; سنڌي شخصيتون: بڊاماڻي پنرو

24 April, 2023

بڊاماڻي پنرو

بڊاماڻي پنرو

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي



پُنرو ڪير هيو؟ بڊاماڻي پنرو ڇو سڏيو ويو؟ اهڙا تہ ڪيترائي سوال ڪَرُ کڻي سامھون اچن ٿا. چون ٿا تہ هيءُ ڪاڇي وارو علائقو چَنن جو هو. ٿي سگهي ٿو تہ پنرو بڊاماڻي ان ئي ڦَريءَ مان هجي.

سنڌ سمون، ڪاڇي چنو، ڀاٽي جيسلمير،

چوٿون ڀاءُ چغدو، جنهن جو پيڙهيءَ مٿي پير.


هن پهاڪي مان پڌرو آهي تہ پنرو چنن جي ڦَريءَ /شاخ مان هجي. ڇو تہ چنن جو حڪم ۽ حڪمراني ڪاڇي تي هوندي. هن ڏِسَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ:

"چنا جن جا وڏا ڀائر پاڙا موڙا، بدوا، ليبا ۽ بڊام هئا، ٽن جي ڪاڇي ۾ حڪومت هئي. مغلن جي لشڪرن دهليءَ مان مٿن چڙهائي ڪئي. ان وقت راءِ ڪنوچ/راءِ قنوج حڪمران هو. جنهن مان گاڏيءَ جو مالڪ راءِ ارجڻ هو. جڏهن مغلن حملو ڪيو، تڏهن راءِ ارجڻ پنهنجو لشڪر گڏ ڪيو. بڊام پاڙي مان پنرو بڊاماڻي وڏو سورھيہ هو. پر ان وقت ٻاهر وَيَل هو. ارجڻ پنري کي ايلچي موڪليا پر پنري سان ملي نہ سگهيا ۽ واپس موٽيا. مغلن ارجڻ تي ڪاهيو ۽ ارجڻ مارجي ويو. تڏهن مغل ٻين سان گڏجي پنري جي سڳي ۽ ويڳي ماءُ کي بہ ٻانُ(عيوضي طور) ڪري وٺي ويا. جڏهن مغلن جو لشڪر روانو ٿيو تہ پنرو بہ پنهنجي پنجاھ ساٿين سان اچي پهتو. پوءِ خبر پوڻ تي وڃي گهَٽُ جھليائين. ۽ مغلن جي سپاھ کي ماريائين. مغلن کان پنهنجي ماءُ ۽ ويڳي ماءُ سان گڏ ٻين کي بہ ڇڏايائين. چَنن جي هن گهراڻي چوراسي سال حڪومت ڪئي. سندن ڪمزوريءَ جي ڪري مغلن وري مٿن حملو ڪيو ۽ سندن حڪومت جي پڄاڻي ٿي. "(۱)

ڊاڪٽر بلوچ پنري بڊاماڻيءَ کي چنو سڏي ٿو ۽ سندس سورهيائيءَ کي ساراهي ٿو. ان جي برعڪس حڪيم خليفو عبدالحميد چانڊيو کيس وڏو پاپي سڏي ٿو ۽ پنري بڊاماڻيءَ کي سما حاڪم ڄام انڙ جي ڀاءُ جونا جو صلاحڪار ڪوٺي ٿو. (۲)ساڳيي ئي ڪتاب جي ۱۷۰صفحي تي پنري کي بڊام جو پوٽو سڏي ٿو. (۳) جنهن ڪري پنرو بڊاماڻي مشهور ٿيو ۽ اڄ بہ پنرو بڊاماڻي سڏجي ٿو. پنري جي نالي سان دڙو بہ مشهور آهي، جنهن کي "پنري جو دڙو" سڏيو وڃي ٿو. ليڪن حڪيم عبدالحميد چانڊيو هيءُ دڙو پنري ماڇيءَ ڏانهن منسوب ڪري ٿو. ۽ لکيو اٿس تہ پنرو ذات جو ماڇي ۽ پنرو بڊاماڻي ٻيئي وڏا ظالم هئا. (۴) پنري ماڇيءَ جو ذڪر اڄ تائين ڪنهن کان بہ ڪونہ ٻُڌو ويو آهي. اهڙيءَ ريت مقامي روايتون بہ پنري ماڇيءَ جي ذڪر کان خالي آهن.

حڪيم عبدالحميد جي چوڻ/لکڻ مطابق پنرو بڊام جو پوٽو هو، جنهن ڪري پنرو بڊاماڻي سڏجڻ ۾ آيو. اهو بلڪل درست آهي تہ هرڪو پنهنجي ڏاڏنگ پٺيان سڏبو آهي نہ ڪي پيءُ جي ڪري! هت "جيترا وات، اوتريون ڳالهيون" ورجائجن ٿيون. اڄ بہ ظاهر آهي تہ قوم/قبيلو هرڪو پيءُ جي نالي سان نہ بلڪ ڏاڏي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو يعني هيءُ ان جو پاڙو ٿيو. جيئن معارفاڻي، انڙاڻي، چولياڻي، سليماني، حامداڻي ۽ حملاڻي وغيره وغيره پنهنجي پنهنجي ڏاڏنگ سان نشانبر آهن. هن مان ظاهر آهي تہ پنرو بڊام جو پوٽو آهي نہ ڪي پُٽُ. جنهن ڪري پنرو بڊاماڻي پڌرو ٿيو. پنري لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ:

"سمن جي آخري دور ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد وٽ "ڪاڇي" واري حصي ۾" پنرو" نالي هڪ سورھيہ سردار رهندو هو. جنهن ڀيڻيءَ ۾ رهندو هو، ان جو نالو" بڊام" هو يا ذات جو بڊام هو، جنهن ڪري" بڊاماڻي پنري"جي نالي سان مشهور ٿيو. هيءُ وڏو هاڻو هو. پري پري تائين وڃي مال هڻي ايندو هو. سندس ساٿي بہ وڏا سورھيہ هئا، پر پنرو سڀني ۾ سرس هو. مال هڻي ساٿين جي حوالي ڪندو هو. پاڻ اڪيلي سر واهر پليندو هو. پنري ڪنهن بہ ڪاھ ۾ ڪڏهن بہ ڪا هار ڪانہ کاڌي. سدائين سوڀارو ٿي موٽندو هو. آسپاس جي سردارن ۾ سندس اهڙو تہ ڌاڪو ويٺل هو، جو جڏهن خبر پوندي هئي تہ پنرو لوڙھ هڻڻ لاءِ چڙهيو آهي، تڏهن ماڻهو پنهنجا ماڳ ڇڏي ويندا هئا. "(۵)

هن مان ظاھر آھي تہ پنري جهڙو پنهنجي وقت ۾ ڪو بهادر مڙس ڪونہ هو. پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هتي کيس هاڻو ۽ هاڃيڪار طور پيش آهي. هڪ پاسي کيس سورھيہ سردار ٿو سڏي تہ وري ٻئي طرف هاڻو ڪوٺي ٿو. ان کان علاوه شاھ لطيف وري ڏهن ڏاتارن ۽ ستن سورهين ۾ شمار ڪيو آهي. هڪ پاسي سورھيہ ٻئي طرف ڏاتار. هي ٻيئي وصفون پنري جون آهن. ايڏي وڏي سورھيہ ۽ ڏاتار کي هاڻو ۽ ڌاڙيل چوڻ ساڻس ناانصافيءَ جي برابر آهي. هيءُ تاريخ جو وڏو مونجهارو آهي. حڪيم عبدالحميد ۽ ڊاڪٽر بلوچ کيس سمن جي دور جو سردار سڏين ٿا. سگهڙ مالڪ ڏني فقير جت جي روايت مطابق :

"پنري جي پيءُ جو نالو بڊام هو ۽ پيءُ جي نالي سان"پنروبڊاماڻي" مشهور ٿيو. بڊام کي ٻہ زالون هيون. هڪ پنهنجن مان ۽ ٻي مغلياڻي. هو ڪاڇي ڪوٽ جو سردار هو. پنري جي ماءُ ۽ سندس پهاڄ سهيلي مغلياڻي پاڻ ۾ نہ ٺھيون. بڊام جي مرڻ کان پوءِ پنري جي ماٽيجي ماءُ پنهنجن مغلن مائٽن ڏانهن پَئَي نياپا موڪليا تہ اچي "ڪاڇي ڪوٽ" تي قبضو ڪيو ۽ مون کي بہ وٺي وڃو. پنري جو ڀاءُ ارجڻ هو، جيڪو ان وقت گاديءَ جو مالڪ هو. جڏهن مغلن حملو ڪيو تہ پنرو ٻاهر ڪنهن پاسي وَيَل هو ۽ ارجڻ لشڪر سامهون ٿيو. انهيءَ جنگ ۾ ارجڻ واهر لاءِ پنري کي سڏ ڪيا. "(۶)

اڄ گھرجين يار، بڊاماڻي پنرا

ڪاڇي ٻيئي پار، اچي ويرين ويڙهيا.

. . . . . . . . . . . . . .

اڄ گھرجين تون، بڊاماڻي پنرا

مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون.

. . . . . . . . . . . . .

اڄ گھرجين هت، بڊاماڻي پنرا

مٿان ڀڳيءَ ڀت، ويرين واٽون لائيون. (۷)

. . . . . . . . . . . . .

هاڻي هن گهراندڙي، هڙ ناڻو ناھ

اٿي سواءِ ٽَڪِ ڀڄنديئي، توکي مھڻا ڏيندوءِ.

. . . . . . . . . . . . . . . . . . .

وڃي بيٺو(سندي لتاڙي) لوڙهي دانهيئن ڏنسي دانهڙي، راءِ ڪنوچ ڳري

(ميهي ڀر سڀ) ڄيرو ڏيو، ٻيو وٺيو بند وڃي.

. . . . . . . . . . . .

سو بڊاماڻي پنري ٿو ايلچي هلائي

 بڊاماڻي پنرو، ڪنهن پر ڳالهائي

. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

. . . . . . . . ۾ بڊاماڻين، ايلچي آيو بڊاماڻي پنري، تان نہ پڇايو سو.

. . . . . . . . . . . . . . . . . .

پڇاڻا ڪندين چاڪرين، مون کي تيرنهن روز ٿيام

 نيئي گڏئي سين پنري، ماڻهو ڪو نہ مليام.

. . . . . . . . . . . . . . . . . .

سندو. . . . . . . . . . . . . . . سولت مڱي مال

ڏياري موڪل پنرا نہ تہ وڙهندءِ. . . . . !

. . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

 پر وڙھ تہ لهي مامرو، سُتي سوڀ نہ هوءِ

 سِنڌان دليءَ بادشاھ، تو جو مال کٽوءِ.

. . . . . . . . . . . . . . .

سونهن ڪوٽ ڪلهن تي، تنهن ارجڻ ٻاهيڙيون

بڊاماڻيون ڪنوچ گهر منهنجون لِکئي نهوڙيون.

. . . . . . . . . . . . . . . . .

ڪاڇو ارجڻ ڄام جو، ارجڻ ڪاڇي جو ڄام

ڪُرُ اجاريَئين اڳين جو، ملهايَئين پنهنجو نام.

. . . . . . . . . . . . . . .

اچي ڪانڌ پتنگيو، منهنجو وڳن واجهايو

بڊاماڻي پنري، مون کي ڪاهي اُمايو

. . . . . . . . . . . . . . . . .

ڪنڌيءَ مور ڪڻڪيو، وڳن واجهايو

بڊاماڻي پنرو، جو ٻُجهي سو آيو.

. . . . . . . . . . . . . . . . . . .

بڊاماڻي پنرا، تو وڏي ڪئي ڪلام

گهوڙيلا سڀ ماريَئي، پيادا تنهنجي سام.

. . . . . . . . . . . . . . . . . .

بڊاماڻي پنرو، جهلي بيٺن لَڪُ

ماري مغل مٿاکرا، تن جو پورو ڪيائين لک.

. . . . . . . . . . . . . . .

پنرو ويو پرياڻ مان، ويو وِڪيو وريام

ڀيڻي ناھ بڊام تڏهن لاکو ٿو لوڙيون هڻي.

. . . . . . . . . . . .

چيتا ڪيو چُڻيج، بڊاماڻيءَ بُٺ ۾

 نيڻين ننڊ م ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون. (۸)

هيءُ رزميہ (جنگي) داستان، تاريخي اعتبار کان، توڙي ڳاهن جي ٻولي ۽ آڳاٽي لحاظ کان اهميت رکي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪاڇي جي اتر پاسي جي آڳاٽي تاريخ کي پڻ اجاگر ڪري ٿو. پنرو بڊاماڻي اتر ڪاڇي جو هڪ بيباڪ ۽ جنگجو ڪردار آهي، جنهن کي سگهڙن پنهنجي سگهڙائپ جي فن وسيلي اهڙي تہ زندگي بخشي آهي، جو ڪڏهن بہ وسري نہ ٿو سگهي. اهڙي ئي لحاظ کان هيءُ داستان صدري روايتن موجب هلندو هلندو منزلون ڪندو اسان تائين پهتو آهي. هن ڪردار کي شاھ لطيف بہ پنهنجي رسالي جي زينت بڻايو آهي ۽ سندس ذڪر سر ڏهر ۾ ڪيو اٿس.

اسان وٽ وڏو الميو اِهو آهي تہ سنڌ جي ڪنهن بہ حصي جي تاريخ چڱي نموني لکي نہ وئي آهي ۽ هن پاسي تہ ڪابہ کناکيڙ نہ ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري سنڌ جو هيءُ اتر ڪاڇو روزبروز زمين دوز ٿيندو ٿو وڃي. هن علائقي تي ڪنهن بہ اديب ۽ عالم ڌيان نہ ڏنو آهي. جنهن ڪري هن پاسي جي تاريخ تي مٽيءَ جا ۽ تاريڪيءَ تَهن مٿان تھ پوندا رهڻ ٿا. هيءُ علائقو تاريخي اعتبار کان تحقيق جو وڏو محتاج آهي. اهڙيءَ طرح پنرو بڊاماڻي بہ تاريخ جي خيال کان وڃي نالي ۾ رهيو آھي. ھن پاسي تہ قديم آثار ۽ تاريخي ماڳ مڪان ڏينهون ڏينهن پنهنجي ساخت وڃائيندا وڃن ٿا. هن علائقي جي تاريخ سنڌ جي ٻين ڀاڱن سان ملي جلي وئي آهي. جنهن ڪري تاريخي حقيقتن کي سمجهڻ بدران ڏکيائيون سامهون ڪَرُ کڻي بيٺل آهن. پنري بڊاماڻيءَ کي بہ سمجهڻ، پرکڻ ۽ اجاگر ڪرڻ ۾ دقت ۽ دشواريءَ جو وڏو دخل آهي. يقين سان ڪڏهن بہ نہ ٿو چئي سگهجي تہ ھن جو واسطو مغلن جي دور سان آهي يا ڪنهن ٻئي سان!!

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جڳ مشهور اديب ۽ محقق آهي، هن جو علم و ادب ۾ وڏو نالو آهي. جنهن پنهنجي ڪتاب "جنگناما" ۾ پنري بڊاماڻيءَ کي مغلن جي دور سان ڳنڍيو آهي. پر پنهنجي ٻئي ڪتاب "سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ" ۾ هن مذڪور ڪردار کي ڄام پؤنري جي نالي سان نشانبر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هن جو ڳانڍاپو سومرن جي دور سان وڃي ملايو آهي. وري هڪ ٻئي ڪتاب "ڳاهن سان ڳالھيون" ۾ سمن جي آخري دور سان لاڳاپو ڏيکاري ٿو. هڪ ڳاھ آهي تہ:

پونئَري ڪيا پرياڻ، ٻَرڙي تي ٻَرَ ڪيا

تِني وڃي واريون، لوڙيون لَڪَ مٿان. (۹)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيءَ ڳاھ"سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ" جي ص ۱۴۱ تي ڏني آهي. جيڪا سومرن ۽ گجرن جي جنگ سان منسوب ڪئي آهي. هيءَ جنگ سمي ڄام پونئَري ۽ گجرن جي سردار ويرگجر جي وچ ۾ لڳي. پهريان گجرن حملو ڪيو ۽ هن طرف جو مال هڻي ويا. پوءِ ڄام پونئَري گجرن تي جوابي حملو ڪري وڃي مال ورايو. هيءَ مٿين ڳاھ ان دور جي حالات جي عڪاسي ڪري ٿي. هن مان ڊاڪٽر بلوچ هيءُ مطلب ڪڍيو آهي :

"ڄام پونئَري ٻول ٻَڌا ۽ چڙهائي ڪري (ويرگجر جي ملڪ ۾) ٻَرڙي پهاڙ جي لڄ تان وڃي هنيل مال ورايو. "

لفظ "پرياڻ" پاڻ سان ڪيئي معنائون رکي ٿو، پرهت سندس معنيٰ آهي نشان، ڏَسُ، اهڃاڻ. جنهن جو مطلب ٿيو نشان وٺي ڪاھ ڪرڻ. هت سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي تہ اصل لفظ ٻُرڙو آهي يا ٻَرڙو. . ڊاڪٽر بلوچ تہ واضح طور تي ٻَرڙو لکيو آهي. ڄام پونئَري نشان سِڌو ٺاهي ڪري پنهنجي ڌوڙي/دشمن "ٻَرڙي"تي ٻَرَ ڪيا، يعني حملہ آور ٿيو يا حملا ڪيا. ڊاڪٽر بلوچ جي فهم موجب "ٻَرڙو" پهاڙي لڪ ڪڇ وارو آهي ۽ ڪردار جو تعلق بہ ڪڇ سان آهي. ڇو تہ ڄام پُونئرو عيسوي ڏهين صديءَ ڌاري ڪڇ جو حاڪم هو. مٿينءَ ڳاھ مان پڌرو ۽ چٽو آهي تہ "ٻَرڙو" ڄام پونئَري جو ڌوڙي هو. ڊاڪٽر بلوچ "ٻَرڙو" لکيو آهي، پر ڪي اديب هن کي "ٻُرڙو" ٿا چون ۽ لکڻ. هن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن "ٻُرڙو" آهي تہ ان جو پهاڙي لڪ ڪهڙي جڳھ تي هو. باقي "ٻَرڙو" تہ سڌو سنئون ڪڇ جو پهاڙي لڪ واضح طور تي بيان ڪيو ويو آهي. "ٻَرڙو" يا" ٻُرڙو" صرف زبر ۽ پيش جو فرق آهي. باقي تہ صورت ساڳي اٿس؛ ڪي روايت مٿان روايت بيان ڪن ٿا، تہ ڄام پونئَري ۽ ٻرڙي جي وچ ۾ جيڪا لڙائي لڳي سا اتر ڪاڇي ۾ لڳي آهي. نہ ڪي ڪڇ ۾.

ڀر ڪاڇڙي ڪنڌئين. آهن اموٽ

ڪَچو لڳي نہ ڪنوارئين سندين چنن ڪوٽ.

"ڪاڇڙي ڍنڍ" تعلقي وارھ جي اولهائين پَٽيءَ ۾ واقع آهي، جنهن کي "حمل ڳوٺ" جي نسبت سان "حمل ڍنڍ" سڏيو وڃي ٿو. اها سراسر ڪاڇڙي ڍنڍ سان ناانصافي آهي. هيءَ ڍنڍ اٽڪل ٻہ سؤ ڪلوميٽر يا ان کان ڪجھ گهٽ يا وڌ ڊيگھ ۾ آهي. ڪاڇڙي ڍنڍ نهايت آڳاٽي آهي. جڏهن هن ڍنڍ ۾ سِمَ جو پاڻي زيرو پوائنٽ کان ڇوڙ ڪيو ويو تہ پوءِ ڪاڇڙي وڃي شهر فريد آباد وٽ دنگ ڪيو. زيرو پوائنٽ جي ڪري آبي جيوت کي بہ ڪاپاري ڌڪ لڳو، پر ان سان گڏوگڏ چڱا ڳوٺ ڪنڊو ڏيرو، محبوب لاشاري، تاريخي ڳوٺ لاکو تڪيو ۽ مانجهاڻي رند جو ڳوٺ وغيره تباھ ۽ برباد ٿي ويا. هن ڍنڍ کي مختلف حصن ۾ ۽ مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جهڙوڪ :

۱. . رعيتي /ريتي(چانڊين جي مختلف پاڙن جي ملڪيت)

۲. . جاگير(نواب غيبي خان جي وارثن جي ملڪيت)

۳. . ڪاڇڙي جنهن جي ڊيگھ اتر کان چانڊيا مگسي دنگ کان وٺي ڏکڻ ۾ شاهل جي کوھ تي دنگ ڪري ٿي.

۴. . بڊام. بڊام نہ رڳو ڍنڍ ۽ دڙو آهي، پر تاريخي ڪردار بڊاماڻي پنرو يا پنرو بڊاماڻي جو علائقو آهي. شاھ لطيف بہ هن ڪردار کي پنهنجي رسالي ۾ جڳھ ڏني آهي:

چَيتا ڪيو چُڻيج، "بڊاماڻي بُٺ" ۾

نيڻين ننڊ م ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون.

ان طرح لطيف سائين بڊام علائقي جو ذڪر پنهنجي سر سارنگ ۾ بہ ڪيو آهي.

اڄ رسيلا رنگ بادل ڪڍيا برجن سين

ساز سارنگـيون سرندا، وڄائي بر جنگ

صراحيون سارنگ، پلٽـيون رات "بڊام" تي.

چنن جي ڪوٽ کي" ڪاڇوڪوٽ"بہ سڏيو ويو ۽ لکيو ويو آهي. ليڪن اها سڌ نہ پئجي سگهي آهي تہ ڪاڇو ڪوٽ/چنن جو ڪوٽ ڪهڙي هنڌ هيو. هن دور ۾ مذڪور ڪوٽ جو تعين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. صدري روايتون ٻُڌائن ٿيون تہ ڪاڇو ڪوٽ هن ئي علائقي سان وابستہ ۽ پيوستہ آهي. ٻرڙا قبيلو بہ آڳاٽي دور سان لاڳاپو رکي ٿو. ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي حدن ۾ هن وقت بہ ٻرڙا قبيلو جھجھي تعداد ۾ رهائش پذير آهي. پر ڊاڪٽر بلوچ ٻُرڙي کي ٻَرڙو/ٻَرڙي ڪري لکيو آهي. ٻُرڙي ۽ ٻَرڙي جي حرفن سمجهڻ ۾ مونجهارو پيدا ڪيو آهي.

"ڳاھ" چوڻ جو رواج بہ نهايت آڳاٽو ۽ پراڻو آهي. جنهن ڪري "ڳاھ" کي تاريخي طور تي وڏي حيثيت ۽ اهميت آهي. ڳاهن جي ئي آڌار تي ڊاڪٽر بلوچ پنري بڊاماڻيءَ جو قصو ۽ دودي چنيسر جو قصو وغيره آڌاريل ڏيکاريو آهي.

چاوت ڪري چڙهيو، گجر گهوملئا

پواڙا پُونئري ٻيليين، گهڻا وچ ڪئا.

هن ڳاھ کي ڊاڪٽر بلوچ سومرن ۽ گجرن جي جنگ سان نسبت ڏيکاري ٿو. پنهنجي ڪتاب "سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ" جي صفحي ۱۴۱ ٽي هن ڳاھ جو مطلب هيئن ڏيکاري ٿو. "(وير گجر سندس گادي)" گهوملَي"مان ڪست منجهان ڪاھ ڪئي، پر ڄام پونئَري جي ساٿين وچ تي وڏا مقابلا ڪيا" (۱۰)

هن ڳاھ جو ڳانڍاپو سومرن جي اڳياڙي ۽ عربن جي پڇاڙيءَ واري دور سان ڳنڍي ٿو. يعني ڄام پونئَري جو تعلق ڏهين صدي عيسويءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. پنري بڊاماڻيءَ جي سڳي ماءُ، ماٽيجي ماءُ ۽ گهوڙي جڏهن مغل پاڻ سان وٺيون ٿي ويا، تڏهن سندس ڀاءُ ارجڻ هيءَ ڳاھ ڏني. پنرو چاوت ڪري چڙهيو يعني سخت ڪاوڙ ۽ نفرت ۽ جوش ۾ اچي، مغلن تي هلان ڪئي ۽ سندس ساٿين بہ دشمن جي جھجھي ڪٽڪ ۾ ڪاهي، "گهڻا وچ ڪيا. " يعني دشمن جي لشڪر ۾ ڪاتر وِڌي ۽ گهڻائي ڏڄڻ ڊاهي ماري مات ڪيا.

پنرو بڊاماڻي سخي سردار بہ هو تہ پهلوان ۽ بهادر بہ هو. سندس سورهيائي ۽ سخاوت هنڌين ماڳين مشهور هئي. تاريخن ۾ آهي تہ کانئس پوءِ سندس پٽ وڪيو ڏاتار بهادري ۽ سخاوت ۾ نشانبر هو. هن جو نالو بہ ڏهن ڏاتارن ۾ ورتو وڃي ٿو.

پنرو بڊاماڻي سنڌ جي ستن سورهين ڪارائڙو سمو، راوت رڻمل، رڻمل جاڙيجو، ڄام مهر نوتيار، ڄام اُوڍو سمو ۽ ابڙو اڙٻنگ ۾ پهرئين نمبر تي شمار ڪجي ٿو. اهڙيءَ طرح ڏهن ڏاتارن ۾ وڪيي ڏاتار، لاکو ڦلاڻي، هڻندي ٿڌياڻي، راءِ ڏياچ، جکرو اوڍاڻي جسودن، سپڙ چوٽاڻي، ڪارائڙو سمو ۽ ڄام ابڙي سان گڏ پنرو بڊاماڻي بہ شامل آهي. لاکو ڦلاڻي بہ پنهنجي سخاوت جي ڪري مشهور و معروف آهي. هن جو نالو سمن جي اوائلي عرصي ۾ ورتو وڃي ٿو. لاکو ڦلاڻي سخاوت ۾ سهڻو ڪردار آهي. پر هن کي تاريخدانن وڏو هاڻو(ڌاڙيل) بہ ٻڌايو آهي. جڏهن لاکو ڦلاڻي ماروئڙن جو مال ڪاهي ويندو هو تہ سندس سامهون ٿيڻ جي ڪوبہ هام نہ هڻندو هو. تڏهن وري ماڻهو پنري بڊاماڻي ۽ وِڪيي ڏاتار کي ساريندا هئا ۽ هيئن اظهار ڪندا هئا تہ:

پنرو ويو پراڻ مان ويو وِڪيو وريام

ڀيڻي ناھ بڊام، تڏهن لاکو ٿو لوڙيون هڻي.

هن ڳاھ مان پڌرو آهي تہ نہ پنرو آهي ۽ نہ وري وِڪيو وريام، جو لاکو ٿو هيڏا هاڃا ڪري. يعني لاکو ڦلاڻي پنري ۽ وڪيي کان پوءِ جو آهي. يعني لاکو ڦلاڻي سمن جي دور جو جنگجو، بهادر ۽ ڏاتار ڏيکاريو ويو آهي.

پنرو بڊاماڻي پنهنجي وقت جو وڏو دلير ۽ بيباڪ هو، پر پنهنجي حدن جي پاڻ حفاظت ڪندو هو. ڪو بہ سندس حدن ۾ انڌ انڌير نہ ڪندو هو. يا سندس حدن ۾ ڪو هاڻو يا لچ ۽لٽيرو ڪا حرڪت ڪندو هو تہ ان جي پٺيان پاڻ ڪاهي ويندو هو. ان کي سيکت ۽ سزا ڏيئي پوءِ سک جو ساھ کڻندو هو.

سنڌ جي تاريخ ۾ چنن جي اوائلي حاڪميت جو ذڪر برھمڻ گهراڻي جي پويَن ڏينهن (۷۰۰ع--۷۱۲ع)۾ ملي ٿو. مير علي شير قانع پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب تحفتہ الڪرام ۾ سندن وڏي جو نالو "ڪاڪه ٻن ڪوتڪ" لکي ٿو. ڪاڪه راجا ڏاهر جي دور ۾ "ٻوڌيا"جي علائقي جو حاڪم هو. (۱۱)، جو پوءِ پنهنجي خاندان سميت محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيو.

چنا اصل سنڌ جا رهاڪو ۽ سنڌ ڄاوا آهن. مير علي شير قانع پنهنجي مشهور ۽ مڃيل تصنيف "تحفتہ الڪرام" ۾ لکيو آهي تہ محمد بن قاسم واري دور ۾ "ٻوڌيا" جو سربراھ ڪاڪو هو، سو بہ چنو ه. محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ ڪاڪا ۽ چنا قبيلا، سنڌ ۾ سيوستان ۽ ڪاڪا راڄ طرف جا خاص قبيلا هئا. چنا قبيلو پاڻ سان نهايت وڏي ۽ وسيع جماعت رکندو هو. محمد بن قاسم طرفان هن قبيلي کي" مرزوق"جو لقب حاصل ٿيو، جنهن جي معنيٰ آهي رزق واري جماعت. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ: "ان ساڳيي دور ۾ ۽ پڻ سومرن جي دور تائين، مٿي ڪڇي جي ناڙي واري پرڳڻي ۾ گنداوا ۽ مولھ (مورھ) جي پاڻيءَ وارو علائقو چنا برادريءَ جي چنن، وڌن ۽ ماڻڪن قبيلن جي حڪمرانيءَ ۾ هو. ان دور جي آڳاٽي ڳاھ آهي تہ:

"چنا، وڌا ماڻڪا، مورھ مڳ ڌڻي "(۱۲)

رحيم داد مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب "جنت السنڌ" ۾ چنن جي باري ۾ هن طرح لکي ٿو تہ:

"سنڌ ۾، چنا، ايوڌيا جي سورج ونسي ڪل مان هئا، جي ڪوهستان کان سواءِ ڪڇي ۽ سيويءَ تائين حڪومت ڪندا هئا". (۱۳)مولائي شيدائي اڳتي لکي ٿو تہ:"هنن جا وڏا جنگجو ۽ بهادر هئا، ۽ هار کائڻ وقت سمورا زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت" جوهر" رسم موجب جيئري چکيا تي چڙهي پاڻ کي ساڙي ڀسم ڪندا هئا. "(۱۴). تاريخون لکڻ ٿيون تہ سنڌ ۾ پهريون مسلمان قبيلو" چنا گهراڻو "آهي. ڪاڪا، پنهور، اوڍاڻا، ڪلهوڙا ۽ دائود پوٽا وغيره ذاتيون هن گهراڻي مان ڦُٽي ۽ اُڀريون آهن مشهور مؤرخ انگريز رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ۾ ڪلهوڙن ۽ دائود پوٽن جو جدامجد ميان اوڍاڻو ۽ ميان چنيه کي بہ "چنا" ڏيکاريو آهي.

ايم ايڇ پنهور پنرو بڊاماڻيءَ کي سمن جي نُک مان سڏي ٿو. هو لکي ٿو :"سمن ڪڇ تي ٻہ ڀيرا حڪومت ڪئي. پھريون ڀيرو ۸۱۰ع کان ۹۸۵ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو۱۱۴۷ع کان۱۹۴۸ع تائين. " (۱۵)جيئن اڳ ۾ اچي چڪو آهي تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنري بڊاماڻيءَ کي مغل دور جو هڪ دلير ۽ بهادر ڪري لکيو آهي. جڏهن تہ لوڪ ادب ۾ پنرو بڊاماڻي، لاکي ڦلاڻيءَ (۸۶۶ع--۹۵۵ ع) کان بہ اڳ جو ڪافي معلوم ٿئي ٿو. ممڪن آهي تہ هيءُ ڪردار عرب دور کان اڳ جو هجي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ:

"بڊاماڻي پنري جي مرڻ کان گهڻو پوءِ مشهور لوڙائو" لاکو ڦلاڻي) ساماڻو، جنهن ڪاڇي ۾ بہ لوڙهيون هنيون. تڏهن اتي جي ماڻهن پنهنجي سورھيہ سردار (پنري) کي ياد ڪيو. "(۱۶)لوڪ ادب ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي ذڪر ۾ هيءَ سٽ ان تي خوب دلالت ڪري ٿي.

"ڀيڻي ناھ بڊام، تڏهن لاکو ٿو لوڙهيون هڻي. "

پنرو بڊاماڻي آسپاس جي هاڻوئن سان مهاڏو اٽڪائي، سامھون ٿي سوڀارو ۽ سرخرو ٿئي ٿو. شاھ عنايت جھوڪ واري جو جهيڙو مغلن سان هو، جنهن ڪري صوفي فقيرن پنري بڊاماڻيءَ کي مغل دور جو ڪري ڄاڻايو آهي. انهيءَ بڊاماڻي پنري جي حسب نسب بابت معمور يوسفاڻي پنهنجي مقالي" سر ڏهر جو مطالعو" ۾ لکي ٿو :

"اصل ۾ ڏهين صديءَ جي آڌيٿي ڌاري بڊام ولد چني جو اولاد بڊاماڻي سڏجڻ ۾ آيو. " (۱۷)پنري بڊاماڻيءَ جا وڏا مالوند ماڻهو هئا. ان ڪري سانگي سڏيا ويا. اهي چنا سانگي ماڻهو، جيڪي "سائَي جي سانگ" سبب هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پنهنجي مال سان گڏ هلندا ۽ ڦِرندا هئا. نسب نامہ سنڌ ۾ لکيل آهي تہ:

"سانگِ پَئَي سانگي ٿيا، نہ تہ اصل چوکا چنا. "(۱۸)

انهيءَ بڊام قبيلي جا "سانگي" سنڌ ۾ لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ دادو طرف ۽ لاڙ پاسي بدين ۽ ميرپورخاص طرف آباد آهن.

"ٻانهون خان شيخ" شاھ جي رسالي "جي سرڏهر جي حاشيي ۾" بڊام "جو علائقو ٽنڊي باگي جو اتريون پاسو ۽ ميرپورخاص ضلعي جي ڊگهڙي تعلقي جو ڏاکڻيون اڌ ڄاڻائي ٿو. " (۱۹)

بڊاماڻي پنرو هتان جو هڪ ارڏو ۽ سرڪردو سردار ۽ سورھيہ هو. جنهن کي هاڻو بہ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. هو اهڙو رحمدل، بيباڪ سرواڻ ۽ سردار هو جو آسپاس جي ماڻهن جي هر ڏکيءَ گهڙيءَ ۾ همدردي ۽ مدد ڪندو هو. شاھ لطيف اهڙي بهادر سورھيہ کي پنهنجي رسالي جي سونهن بڻايو آهي ۽ ٽي بيت سندس شان ۾ چيا اٿس، جيڪي اڳ ۾ ذڪر هيٺ اچي چڪا آهن. اُهي بيت ڪنهن مهل موقعي جي مناسبت جا آهن. ڪنهن ڪاٽڪن پاران "بڊام ڪوٽ" تي ڪاھ ڪرڻ وقت، هن جي گهر ڀاتين ۽ بڊام ڪوٽ جي رهاڪن جي مدد خاطر هڪ واهر ۽ سڏ پڪار مثل آهن ۽ ساڻيھ تي ڏاڍ ۽ ڏمر جي هر دور ۾ ملڪ جي مظلوم ۽ معصوم رهاڪن جي مدد ۽ پُٺ ڀرائيءَ ۽ پڪار تي دلالت ڪن ٿا.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنري ۽ ڄام پونئَري کي ھڪ ئي شخصيت ڪري لکيو آهي، هو لکي ٿو :

"هيءُ دڙو ايف پي بند جي اولھ ۾ بڊام ڍنڍ جي وچ ۾ اٽڪل چئن ايڪڙن جي زمين تي پکڙيل آهي. هن دڙي کي کوٽڻ سان ٺڪر۽ اڱر جام ملندا آهن. عام طرح هن کي بڊام پؤنرو جو دڙو سڏيندا آهن. بڊام پؤنرو سمن جي دور ۾ هتي جو سورھيہ سردار ٿي گذريو آهي. " (۲۰)

پنرو ۽ ڄام پؤنرو ٻہ الڳ الڳ شخصيتون آهن. پنرو بڊاماڻي آهي، جيڪو ڪاڇي جي نسبت سان ھڪ لازوال ڪردار آهي ۽ پؤنرو ڪڇ جي علائقي سان واسطو رکي ٿو. ڊاڪٽر ميمڻ کان اِها وڏي سهوَ ٿي آهي. ايم ايڇ پنهور سنڌ ۽ ڪڇ جي لاڳاپن کي اٺ هزار قبل مسيح کان کڻندي ان جا ٽي دور واضح طور تي ڄاڻائي ٿو:

۱- ۸۰۰۰ قبل مسيح کان ۱۲۲۶ع تائين جاگرافيائي ايڪي ۽ ثقافتي لاڳاپن وارو دور

۲-سن ۱۲۲۶ع کان ۱۶۰۰ع تائين، جاگرافيائي ايڪي ۽ ثقافتي لاڳاپن وارو دور

۳- ۱۶۰۰کان ۱۹۶۰تائين گڏيل چراگاهن جي حوالي سان اقتصادي تعلقات جو دور. (۲۱)

هن دورن مان پڌرو آهي تہ سنڌ ۽ ڪڇ جا پاڻ ۾ نهايت ويجھا لاڳاپا ۽ تعلقات رهيا آهن. پنري بڊاماڻيءَ جو تعلق ڪاڇي جي پٽيءَ سان آهي، جڏهن تہ پؤنرو جو واسطو ڪڇ سان هو ۽ ڪڇ جو سردار ۽ ڄام سڏبو هو. بڊام جي نالي سان ٻہ يادگار "بڊام جو دڙو" ۽ "بڊام ڍنڍ" مشهور آهن. هي ماڳ ڇهين جاگير ۾ آهن ۽ وارھ تعلقي جي حدن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. هتي جنهن پنري جو ذڪر ڪيو آهي، ان جي نالي سان پڻ دڙو مشهور آهي، جنهن کي "پنري جو دڙو" سڏيو وڃي ٿو. بڊام ۽ پنري جي دڙن جي وچ ۾ هڪ وڏي کاھِ کنيل آهي، جيڪا ٻنهي دڙن کي پاڻ کان ڌار ڪري ٿي. ٻنهي دڙن جي وچ ۾ اٽڪل پنج سؤ فوٽن جي وٿي يا ڪجھ وڌيڪ آهي. پنري جي دڙي جو ذڪر هڪ الڳ مضمون ۾ ڪري چڪو آهيان.

نتيجو :

پنرو بڊاماڻي وارھ تعلقي، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ جي ڪاڇي واريءَ پٽيءَ سان تعلق رکي ٿو. هيءُ هڪ اڻموٽ ۽ ارڏو ڪردار آهي. بيباڪ ۽ بهادر بہ واھ جو هو. سندس تعلق چنن جي ڦَريءَ سان آهي. پنهنجي وقت جو سورھيہ سردار بہ هو تہ سخاوت ۾ بہ پنهنجو مٽ پاڻ هو. جنهن ڪري سندس نالو ستن سورهين ۽ ڏهن ڏاتارن جي قطار ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

شاھ لطيف بہ پنهنجي ڪلام ۾ کيس بهادري، سخاوت ۽ سورهيائيءَ جي ڪري ياد ڪيو آهي. پنري بڊاماڻيءَ جي خاندان هن علائقي تي چوراسي ورهيہ حڪومت ڪئي ۽ حڪم هلايو. اڳتي تہ پاڻ ۾ اهڙي اچي پَيَن جو پنهنجي حڪومت هٿان وڃائي ۽ ڇڙوڇڙ ٿي کٽوڦار ٿيندا ويا. ايئن ئي سندن حڪومت جو سج غروب ٿي ويو. اهڙيءَ ريت سندن ڪوٽ ۽ ڳڙھ ۽ علائقو ٻين جي هٿن جي ورِ چڙهي ويا ۽ سندن زور ٽُٽِي ويو. جڏهن پاڻ ۾ ڦِٽا تڏهن مغلن جي ترارين جو کاڄ بڻيا. هڪ آڳاٽي ڳاھ آهي تہ :

چنن چوراسي ورهئين، ڪيو اوچل راڄ

جڏهن پَييَنِ پاڻ ۾، تڏهن ٿيا گھارين کاڄ.

يا

چنن چوراسي راڄ، هئا ڪاڇي ڪنڌئين

جڏهن پَييَنِ پاڻ ۾، تڏهن ٿيا ترارين کاڄ.

چنن ۽ مغلن جي جنگ لڳي، جنهن ۾ چنن هارايو ۽ مغلن کٽيو، جنهن ڪري مغلن جي ترارين جو کاڄ ٿيا ۽ پنهنجي حڪومت تان هٿ ڌوتائون. جيئن مشهور آهي تہ "ميرن کي گهران لڳي"، تيئن چنن جو پاڻ ۾ اهڙو وَيرُ ۽ نفاق پيو جو وڃي اوجهڙ ۾ پيا. اڄ سندن "بڊام جو دڙو" ۽ "بڊام جي ڍنڍ" ۽ "پنري جو دڙو" کان سواءِ ڪو ٻيو يادگار باقي نہ آهي. پنرو بڊاماڻي ڪاڇي جي پٽيءَ ۾ سورھيہ سردار ۽ ڏاتار ٿي ساماڻو. پنهنجي حدن ۽ دنگن جي پاڻ حفاظت ڪندو هو. ڪنهن کي ڪا جرات ۽ همت نہ ٿيندي هئي، جو سندس علائقي ۾ ڪا هٿ چراند ڪري ۽ علائقي ڏانهن مَيري اک سان ڏسي. پنري کي سورھيہ سردار ۽ ڏاتار بہ سڏيو ويو آهي تہ وري ٻئي پاسي هڪ هاڻو ۽ ظالم چيو ويو آهي. پر شاھ لطيف وٽ هن جو ڪردار سورھيہ ۽ ڏاتار وارو نشانبر آهي. جيڪو سورھيہ ۽ ڏاتار واري اڏول ۽ اٽل شخصيت رکندو هجي، سو پاپي ۽ ظالم ڪڏهن بہ ٿي نہ ٿو سگهي. کيس پاپي ۽ ظالم چوڻ ساڻس ناانصافيءَ جي مترادف آهي. هيءُ ساڻيھ تي ساھ ڏيندڙ ۽ سخاوت ۾ نالو روشن ڪندڙ هڪ بهادر ۽ بيباڪ ڪردار آهي. ڪو اديب ۽ عالم هن کي عرب دور جو سورھيہ سردار سڏي ٿو تہ ڪو وري کيس سمن جي پڇاڙيءَ واري وقت سان ڳنڍي ٿو. ڪنهن هن کي بڊام جو پٽ سڏيو تہ ڪو وري کيس بڊام جو پوٽو سڏي ٿو. اهڙيءَ طرح بڊام جي پٺيان پنرو بڊاماڻي سڏجڻ ۾ آيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ حڪيم عبدالحمید چانڊيو ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پنري بڊاماڻيءَ کي ڪاڇي جو سورھيہ سردار سڏين ٿا. ايم ايڇ پنهور ۽ ٻانهون خان شيخ ڪاڇي جو سردار نہ ٿا سڏين. مگر تحقيق مان ثابت ڪيو آهي تہ پنرو بڊاماڻي ڪاڇي جو سردار هيو. ڪاڇي جو علائقو وارھ تعلقي ۽ قنبر تعلقي جي حدن ۾ واقع آهي. انهن جا يادگار بہ چِٽا ۽ پڌرا آهن، جيڪي مٿي ڄاڻايا ويا آهن. بڊاماڻي پنري کي ڪڇ ۽ ٻين علائقن جو رهاڪو سمجهندڙ ليکڪن جي سهوَ ۽ تحقيق ناقص چئبي. شاھ ڀٽائي بہ پنري بڊاماڻيءَ کي ڪاڇي جو ڪونڌر سڏي ٿو. جيڪي اديب ۽ عالم پنري کي بڊام جو پٽ سڏين ٿا، ٽن جي راءِ ۽ لکت تي حڪيم عبدالحمید چانڊيو جو خيال ۽ رايو حاوي ۽ ڀاري آهي. جيڪو پنري کي بڊام جو پوٽو سڏي ٿو ۽ آھي بہ ايئن. اهڙي ئي اعتبار کان پنرو بڊاماڻي مشهور ٿيو ۽ سڏيو ويو. آئون بہ حڪيم عبدالحمید چانڊيي جي راءِ سان متفق ۽ سهمت آهيان تہ پنرو بڊام جو پوٽو آهي نہ ڪي پٽ. . پنري کي بڊام جو پٽ چوڻ نہ، بلڪ پوٽو سڏڻ وڌيڪ سونهين ٿو.

اِن ۾ ڪو بہ شڪ گمان نہ آهي تہ پنرو بڊاماڻي هڪ جنگجو جهونجهار ۽ بهادر ڪردار آهي. پاڻ سورهيائيءَ ۽ ڏاتارپ جي ڪري سامهون ڪَرُ کڻي بيٺل آهي. تاريخ ۾ ساڻس ويساھ گهاتي ڪئي وئي آهي. ڪو کيس ڪاڇي جو سورھيہ سردار ٿو سڏي تہ وري ڪو کيس ڄام پؤنرو ٿو ڪوٺي. درحقيقت پنرو ۽ پؤنرو ٻہ الڳ الڳ ڪردار ۽ شخصيتون آهن. ليڪن ٻنهي کي هڪ ئي نالي سان سڏي تاريخي حقيقت کي سلجهائڻ بدران الجھايو ويو آهي. پنرو ڪاڇي جو سردار ۽ ارڏو ڪردار آهي ۽ پؤنرو ڪڇ جو ڄام ۽ سردار هو. ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ اهميت آهي. مون تحقيق کي تارازيءَ وجهي ڇنڊي ڇاڻي پنرو بڊاماڻيءَ کي ڪاڇي جو سورھيہ سردار ڪري پيش ڪيو آهي. جنهن جو اثر رسوخ ۽ تعلق ڪاڇي سان واڳيل ۽ ڳنڍيل آهي. ڪاڇي وارو علائقو ۽ سندن يادگار وارھ تعلقي (قنبر شهدادڪوٽ) ۾ اڄ بہ ڏسي سگهجن ٿا.

 تاريخ :۵-۹-۲۰۲۰ع

مددي ڪتاب :

۱-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۸۴ع)جنگناما، ڇاپو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

۲-حڪيم عبدالحمید چانڊيو (۲۰۰۶ع)سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

۳۽ ۴-حوالو ساڳيو.

۵-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۹۵ع)سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، ڳاهن سان ڳالهيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

۶-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۸۴ع)جنگناما، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

۷-محمد عثمان ڏيپلائي (۲۰۰۹ع) شاھ جو رسالو، ڇاپو ٻيو، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور.

۸-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۸۴ع)جنگناما، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

۹-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۹۰ع)سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ٽيون ايڊيشن، پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.

۱۰-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۹۵ع)سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، ڳاهن سان ڳالهيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

۱۱-مير علي شير قانع(۱۹۸۹ع)تحفتہ الڪرام، ڇاپو ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

۲۱-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۸۴ع) جنگناما، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

۱۳-۱۴-رحيمداد مولائي شيدائي (۱۹۸۵ع) جنت السنڌ، ڇاپو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

۱۵-ايم ايڇ پنهور (۲۰۰۴ع)ڀنڀور بندر وسيلي سنڌ جي بين الاقوامي تجارت، مرتب ۽ مترجم، عطا محمد ڀنڀرو، سنڌ جي قديم تجارتي تاريخ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

۱۶-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۹۵ع)سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، ڳاهن سان ڳالھيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.

۱۷-معمور يوسفاڻي (۱۹۸۹ع)سر ڏهر جو مطالعو، مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق، شاھ عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ حيدرآباد.

۱۸-مرزا امام علي بيگ افسر، ڪاتب(۱۹۸۵ع)نسب نامہ سنڌ، انسٽيٽيوٽ سنڌ الاجي ڄامشورو.

 ۱۹-ٻانهون خان شيخ (۲۰۰۰ع - ۲۰۱۲ع - ۲۰۱۲ع) شاھ جو رسالو (۳ جلد ) شاھ عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي.

۲۰-ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (۱۹۸۴ع)لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو، ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو.

۲۱-ڏسو حوالو نمبر ۱۵.

تاريخ :۵-۹_۲۰۲۰ع

No comments:

راءِ ڏيندا