، جيڪي مختلف وقتن تي مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رھيا.

سنڌ جو ھي ترقي پسند، مارڪسسٽ اڳواڻ ۲ سيپٽمبر ۲۰۰۸ع تي ۳۳ سالن جي عمر ۾ ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪامريڊ عاصم جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتاب جي صورت ۾ موجود آھن.

۱. آدرش (ترقي پسند، تعليمي، فڪري رسالو)

۲. آزاديءَ جو فڪر (فڪري مضمون)



عاصم آخوند

سنڌ جي مارڪسي تحريڪ جو عظيم سپاهي

يامين جتوئي

هڪ انقلابي نظرئي سان هٿياربند ڪارڪن ۽ روايتي حڪمران سياسي پارٽين سان سلهاريل سياسي ڪارڪن ۾ فرق اهو هوندو آهي ته هڪ ته انقلابي ڪارڪن جي نقطه نظر پويان هڪ منظم ۽ باشعور سمجهه موجود هوندي آهي، ٻيو ته هو تاريخي ضرورت جي تفهيم ڪري سگهڻ جو اهل هوندو آهي، جيڪا کيس حقيقي معنيٰ ۾ آزاد ڪري ڇڏيندي آهي، تڏهن ئي هو رياستي جبر ۽ ٽارچر سيلن ۾ تشدد کي برداشت ڪري نذير عباسي جيان شهادت قبولڻ کان به ناهي ڪيٻائيندو ته عاصم آخوند جيان ملڪيتدار طبقي سان تعلق هئڻ باوجود پاڻ کي ڊي ڪلاس ڪري هارين ۽ مزدورن جي نجات لا جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ کان به ناهي گهٻرائيندو. ۲ سيپٽمبر تي ان عاصم آخوند جي ۱۴هين ورسي هئي، جنهن پنهنجي زميندار طبقي سان بغاوت ڪندي، مارڪسزم-ليننزم جي بينر هيٺ مزدورن ۽ هارين جي حاڪميت لا جدوجهد ڪئي. عاصم دراصل مارڪسزم-ليننزم جو عاشق هو، کيس ڪميونزم سان عشق هو.

عاصم جي زندگي نظرئي ۽ عمل جي تجسيم هئي. سندس نظرئي مارڪسزم-ليننزم سان وابستگي ڪيتري مضبوط هئي، ان جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، جڏهن هو زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ هو ته، پنهنجن ساٿين کي اها ئي تلقين ڪندو رهيو ته، مارڪسزم جي پارت اٿو. ڇو ته سنڌ ۾ مارڪسي تحريڪ کي پوين ۱۵-۲۰ سالن کان پنهنجن پيرن تي بيهارڻ وارو انقلابين سان گڏ عاصم به هو. ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر ۹۰ع جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ عالمي سطح تي پورهيت رياستن جي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ هڪ مايوسي واري صورتحال پيدا ٿي. ان کان پوءِ ماضيءَ جا “انقلابي” مارڪسزم تان دستبردار ٿيا ۽ توبهه تائب ٿي هنن اهو چيو ته، هنن ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو اجايو هو، سندن جدوجهد رائيگان وئي. بنهه ٿورڙا ماڻهو هئا، جن انقلابي مايوسيءَ واري ان دور ۾ انقلاب جي ڳالهه ڪئي ته، مارڪسزم جي موجوده حالتن سان لاڳاپيل هجڻ جي به پروپئگنڊا ڪئي. پر سنڌ اندر مارڪسزم جي واڌ ويجهه ۽ مارڪسي تحريڪ کي معياري سطح تائين پهچائڻ ۾ ٻين انقلابين سان گڏ ڪامريڊ عاصم جو به اهم ڪردار هو. ۹۰ع جو سڄو ڏهاڪو عاصم جي پروپئگنڊا جو محور مارڪسي نظريو هو. اهو ئي سبب هو جو هن ڪيترن ئي پروگرامن، اسٽڊي سرڪلز، ليڪچرن ۽ ذاتي ڪچهرين ۾ مارڪسزم جي پروپئگنڊا کي عام ڪيو. بعد ۾ نئين صديءَ جي شروعات ٿي ته، هن ڪجهه هم خيال ساٿين سان گڏجي آدرش نالي هڪ اهڙي نظرياتي رسالي جا بنياد وڌا، جنهن مارڪسي فڪر کي سنڌ اندر خاص طور نوجوانن ۾ عام ڪيو. اهو بنهه مختصر تعارف آهي عاصم جو. ڇاڪاڻ ته عاصم جي فڪر ۽ عمل جي دائرن ۾ ڪيل جدوجهد وسيع آهي جنهن سان هڪ ننڍڙي آرٽيڪل ۾ انصاف به نٿو ڪري سگهجي.

عاصم سان منهنجي پهرين ملاقات بهار ۲۰۰۶ع ۾ ٿئي ٿي. ڪميونسٽ ساٿي نثار لغاري فون ڪري چوي ٿو ته، اڄ ڪامريڊ عاصم جي حيدرآباد واري گهر ۾ اسٽڊي سرڪل رکيل آهي، جنهن ۾ پاڻ کي شرڪت ڪرڻي آهي. عاصم جيڪو مارڪسي رسالي آدرش وسيلي مون سان اڳ ۾ ئي متعارف ٿيل هو. کيس جسماني طور ڏسڻ جو اهو موقعو مون هٿان وڃائڻ نه ڏنو ۽ مون ساٿي نثار سان گڏ وڃڻ جي حامي ڀرڻ ۾ دير نه ڪئي. اسان عاصم جي گهر وٽ پهتاسين ۽ عاصم کي پنهنجي گهر ٻاهران سندس ساٿين لاءِ بيچئني سان انتظار ڪندي ڏٺو. سندس انتظار جو مقصد اهو ئي هو ته، جلد ۾ جلد ۽ گهڻي ۾ گهڻا دوست پهچن ته، اسٽڊي سرڪل هلائي سگهجي.

اسٽڊي سرڪل مارڪس ۽ اينگلز جي ڪتاب جرمن نظريو (جرمن آئيڊيولجي) تي رکيل هو. ان اسٽڊي سرڪل ۾ ڪامريڊ عاصم جي مارڪسي فلسفي جي هڪ اهم جز تاريخ جي ماديت پسند تصور جي مختلف رخن تي فڪري ڳالهه ٻولهه دوران سندس فڪري گهرائي جو عملي تجربو ٿيو. هونئن ته “آدرش” رسالي ۾ سندس لکڻيون تمام گهڻيون فڪري هونديون هيون، پر منهنجو رايو آهي ته، عاصم جيترو سٺو لکندو هو، ان کان وڌيڪ سٺو ڳالهائي سگهندو هو، عملي سياست تي عمومي طور ۽ نظرياتي ۽ فلسفياڻن موضوعن تي خصوصي طور سندس ڳالهه ٻولهه ڪپڙن جي تاڪئي جيان کلندي ويندي هئي. اها سندس نظرياتي پختگي ئي هئي جو، هو سوويت يونين جي انهدام کي مجموعي طور مارڪسزم ۽ سوشلزم جي ناڪامي نه سمجهندو هو، هن ڪچهرين ۽ آرٽيڪلن ۾ اهو ئي چيو ۽ لکيو ته، ويهين صديءَ ۾ سوشلزم جي ناڪامي عارضي ناڪامي آهي، انساني سماج کي اڳي پوءِ سوشلسٽ معيشت ڏانهن ئي وڌڻو آهي، نه ته بربريت سندس مقدر آهي، مارڪسزم جو دور اوس شروع ٿيڻو آهي. جيئن مون کانئس هڪ انٽرويو ڪيو هو، جنهن ۾ مون کانئس اهو سوال ڪيو هو ته، موجوده سرمائيداري نظام ۾ سوشلست تحريڪ پنهنجي مقصد ڏانهن وڃي پئي ۽ ڇا اها سرمائيداري نظام سان گهربل ويڙهه ۾ آهي؟ ته ان جو جواب ڏيندي عاصم چيو هو: “ڳالهه اها آهي ته، سرمائيداري هن وقت وڏي بحران ۾ آهي، اهو اهو آهي ته سامراجي ملڪ اسان تي جيڪي سامراجي پاليسيون مڙهين ٿا پيا، جنهن ۾ پرائيويٽائيزيشن آهي، انهن سان به ماڻهن جو تضاد تيزي سان وڌي پيو، جيڪو اسان مختلف ملڪن ۾ ڏسون پيا. مثلن پاڪستان ۾ اسٽيل مل وارو واقعو کڻي ڏسون، پي ٽي سي ايل ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻيٽن وارو مامرو آهي، اهي سمورا تضاد بنيادي طرح سان سرمائيداريءَ جي خلاف آهن ۽ اهي تضاد جيئن جيئن انهن خلاف لڙايون ڪندا، نتيجي طور، تيزيءَ سان سوشلزم ۽ سوشلسٽ ادب، فڪر ۽ ڪارڪنن ڏانهن ماڻهو مائل ٿيندا. ڇو ته انهن ماڻهن وٽ معاشي نظام جو متبادل ڪونهي. سرمائيداري نظام سان جيڪو اڄوڪو تضاد آهي، جيڪي به تضاد پيدا ٿين ٿا، مزدور وٽ فڪر ڪونهي ۽ مزدور طبقو يا جيڪي سامراج دشمن قومي تحريڪون آهن، انهن وٽ سرمائيداري نظام کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڪو نقطه نظر ڪونهي. نتيجي طور، پهرين دائري ۾ ان سڄي فڪر ڏانهن واپسي ٿيندي. ٻئي دائري ۾ ان مايوسيءَ مان قيادت ۽ خود ڪارڪن نڪرندا. ڇاڪاڻ جو هر سياسي تحريڪ پاڻ سان گڏ پنهنجا ڪارڪن کڻي ايندي آهي. ” (عاصم آخوند: ڪتاب آزاديءَ جو فڪر)

هڪ ٻي ڪچهريءَ جو احوال هيئن آهي ته، اسان ڪجهه دوست عاصم جي گهر ۾ ويٺا هئاسين. اهي اهي ڏينهن هئا، جڏهن پاڪستان اندر وڪيلن جي تحريڪ عروج تي پهتل هئي. ڪچهري ۾ ويٺل مختلف دوست ان جي مختلف پاسن تي ڳالهائي رهيا هئا. خاص طور، ان جو جمهوري پاسو تمام گهڻو بحث هيٺ هو. ان وچ ۾ عاصم پنهنجي راءِ ڏيندي هڪ ٻئي مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته وڪيلن جي تحريڪ ته ٺيڪ آهي، پر پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ وڏي گڙ ٻڙ آهي. اتي وڏو ممڻ مچي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون رکيائين پر ساٿي جيڪي وڪيلن جي تحريڪ جي سحر ۾ ورتل هئا، عاصم جي اٿاريل ان اهم سوال ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو. بعد ۾ دنيا ڏٺو ته، پاڪستان جا قبائلي علائقا سڄي دنيا جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويا. اتي فوجي آپريشنن جي شروعات ٿي ۽ دهشتگرديءَ جي وڏن وڏن نيٽ ورڪن ۽ ڪرتن ڌرتن جا انڪشاف ٿيا. مقصد اهو آهي ته، عاصم تمام اڳتي ڏسي سگهندڙ ماڻهو هو. ان جو سبب سندس اها فڪري گهرائي ۽ نظرياتي سمجهه هئي، جنهن منجهس ان سطح جي سياسي بصيرت کي جنم ڏنو، جو جڏهن بحث جا موضوع روايتي مسئلا ۽ معاملا هوندا هئا ته، عاصم سدائين انهن مسئلن جي نشاندهي ڪندو هو، جيڪي بظاهر نظرن کان ته اوجهل هوندا هئا، پر موجود هوندا هئا.

بهرحال، حرص، هٻڇ ۽ لوڀ ۽ نجي مفاد تي ٻڌل سرمائيداري ڪرپٽ ۽ انسان دشمن صحت جي نظام نوجوان ڪميونسٽ انقلابي کان ۳۲ سالن جي ڄمار ۾ حياتي کسي ورتي ۽ هو ۲ سيپٽمبر ۲۰۰۸ع ۾ اسان کان موڪلائي ويو.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۳ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

عاصم آخوند

فڪري طرح زنده رهندو

نثار لغاري

ڪامريڊ عاصم آخوند کي موڪلائي ۱۴ سال ٿي رهيا آھن. وقت ڪيتري تيزي سان گذري ويو. عاصم آخوند انهيءَ دور ۾ فڪري طرح متحرڪ ٿيو، جڏھن ايڪانوي ۾ سوويت يونين جي خاتمي سان سموري دنيا ۾ نه فقط بحث ھلي رهيو هيو. پر انسان ذات جي سموري تاريخ جي طبقاتي جدوجهد جي خاتمي جو پڻ اعلان ڪيو ويو اهو چيو ۽ لکيو پئي ويو ته مارڪسزم ۽ طبقاتي ڪشمڪش ھاڻ تاريخ جي ماضي جو قصو بڻجي ويو، هاڻ قومون ۽ طبقا بهتر طريقي سماجي جمهوريت يا بورجوا جمهوريت وسيلي سڀ حق حاصل ڪري وٺندا پر اهو سڀ ڪجهه غلط ثابت ٿيو پر ڪامريڊ عاصم کي ان سلسلي ۾ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي هڪ طرف هو سائين ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، محمد خان احمداڻي، نجم عباسي، پروفيسر الهداد ٻوهيو، حيدر علي لغاري، خاڪي جويو سان نوجوانن جون ڪچهريون ڪرائيندو هو ليڪچر ڪرائيندو هو ته ٻئي طرف وري فڪري مارڪسي اسٽيڊي سرڪل به هلائيندو هو. سندس جدوجهد هر وقت هر صورتحال ۾ جاري رهندي هئي.

هو سنڌ جي قومي آزادي ۾ يقين رکندو هو انڪري هو سمجهندو هو ته مارڪسزم ليننزم مظلوم قومن ۽ طبقن جو وڏو هٿيار آھي. اسين مايوس ٿي ويندا هئاسين ته به هو ڪچهرين ۾ اهو چوندو هو ته مارڪسزم تاريخ جو عظيم ترين سچ آھي اهو ڪڏھن به ختم نه ٿيندو اها هاڻ سماجي سائنس آھي سماجي سائنس به ائين ئي سچائي آھي جهڙي طرح ٻيون سائنسون آھن.

هن اهو سمجهيو پئي ته ڪنهن به وڏي انقلابي تحريڪ کان اڳ فڪري انقلاب ايندو انڪري سياسي جدوجهد سان گڏ مسلسل فڪري جدوجهد ڪرڻ سندس سرشت ۾ شامل هو، هن مطالعي وسيلي ۽ روس وڃي سمورو مشاهدو ڪيو ۽ ھو جڏھن ماسڪو يونيورسٽي مان منطق ۾ ايم فل جي ڊگري ڪري آيو ته کيس اهو مڪمل يقين ٿي چڪو هو ته هي سموري انساني سماج جي لاٿ تحريڪن جو ڪمزور ٿيڻ عارضي آھي. ڪجهه وقت کان پوءِ تمام وڏيون پورهيتن جون تحريڪون اڀرنديون مظلوم قومن جون آزادي جون تحريڪون سگهاريون ٿينديون. سامراجيت جيڪي هٿڪنڊا استعمال ڪندي اهي سندس ڳچي ۾ پوندا. عارضي طرح ھو عوام کي بيوقوف بنائيندا پر تاريخ جو سمورو جهڪاءُ مظلومن ۽ محڪومن طرف وري موٽ کائيندو ۽ اهو ٿوري عرصي ۾ ٿيندو.

اڄ اها حقيقت ظاهر ٿي رهي آھي فقط پاڪستان جو مثال وٺون ته حڪمران طبقا اقتدار ۽ عوام جي پيدا ڪيل دولت جي ڦرلٽ لاءِ وڙھي رهيا آھن پيپلزپارٽي جي جلاد وڏيرن کي ماڻھو ست سريون ٻڌائي رهيا آھن ٻوڏ ويتر سندن ڪاوڙ کي تيز ڪري ڇڏيو آھي هي سڀ آثار هڪ نئين قومي انقلابي طبقاتي تحريڪ جا آھن.

عاصم آخوند جي اها ڪوشش رهي ته سموري سنڌ ۽ دنيا ۾ مارڪسزم جي فڪري ۽ عملي تحريڪ وري زور وٺي ڇو ته سنڌ توڙي دنيا جي پورهيت طبقي جي نجات مارڪسزم وسيلي ممڪن آھي. عاصم آخوند انهي سلسلي ۾ آدرش ميگزين جو آغاز ڪيو جنهن ۾ مارڪسزم ۽ سماج جي بنيادي معاملن تي هن دوستن جي ٽيم سان گڏ لکيو ڪچهريون ڪيون فڪري آبياري ڪئي آدرش سٿ ۾ بخشل ٿلهو، لطيف لغاري، شفقت قادري، نثارلغاري ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن کي هن جوڙيو. هن سمجهيو پئي ته هر انقلابي تحريڪ کان اڳ هڪ وڏي فڪري تحريڪ جي ضرورت آھي.

افسوس زندگي ساڻس ساٿ نه ڏنو ۽ هو هليو ويو، پورهيت طبقي جي آزادي مظلوم ۽ محڪوم قومن جي آزادي هڪ اشتراڪي سماج سندس خواب هو جيڪو جلد يا دير زرور ساڀيان ماڻيندو.

مون کي ياد آھي ته هن عدليا جي تحريڪ تي ڳالهائيندي اهو چيو هو ته هاڻ سڌي آمريت لڳي نه سگهندي. مشرف جي وردي لهڻ ۽ پوءِ ٽيهه آگسٽ تي صدارت ڇڏڻ جي خبر تي هو تمام گهڻو خوش ھو. هن جو چوڻ هو ته هن رياست ۾ جمهوريت کي اڳتي نه وڌايو ويو ته ملڪ نه رهندو ۽ اڄ توڙي ايندڙ وقت اهو ثابت ڪندو ويندو اڄ جيتوڻيڪ اسانجي سماج ۾ ڪيترائي نوان بحث ڇڙيل آھن. سوشل ميڊيا تيزي سان ماڻھن جي خيالن کي تبديل ڪري رهي آھي پر اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ وري به ڪامريڊ عاصم جيان فڪري ويهڪن اسٽيڊي سرڪل جاري رکڻ جي ضرورت آھي

اڄ آمريڪي سامراجيت جودور چئلينج ٿي چڪو آھي هتي سندس ساٿاري قوتون فوجي جرنيل ظاهر ٿي چڪا آھن. جمهوريت جي چوغي ۾ لڪل مسلم ليگ ن پيپلزپارٽي مولانا فضل الرحمن عمران خان هڪ ٻئي کي هتي آمريڪي مداخلت ۽ حڪمراني کي وائکو ڪري رهيا آھن. مهانگائي، ٻوڏون عوام دشمن قوتن کي ننگو ڪري رهيون آھن هاڻ فقط انقلابي قوتن جي کوٽ آھي

ڪامريڊ عاصم جو ڪتاب آزادي جو فڪر سندس تحريرن جو مجموعو آھي اهو هر دوست کي پڙھڻ گهرجي، سرخ سلام عاصم.

 

ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۳ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

1 comment: