ڪامريڊ عاصم
آخوند
نوجوان مارڪسي
استاد ۽ ڪامريڊ سان گهاريل ڪجهه پلَ
سجاد ظهير
اڄ ۲ سيپٽمبر آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن سنڌ
جي نوجوان فلسفي ۽ مارڪسي استاد ڪامريڊ عاصم آخوند جي جي وڇڙڻ جو ڏهاڙو آهي. سندس
وفات ۲۰۰۸ع ۾ ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ ٿي. ڪامريڊ عاصم سان اسان
جي دوستي تمام گهري هئي يا نه پر اسان لاءِ اها ڳالهه فخر جوڳي رهندي ته هو جيترو
به عرصو بيماري دوران اسپتال ۾ رهيو اسان سندس خدمت ۾ پيش پيش رهياسين. عاصم
پنهنجي پهرين آپريشن مان گهڻو مطمئن هو. اسان عزيز آباد واري علائقي جي طبيٰ
اسپتال ۾ وٽس روز حاضري ڀريندا هئاسين.
آپريشن کان پوءِ پرائيويٽ روم اسان جي ڪچهرين جو مرڪز بڻيل هو.
ڪراچي ۾ رهندڙ ملڪ جي ناميارن ڪميونسٽ ۽ ترقي پسندن اڳواڻن پاران ڪيل عيادتن
ڪامريڊ عاصم جي بيمار ۽ بائي پاس ٿيل دل کي متحرڪ ڪري ڇڏيو هيو. عاصم صحتياب ٿيڻ
کان پوءِ پنهجي گهر حيدرآباد روانو ٿي ويو. گلستانِ سجاد ۾ آرامي ٿيڻ بجاءِ ملاقات
لاءِ اچڻ وارن ۽ نظرياتي ساٿين کي سياست، علم، ادب ۽ فلسفو پنهجي جوهري انداز ۾
پڙهائيندو ۽ سمجهائيندو رهيو. عاصم جي بائي پاس ٿيل دل کيس سڪون سان سان ويهڻ نه
ڏنو. ڪجهه ئي ڏينهن بعد هڪ دفعو ٻيهر ساڳي اسپتال ۾ پهتو. دل جو مرض هاڻي بخار جي
صورت ۾ پويان لڳي ويو. سندس بخار ۱۰۰ ڊگري کان هيٺ لهڻ جو نالو ئي
نه پئي ورتو، عاصم بخار جي ان ڪيفيت دوران به فلسفو سائنسي انداز سان پڙهائيندو
هئو ۽ اسان جهڙا سيکڙاٽ کانئس پرائيندا هئا، هو اسپتال ۾ به ان وقت ملڪ ۾ هلندڙ
وڪيلن جي جمهوري جدوجهد جون ڪاميابيون ٻڌائيندو رهيو.