; سنڌي شخصيتون: منور رند

25 April, 2023

منور رند

منور رند

املھ انسان - سلسلو ۱۸۲

حفيظ چانڊيو



۱۹ نومبر ۱۹۸۳ع تي ڳوٺ پير علي اصحابو، تعلقي وارھ ضلعي شهدادڪوٽ ۾ هڪ سپورنج ۽ لوڪ ڏاهپ سان سرشار پورهيت شخص، سائين حاجي محمد مٺل رند جي گهر ۾ جنم وٺندڙ منور رند جي ڄمڻ وقت ڪنهن کي اهو گمان ئي نه ته هي سنهڙو، ناسي اکڙين وارو، جاڙن ڀروئن سان ۽ ڪڻڪ رنگو نينگر وڏو ٿي سماج جي سورن تي لکندو يا سندن گهٽيل ۽ دٻيل آواز جي نمائندگي ئي ڪندو. ماڻهو ذات ۽ قبيلي ڪڙم سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، پر هي يار پنهنجي علمي ادبي ۽ صحافتي جدوجهد جي ڪري جتي ڪٿي سڃاتو وڃي ٿو. هو نه صرف ڀائرن لاءِ پر هر ان شخص لاءِ نڇاور ٿيندو رهيو آهي، جيڪو دردن جي ديس ۾ رهندي، سکن کان ڪوهين ڏور رهيو هجي. اهو شايد ۱۹۹۶ع /۹۷ جو زمانو هو، پاڻ ستين اٺين درجي ۾ شيخ زيد هاءِ اسڪول پڙهڻ ويندا هئا سين، شام جو ٽيوشن تان واپس اچي، بابا سان گڏ سندس شاگردن ۽ يارن دوستن جي خدمت چاڪري ۾ محفل ۾ موجود بابا جي اکين جي آڏو هوندا هئا سين. هاڻي ته ماسي موران وارو ماڊرن "جَمانو" اچي ويو آهي، نه افعال نه ڪو ڍنگ، پئسن عيوض عهدا ملي وڃڻ کانپوءِ اڪثر آفيسرن جا ٻار گهٽيون ڪڇيندي نظر پيا ايندا آهن، يا ڳوٺاڻن جيان ڪبوتر ڌاري وقت کي ضايع ڪري پاڻ کي به ضايع ڪري مستقبل سان پيا کيڏندا آهن. اهڙي گهٽ ۽ تنگ ماحول ۾ شاگردي واري زماني ۾ ئي منور رند ۽ فياض بخاري بابا سان ملڻ ايندا هئا ۽ هن سان ڪچهريون ڪندا هئا، شاعري ڪرڻ جو منجهن اتساھ به بابا جي ڪري ئي آيو. جيئن جيئن وقت گذريو تيئن تيئن حالتون تبديل ٿيون، پر منور ۽ فياض صاحب سان ڀائري ۽ پيار وارو تعلق اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيو، ڪٿي به گهٽيو ناهي. فياض بخاري کي بخاري پبليڪيشن جهڙو ڇپائيءَ وارو بهترين ادارو آهي ۽ هيءُ يار آس مئگزين کان صحافتي دنيا ۾ جو آيو ته پوئتي مڙي نهاريا ئين ئي ڪو نه. . . . مٿس ڪيترا بي بنياد الزام لڳا، جن کي پٺي پويان اڇلي، اڳتي هلندو رهيو آهي. منور محظ هڪڙو شخص ڪونهي، پر احساسن جو هڪ اڻ کٽ جهان جو نالو آهي، احساسَ جن کي هڪ اهڙو ته ذريعو مليو، جتي سندس انفرادي زندگيءَ جون ضرورتون به پوريون پئي ٿيون ۽ سماج ۾ گهربل هن مقام به ماڻي ورتو. ڪجھ وقت سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ هو، احتجاج وغيره ڪندا هئا سين ته وٽس مهراڻ ۾ آفيس هوندي هئي پريس رليز ڏيڻ ويندا هئاسون ته ٻئي ڏينهن سندس مهرباني سان اها خبر جيئن تيئن وڏي داٻي سان لڳل هوندي هئي ۽ اسان جي غير فعال اداري جي پگهارن جو مسئلو به جلد ئي حل ٿي ويندو هو.


منور بنيادي طور تي هڪ حساس دل شاعر آهي، ان کانپوءِ ماهوار يا سلسليوار آس مئگزين جو ايڊيٽر ۽ پوءِ ئي هنجو سماجي اڳواڻ ۽ صحافي وارو تعارف شروع ٿئي ٿو. شاعر ٻين جي درد تي تڙپي ۽ لڇي پوندو آهي، ۽ هي يار به ڪنهن سان ٿيندڙ ظلم تي اٿي پوندو آهي، مسئلي ۽ معاملن کان گهٻرائڻ سندس وڙ ئي ڪونهي. هو يارن جو يار آهي. گهري کائڻ وارو هجائتو يار، تڏي جو معتبر آهي، لڙي وڃبس ته اها جاءِ نه لهي، جتي هو ويهاري. دل ۾ دسترخوان جو امير انسان آهي. ڀلا چوڻ ۽ آڱرين کڻڻ وارن کي ڪير روڪي سگهيو آهي، هو ڪالھ به ڌرتيءَ جو حلالي پٽ هو ۽ اڄ به ساڳي جذبي سان ڌرتيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ميڊيائي رپورٽن وارو جهانُ جيتوڻيڪ ڏاڍو ايذائيندڙ هوندو آهي، خبر ئي ناهي پوندي ته ڪير سڄڻ ۽ ڪير دشمن آهي، پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان اهڙو ماڻهو ناهي مليو جنهن منور جي محبتن ۽ ڏنل عزتن جو انڪار ڪيو هجي. اسان جي ساڻس سڃاڻپ ان وقت کان آهي جڏهن هو ۱۷۲ ڪوارٽر ۾ رهندو هو، ان جي ڀر ۾ سندس دوڪان هو ۽ آس مئگزين جو سمورو سيٽ اپ ٿيل هوندو هيس. منور محبوب دوست آهي، ماڻهپي جو داعي ۽ خلق جو خدمتگار رهيو آهي. آرٽس ڪائونسل ۾ شروعاتي دور کان اهم عهدن تي فائز ۽ انتهائي متحرڪ رهيو آهي. هو گيت، غزل، وائي، چؤسٽا لکندو رهيو، سندس ادب رسالي ۾ الائي ڪيتري شاعري هوندي جيڪڏهن ان کي ئي سهيڙجي ته سندس شعري جو مجموعو ڇپجي سگهي ٿو.

بابا جي شهادت سال ۲۰۰۰ع ۾ ٿي هئي، ۽ پاڻ کي مڪمل ڳوٺ لڏڻو پئجي ويو، پر پوءِ به لاڙڪاڻي بابي سرڪش سنڌي صاحب سان ملڻ چوري چوري لاري يا وئگن تي نڪري ايندا هئا سين. انهن ڏينهن ۾ اسانجو يار دلبر چانڊيو به نئون نئون ڪالوني شفٽ ٿيو هو، ان وقت آءُ يارهين ڪلاس جا پيپر پئي ڏنا، منور سان دلبر سائين ملاقات ڪرائي ۽ چيو ته "مُني" کي او پازيٽو رت گهرجي، مون کيس بنا رت چيڪ ڪرائڻ جي چيو منهنجو به ساڳيو گروپ آهي، منور پڇيو ته گروپ چيڪ ڪرايو اٿئي ڇا؟ مون کيس نهڪر ڪئي؟ چيائين ته ائين ناهين ته رت چيڪ ڪرڻ بغير اندازا ڪم ناهن ايندا، منهنجو ٻاراڻو ضد ته ابا جو به او پازيٽو گروپ هو، مان ان جهڙو آهيان، سو منهنجو به ساڳيو ئي گروپ هوندو، ابا ائين بلڊ ليبارٽري تي وڃي رت چيڪ ڪرائي ته ساڳيو ئي بلڊ گروپ هو، جيڪو منور جي ڪنهن مائٽاڻي کي گهربل هو، شايد اها ڀيڻ رضا الاهي ڪري گذاري ويئي آهي، چوڻ جو مقصد ته منور شروع واري زماني کان وٺي ان جدوجهد ۾ هو ته جتي دنيا شارٽ ڪٽ هڻي نالو ۽ ناڻو ڪمائي ٿي، اتي هو جائز طريقي سان ڇو نٿو ائين ڪري سگهي. آس رسالي کانپوءِ هن جا ڪيترين اخبارن، رسالن سان وابستگي رهي ۽ ادب سان باقائدگي سان سلهاڙيل رهيو. ننڍي عمر ۾ هن وٽ وڏي عمر وارن جهڙو تلخ ۽ سچ تي مبني تجربو آهي. هو هينئر جيتوڻيڪ ڪل وقتي صحافي آهي، پر جڏهن به ڪنهن شاعر يا اديب سان ملندو آهي ته ساڻن ادب ۽ احترام سان ملندو آهي.

منور وٽ جيڪو شاعر هو، تنهن جو انتقال ناهي ٿيو، وٽس شاعر ۽ جذبا اڃان جوان آهن، پر جن مجبورين کيس انهن عظيم احساسن کان ڏور رکيو، تن جي پورائي لاءِ سندس قرباني فخر لائق آهي. اڄ منور جيڪڏهن شاعري کي وٺي ها شايد هن وستي تان واريو وڃي ها ۽ سندس اهي خواب کيس پري کان مياري وجهن ها هو اٿي بيهي وري جيئي ها، هن زندگيءَ جو هر قدم سوچي سمجهي کنيو آهي، ۽ ڏاڍي ڏکن منجهان گذري هو ڪنهن قدر سانتيڪي جاءِ تي سک جو ساھ کڻي رهيو آهي. هن لاءِ شاعري رڳو احساسن جي زبان ئي ناهي، پر گيڙو گيتن، غزلن، واين، چؤسٽن جي روپ ۾ زندگيءَ جو حقيقي عڪس آهي شاعري. . !! هو گذريل ۲۲ سالن کان خاموشي سان شاعري ڪندو رهي ٿو، رکي رکي پنهنجي شاعري مختلف فنڪار دوستن استاد نظير سمي، برڪت گوپانگ، جگر جلال، سليم رضا ڪنڀر، مشڪي شمن کان ڳارائي من پرڀائيندو رهي ٿو.

منور، واعدي جو پڪو آهي، جنهن سان جيڪا ڳالھ ڪندو، تنهن کي ضرور پاڻي ڏيندو، هو شاعري جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪچيون ڦڪيون لکڻيون کڻي شهيد بابا زخمي چانڊيو وٽ (شيخ زيد ۲۰۰ ڪوارٽر تي) پياري فياض بخاري سان گڏ ايندو هو، بابا سائين نه صرف منور کي شاعريءَ لاءِ اتساهيو پر زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جا گر به سيکاريا ۽ روشن مستقبل لاءِ وڌ کان وڌ جدوجهد ڪرڻ لاءِ همٿايو. منور، شيخ زيد ۾ بابا وٽ پڙهيو به آهي، رسيس واري فارغ ٽائيم جتي ٻيا شاگرد مظهر سولنگي المعروف "ڌمالي”جي سموسن تي ڪرندا يا شبير جي حليم تي هنگامو ڪندا هئا، ان وقت هي يار ڪاپي کڻي بابا سائين سان شاعري بابت ڄاڻ حاصل ڪندو هو. منور جيئن ته شاعري ڇڏي چڪو، پر نئين جذبي سان وري جو آيو ته شاعريءَ جي اصلاح سائين فياض بخاري کان ڪرائيندو رهي ٿو.

يتيميءَ جو احساس جڏهن ڪمزور ڪلهن تي پوندو آهي، ته ان وقت بابا ۽ امان سان ڪيل ننڍا وڏا نخرا ياد اچي اکين آڏو تري بيهندا آهن، هر ڪو ويندو، اسان به آيا آهيون ته ضرور ويندا سي منور کي مون جيان ننڍي هوندي کان ئي يتيمي ڪڻي ۾ آئي، ننڍپڻ ۾ پيءُ جي شفقت جي ڇانوري بغير رهڻ واري احساس کيس هر جاءِ، هر موڙ تي مايوس ڪيو هوندو، بس والدين جي دعا ۽ پنهنجي سچائي سان ماڻهو ڌڪا ٿاٻا کائي، ڪٿي نه ڪٿي فٽ ٿئي ضرور ٿو. منور اڃان ٻار ئي هو جو سندس والد سائين محمد مٺل رند کانئن وڇڙيو، سندس وڍ ڏيندڙ وڇوڙي کي هي يار يا سندس گهر ڀاتي جڏهن کيس ياد ڪندا هوندا ته کين محسوس ٿيندو هوندو ته اهو گهاءُ وٽن اڃان تازو ئي آهي. پيءُ جهڙي ڇپر ۽ ڇانوري کان محروم ٿي ويل معصوم ٻار لاءِ گهر جي ذميوارين جو بار ڪيترو وزنائتو هوندو، اهو ڪو ممتاز ڀاءُ کان پڇي، يا منور کان ئي پڇي. شال پنهنجن جا وڇوڙا ٿين ئي نه. . . !!!

زمانو ايترو ته واحيات آهي، جو ازل کان وٺي هو بي جا اهڙن املھ ڪردارن کي بي بنياد الزام هيٺ آڻي، کانئن همٿ ۽ سگھ ڦرڻ چاهيندو آهي، کين پنهنجو ڳيجهو بڻائڻ چاهيندو آهي، پر منور يا سندس ڀاءُ ممتاز ڪٿي ڪنهن جي انهن جي ڪيل منفي پروپئگنڊا جو اثر نه ورتو، هنن پنهنجي ٻَل تي ۽ همٿ سان ۽ حوصلي سان مٿن ٽوڪون ڪندڙن جاهل مائٽن کي اهو ڪجھ ڪري ڏيکاريو جو هاڻي هو سندن ننگن ۽ دنگن جا محافظ بڻيل آهن. اهو آهي وڙ منور ۽ منور جي خاندان جو.

منور! انهن خوش نصيب ماڻهن مان هڪ آهي، جنهن ماڻهپي جي فقدان ۾ به ماڻهپي جي داعي طور محبتن کي عام ڪيو، دشمنن سان به چڱايون ڪيون - منور محبوب آهي. . منجهس محبتن جو ڇلڪندڙ درياھ آهي، جيڪو جڳ جهانَ کي سيراب ڪندو رهي ٿو ۽ نفرتن کي پاڙئون پٽي، عاجزيءَ ۽ انڪساري جي امامت ۾ مصروف رهي، پنهنجي زندگيءَ جو گاڏو هلائيندو رهي ٿو. ڪن سببن جي ڪري هيءُ تعارف نه هلائي سگهيو هوس، ان لاءِ يار منورَ!

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا